سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات شاهه محمد ديدڙ

صفحو :8

 

ارڙهين رات

ارڙهينءَ رات اُٿي ويون،

سومريون سرهيون،

جي هيون مٽياڻيون مير جون،

گڏ ماڙي گڙهيون(2

مُڪيون مير، محل ڏي،

نيٺ اهي، نه رهيون،

ڪاهي ويون ڪامڻ ڏي،

آڪڙ سان ارهيون(3

ويجهو ويهي تن چيو،

ڏک منجهون ڏرهيون(4

ڇو نه وسارين، ڇوڪري؟

ساڳ، اهي سرهيون(5

ويٺي پڙهين ويراڳ جون،

ڦوڳياڻي(6)، ڦرهيون(7

تال، ڇڏي طرحون،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.

 

جواب

چي: سومريون سَڙي مَرو،

سهسين ڏنَوَ ساڙ،

تال، تِرانا ٿيون پڙهيون،

شل پٽجي ويندَوَ پاڙ،

عمر، مون سان اڳهين،

ڪڻي جُڙنديءَ آهر جاڙ(1

مون کي آندو مير، جئن،

ملڪ ڇڏائي، ماڙ،

اوهان کي به اوڏڙو(2

شل لوڌي(3) منجندو لاڙ(4

کڻي ڀڙوت، ڀاڙ،

شل پننديون نئين پرڏيهه ۾!


 

 

اوڻويهين رات

 

عمر موٽي آئيو،

اڻويهين اُن رات،

محلي ۾ مورت جي،

پرهه ڦُٽيءَ پرڀات،

اچي ڄام، اَلائيو،

ڪري وائي وات،

ساڙي ڇڏيئي سومريون،

جيڪا منهنجي ذات،

هاڻي حال في الحال سان،

موڳي، ڇڏ مصلحات،

پرڻيندوسانءِ پهر ۾(5

طلب اُڌي(6) آ تات،

نه ته اُٿي اوري آت(7

کِلي ويـٖـهون کٽ تي.


 

جواب

چي: عمر، اشرافن تي،

جن ظلم ڪيا زورا،

پرور، تن جا پاڙ کون،

مُڇ ڪپيا مورا(1

لڏي ويا، هن لوءِ(2) مون،

لنگوٽيا، لورا،

ڪين نِيائون پاڻ سين،

ويا سُڃ ڏي سمورا،

لعنت الله علي الظالمين(3

ٻُڌ، ڀلڪارون(4) ڀورا(5

تون ڀي تَن جا ٿو ڪرين،

ڪيس گهڻا، ڪورا،

توريندءِ تورا،

مَلڪ انهيءَ ميزان ۾.


 

 

ويهين رات

ويهينءَ رات، وَري ويو،

عمر سو اظهار،

شرع مرسلﷺ  مير جي،

نيٺ مڃيندينءِ نار،

پنهنجي وات وڪيل ٿي،

مِٽ نه ڪن ميار،

ڪڍي ڏس قرآن ۾،

شاهد، شرح وار،

بالغ، بزرگ وياءَ تي،

ڪونهي ڀَو، ڀُلڪار،

حرف نه ٻولِن هڪڙو،

توڙي هزارين حقدار،

ترت ڇڏي تڪرار،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.

 


 

جواب

 

چي: عمر اصيليون ڪين ڪي،

وات وڪيليون ٿين

نڇِنڊ(1)، نڪرن ڪين ڪي،

جيڪي ڏينهن جيئن،

وارث، ورندي(2) تن جي،

پنهنجي وس ڏين،

ڪَڙڪو ڪري ڪڙم مون،

ورندي، وار(3) نه ڏين،

قاضي، پڇن ڪوڙيون،

ٿيون لاهيو لڄ نين،

اشرافيون، ارشاد ريءَ،

پاڻي ڪين پين،

کڻي کَنُ(4)، نه کائِن،

ريءَ پُڇي، پيءُ ماءُ جي.


