سُرمون سياهيءَ جو رنن کي رهاءِ
ڪانيءَ ڪارائي جي مڙس ٿي م پاءِ
اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي.
ــــ
سرمون سرخيءَ جو جڏهن پاتو جن
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.
ـــ
سرمون سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾.
لفظن جي جوڙجڪ ۽ ڦيرگهير مان جيڪو ڪلام ٺاهيو ويندو آهي، سو
تصنع جي ڪري گهڻو بي اثر ۽ اڻ وڻندڙ هوندو آهي. پر
شاهه جو ڪمال آهي ته هو لفظن جي صنعت گري ۾ به بي
مثال آهي ۽ معنيٰ جي جدت ۽ اثر آفريني ۾ به پنهنجو
مٽ پاڻ آهي. سندس ڪلام جي اها صنعت ڪلام جي معنائن
۾ وڌيڪ سونهن پيدا ڪري ٿي. شاهه تمام ٿورن شاعرن
مان هڪ آهي، جيڪي شاعريءَ کي معنائن جي اعتبار کان
اوج تي پهچائين ٿا ۽ لفظي ڪاريگري سان پنهنجي
شاعري کي سينگاري شاعريءَ جو بهترين مٿال پيش ڪن
ٿا. لفظن جي تبديل سان ڪلام جي اثر کي وڌائي شاهه
ان ۾ هڪ اهڙي خاصيت پيدا ڪري ٿو جو ٻڌندڙن ۽
پڙهندرن کي برزبان ياد ٿيو وڃن. لفظ شاهه جي ڪلام
۾ رڳو معنيٰ جي بيانن جي عام ذريعو ڪونهي، پر
معنائن جي خوبي ۽ اونهائي ۽ ڪمال جي درجي تي
پهچائڻ ۾ به شاهه کي مهارت حاصل آهي. سنڌي
شاعريءَ کي اهڙي منزل ۽ اهڙي اوج تي پهچائڻ وارو
رڳو شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. اهڙيون ظاهري ۽
باطني خوبيون شاهه جي ڪلام کي مڪمل ۽ پختو بڻائي
شاعري کي بقول فارسي جي مشهور استاد شاعر آذري جي
”چيزي دگر“ ڪيو ڇڏين.
مبين بکسان که اشعارِ اين قوم
ورائي شاعري چيزي دگر هست.
يعني ته وڏن شاعرن کي ننڍن شاعرن جي ڀيٽ ۾ نه آڻ، ڇو جو هن قوم
(يعني وڏن شاعرن) جي شاعري ۾ ڪا ڳالهه شاعريءَ کان
به مٿي هوندي آهي. شاهه جي شاعري انهيءَ ”جيزي
دگر“ واري مٿاهين شاعري آهي. اهڙي شاعري ٻڌندڙ جي
دل تي ترت اثر ڪري ٿي. اهڙي پختي ۽ مڪمل ڪلام ۾
غلطي ۽ چُڪ ۽ ڪمزوريءَ جو امڪان به تمام گهٽ هوندو
آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪا ڪمزوري نظر به اچي ته گهڻو
ڪري ڪلام گڏ ڪندر ۽ نقل نويسن کي وڌيڪ ذميدار
سمجهڻ گهرجي. مثال طور شاهه جو هڪ مشهور بيت پيش
ڪجي ٿو.
ڏوريان ڏوريان ۾َ لهان، شال م ملان ”هوت“
من اندر جا ”لوچ“ متان ملڻ سان ماٺي ٿئي.
