(8)
بسم الله الرحمان الرحيم
الف، اَلہ جي نانءِ آمين،
هي ڏس هيڻو حال، حزين(1)،
جَلوو جسم پَساءِ، جَبين(2)،
غور اچي ڪر ڪو، غمگين،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
بي، بلاشڪ تو سَربارُ،
ڪل پيرن جو، تون پَڳدار،
مَهدي، مُرشد مَنصبدار(3)،
سڀ سرتاجين، تُون سردار،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
تي، تون توشو(4)
تَر(5)
تحقيق،
شفقت وارو شاهُ شفيق،
آبرُ سخا جو، بَحرُ عميق،
شمس شريعت، قمر طريق،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ثي، ثابت، سَر تُنهنجي تاج،
ماڻهو، مَلڪ، فَلڪ محتاج،
خاقان، خُسرو زير خِراج،
تُنهنجو آمرُ ڪڍن احتياج،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
جيم، جَهانُ سڄو ٿيو ڏاني،
هادي، مُرشد مُحب حقاني،
ڪونه سخا مَٽ، تنهنجو ثاني،
تو سَر سونهي، تاج شهاني،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
حي، آ، تنهنجو حڪم حَلب(1)
۾،
سنڌُ، سَري(2)
۽ عجم(3)
عرب ۾،
ڏَکڻ، اُتر ۽ شَرق(1)
غَرب(2)
۾،
زَد(3)
ڪيا تو، زِير ضرب(4)
۾،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
خي، خدا جو تون محبُوب،
موليٰ، پورو ڪيئي مطلوب،
مير، مُعارف جا مَرغوب،
ماري موذي، ڪر مَغلوب،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
دال، دَم دَم توڏي ڪاڍو(5)،
مَن ۾ محبت جو مَچ ڏاڍو،
بِره ڪيو آ بيخُود ڀانڊو(6)،
ڳُڻن ڀريا(7)،
هي ڳُڻ(8)
تو ڳانڍو(9)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ري، رحم جون ڪر نگاهون،
دان ڏياريو ڪو درگاهون،
وير، ڇڏيون مون توريءَ واهون،
تو در منهنجون ڪامل ڪاهون،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
زي، زاري ٻُڌ، سور سندي،
بيڪس بي دل، آه بندي،
درد ڪئي دل دردمندي،
آجي ڪر، هيءَ آسروَندي(1)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
سين، سدا چو توکي سڏي،
تنهن دم پهچو، تنهن جي تڏي،
واڪا ڪيا مون مون ويلـٖـي وڏي،
دشمن کي ڇَڏ، ٿيڙي(2)
ٿڏي(3)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
شين، شهنشہ، موٽج شير،
رس، رِڪـٖـيبيـٖـن پائي پير(1)،
دانهن ٻڏي، ڪر دم نا دير،
گھرجين مون وٽ، تون هن وير،
حاضر غوث محُي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
صواد، صبر، سُک، سِڪ نِيمَ ساري،
هوت، هنجون هِت هَي ڪيو هاري،
مَل(2)
جدائيءَ جو، مَلهه ماري،
ور وسيلا، واڳان واري،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ضواد، ضَرور اٿم، دل توڏي،
هڪلـٖـي بيٺس هيـٖـڏي هوڏي،
درد، وڌو ٿم لِڱ لِڱ لوڏي،
گولي گھوٽ، گڏي ڪر گوڏي،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
طوئي، طعم ٿم طلب تمام،
مُحب، ملڻ جي مير، مُدامُ،
ڪر اچڻ جا تون انجام،
لالن، لاري آءٌ لَغام،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ظوئي، ظالم هن نفس نِهوڙيو،
ول جان دشمن، جسم وڪوڙيو،
محلو مُرتد(1)
جيءَ ۾ جوڙيو،
خارج جي سَر، کَنّا(2)
کوڙيو،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
عين، عنايب سان اچ اوري،
سَهس(3)
سَڳا، مان بيٺس سوري(4)،
ڏيهه، ڏٺا، مون ڏاڍا ڏوري،
مُشڪل حَل نه ٿيندم توري،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
غين، غُمازيءَ(1)
کي ڪَر گارُ(2)،
ماري مُرتد کي ڪو مارُ(3)،
خاوند، ڪر خَنّاس(4)
خُوارُ،
