(3)
بسم الله الرحمان الرحيم
الف، اَلَۡہ لَڳ عربي آءٌ،
سخت صديءَ جو واڻو(1)
واءُ،
مُلڪ مَنجھون ويو ساڃهه(2)
ساءُ(3)،
سَچ سِڌاڻو(4)
حِلم(5)
حياءُ،
پَهچُ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ(6)
چِڪايل جا هي چاڪ(7).
بي، بَخشاءِ اچي بيـٖـڪس(8)،
رُڃ ۾ رهبر، راحم، رَس،
بَدِن(9)،
بَدَن تي ڪٽ ڪئي ڪَس،
ميٽ محــمّـد، مَــن جــي مـــس(10)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
تـٖـي، تَڙ تن مَون، ڪثيف(1)
ڪينو،
صَيقل(2)
سان ڪر، سفيد سينو،
اُنهيءَ قرب کي رسي ڪمينو،
محب، مُنارا پَسي مدينو،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ثي، ثابت ڏي صِدق صَفا،
لَهن جيئن جا جُرم جَفا،
سوُر تڙي، ڏي نُور نفعا،
هجي هميشہ شوق شفا،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
جيم، جيان، تان ائين جيار،
پِرين پِيان مَر(3)،
اِئين تيار،
جام وصل جو ڏِئين، ڏِيار،
گُهران جِئين، ڪر تِيئن تيار،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
حي، حالت هن، هَي ڪيم هيڻو،
ٻَنگـٖـي(1)،
ٻاڻ(2)
هڻي، ڪيو ٻيڻو،
ٻوڙ نه، ٻَهڳڻ(3)،
ٻاجھ وَهيڻو(4)،
ڏيج ڦڪي(5)
تون، فرحت ڦيڻو(6)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
خي، خوش ڪاريو(7)
خير هَٿا،
آئي آهنجي، اهنج لٿا،
ننگ سڀئي تو محب مٿا،
ڪرم ڪنڌي ڪر(8)
ڪانه ڪٿا(9)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
دال، دنيا ۾ جـٖـي دم جاليان(10)،
قلم(1)
لِکئي جا ٿي انگ پاليان،
نيڻ ٽِمائي(2)
نرمل، ناليان(3)،
ويٺي واٽ اوهانجي ڀاليان(4)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ذال، ذڪر ٿَم، دم دم تنهنجو،
درد رفيق، ڪيو رَم(5)
منهنجو،
ڪونه حبيبا، هَم غَم منهنجو،
ڪاج سَنوار(6)،
اچي ڪم منهنجو،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ري، ٿَم روح اوهان سان ريلو(7)،
مُرسل، ڪار(8)
مَداحيءَ ميلو،
وڃي وداعيءَ(9)
جو شل ويلو(10)،
ٿيـٖـل(1)،
فراقن کي ڏئي ٿيـٖـلو(2)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
زي، زاريون سُڻ زار(3)
سنديون،
نيڻن چاڙهيا، نارَ(4)
نديون،
خوش ڪر خاوند، ظلم زديون(5)،
آءٌ محمّد، ميٽ مديون،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
سين، سڄڻ ٻيو ڪونهي ڪاٿي(6)،
درد سڻايان جانب، جاٿي(7)،
صبح ڪيا سڏ، مرسل، مان ٿـٖـي،
تو در سال ٿيا، لَڏ(8)
لاٿـٖـي،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
شين، شرم رک، منهنجو شافي،
مرسل، مشفق، نافع، نافي،
ڪرم قريشي، تنهنجو ڪافي،
مير، مَديون ڪر مرسل، معافي،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
صواد، صبر سُگ، نرمل ناهي،
سوا سڄڻ تو، ڇا هت ڇاهي؟
اصل اوهان در اُميد آهي،
رسيم رهبر، قريب ڪاهي،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ضواد، ضرور، ٻُڌج هي زاريون،
مرسل مير، ويچاريءَ واريون،
ڪري ڪمينيءَ سڻيج ساريون(1)،
لنگھاءِ لُطفئون، ٻُڏيءَ کي ٻاريون(2)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
طوئي، طمع ٿَم، طلب تمام،
دوست، اوهان در مير مدام،
سائل سيّد تنهنجي سام،
لائق، لاري(1)
تو لڙه(2)
لام(3)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ظوئي، ظهوُرو پاڪ پَساءِ،
روئندي، رهبر هوت هساءِ(4)،
