1_ سهسين ثنا ستار جي، |
غالب، غني، غفار جي، |
جامع جليل، جبار جي، |
حّنان، هزده هزار(1)
جي، |
جوڙي بنا جنسار جي، |
تنهنجي، سدا تعريف ڪر. |
|
|
2_ رب بي مثل بيچون آ، |
بيشڪ احد، بي گون(2)
آ، |
جنهن قول، ڪن فيڪون(3)
آ، |
دل جو فڪر، هت دون(4)
آ، |
اونهو عجائب، اون(5)
آ، |
ناقص عقل جي هت نظر، |
|
|
3_ جنهن ڪيو پرين پيدا ڀلو، |
ڀلڪار(6)
کون آ، ڀرجهلو، |
واهر پرين، ويرن(7)
ولو(8)
، |
بُوجِهل خارج کي کلو، |
ٺڳ ٿيو، ٺِڪر، ٺوليو ٺلو(9)، |
منڪر نه جنهن سمجهو مگر. |
|
|
4_اسلام ۾ عجمي، عرب، |
ٿيا ترڪ، طوسي، مون طرب(10)، |
زنگي(1)،
غزا(2)
مان منجهه غرب(3)، |
سڀ زير زانو، ڪيا(4)
ضرب(5)، |
هندي، حڪم سان ڪن حرب(6)، |
رومن ڪشي(7)
قابو ڪمر. |
|
|
5_ يمني، يقينن ٿي لڙيا، |
عدني، نه ڪجهه اوري اڙيا، |
ڪفار، بصرن ٿي ڪڙيا(8)، |
چيني، دگا(9)
ڪيون ٿي دڙيا(10)، |
هئا مسقطي، چغدا چڙيا، |
افغان، ايراني اگر. |
|
|
6_ آ صدق(11)
ڪيون سر کي سٽن، |
ڪوپا ڪلهن کون ڪنڌ ڪپن، |
ڪنهن دم نه مانجهي منهن مٽن، |
جنگ(12)
جنگ ۾ جانيون ڦٽن، |
سي، مر طهورا(13)
چش چٽن، |
حوران، وڳا زربفت، زر. |
|
|
7_ هر جا حڪم حضرت هليو، |
مرسلﷺ مِٺو،مربي ملهيو(14)، |
ويو ڪفر، جذبي سان جليو، |
ديني پڙهو چلتو چليو(1)، |
سڀ ملڪ اسلامن مليو، |
هوڪا گهميا ٿي هر شهر. |
|
|
8_ لک معجزا، تنهن جا مڃان، |
سرور، صغيري هو اڃا، |
ڪوڙين(2)
قطب، خالص ڪڃان(3)، |
محبوب، بت خانا ڀڃان، |
سيد مٿون، صدقي وڃان، |
ڪامل مٿون ڪئي ڇان ڪڪر. |
|
|
9_ ڪيا نان، سهسين نياز ٿي، |
روئي، نخل ڪيا راز ٿي، |
ڪئي ڳالهه ڳيري باز ٿي، |
آهوءَ، ڪيا اعجزز ٿي، |
اٺ جا ٻڌي آواز ٿي، |
ڪاهي مٿس ويو مفتخر(4). |
|
|
10_ ختم الرسل، جاڪون(5)
ٿيون، |
جو جهان، باڪون(6)
ٿيو، |
چنڊ، چيرجي ڦاڪون ٿيون، |
روشن تهين لاڪون(7)
ٿيون، |
ڏس، تاب ۾ تاڪون(8)
ٿيو، |
جان ڪيو شفيع، شق القمر، |
|
|
11_ آدم، ڪيا تنهنجا ادب، |
موسى، مٿس آندا عجب، |
لک لوط لکيس ٿي لقب، |
هارون، هو حامل حطب(9)، |
سرور سچي سان ٿيا سبب، |
خالق، چيس خير البشر، |
12_ عيسى، فدا اقدام تي، |
يحيى، اڀو احڪام تي، |
مفتون يوسف، مام تي، |
شمعون، شائق نام تي، |
خود خضر، گاهيو گام(1)
تي، |
الياس، تنهنجو آب ور(2). |
|
|
13_ واهر گهري ابليس ٿي، |
رحمت، ڪرايس ريس ٿي، |
جوڙي جتي، جرجيس ٿي، |