 

 

ايڪيهين رات

 

ايڪيهينءَ رات اُٿي ويو،

عمر لوڏي ٻانهن،

هنيائين هيبت سين،

دَرُ لنگهي هڪ دانهن،

اوهين اصيليون قرب سان،

تو مهڻو حق ۾ نانهه،

سُگهڙ سيالڻ هير هئي،

جنهن ڪامڻ جهاڳيا ڪانهه،

مينهون ٿي مُنڌ چاريون،

چيلي سر(5) چيانهه(6

رانجهن سان هُئي، روز شب،

سال، مهينا مانهه،

تون ڀي ناري، ڪر نه نانهه،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

 

جواب

چي: عمر انهيءَ ڳالهه ۾،

چيهءِ سچ صحيح،

تِرُ تفاوت ناهه ڪو،

ڪوڙي تو نه ڪهي،

رانجهن، هير حضور ۾،

هئي پڪ پهي(1

وَهڻُ تنهنجي حق ۾،

ويو قلم وهي،

پيءُ ماءُ پيڪن جو،

لنگهي رند رهي،

مان نه مڃيندس مورهين،

توڙي پوندم سِر لهي،

ريءَ رضا اختيار جي،

اڳ نه ڳالهه ٺهي،

خام، نه ٻول کهي(2

جو سائينءَ پڇندُءِ سومرا.

 

ٻاويهين رات

 

ٻاويهينءَ رات ٻڌائيا،

عمر هي الفاظ

مِٺي تو وٽ مارئي،

آهن بَم بياض،

شاهن سان شيڪو(3) رکين،

ٿي هڻين دم دراز،

عقل ڪونهي اُجڙي،

هڪڙو پن پياز(4

سسئي ڄام پنهوءَ تي،

ڪيو رنگريزڻ(5) جو راض،

سا، حَبَ مَون وئي هوت ڏي،

پلڪ ڪري پرواز،

سچائيءَ سرهي ڪئي،

ٿي مَرڪي اڄ مهناز،

ٿي موڳي نه ممتاز،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.

 

جواب

چي: عمر اسان وٽ ناهه ڪو،

فَنَ، فريب، فُسون(6

اوهين ڏاهي ڏيهه جا،

مارو هِن مجنون،

سسئي ڄام پنهون لئي،

ٻڌو سچ ستون(1

عاشق ها  ڪُل کون اڳي،

جڏهن ڪُن فَيَڪُونَ،

لڳس برهه بلوچ سان،

ٿي منڌ اها مفتون،

مارن کي ممنون،

ماڙن ۾ آءِ موت جان.


 

 

ٽيويهين رات

ٽيويهين رات ٽُري(2) ويا،

وري تِت وڪيل،

اچي ويٺا اوڏڙا،

تا دوڙائن دليل،

سڻ تون مارئي،

اشرافن اصيل،

حق شرع تي هوڏ سان،

شيڪو نه ڪر شيل،

بعد بلوغت بزرگي،

وهڻ ڪوڙي قيل،

شاهه عمر سان شوق مون،

ڪر امر مڃي اِيل(3

ناڻا ماڻي نيل،

اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.


 

جواب

موٽي اتن مارئيءَ،

مٿي ڪنڌ ڪري،

ٻڌي مرو هن ٻول سان،

ڍڪڻ ڍُڪُ ڀري،

گواهيون(4) ڏيو ٿا گواٿ(5) سان،

شل، اچو هيٺ اري(6

وڪيل وهندي(7) ئي وڃون،

تحت الثرى(8) تري،

اڃا انهيءَ عقل سان،

ڪنڌوُ پنڌ پري،

بخش مٿان بخشان(1) وجهي،

ٿي صاحب ڪين سري(2

مولى محشر ماڳ ۾،

ڪندس ضايع منجهه ذري،

ملحد شال مري،

جنهن قيد ڪيو آ ڪوٽ ۾.