ڳالهه پڌري آهي. شاهه جهرو شاعر ”لوچ“ ۽ ”هوت“ کي قافيو ڪري
ڪڏهن به پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب نه آڻيندو، ڇو جو هو فن
جي معيار تي پورو ۽ پختو شاعر آهي. اڪثر شاهه جي
شارخن انهيءَ مثال کي شاهه جي آزاد خيالي ۽ فن سان
بي پرواهي سمجهيو ۽ ظاهر ڪيو آهي. پر اهڙي بي
خبريءَ کي شاهه سان منسوب ڪرڻ مناسب نه آهي. اهو
بيت صاف صاف ڪتابن جي مهربانيءَ جو شڪار ٿيندو
رهيو آهي، جن ان جي هيءَ شڪل ٺاهي ڇڏي آهي. انهيءَ
بيت جي اصل صورت کي سمجهڻ کان اڳ ضروري آهي ته
شاهه جي بيت جي فن تي ڌيان ڏيون. شاهه جي خصوصيت
آهي ته پاڻ پنهنجن بيتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي لفظ کي
ڦيرائي ٻيو بيت ٺاهي ڇڏيندو آهي. جيئن:
مون اُ ڀي تڙ ”وٽ“ پرينءَ پڳهه ڇوڙيا
ڪا مونهين ۾ ”گهٽ“، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
ـــ
مون اڀي تڙ ”جهل“، پرين پڳهه ڇوڙيا
ڪا مونهين ۾ ”ال“ پرين سٻاجهو گهڻو.
يا وري هڪ ٻئي سلسلي جي بيتن ۾ ڏسو:
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ”خان“
مٽي ان ”مڪان“، اصل هئي ايتري.
ـــ
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ”خام“
مٽي ان ”مقام“، اصل هئي ايتري.
شاهه جي ڪلام ۾ ”قطار البعير“ جا بيت شاهه صاحب وٽ تمام وڏي
تعداد ۾ آهن، پر هو انهن جو سلسلو ڊگهو نه ٿو
هلائي. انجي ڪلام ۾ جيڪي سڀ کان سهڻا لفظي صنعت جا
سلسليوار اهڙا بيت آهن، جن کي آءٌ قطار البعير نه
پر سلسلة الذهب يا سون جي زنجير جي نالي سان منسوب
ٿو ڪريان. ڪجهه لفظي ڪمال جا سلسلا اڳتي پيش ڪيا
ويا آهن. سلسلة الذهب وارن بيتن جو هڪڙو سلسلو هي
به آهي.
وهه تنين سين وهڻي ويهي جي ڄاڻن
متان ساڻ ٻين ويهي ور وڃائين.
ـــ
هل تنئين سين هلڻي، هلي جي ڄاڻن
متان ساڻ ٻين، هلي هور پرائيين.
ـــ
کِل تن سين کلڻي، کلي جي ڄاڻن
متان ساڻ ٻين، کلي کر وڃائيين.
ــــ
رو تنين سين روئڻي، روئي جي ڄاڻن
متان سڻ ٻين، روئي رت وهائِيين.
اهڙا بيت ٻيا به ڪيترائي ملي سگهندا. مٿي ڄاڻايل ”هوت“ ۽ ”بلوچ“
قافين واري بيت جو نمونو به اهڙوئي آهي. اصل هڪ
لفظ کي بدلائي شاهه به بيت ٺاهيا هئا، پر ڪاتب
سڳوري جي مهرباني يا رواين جي ڀل سبب ٻن بيتن جو
هڪ بيت رسالن ۾ نقل ٿيو ۽ اها غلطي ٿيندي رهي.
شاهه جو اصل بيت هن ريت هو:
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان ”هوت“
من اندر جا ”اوت“ متان ملڻ سان ماٺي ٿئي.
مرهيات ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي هڪ مضمون ۾ انهيءَ بيت کي
اهڙيءَ طرح لکيو آهي. هاڻي شاهه جي هڪڙي لفظ جي
ڦيرائڻ سان ٻيو بيت ٺاهڻ جي فن کي نظر ۾ رکندي
ڏسبو ته ٻيو بيت ائين ٺهندو. (ڇو جو ”لوچ“ قافيو
اڳئين بيت ۾ موجود آهي.)
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان ”بلوچ“
من اندر جا ”لوچ“ متان ملڻ سان ماٺي ٿئي.