رزق، رسد(5)
ريءَ رنج رساءِ،
هيءَ دل ويـٖـران ويـٖـر(6)
وساءِ(7)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
عين، عجيب، اجھو تون آهين،
جنهين طرف تون ڪفيل(8)
ڪاهين،
ڪري اُوئين رب، چوين جو چاهين(9)،
مديون مداحيءَ لطيف، لاهين،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
غين، غرض ٿم، پڄاءِ پرور،
مَڪّي، مَدني سخي سرور،
شفيع، شافع وصي(1)
ور ور(2)،
سُڪو شجر(3)
ٿي بهار بابر(4)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
في، ڪر فَرّخ(5)،
فَراخ(6)
ڦَرَ سان،
گَڏاءِ گوهر، گِرام(7)
گھر سان،
وَٿون(8)
وڏن جي وصي ور سان،
هُجيـٖـم پاڙو، ڀلن جي ڀرسان،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
قاف، قَريبا، اِهو ڪرم ڪر،
حَسين هم سن(1)
سندم حرم ڪر،
خليق(2)،
خائف(3)،
ننگي، نرم ڪر،
حبيب، تَنهنجو حيا شرم ڌر(4)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ڪاف، ڪُڄاڙو(5)
ٻِئي در ڪاهيان،
توڙي ڪِهتر(6)،
ابتر(7)
آهيان،
لائق گرچ لطف جي ناهيان،
حَمد اهو جو مادح ماڻيان،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
لام، لَنگھا(8)
تو در شاهه لکين،
تَن جون مرضيون(9)،
مير رکين،
ڳائن، کائن ڪانڌ(1)
ڪکين(2)،
ڏيـٖـہ ڏٺا هِن عام اکئين،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
ميم، مِهر ڪر مُرسل ماتـٖـي(3)،
مير، لِکوم مَداحن کاتي،
احمد، آس پُڄي هن آتـٖـي(4)،
نينهن نِهوڙيس تنهنجي ناتـٖـي(5)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
نون، نَشر(6)
ڪيس، تنهنجي نالـٖـي،
ناتان(7)
هيءَ جڏي(8)
ڪيئن جالـٖـي(9)،
سُک سدا تو، سهنج سنڀالـٖـي،
تنهنجي پروش پَلپَل پالـٖـي،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
واءُ، وَدي(1)
لَڙه تنهنجي لَنگھي،
لنگھو، لاڳُ(2)
نه ٻِئي در منگـٖـي(3)،
دان وَديون مر دُهرا(4)
دَنگي(5)،
ڏي سر پاه(6)
ننگي(7)،
هن ننگـٖــي(8)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
هي، همت مون بخش حبيب،
عالم ڪر اولاد نصيب،
ڏي فرزند عجيب، اديب،
هي ٿئي مون سان قرب قريب،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
لام، لنگھي سڀ عمر آجاثي،
جاليم(1)
جيڪي، مون سُڌ سائي،
بخش بَديون، ڪر ڀال ڀلائي،
سا نه ڀُلي، جا ڀاڻـٖـي(2)
آئي،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
حمزو، اِها ٻُڌ، عربي آه،
شاهه محمّد، شافع شاهه،
تو ريءَ حالت تنگ تباه،
مير، مَديون ڪر معاف مُباح،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
يي، ياري سان بخش يَمين(3)،
حُبّ سندو ڏي حَبل مَتين(4)،
وقت نَزع(5)،
ٿج ڪانڌ قَرين(6)،
با ڪلمي ڪج خُلد نَشين(7)،
پهچ پيغمبر، پارس پاڪ،
چيٺ چڪايل جا هي چاڪ.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
صلي الله عليہ وآلہ وسلم.
(4)
بسم الله الرحمان الرحيم
الفئون، آڌوُتي(1)
هليا، دُکائي دوُنها،
حُبّون، ويا هِنگلاج(2)
ڏي، سنڀُوري(3)
سونهان(4)،
جُڳت(5)،
جاڳائـٖـي چَليا، لُوهن(6)
ٿيون لُوهان(7)،
مَت، گُٿي مُونهان(8)،
ساڻن، مون نه سڌائيو(9).
بيئون، بَرتَن هٿ ۾، ڪَڇ ۾ ڪَن، قنديل(10)،
ڪلهين پائي ڪاپڙن، نانگن، ڏس نَفيل(11)،
بُک سان تَن ڀرپور ڪئي، جوڳِيڙَن، جَنبيل(1)،
هليا، سُڃ سبيل، ساڻُن، مون نه سڌايو.