چوويهين رات

چوويهين رات چورن جان،

آيو ڪُٻو ٿي قاضي،

گام ڀري گوڏا ڀڃي،

ٿو بم هلي بازي،

ڪڍي دُر مختيار(3) کي،

ٿو روڳي روازي،

فتوى فاسد هيءَ ڏني،

ترت اچي تازي،

اڻ بالغ تي بخش(4) آءِ،

اُصدّقُ الماضي(5

خيال ڦِٽو ڪر کيت جو،

ٿي نابِرُ ناسازي(6

شاهه عمر سان شوق مون،

ڪر آمر مڃي آزي،

رب هجئي راضي،

وڃي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.

جواب

موٽي ڏٺو مارئي،

قاضي ڏي ڪستون(7

ڪُزا(1)، پڙهين ٿو ڪينڪي،

ويڙهائي(2) وَستون(3

فتوى، فاسد تو ڏنِي،

ڏوهَه ڪهڙي ڏس تُون؟

دم ۾ ساڻُ دُرَن(4) جي،

دَزَ(5) ڪَجـٖـي دستور،

کائي رشوت رئيس جي،

ٿو بنہ ٻڌين بستون،

مڱ، ته ماروءَ کـٖـيت جي،

آهيان الستون،

ڪاغذ ۽ مس تون،

ڪُزا، ڪوهُه وڃائين؟

 

پنجويهين رات

پنجويهينءَ رات پوهار لَئـٖـي،

صوبـٖـي رِٿِي صلاح،

آندائين هڪ آدمي،

سڏي ڏانهن سپاهه،

لوئي جـٖـي لباس سان،

پهرايو بادشاهه،

مارُن جـٖـي مثال ٿي،

ويو رَندُ وساري راه،

در مٿي دانهون ڪيو،

تنهن نانءُ وٺي ناگاهه،

ماڻهين پڻهين مارئي،

ڏُور ٻُڌي هيءَ ڏاهه(6

مون کي انهن موڪليو،

ڪري آيس ڪاهه،

متان مون ڳي، مير سان،

ماڻو ڪرين مناهه(7

ماڻـٖـي مال مناهه،

وڃي ويهه کلي، چڙهه کٽ تي.

جواب

چي:ادا، مارون ناهه تون،

هيءَ هٿرادو حرڪت،

مارو پڌرا منهن ۾،

هن اوٺيئڙا البت،

هيڪر جي تن کي پوي،

ڪنين هيءَ ڪيفيت،

وهڻ، وهُه ٿئي تن جو،

ڪن پڇي پرداخت،

مان، نه مڃيندس مورهين،

خام ڏسي خصلت،

لوري توکي لَنُو ڏسي،

تون احمق، ڇڏ الفت،

خام اها خلوت،

اوهان پڌري جوڙي پانهنجي.

 

 

ڇويهين رات

 

ڇويهينءَ رات ڇڳير ڏي،

عمر آندا آسباب،

زَبرجَد(1)، سر زيورن،

هئا دورايي دوراب،

هڪ هڪ ماڻڪ تن ۾،

هو موتي، چون مهتاب،

پهرئـٖـي وقت پدم جي،

ٿِئي سج، منجهه سحاب،

جڙ، تون پنهنجي جان تي،

جُڙِي ڏي نه جواب،

اهو ماڻي آبُ(2

اچي ويهه کِلي، چڙهه کُٽ تي.

 

جواب

چي: عمر، زيور زر جا،

مان زر وجهان زاري،

لک ڀيرا لوئي چڱي،

آءِ اباڻن واري،

ڪڏهن هنڊايان ڪينڪي،

مان پَٽَ جي پنوهَاري،

مُڙي وڃ ميان سومرا،

مان ناقِص ناداري،

لڳي جَنِ لاري،

سي مارو نيندم ماڙ ڏي.

 

ستاويهين رات

ستاويهينءَ رات سَرسِلو(1

ڪيو عمر ڄام اچي،

ڪوڙين، ڪيم ڪُرنشون،

ڪامڻ ڏينهن ڪچـٖـي،

ڇا وس، چڻيءَ(2) جو چلي؟

جو بحريءَ(3) کان بچـٖـي،

هاڻي هڪدم مارئي،

ٿو چڱو رنگ رچي،

ڪم فهم(4)، ڪن مهٽ(5) ريءَ،

پختي ٿي، نه پچي،

ناچو(6)، نخريٖ جو ڏسو،

ٿو ڪهڙيٖ ناچ نچي،

ٿو پاڻهين مچ مچي،

نه ته ويہ کِلي چڙهه کَٽ تي.