هاڻي ڳالهه پڌري آهي. جنهن نموني ۾ بيت رسالن ۾ آيل آهي، سو
ڪنهن ڪاتب يا راوي جو ڪمال آهي، جنهن کي ٻن بيتن
جي بدران هڪڙو بيت ياد رهجي ويو ۽ ٻنهي بيتن ۾ جدا
بيت جو قافيو ان جو ثبوت آهي جو رسالن ۾ هلندو
رهيو. زباني روايت ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي. ويسارو
انسان جي فطرت آهي.
شاهه جي ڪلام جي زباني روايت جو سلسلو ان ڪري شروع ٿيو جو شاهه
صاحب پنهنجي ٻُڌل ۽ صحيح ڪرايل رسالي کي ڪراڙ ڍنڍ
۾ اڇلائي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي مضمون
۾ اهڙي روايت کي درست سمجهي نقل ڪيو آهي. ان کان
پوءِ شاهه جو ڪلام جنهن رسالي ۾ صحيح نقل ٿيو هو،
اهو هڪ ٻي روايت مطابق تمر فقير وٽ هو جيڪو هو پاڻ
سان کڻي ويو هو. اهو سڀني کان معتبر رسالو ڪٿي گم
ٿي ويو. چون ٿا ته انکان پوءِ ٻين سڀني کان معتبر
۽ صحيح رسالو بلڙي وارو نسخو هو، جنهن کي ڊاڪٽر
گربخشاڻي پنهنجي رسالي جي ترتيب ۾ سڀ کان اهم
سمجهي پڙهڻين جي درستيءَ لاءِ ڪم آندو هو، اهو
رسالو به انهيءَ زماني ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. هينئر سڀ
کان معتبر رسالو شايد گنج ۽ مُلــّـي نعمت جو
رسالو آهي، جنهن کي مٿي ذڪر ڪيل رسالن کان پوءِ
ڪنهن حد تائين معتبر سمجهي سگهجي ٿو. انڪري ضروري
هو ته شاهه جي رسالي جو هڪ معتبر ۽ صحيح نسخو جنهن
کي معياري رسالو سمجهيو وڃي، تيار ٿئي. انهيءَ اهم
۽ ڏکئي ڪم کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ذمي
کنيو ۽ وڏا ڪشالا ڪري هڪ اهرو رسالو تيار ڪيو آهي،
جيڪو اڃا اشاعت جي مرحلي ۾ ان جي اشاعت کان پوءِ
هڪ وڏي ضرورت پوري ٿي ويندي.
ڳالهه شاهه جي سرمي واري بيت جي هئي، جنهن ۾ شاهه رنگن جو تعبير
ڪيو آهي. شاهه سرمي کي ڪارو، ڳاڙهو ۽ سفيد ٻڌائي
چوي ٿو ته محبوب جي اکين جي سونهن ڪاري سرمي کي به
پنهنجي سونهن سان ملائي سونهارو ڪري ڇڏي ٿي. سرخ
سرمون دنيا جي رنگيني ۾ ريٽي جهڙي رنگن جو اضافو
ڪري ٿو ۽ محبوب جي سونهن جي رنگينيءَ سان هر شيءِ
کي سونهارو بنائي محبوب جي حُسن جو جلوو ڏيکاري
ٿو. پر سفيد سرمي جي ڪهڙي صفت ڪجي جو ان سان اکين
۾ اهڙي خاصيت پيدا ٿئي ٿي جو سڄي عالم ۾ اڇائي کان
سواءِ ڪجهه نظر ئي نٿو اچي. مطلب ته انهيءَ سرمي
جي اثر سان ماڻهو خوبيون ئي ڏسي ٿو ۽ نه عيب.