تيـٖـئون، تارڪ(2)
ٿِي هليا، مُرادون ماري،
نانگا هليا ناٿ(3)
ڏي، وَٿون(4)
سڀ واري(5)،
پُورب(6)،
پَنڌ پَهوڙ(7)
جو، اُٿيا اَختياري(8)،
سِڪانءِ سـٖـي، ساري، ساڻن، مون نه سڌائيو.
ثـٖـيئون، ثابت، سڃ ڏي، سندرا ساهيائون(9)،
اوتيون، پِيَن اُڃ کي، رُڃ ڏي راهيائون(10)،
ڪينو ڇڏي، ڪين ڏي، قلبون ڪاهيائون،
سَحر(11)،
ساهيائون(12)،
ساڻن، مون نه سڌائيو.
جِيمان، جوڳيئڙن جا، ڪِشتا، ڪڙا ڪڙول(13)،
اڄ نه، آسڻ(1)
تي پسان، ٻَہ ٻَہ تن جا ٻول(2)،
روئي رت، انهن لئي، ڪيم رنگ رَتول(3)،
ڍڪيءَ(4)،
هليا ڍول، ساڻن، مون نه سڌائيو.
حـٖـيئون، حُبّ رکي هليا، حُبّ، ڇڏيا هِنگلاج،
باسڻ، تن ڀورا ڪيا، نڪي کائن کاڄ،
سَيرَ، انهيءَ ۾، سَيرُ(5)
ٿيا، ڪن وروُنهان واڄ(6)،
سامِن، سندا راڄ، سَدا سُڃ ۾ سزا.
خـٖـيئون، خُماري ٿيا، ريءَ نشي نانگا،
الک(7)،
آڌوتن پَسيو، ساڙيائون سانگا(8)،
سَين، هنيائون سڃ ۾، لنگھي سڀ لانگھا،
ڀَڄي، ٿيا ڀانگا(9)،
سدا سڃ ۾ سزا.
دالان، دليون سي هليا، ڇڏي، دنيا دَورَ،
چقمق، چوتيا(10)
چيلهه، تي، مَرڪيو، ٻَڌن موو،
نِوايائون، ناٿ سان، ڪنڌ ڪُلهن کون ڪور،
الک سان ڪن اور، سدا سڃ ۾ سزا.
ذالان، ذڪرُ تَن جو، عامن کَون اولـٖـي(1)،
سُور، سُڻائن ڪين ڪي، ٻاهر کي ٻولي،
گودڙيا، گُرناٿ(2)
ريءَ، ڏيلُ(3)
وجھن ڏولـٖـي(4)،
ڀُلا، نا ڀولـٖـي(5)،
سدا سڃ ۾ سزا.
ريـٖـئون، رَڳ رڳ تن جي، راڳُ رَبُوبي رازُ،
وڄائن وحدت جو، سِري، خَفي(6)
سازُ،
الک سان، اثبات ٿيا نانگا، ڪن نياز،
لنگھيا روُءِ، دوازُ، سدا سڃ ۾ سزا.
زيـٖـئون، زاهد نه ٿيا، عابد، عامن وٽ،
’تَضَرّعاّ وَ خُفۡيَہ‘(7)
اِها سامن سَٽ(8)،
لنگھڻ کون، لاغرض ٿيا، گھارڻ ڀانئن گھَٽ(9)،
هئڻ(10)،
واري هَٽ، نانگن سودو نانهن جو،
سيناّ، سالڪ، سِرّ(1)
۾، ظاهر ۾ زاني،
’مَن عَرف نَفۡسَہ‘ فَقَدۡ عَرف رَبّہ‘(2)،
فڪر ڪيا فائي،
نه ڪيو نينهن نماز سان، ڪن نَوڙٿ نِهاني(3)،
مامان(4)
معاني(5)،
سمجھن، سَلن ڪينڪي.
شينان، شاغِل شب ۾، رويُون ڪن رهاڻ،
ڏينهان، ڏاري ويـٖـس(6)
۾، ٽُلن(7)،
ٽُڪر ڪاڻ،
سامن، رمز سهي ڪئي، اورَ، اِنهيءَ اُهڃاڻ(8)،
وحدت واري واڻ(9)،
سمجھن، سَلن ڪين ڪي.