 

جواب

عمر، نانءِ الله جي،

هي ٻڌ حال، حمير،

زور ضعيفن تي ڪرڻ،

تو نه مناسب، مير،

انهيءَ هر هر جي هيت کون،

ڪر اڌو اڌ، امير،

مرڻ قبوليم مير،

اڄ ترت وٺي تدبير،

ڪين پڄي تبدير ٿي،

جڏهن، ترت اچي تقدير،

ڪوٽن کَون خوش قبر ۾،

ٿيندو ساهه سُڌير،

صدقو پرور پير،

مارِ ته لهي مامرو.


 

اٺاويهين رات

اٺاويهين رات آئيو،

عمر، منجهه محل،

مارئي ڏي، مير سو،

آيو پهرينءَ پل(1

اچي ڄام الائيو،

منجهون رقص رنجل،

شاهن کي شادي کان،

موڳي ڪرم جهل،

سهي سگهندينءَ ڪينڪي،

هڪڙو تاب هڪل،

منظور ڪيئي مارئي،

اڳي موت اجل،

مرين ٿي موتون(2) اڳي،

ڪيئن نه قهري ڪُل،

نه ته ماڻي، عيش عدل،

اچي ويهه، کِلي چڙهه کٽ تي.


 

 

جواب

عمر، قُرب(3) نه تنهنجو،

ٻولڻ اهڙا ٻول،

من منهنجو، ريءَ مارُئين،

جهوريءَ پيو منجهه جهول،

شادي، شاهَن جي جُڙي،

منجهون ڪُڙم، ڪهول(4

اسين ماڻهو عاجزي،

رُڃ جا رهندڙ، رول،

ڀُلڪارون، هي ڀول،

لاهه ته مرڪين ميان سُومرا.

 

اڻٽيهين رات

 

اڻٽيهينءَ رات آئيو،

عمر، وري اوڏيٖ،

حشمت ساڻ، حمير سو،

پاندُ لنگي، لوڏيٖ،

اچي ڄام الائيو،

گڏ ويهي گوڏي،

سعيو ڪيو ٿم سيج جو،

هل اٿي، هوڏي(1

تون، تسليى ڏي،

اچي ويهه کلي، چڙهه کٽ تي.

 

جواب

عمر ڊڄ الله کون،

تون، ڀائو، منهنجو ڀاءُ،

ويجهو، ويهه نه وير تون،

سُرندو، سيج نه  آءُ،

ڊڄي، ڊپ الله جي،

تون قابل، ڪاوڙ کاءُ،

و الڪاظمين الغيظ و العافين(2

اهو، ٻُڌُ الاءُ(3

پيءُ، ٻنهين جو هيڪڙو،

ماٽيجي، ٿَون(4) ماءُ،

جي، ڪاوڙ مارن پانهنجي،

ڏيندُن اجرُ، الله،

تون گوهر، آهين گهر ڄاءُ(5

مان، پري ڄاوس پَٽ ۾(6).


 


(2)  گڙهيون= ڪوٽ ۾ گڏ رهڻ واريون.

(3) ارهيون= ناخوش.

(4) ڏرهيون= ڏرمائڻ، ناراضپي ۽ ڏک مان  چوڻ.

(5)  سرهيون= سرهين جا ساڳ.

(6) ڦوڳياڻي= ڦوڳ کائڻ واري، جهنگلڻ.

(7)  ڦرهيون= پٽيون.

(1) ڪڻي جڙنديءَ آهر جاڙ= جيڪا تڪليف عمر کان پڄي سگهي آهي، سا ڏني اٿس.

(2)  اوڏڙو= ويجهو، جلدي.