ٻولي تي پوري قدرت ۽ اختيار کان سواءِ اهڙا بيت وجود ۾ اچي نه
ٿا سگهن، جيڪي اعليٰ ۽ ڏکئي مضمون کي سولو ۽ صاف
ڪري اهڙي انداز ۾ بيان ڪن ته جيئن هر خاص ۽ عام ان
مان خوشي ۽ بصيرت حاصل ڪري. هينئر سسئي جي داستان
منجهان هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ شاعري ۽ شعر جي
فن جو ڪمال نظر اچي ٿو. پنهونءَ جي ڳولا ۾ سسئي
جهنگ جبل جهاڳي رهي آهي. ان جو جسم ٿڪجي چور ٿي
ويو، جبلن جو پنڌ آهي ۽ شام جو وقت سج لهڻ وارو
آهي ۽ سسئي تنها آهي ۽ بي يارو مددگار هو محسوس
پئي ڪري ڄڻ ته هو ويرين جي گهيري ۾ آهي جو چوڌاري
ان جي مخالفت ڪري ان جي راهه روڪي بيٺا آهن سسئي
جي اهڙي حالت بيان ڪندي شاهه جو تخيل ۽ زورِ بيان
اوج ڪمال تي پهچي ٿو ۽ سسئي جي زباني هوءَ انهن
ستن ويرين جو بيان ڪري ٿي. شاهه جي رسالي جو هي
بيت سنڌي شاعريءَ جي ڪمال جو ثبوت فراهم ڪري ٿو.
اُٺ ويري، اوٺاري ويري، ويري ٿيڙم ڏير
چوٿون ويري واءُ ٿيو جنهن لٽيا پنهونءَ پير
پنجون ويري سج ٿيو جنهن الهي ڪي اوير
ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سنوان ڪيا نه سر
ستون ويري چنڊ ٿيو، جو کڙيو نه وڏي وير
واهيريءَ جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.
پر زباني روايت جي ڪري شاهه جي رسالي جي ڪن بيتن ۾ اهڙي تبديلي
ٿي وئي آهي جنهن کي بعض اوقات ٻي زباني روايت سان
درست ڪري سگهجي ٿو. هي ڪم وڏي ذميداري جو ۽ ڏکيو
آهي ۽ ان مان صحيح نتيجا ڪڍڻ لاءِ شاهه جي ڪلام جي
ماهرن جي ضرورت آهي. هتي رڳو هڪڙو مثال پيش ڪرڻ
ڪافي آهي. انهن بيتن ۾ لفظي ڪاريگري ۽ جوڙجڪ جو
ڪمال به آهي ۽ انهن مان شاهه جي فن جي اپٽار به
ٿئي ٿي:
گهڙو ڀڳو منڌ مُئي وسيلا وياس
پئي مُنهن مهراڻ جي واڳن وات وڌاس
ساهڙ سُڌ لڌياس، ثابت لنگهي سير مان
ـــ
گهڙو ڀڳو مُنڌ مُئي وسيلا ويا
تهان پوءِ سئا، سهڻي سڏ ميهار جا
ــــ
گهڙو ڀڳو مُنڌ مئي ويا وسيلا
سائر ڇڏيائين سير ۾ هي رهيا حيلا
سهڻي جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا
هڪڙي عرس جي موقعي تي ڪنهن پوڙهي ڳائڻي ٻئي بيت جي پهرينءَ سٽ
کي ٿوري هيرڦير سان ڳايو. لفظن تي غور ڪرڻ سان ۽
شاهه جي هڪڙي يا ڪن لفظن جي ردوبدل سان بيت ٺاهڻ
جي ٽيڪنيڪ تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته پوڙهي
ڳائڻي کي جهڙي روايت پهتي آهي، ان مان شاهه جو
انداز چٽي نموني ۾ نظر ٿو اچي. ٻيو بيت ڳائڻي هن
ريت ٻڌايو آهي.:
گهڙو ڀڳو منڌ مئي وس حيلا ويا
تهان پوءِ سئا، سهڻي سڏ ميهار جا
شاهه صاحب تئين بيت ۾ ”هيلا“ جو لفظ ڪتب آندو آهي، ان ڪري وسيلا
۽ وس حيلا به شاهه جي انداز سان پوري مطابقت رکي
ٿيو. هاڻي هيءَ ماهرن ۽ شاهه جي محققن جو ڪم آهي
ته اهڙين اختلافي پڙهڻين تي غور ڪري پنهنجو فيصلو
ڏين.
شاهه صاحب جي ڪلام جي شاعرانه خوبين جي بيان جو هي موقعو ڪونهي.