تنهنجي ثنا ڪئي سربسر، |
|
|
14_ حليو، حبيبن جو چوان، |
چئي، پاڪ پورن ۾ پوان، |
ڪيان درد، دل کون سڀ دوان(3)، |
دم دم، مزا ماڻيان نوجوان، |
ڇا سرو، مٽ قد جي سنوان؟ |
شمشاد ٿيو، شائق شجر. |
|
|
15_ اسمر(4)
بياض(5)
اللون
(6)تن، |
رنگ محب، گندم گون(7)
ون، |
خوبي پسي سج ٿي نسن(8)، |
لک ڪُرمِشون قمرين(9)
ڪن، |
عنبر عرق، سردار جن، |
ڇا مُشڪ مٽ، پِرجي پگهر؟ |
|
|
16_ لڪ لمعة الجبهة لقب(1)، |
منهن محب جو علوّم عجب، |
چمڪي بدر ڪيو يا ادب، |
لک شمس، شرمائيا شهب(2)، |
ٿيا برق، بجلي ڪالحطب(3)، |
ڪيا خاڪ، نرمل جي نظر(4)، |
|
|
17_ پڙهه مجتمع الّلحيہ(5)
حرف، |
سُرهي، سونهاريءَ(6)
جا شرف، |
هئي چاپوين(7)،
چهري طرف، |
ساري عمر جي، سڀ صرف، |
توحيد ۾، تم(8)
ڪيان تلف، |
پوري نه ٿئي عشر العشر(9). |
|
|
18_ پرين، پريا(10)
سورهن چون، |
ظاهر اُتا(11)،
سترهن سون، |
هيءَ راءِ، عالم ٿا رون(12)، |
سُڻندي، سُڌيون(13)
پوريون پون، |
مون کي انهن ڍايو ڍون، |
بيشڪ، ڇٽي ٿيس بي خطر. |
|
|
19_ باعشق آقن الانق(1)
سل(2)، |
دندان، دلبر جا فصل(3)، |
وٿ(4)
سا هئا، ڪين بلڪ بل، |
ڪُنگرن(5)
مثل، گردون محل، |
کلندي پسائي شاه شل، |
سو درج(6)
معنى جو دهر(7). |
|
|
20- معني مفاتيح اللسان(8)، |
ڪامل، ڪشادي هئي زبان، |
بيشڪ فصلحت جو بيان، |
شيرين سُخن، فرحت فشان، |
دائود جو ٻُوٽيو دهان(9)، |
گفتي نه مٽ، شهد وشڪر. |
|
|
21_ آءُ ٻڌ ازج الحاجبين(10)، |
جاڙا، ڀرون جانب جبين، |
مت(11)،
ڪهڪشان(12)
خنجر، ڪبين(13)، |
ماچين، موهيس چين چين، |
ڀيرو ڏٺي، جيڪر جنهين، |
کولي پڇو تنهن کون خبر. |
|
|
22_وه قام القامة(1)
هو قد، |
سهڻو، سنئون قد هو، به حد، |
توڙي هجن ٻيا، سرور صد، |
آڏو عجيبن، روپ رد، |
شمشاد ٿيو بيڪار بد، |
طوبى پسي شرميو، شجر. |
|
|
23_ وه، آسود العينين(2)
ها، |
ڳوڙها، ننگيءَ جا نين ها، |
ريءَ ڪجل، ڪارا عين ها، |
سي دُرس گڏ، دِن رَين(3)
ها، |
اثنين حق، قمرين ها، |
ڪجلا قريبن جا ڪڪر. |
|
|
24_ هٿ جون تريون، هوتن طويل، |
جانب سنديون جوڙيون جليل، |
مرسلﷺ مِٺو ڪوجهن ڪفيل، |
دلدار، دلگيرن دليل، |
جنهن جي هٿون، آجا عليل، |
ياوُر يتيمن، واه ور. |
|
|
25_ انور انامل(4)،
هيون رقيق(5)، |
جي آڱريون، رهبر رفيق، |
سهڻيون، سنيون، سنهڙيون،صديق، |
نهريون بهشتي، با طريق، |