صواد، صُبوري تن جو، تَرڪو ۽ توشو،
ڪَهيون، ڪُڇن ڪين ڪي، مُڙي، ڪن موشو(10)،
وتو(11)،
لاءِ ورهَ جي، گودڙين، گوشو،
خِرمن(12)
جو خوشو(13)،
سمجھن، سلن ڪين ڪي.
ضواد، ضروري تن کي، حاصل ڪرڻ حال(14)،
نڪي اورن عام سان، نڪي ميـٖـڙن مالُ
نڪا سُڌ، ثواب جي، نڪو وهُم وبالُ،
نڪو حَرام حَلال، آڏو آڌوُتن جي(1).
طوئي، طالب، طلب جا، ترڪي، ڏين ترڪي(2)،
پاڻان ويا پاڻ ۾، غازي، ٿي غرقي(3)،
غرض، نه غربيءَ(4)
جو ڪڍن، شوق نه ڪن شرقي(5)،
مطلب ۾ مَرڪي، لانگوٽيائي لعل ٿيا.
ظوئي، ظاهر ذات ۾، ذات مَٽي، ٿيا ذات،
’لامَقۡصُود في الۡدارَيۡن اِلاۡ هُو‘(6)
طلب رساڻيا تات،
سودو، سامن ساب پيو، مِلين ڏوڙي ڏات،
آڌوتي، اثبات، لانگوٽيائي لعل ٿيا.
عين، عبادت، تن جي، عين اوجاڳا تن،
سچا سامي، سچ ٿيا، سچا ٻول سندن،
گھوريس گودڙين تَون، جند جياريم جَن،
ڏيئي ٻيا ئي ٻَن، لانگوٽيائي، لعل ٿيا.
غين، غُبار(7)،
انهن جو، سياهيءَ(8)
لئي صيقل(9)،
آڻـٖـي، عَينن ۾ وجھان، داروُ ٿَم درمل،
ٻاري ويا ٻاجھ جو، منهنجي من مَنگل(1)،
اچي ڪين اجل(2)،
شل، سامي پسي، ساه ڏيان.
فيـٖـئون، ڦَٽي آهيان، فنا ڪيس فِراق،
سامن جا سرير ۾، چوريان چڪن چاڪ(3)،
سڙان، سامن جا پَسي، طاقيل(4)،
طاقيون طاق(5)،
اچن، من اوطاق، سامي پسي، ساهُ ڏيان.
قافان، قلب قضا ڪيو، اڌو اڌ اندوه(6)،
سڙان سامن لئي سدا، رڙان منجھ رڻ، روهَ،
ڪاٿي ملان ڪاپڙي، قاف ڪشالا ڪوهَ(7)،
تَڳان اُنهيءَ توءِ، شل، سامي پسي ساه، ڏيان.
ڪافان، ڪاپڙيُن جا، سورن مٿي سور،
پَوَن پرديسين لئي، پُورن مٿي پُور،
ماتم، مادر، تن جي، ماري ڪيس معذوُر،
چاڪن ڪئي چُور، شل، سامي پسي ساه ڏيان.
لامان، لاهُوتن جا، لُطف هزارين لک،
سانڀيون، سانڀيان ساه ۾، روُح برابر رَک(8)،
ٻاجھان، رکندم ٻاجھ سان، ڪمينيءَ، تي ڪک،
ايندم لڳ الک، شل، سامي پسي ساه ڏيان.
ميم، محبت تن جي، ٻارڻ ٿي ٻاري،
سڪ، نه سانوڻ کي لهي، سرسي آ سياري،
وسن، سانوڻ مينهن جان، عينان، اونهاري،
اچي اوتاري، شل، سامي پسي ساه ڏيان.
نُون، نِزاڪت(1)
تن جي، موهيس مادر، آن،
جالـٖـي(2)،
تن جي چُور ڪئي، نانگن سندي نان،
اڌو اڌ، اندوه ڪيو، جيءُ، جُثو، هي هِنيان،
جيئري ايندم جان، شل سامي پسي ساه ڏيان.
واؤ، تَنهين آ، ويـٖـل کي، جنهين ويل(3)،
ويام،
ٻيڻا، سور سرير ۾، ٽيڻان پُور، پيام،
ايندا، ٿيندم آسرو، سولا سوڻ(4)
ٿيام،
ڪوڙيـٖـن(5)
سڏ ڪيام، ٻُڌي آيا ٻاجھ سان.