هاڻي اسين شاهه جي بيتن ۾ شاهه جي فن جي اپٽار جو
بيان ختم ڪريون ٿا ۽ شاعرانه خوبين جو بيان ڪنهن
ٻئي موقعي تي ڪنداسين. هتي ڳالهه ٻولهه ٻوليءَ تي
قدرت ۽ لفظي خوبين جي ماهرانه استعمال جي آهي،
جنهن تمام مختصر نموني ۾ پيش ڪيون ويون. آخر ۾
شاهه جي رسالي برٽش ميوزم واري نسخي منجهان (جو ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ايڊٽ ڪري پڌرو ڪرايو آهي) لفظي خوبين جي بيتن جي
سلسلن جي فهرست ڏني وڃي ٿي، ان ۾ ڪن ٻين رسالن مان
به بيتن جون پهريون سٽون چونڊيون ويون آهن، پر هي
فهرست مڪمل ڪونهي. جن صاحبن کي اهڙن بيتن جي مڪمل
فهرست ڏسڻي ۽ ٺاهڻي هجي، انهن کي گهرجي ته ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه جي رسالي
جي ترتيب“ ۾ مختلف رسالن ۾ آيل مختلف داستانن جي
بيتن جي سٽن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهن ٿا يا هن
فهرست کي مڪمل ڪري سگهن ٿا. بيتن جي فن جي بيان کي
هينئر اسين لفظي خوبين وارن بيتن جي هڪ فهرست تي
ختم ٿا ڪريون. جنهن سان شاهه جو فن تي عبور ظاهر
ٿيندو.
هڪجهڙن لفظن سان شروع ٿيندڙ بيت:
سر سسئي
پرترو پنهون جو
4- بيت
آءٌ اورانهون سپرين 5- بيت
ولاڙيو وئين چڙهي 7- بيت
آتڻ اورانگهي
4- بيت
هلندي هاڙي مڻين
3- بيت
لڙ ۾ لاڙائو ٿيو
2- بيت
ڪيچان آيو قافلو
3- بيت
مهد محتاجي ڪري 2- بيت
هوڙين هاڙهو لنگهيو 3- بيت
وه م منڌ ڀنڀور ۾
2- بيت
متان مئي ڇڏيين
2- بيت
هل هئين سين هوت ڏي 4- بيت
اکيون آريءَ ڄام جون 2- بيت
پهرا واءُ وڙن سين
2- بيت
ڪنهن پر روئان پرين 4- بيت
ڏکيءَ سنديون ڏونگرين
3- بيت
آءٌ نه گڏي پرينءَ سين 7- بيت
فردا مون ڦٽي ڪئي 4- بيت
آءٌ پورئين شال مَ ملين
3- بيت
اوءِ تان اوٺي نه ڪيو 2- بيت
اڌر نڌر آڀري
3- بيت
مر ته مرين سسئي
3- بيت
وارو مون وڻراهه
3- بيت
نيڻ نهارا مون ڪيا 6- بيت
ٻاروچا ٻيا به گهڻا
2- بيت
سر سهڻي
پاڻ کڻج پاڻ سين
5- بيت
ساهڙ ڌاران سهڻي
5- بيت
سر پورب ۽ رامڪلي
ڪن ڪورايين ڪاپڙي 2-
بيت
پوڄا ڪر مَ پاڻ کي
3- بيت
جا گُر ڏني گودڙي
2- بيت
جوڳي آهي جوءِ ۾
2- بيت
وهلو ور وريا پرين
2- بيت
گنجگا ڀيٽي گومتي
2- بيت
ڳالهيون ڪري ڳجهيون
2- بيت
جي ڀائين جوڳي ٿيان
5- بيت
سامي ٿئين سک طلبين
5- يبت
نه گدا نه گيري
2- بيت
جوءِ جيڏانهن جوڳيين
3- بيت
ما مون جوڙ کي
3- بيت
ويراڳي داد رسين
2- بيت
رام جنين جي روح سين
2- بيت
سڀيئي سونهان ٿيا
2- بيت
سر ڪاموڏ
تون سمون آءٌ گندري
4- بيت
گند جنينءَ جي گوڏ ۾
2- بيت
تون تماچي تڙ ڌڻي
3- بيت
نه وڍي نه وڪڻي
3- بيت
سر ڪارايل
ويٺو جنين ورسين
3- بيت
ڪسر ڪنگن قبرون
سر يمن ۽ ڪلياڻ
اصل عاشقن
2- بيت
ودره جي وڍيا
3- بيت
صوفي...