(3) لوڌي= ڌڪاري، تڙي.

(4) لاڙ= لاڙ ملڪ (مارئيءَ جو ملڪ).

(5)  پهر ۾= گهڙيءَ ۾، جلد.

(6) اُڌي= وڌي.

(7) اُت= آءُ ته.

(1) مڇ ڪپيا مورا= موريءَ مڇ ڪپي ڇڏيا. پاڙون پٽي ڪڍيا.

(2)  لوءِ= لوڪ.

(3) لعنت الله علي الظالمين= ظالمن مٿان خدا جي لعنت آهي.

(4) ڀلڪارون= ڊپ. ڀَو.

(5)  ڀورا= بيوقوف.

(1) نڇنڊ= نسنگ، ظاهر ظهور.

(2)  ورندي= وراڻو.

(3) وار= ورائي، موٽائي.

(4) کن= ڳڀو، ٽڪر، ذرو.

(5)  چيلي سر= رستي ڀرسان.

(6) چيانهه= چاهڪ، گاهه جو قسم.

(1) پهي= رٿ. پڪ پهي= پڪي صلاح ٿيل.

(2)  کهي= کونسي.

(3) شيڪو= اجائي هوڏ.

(4) پياز= بصر.

(5) رنگريزڻ= ڌوٻڻ.

(6) فسون= جادو.

(1) ستون= ٿنڀو.

(2) ٽري= هلي.

(3) ايل= هائو.

(4) گواهيون= شاهديون.

(5)  گواٿ= گوٿ ناٿ.

(6) اري= ارو، ٻيڪڙ، پڪڙ.

(7)  وهندي= وهندو، جلدي.

(8) تحت الثريٰ= هيٺيون دوزخ.

(1) بخش مٿان بخشان= قبوليت مٿان قبوليت، هڪڙي نڪاح مٿان ٻيو نڪاح.

(2)  ٿي صاحب ڪين سري= اها ڳالهه صاحب (الله) کي ناپسند آهي.

(3) درمختار= ڪتاب جو نالو.

(4) اڻ بالغ تي بخش آ= اڻ بالغ تي نڪاح ناجائز آهي.

(5)  اصدق الماضي= ماضيءَ جي آءٌ تصديق ٿو ڪريان يعني ته ماضيءَ ۾ اهڙا گهڻا مثال آهن.

(6) ٿي نابر ناسازي= ناسازيءَ کان نابري وار.

(7)  ڪستون= قصد مون، ڪاوڙ مون.

(1) ڪزا= ڪزو، ٻٽو. ڪنن ڪٽيل. (اِشارو مُلا ڏي.)

(2)  ويڙهائي= دل سان هنڊائي.

(3) وستون= ڳالهيون.

(4) درن= ويڙن. ويڙن سان دم (گهڙي) ۾. (هٿون هٿ)

(5)  دز= (مٽي) ڪري ڇڏجهءِ.

(6) ڏاهه= ڏائي، خبر.

(7)  مناهه= منع.

(1) زبرجد= جواهرن جو قسم.

(2)  آب= عزت.

(1) سرسلو= سلسلو.

(2) چڻي= جهرڪي.

(3) بحري= بحري باز.

(4) ڪم فهم= ڪم عقل.

(5)  ڪَن مهٽ= گوش مالي.

(6) ناچو= چالو.

(1) پل= پلڪ.

(2) موتون= موت کان.

(3) قرب= وڙ.

(4) ڪڙم ڪهول= ڪٽنب.

(1) هوڏي= هن پاسي، ٻئي پاسي.

(2)  والڪاظمين.... العافين= جيڪي ڪاوڙ کي کائين ٿا ۽ ماڻهن کي معافيون ڏين ٿا.

(3) الاءُ= آواز.

(4) ٿون= اٿئون، آهي.

(5)  گهر ڄاءُ= گهر جو ڄاول.

(6) تون..... پٽ ۾. تون گوهر= گهر ۾ ڄائين ۽ مان پري پَٽ (ميدان) ۾ ڄايس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org