هيئون، هيڻي حال تي، سڏ سڻي آيا،
سامن، سچا قول ڪيا، روح پُنان رايا،
ڦڪي(6)
ملي، فرق پيو، ٿيم لايا سجايا،
ڪُوماڻي ڪايا، سامي آيا سيز ٿي(7).
لامان، لائق تن جا چَوان، چَوڻَون وڌ،
شاهه محمّد، شاهه چيو: ’شيئاً جَدّ وَ جَد‘(1)،
مليا مُحب مبارڪون، سامن جي هئي، سَڌ،
سودن جي سرحد، سامي آيا سيز ٿي.
الف،ء اوسيڙي(2)
جن جي، هينئڙو هو حَيران،
جوڳي، آيا جُوءِ ۾، وَسون ٿيون ويران(3)،
حمد، هزارين حق جا، مُئل لَڌو مان،
اِجھو، مون ايوان، سامي آيا سيز ٿي.
ييـٖئون، يَڪ جھَتي(4)
پڻي، ڪڍيو حُب، حجاب،
قلزم، ڪاروُنڀار ۾، ٿيو هُلُ حُباب،
هي اِمداديون عشق جون، جنهنجو نينهن نواب،
ڪلمي، ڪيو ڪباب، ڪُفر، ڪينـٖـي ڪين جو.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
صلي الله عليہ و آلہ
و اصحابہ اجمعين.
(3)
ساءُ= مزو. ساڃهه. ساءُ= ساڃاهه جو مزو، عزازت
جي ڇاڻ پڇاڻ.
(4)
سڌاڻو= موڪلايو، هليو ويو، روانو ٿيو.
(10)
مس= سياهي، ڪارنهن، ڪٽ.
(1)
ڪثيف= غليظ ضد ’لطيف‘.
(1)
ٻنگي= ونگي، قابو ڪري.
(9)
ڪٿا= ڪاٿو، ڳاڻاٽو، شمار.
(3)
ناليان= ناليون، ڳوڙهن جون قطارون.
(10)
ويلو= وير، مهل، گهڙي.
(5)
ظلم زديون= ڏاڍ جون هنيل، مصيبت جون ماريل.
(1)
ساريون= ساريان= سڄيون.
(2)
باريون= ٻار مون. پاڻيءَ سان.
(1)
لاري= پناري، لالانگهري، آسري.
(4)
هساءِ= کلاءِ، خوش ڪر.
(6)
ويران وير= گهڙيءَ گهڙيءَ، هميشه.
(1)
وصي= جنهن کي وصيت ڪئي وڃي.
(2)
ور ور= گهڙيءَ گهڙيءَ، هردم.
(1)
هم سن= هڪ جيڏو، جيڏو سرتو.
(5)
ڪڄاڙو= ڇالاءِ، ڇاڪاڻ.
(2)
ڪکين= ڪکن ۾، پنهنجن گهرن ۾.
(3)
ماتي= مان تي، مون تي.
(4)
دهرا دان= ٻيڻا ڏاڻ، ٻيا ڏيپ، ٻٽا انعام.
(8)
ننگي= اگهاڙي، عيبدار.
(6)
قرين= مصاحب، دوست، گڏ وهڻ وارو.
(7)
خلد
نشين= بهشتي، بهشت ۾ وهندڙ.
(2)
هنگلاج= جبل ۾ مڪان، جتي فقير زيارت لاءِ
ويندا آهن.
(3)
سنڀوري= سنبري، تيار ٿي.
(6)
لوهن= ساڙن. لونهه= ڪوسو واءُ.
(9)
سڌائيو= هليو، سفر ڪيو.
(11)
نفيل= سڱ (وڄائڻ وارو)، توتاري.
(1)
جنبيل= زنبيل، فقيرن جي جهولي، ڪشتو.
(2)
تارڪ= دنيا کي ترڪ ڪندڙ.
(3)
ناٿ= مرشد، سردار؛ ڌڻي.
(6)
پورب= اوڀرندو، فقيراڻي منزل. ضد ’پڇم‘.
(9)
سندرا ساهيائون= سندرا ٻڌائون، تيار ٿيا.
(12)
سحر ساهيائون= سويل صبح سان روانا ٿيا.
(13)
ڪڙا ڪڙول= ڪڙيون، ڪڙولا. هت اشارو: فقيرن جي
ٻانهن ۽ پيرن جي لوهين ڪنگڻن ۽ ڪڙين ڏانهن.
(2)
ٻبهه ٻهه ٻول= ٻهڪندڙ ٻول، خوش گفتار.
