پهرين رات
پهرينءَ رات پنوهار وت،
عمر جان آيو،
محلي اندر مارئي،
ڪر صلح جو سعيو،
نِئڙي ڏاڍي نياز سان،
پاند ڳچيءَ پايو،
توکي آندم مارئي،
رکي دل سندو رايو،
لاهِ کٿي، ڍڪ ڪپڙا،
تنهن فائق فرمايو،
معافي مون تون ڏوهه ڪر،
جو چوريءَ مون چايو،
تانگهن(2)
تپايو،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب مارئيءَ جو
عمر، ٻول نه اهڙا ٻول،
تون ويچاريءَ سان ويڻ،
کُهه پَٽون، پٽ چير،
کُهه سڀ تنهنجا کيڻ،
لوئي لعل نه لاهيان،
جو طعنا ڏيندم سيڻ،
هيڻن جي حاڪم، ٿي،
آ گرم دِلِي ميڻ،
ڏسي اباڻي ڏيهه ڏي،
ٿي نت نمايان نيڻ،
ساريندا سنگهار(3)
۾،
اڄ ڀائر هوندا ڀيڻ،
اسين آهيون ايڻ(1)،
تون صاحب آنہِ سپاهه جو.
ٻي رات
ٻيهر ويو ٻڪرار ڏي،
عمر ٻيجهيءَ رات،
مون کي آهِ اکين تي،
تنهنجي ذات صفات،
چُمي چايم چِشمين،
ظاهر ٻڌي ذات،
حُسن تنهنجي هوش مون،
ڪڍيو هي هيهات،
راتيان ڏينهان روئڻ کون،
بس نه ڏئي بات،
تنهنجي اٿم تن ۾،
اُڻ تُڻ، وائي وات،
پره ڦُٽي پرڀات،
اچي ويهه کِلي، چڙهه چٽ تي.
جواب مارئيءَ جو
چي؛ عمر، آءٌ نه آهيان،
مورهين تنهنجو مَٽ،
سوين تو وٽ سومريون،
جي پريون چوڙن پَٽ،
هو پَليون ٻوڙ، پلاءُ تي،
مون پيرون کاڌا پَٽِ،
هنن ۾ بوءِ بهار جي،
مون ۾ ڇيلن ڇَٽ(2)،
سانگي پٽ پلنگ تي،
هو کليو سمهن کٽ،
هو ڳهڻن ۾ ڳُتيون وتن،
اسين ڳهڻا ڀانيون ڳٽ(3)،
ڇڏ چپن جي چَٽ(4)،
جو مٽ سٽ تنهنجو مير ٻيا.
ٽين رات
ٽُري ٽيجهيءَ رات جو،
موٽي آيس مير،
ڇڏ مَڪَرَ مارئي،
رک صفا مون سان سير،
کڻي آندءِ کوه تون،
هت تقاضا تقدير،
ڪر ڳهڻا، ڇڏ ڳالهيون،
پهر پٽون پٽ چير،
توتون سڀ سومريون،
گهوريان، ڄاڻي پير،
مٽ نه تو مورت جو،
توڙي کچڻيون کائن کير،
دم نه ٿي دلگير،
اچي ويهه کِلي، چڙهه چٽ تي.
جواب
چي:عمر، ڳالهيون اهڙيون،
تون جڙندي آهر جوڙ،
پوندءِ ڪم قبر سان،
مرندين تون ڀي توڙ(1)،
سام سان ميان سومرا،
صاحب، ڪر نه سوڙ(2)،
پَٽُ(3)
پَٽِ(4)
نه چوڙيان،
پاڻي ڪين ولوڙ،
مسافر مظلوم تي،
ظلم، ذور ناکوڙ،
تنهنجي مرضي تون چوين،
تان زر جا زيور جوڙ،
توڙي ڪُرمش ڪرين ڪروڙ،
ته به عمر، اوڏي ناهيان.