لاهِ اسان جي دل تَون بارُ،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين،
في، ٿو فَلڪ وجھي دل ڦيري،
ڪڍ وَڍيل کي منجھئون ويڙهي،
نِنڌڪ نِرمل، آڻ نه نيڙي(5)،
ٽـٖـيڙ(6)
پوي مَرۡ، ٽنگون ٽـٖـيڙي،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
قاف، قبول اِها ڪَر آه،
هادي، مُرشد، شاهنشاه،
پاڙئون پَٽ، لُچي جا لاه(1)،
مرشد، مَهدي لڳ الله،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ڪاف، ڪُتي کي پري هٽاءِ،
بينگُ(2)،
بَهڻ کون گھُٽي گھٽاءِ،
مِيران، تَنهنجو ماڳُ مَٽاءِ،
پاپيءَ جي تون پاڙ پٽاءِ،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
لام، لُچـٖـي کي لوڌ لَنگھاءِ،
سُوريءَ تي سِر، ٽيـٖـڙ ٽنگاءِ،
ويريءَ تنهنجو جسم وَنگاءِ،
سُوئر سَڙئـٖـي کي سگھو سَنگھاءِ(3)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
ميم، مَداحيءَ جي سِر موٽ،
ڪج ورڻ جي، گوهر گھوٽ،
ماڙِ(1)
مُريدن، رُڪ جا ڪوٽ(2)،
تُنهنجي گھرجي اولو اوٽ(3)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
نون، نبيءَ جي نانءِ وريـٖـج،
گام(4)
گِرامي، بَخت ڀريـٖـج،
دانهن ٻُڌي ڪو داد ڪريج،
ڍول، ڍليءَ(5)
جا ڍڪڻ(6)،
ڍريج(7)،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
واؤ، وسيلو مون تو وَرۡدو(8)،
بيشڪ آهيان تُنهنجو بَردو(9)،
جانب جوڙ جُتيءَ جو گردو(1)،
پورهيت جو ڍڪ پيران، پرَدو،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
هــٖـي، هاڻي ٻُڌ، حال هلي،
اي شَہ اڪمل، واه وَلي،
تون آن خاوند خَفي جلي،
آل نبيءَ جا جگر عَلي،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
الف، اوهان جي در جو ٻانهون،
مَنگـٖـي پَروَش جو پروانو،
شاه محمّد، ڏاج(2)
ڏَهانون(3)،
اَڏ(4)
خدا لڳ، منهنجو خانو،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
لام، لَنگھـٖـي جي پروَش پير،
ڪج حمايت ميران مير،
دَهلي، لهرن کون دل ڌير(1)،
پار لنگھائج سختي سيرَ،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
يي، يُمُنۡ(2)
سان ڏي اولادُ،
خانو خاوند ڪر آباد،
وقت نَزع(3)
اچ، ڏي اِمدادُ،
آشهَد ڪَلمي جو اِرشاد،
حاضر غوث مُحي الدين،
حاصل ڪر دنيا ۽ دين.
لا الہ الا الله مُحّمدُ الرسول الله
صلي الله عليہ و آلـٖـہٖ
و اصحابـٖـہ وسلم
(3)
منصبدار= وڏي رتبي وارو.
(1)
حلب= شام ملڪ ۾ هڪڙو شهر.
(2)
سري= سنڌ جي اترئين ڀاڱي سڱر، جيڪب آباد ۽
لاڙڪاڻي ضلعن کي ”سرو“ چئبو آهي.
(3)
عجم= عرب کان سواءِ باقي ٻيو ملڪ.
(1)
رس رڪيبن پائي پير= رڪيبن ۾ پير پائي يعني
گهوڙي تي چڙهي (جلدي اچي پهچ.
(1)
مُرتد= اسلام کان ڦريل، بي دين، ڪافر.
(2)
کنا= ڏڦا، ڀالا، ترار.
(1)
غمازي= غمزه هڻندڙ، اک جي اشاري بازي ڪندڙ.
(1)
لاه= ڇاٽو هنيل، پاڙ، کُت.
(2)
بينگ= (بلوچي زبان) ڪتو..
(2)
ماڙ مريدن.... ڪوٽ= اي رڪ جا ڪوٽ، مريدن جي
مدد ڪر.
(3)
اولو اوٽ= اوڍر، پناه.
(4)
گام= وک، قدم. گرامي وک= قيمتي وک، برڪت ڀري
وک، سدورا پير.
(6)
ڍڪڻ= پن پردو، اجهو آسرو.
(7)
ڍريج= تون ڍر، تون اچ. ڍول..... ڍريج= اي
منهنجا ڍڪڻ ڍول، تون مون ڏي وک وراءِ.
(1)
گردو= مٽي، ڌوڙ، دز. جانب..... گردو= اي جانب،
مان تنهنجي جتيءَ جي دز برابر آهيان يعني مان
تنهنجي پيرن جي پڻي آهي.
(2)
ڏاج= ڏاڻ، انعام، بخشش.
(1)
دل ڌير= اي دل جي ڌير، اي دل جا ڏڍ. دهلي.....
ڌير= اي دل جي ڌير، لهرن کان ڊني آهيان.
|