جن، آب ٿي آندو عميق، |
هي معجزو مرسل مشر، |
|
|
26_ سهڻو، سخي سردار هو، |
في بدن ليس الشعار هو(1)، |
وارث، نه جسمي وار هو، |
خط(2)
ريءَ، نه مون منٺار هو، |
جو ناف(3)،
سو نروار هو، |
سُرّة الى و من الصّدر(4). |
|
|
27_ ريءَ پاڇوين، پر، پاڪ هو، |
جبريل، بافتراڪ(5)
هو، |
سِر، شاه، ڇٽ لولاڪ هو، |
خادم، زمين افلاڪ هو، |
خود عرش، پيرن خاڪ هو، |
شاهد، نبوت تي شجر(6). |
|
|
28_ منهن، محب جي، ويٺي نه مک، |
ڪنهن سان مَٽي، انور نه اک، |
جوٺن، سوين ڪيا جِهل جک، |
لاهيا قريبن، ڪنهن نه ڪک، |
توڙي اچن پيا بار لک، |
تان ڀي، نه ڏاتر، ڪيو ڏمر. |
|
|
29_ اربع، عجيبن يار چَو، |
رحمت، مٿن صدبار چَو، |
صديق کي، سردار جو، |
شامل ڀلو، باغار چَو، |
اڪبر لقب دلدار چَو، |
باصِدق دل جان بُوبڪر، |
|
|
30_ فاروق، فڪراتون نيون، |
جانب پسي، دم دم جيون، |
سورہ مٿون صدقي ٿيون، |
پيرن پڻي، سرمون ڪيون، |
ڏسندي، ٺري منهنجو هنيون، |
جيءَ جو سڄڻ جانب جگر. |
|
|
31_ عثمان ۾، آسان(1)
اٿون، |
لک فيض هن، هادي ٿئون، |
ڇٽ، ڇانو ڇورن جي مٿون، |
وسواس، خطرو ڪو نه ٿئون. |
ورثو، سڀئي سرسان وٿون، |
گهوريان زمين، زن، ٻار، زر، |
|
|
32_ مولى عليءَ جو، مان ٿيو، |
شير خدا، تنهن شان ٿيو، |
قاتل، قلعي ڪفران ٿيو، |
داڙو(2)،
اڙين درمان(3)
ٿيو، |
مانجهي محب مرادن ٿيو، |
صف ۾ هنيا، نيزا ٿي نر. |
|
|
33_ ڪر تون، امامن جي مدح، |
مون تي ڪندا، مشفق، مره(4)، |
چيٺيا(5)،
جني جگري جرح(6)، |
هاديءَ حسن، ڪئي دل فرح، |
شہ ڪربلا جو، چو شرح، |
اسمش، حسين خوب تر. |
|
|
34_ بنت النبي(7)،
چو فاطمہ، |
شيطان جي حق، شاتمہ(8)، |
ڪردار، قابل، ڪاتمہ(9)، |
هئي منجهه آوامر(10)
آتمہ(11)، |
آ، حرز(1)
حصن الحاتمہ(2)، |
خيرالنساءَ(3)،
صائم دهر(4). |
35_ چاچا چڱا، سرور سچي، |
تن سام پيل بيشڪ بچي، |
رمزان پسي، عاشق، رچي(5)، |
ميٽيان وهم، حمزو اچي، |
عباس ڪر، مون سر ڪچي، |
ڪئي ٻاجهه سان ننگن نظر. |
|
|
36_ اصحاب، عينن سان پسان، |
شل روبرو تن جي رسان، |
ڪٽ قلب جون ڪورن ڪسان، |
ويجهو وڃي، سانئن وسان، |
اميد، پوري ٿئي اسان، |
هُئان، ’شاه محمد‘ شرف ور. |
|
|
37_ پورو، همد حليو ٺهيو، |
مون ڏيب(6)
اڄ، ڍو تي ڊهيو، |
غم، وهم رتي نا رهيو، |
جو، مون ارادو ٿي پهيو(7)، |
ٿيو سچ، جنهين، ڪلمون ڪهيو، |
تنهن کي نه ساڙيندي سقر(8)، |