چوٿين رات
چوٿينءَ رات چيو اچي،
عمر هي احوال،
مون کي تنهنجي مارئي،
مُشڪل آهه محال،
سمجهه سياڻي ٿيءُ سگهو،
ڪر تون قياس ڪمال،
بي ناحق تون بخت سان،
ڪرين جنگ جدال،
هُت، ڦولڙين ۾ هئين ڦرن سان،
هت عِزّ ٿي اقبال،
تنهنجون نسيبون، پيڪن نه سبيون،
سي ڪر سبائي سال(1)،
جهالر پائي جلد تون،
جوڙج جوت جمال،
پائي نٿ نهال،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب
چي: عمر، اسبابن تي،
مان هرگز نه هرڪان،
آءٌ ماڙيچي ماڙ جي،
ڪيئن ماڙن ۾ مرڪان(2)،
پن پيا، زريءَ جا
ڪين مٿن سڙڪان(3)،
پَسي دُهريون دڳ دڳيون(4)،
ٿي ڍڪِرَن(5)
۾ ڍرڪان(6)،
مُلڪ، پنهنجي مال سان،
نَئين ٽورن(7)
سان ٽُلڪان(8)،
نه آ ريت نَٿن جي،
نٿي جهالر تي جهرڪان(9)،
عمر، ٿي ڪُرڪان،
سي ڪيئن ڪُر(10)
پايان ڪَنَن ۾؟
پنجين رات
پنجينءَ رات پنوهار ڏي،
ڪيو عمر اُمارو،
مان ڀي توسان مارئي،
سِرَ هنيو سارو،
مڃين منتون ڪين ڪي،
ڪو قلب اٿي ڪارو،
نت نت نَنہَ ٿي ڪرين،
تئن عشق وڌَو آرو،
ڇا وس مهريءَ(1)
جو چلي،
مرد هجي مارو(2)،
پر شرافت سان هلي،
ڪيانءِ نه ٿي ڪارو،
نه ته نارِ، هڻي نعرو،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب
موڪل ٿي ميان سومرا،
سِر ڪپين، تان ڪپ،
مَرَڪُ نه ميرن جو اهو،
چُغلن پئي چپ،
اُهي رنان پڌريون راڄ ۾،
جي ٽِڙن(3)
پهرين ٽپ(4)،
مرد پُٺيءَ مشتاق ٿي،
منهن ۾ پائن مپ(5)،
اصل اشرافن کي،
ڇَتڙن(6)
لاڪون(7)
ڇپ(8)،
قرب ملهائن ساهرو،
ٻيو ڊڄن پيڪي ڊپَ،
جئن سوگهو ڏر ۾ سپ،
تئن پاڻ پچائن پت سان.
ڇهين رات
ڇهينءَ رات ڇُڳير ڏي،
عمر ڪري ويو آس،
ماڻا ڪر نه مارئي،
حڪم شرع جو باس،
سچ چئي، مچ نا ٻري،
ڳالهه سنئين ٻڌ راس،
اصل اشرافن کي،
ڏاڍي شان شناس،
پر جي لڳي پاند پريت جو،
پيوند ڪنهنجي پاس،
ته به نباهن ٿيون ناريون،
ڪري قرب قياس،
تون ڀي ڪر لعل لباس،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب
عمر ائين تحقيق آ،
سڀ چيو ٿي سچ،
ائين ڪنهنجي حق ۾،
جي قلم لکيو آ ڪچ،
ته سَتُرن مون سهسين ويون،
ڳرٽن(1)
پٺيءَ ڳچ،
خوشيءَ، خواهش پانهنجي،
ٿيون منجهه حرامن هچ(2)،
قرب قرينو پانهنجو،
ٿيون ٻاهر ٻوڙن ٻچ(3)،
ادا، وڏو عام(4)
ڪن،
اولي(5)
چون اچ،
عمر، مون کي مچ،
ٻري ٿو هن ٻول کون.
ستين رات
ستينءَ رات سگهڙ ڌي،
ويو سومرو سردار،
مرضيءَ منهنجيءَ تي نه ڏئين،
گوش گهڻو گلزار،
توکون وڏو شان ۾،
ڪامڻ آ ڪردار(1)،
نالي صورت سهڻي،
اَرڏي(2)
نيڪ اطوار،
سا ڪيئن ساهڙ ڄام ڏي،
پرتون وئي ٿي پار،
آڌيءَ رات اٿي ڪري،
منجهون ڀر ڀتار،
تون ڀي گذري ڳالهه گُذار،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کَٽَ تي.