(3)
رتول= ڳاڙهو. ڪيم رنگ رتول= گيڙو ڪپڙا ڪيم.
گيڙو ڪپڙا آديسين جي فراق واري پوشاڪ آهي.
(5)
سير= گشت. سير ٿيا= پُر ٿيا، ڀرجي ويا، محو
ٿيا.
(6)
واڄ= واڄا، پنٿي جذبي جا اُپڙاڪ، نعرا، وات جا
آواز.
(7)
الک= (آ= نه، لک= خبر) جنهن جي ظاهري حواسن
سان خبر نه پوي يعني ڌڻي.
(8)
سانگا= واسطا، لڳ لاڳاپا.
(9)
ڀانگا= ٻارڻ جا ڇينڀا، سڪل ٽاريون. ڇڄي ٿيا
ڀانگا= سڪي سڙي ويا.
(10)
چقمق چوتيا= چهٽل يا تنگ چوتا يا لانگوٽا. چست
۽ سوگها چوتا پختي ۽ محڪم ارادي جي نشاني آهي.
(4)
ڏولي= ڏولائي ۾، تڪليف ۾، رولڙي ۾.
(5)
ڀلا
نا ڀولي= (بي يقيني) ۾ ڀلي نه ويا. انهن کي
ڀرمن (وسوسن) نه ڀرمايو يا ڀلايو. هو ڀرمن کان
اتم رهيا.
(7)
تضرعا
و خفيہ= نياز ۽ لڪ ڇپ ۾.
(9)
لنگهڻ کون......... گهٽ= بک کان بي پرواهه ٿيا
۽ ظاهري عبادت کي گهٽ ٿا ڀانئين.
(10)
هئڻ=
پاڻ پڻو، مان مان، خودي.
(2)
من
عرف........ ربہ= جنهن پنهنجو نفس سڃاتو، تنهن
پنهنجو ربّ سڃاتو.
(6)
ڏاري ويس= ليڙون ليڙون لباس.
(8)
اور انهيءَ اهڃاڻ= انهيءَ يا اهڙي اور نموني
۾.
(9)
واڻ= پيچيدگي. وحده جي واڻ= هيڪڙائي جي اصول
جي پيچيدگي.
(1)
نڪا سڌ........ آڌوتن جي= محويت جي ڪري هو بي
خود آهن، تنهن ڪري ڏوه ثواب ۽ حرام حلال جي
کين خبر ئي ڪانه آهي.
(2)
ترڪي= ترڪو، ارڪو ترڪو، ورثو.
(6)
مقصود....... الاهو (قرآن پاڪ مان) ٻنهي جهانن
۾ خطا کانسواءِ ٻيو مطلب ڪونهي.
(7)
غبار=
مٽي. اشارو ’پيرن جي پڻيءَ ڏانهن.’
(8)
سياهي= ڪاراڻ، ڪٽ (دل يا اک جي).
(9)
صيقل= سونهن، رواٽ. غبار... صيقل= انهن جي
پيرن جي پڻي، گويا سياهيءَ لاءِ صيقل آهي.
(3)
چڪن چاڪ= ڦٽ سنجرن، نئين سر ڦٽ اڀرن.
(5)
طاق=
طاق ۽ طاقيون. (در ۽ دريون) بند ٿيل ڏسي پيو
سڙان.
(7)
ڪائي........... ڪوه= جن جا ڪوه قاف جا سير
آهن، سي ڪاٿي ملندم.
(8)
سانڀون...رک= سندن لائق سانڍيو اچان ٿي، جو
سندن لاءِ روح ۾ محڪم جاءِ آهي.
(3)
ويل= افسوس. ويل= وقت.
(7)
ڪوماڻي
ڪايا........ ٿي= اها ڪايا (بدن، جسم شڪل) جا
سامين کانسواءِ ڪوماڻجي (جهڪي ٿي) ويئي هئي،
سا سندن آئي سرسبز ٿي.
(1)
شيئا جد و جد= ڪابه شيءِ، جنهن ڳولي، تنهن
لڌي. (حضرت علي ڪرم الله وجہ سائينءَ جو قول)
(2)
اوسيڙي= اوسيڙو، انتظار.
(3)
وسون ٿيون ويران= ويران هنڌ آباديءَ يا وسنو
وارا ٿي پيا.
(4)
يڪ جهتي= هڪ خيالي، يڪ دلي.
|