جواب
عمر، ساهَڙُ سُهڻي،
سَچا اَندر سِڪ،
هُو سچائيءَ ۾ سَنرا(3)،
تون ڦِڪا ٻولين ڦِڪ(4)،
ساهڙ، سوهڻيءَ پاڻ ۾،
پِرتون پيتي پِڪ(5)،
سچائي هَن سومرا،
حب جنهين کي هڪ،
محبت مولى جـٖـي چڱي،
ڇڏ ڍورن واري ڍِڪ،
مهريءَ جي مجاز تي،
ڳَريا(6)،
ٿيءُ نا ڳڪ(7)،
ٽِڪي ٻَڌُ نه ٽِڪ،
جو دنيا ٿي دم هـٖـيڪڙو،
اَٺين رات
اٺينءَ رات عمر ويو،
وري ساڳيءَ واٽ،
مون کي تنهنجي مارئي،
عشق، چَٽائي چاٽ(1)،
وَڻـٖـي ڪين وجود کي،
هي نصيحت سندا ناٽ،
سبي، سبجن ڪين ڪي،
ڦوڙائي جا ڦات،
جلايو جند جان کي،
عشق جي اوساٽ(2)،
توکي آندم تڏهين،
گل راڻي، منجهه گهاٽ،
کاءُ حلوا، ڇڏ ٻاٽ(3)،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب
چي:عشق تنهنجي جو،
معلوم آ مزڪور،
عاشق آهين ڪين ڪي،
تون فاسق، فسق فجور،
دل ۾ دغائي رکين،
ٿو سهسين ٻولين سور،
عاشق چئجي ان کي،
جو ڪُسي منجهه ڪلور،
جسم، جلائـٖـي جوش کوَن،
جئن مرد جليو منصور،
ٻاهر ڪڍي ڪين ڪي،
ٻولي ٻي، ٻاٻور(4)،
تون، هر هر ڪاڻ حرام جـٖـي،
مرد اچين مقهور،
ڪر دغائي دُور،
عمر، وٺ الله کي.
نائين رات
نائينءَ رات ندان(5)،
سو آيو وِيرُ وري،
ڪڏهن ڇڏيندس ڪين ڪي،
ساعت ڪين سري(6)،
منهنجي سِر تـٖـي مارئي،
تو آندي بره ڀري،
هرگز منهنجي حال تي،
تو نظر ڪا نه ڌري،
آءُ، اچي ٿيءُ اوڏڙي،
نه ته پوندينءَ ماڳ مري،
چرچا، ڇڏ چري،
اچي ويهه کـِلي، چڙهه کٽ تـٖـي.
جواب
عمر، نانءَ الله جي،
زور نه ظالم ڪر،
هڪ حاڪم آن حڪم تي،
ٻيو بانور(1)
ٿي بر زر(2)،
ٽيون ماتم ٿم مارن جو،
ايندم ڪوپ(3)
قهر،
چوٿون هرهر هيبت تنهنجي،
ماريو آه مگر،
ريءَ رضا جي، رنج جُڙي(4)،
ناز ڀري نينگر،
آءٌ پُرندس(5)
پنهنجي پر(6)،
جو اٿم مڱيندو ماڙ ڏي.
ڏهين رات
ڏهينءَ رات ڏمرجي،
آيو عمر ڄام،
منجهان ٿو مارن ڏي،
پانڌيءَ هٿ پيغام،
سڀ گهرائي سيگهه ۾،
ڪندس مان قتلام،
نه ته نوڙت سان اچي،
ڪندا سڀ سلام،
پنهنجي هٿون هاج کي،
ڪندا تَمُ(7)
تمام،
ٿيندن خواري خلق ۾،
مارن منجهه مُدام،
نه ته ڪري قبول ڪلام،
اچي ويهه کِلي، چڙهه کٽ تي.
جواب
عمر، وَس الله جي،
قادر جي هٿ ڪم،
تو وهيڻي ڪا نه ڪا،
بي ناحق جا بم،
جي تون ڏيندي مارُئيءَ،
گهڻا، گهاٽا غم،
سمجهنديس ستار ڏنہ،
جنهن ڌڻيءَ هٿ دم،
ڪاهين، جيڪا ڪاه تون،
ڪندو رب رحم،
ڇو ڇڏيو ٿي، سومرا،
عقل، مت شرم،
ڪر تون خوض ختم،
جيڪا مرضي حق جي.
(4)
چپن جي چٽ= ڏٽو سٽو، ڏَٽڪو، خوشامند.
(2)
سوڙ=
سوڙه، سختي، ڏاڍائي.
(4)
پَٽِ= هرگز، اصلي، پٽيءَ، مور.
(4)
دڳ دڳيون= نهريون، ڳوريون.
(6)
ڍرڪان= پست ٿيان، هيڻي حال ٿيان.
(7)
ٽورن=
مال جي ٽور يا رفتار.
(2)
مارو=
مارو ڪندڙ، زبردست.
(4)
پهرين ٽپ= پهرين سٽ، هڪدم.
(1)
ڪردار= چلگت، چال چلت.
(4)
ڦڪا ڦڪ ٻولڻ= اجايون ڳالهيون ڪرڻ.
(2)
برزر=
زور تي، طاقت تي.
(6)
پنهنجي پر= پنهنجي ريت. پنهنجي مائٽن ۾.
|