3- بيت
کمي کمي نهاريان
2- بيت
ويڄن سين ورائي
2- بيت
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا
3- بيت
ويٺي جيئن وٽ
2- بيت
هيء هيء وهي ساڻ
عاشق معشوق سان 6- بيت
سر سريراڳ
اصل اساڏي ٻئي
2- بيت
سر سامونڊي
پڳهه پاسي...
2- بيت
سر کنڀات
ڳل ڳانا ياقوت جا
3- بيت
تارا تيلي روئي سان 2- بيت
ناسيندي...
3- بيت
رات سهائي ڀون سنئين 4-
بيت
سر بروو
جي هوءَ پائين ڪان ڪمان
3- بيت
جڏاه ڪر...
2- بيت
او قابيل اکين سين
2- بيت
سر سورٺ
تو در آيو راجا
3- بيت
سورٺ مئي سک ٿيو
2- بيت
سر کاهوڙي
مون سي ڏٺا
2- بيت
مون کاهوڙي لکيا
2- بيت
جهنگل آهيڙيءَ کي
4- بيت
سر رپ
نيهه نهائين ساڻ
2- بيت
سر ليلان
چنيسر...
3- بيت
چئين چنيسر ڄام سين
3- بيت
مڻيو وجهان مچ ۾
2- بيت
سر گهاتو
ڪاتان مون مڇ نه موٽيو
مون در وڏي سان
4- بيت
سر ڌناسري
پنبڻيون پير ڪري
2- بيت
لڳو ٿو لهرون ڪري
2- بيت
مُنهن سنڀاري سامهان
2- بيت
جان آسائو آهيين
2- بيت
سر مارئي
جہ
سي لوڙائو ٿيان
2- بيت
سونهن وڃايم سومرا
10- بيت
پنهارن پاٻوهيو
3- بيت
سنهي سئي سبيو
2- بيت
سون برابر سڳڙا
2- بيت
سڌر سلامي ٿيان
2- بيت
مينڍا ڌوءِ مارئي
2- بيت
هن مند مارو سنرا
3- بيت
عمر ماروئڙن جا
2- بيت
پانڌي پرين پنهار
3- بيت
ساهرين سارين
2- بيت
جي وڍي وڻ جدا ڪيا
2- بيت
سر بلاول
وڳنڌ...
7- بيت
داتا سندي در تي
2- بيت
سر آسا
حوصلو حيرت جو
3- بيت
طالب ڪسر سونهن سر
6- بيت
پاڻ پروڙيان کي
2- بيت
ديکيندي ديدار
2- بيت
سر مون...
3- بيت
سر مومل راڻو
ڪنڌ م ڦيرج ڪڏهن
2- بيت
ڪاڪ ڪڙهي وڻ وند
2- بيت
رُس مَ رسڻ گهوريو
2- بيت
سوڍا مير تنهجو
8- بيت
ڍولي ڍڪي آهيان
3- بيت
راڻي جي رهاڻ
2-+ بيت
ڪيڏانهن ڪاهيا ڪرهو
2- بيت
سر سارنگ
مند ٿو منڊل ڪري
3- بيت
سر ڪيڏارو
سختي شهادت جي
2- بيت
ڪربلا جي پڙ ۾
2- بيت
ڀڃي آئين ڀڃڻان
2- بيت
پنڌ نه پائي لهي ـــ سان شروع ٿيندڙ
۽ ختم ٿيندڙ.
2- بيت
”پر در تان پري ٿيان“
لفظن سان شروع ۽ ختم ٿيندر
2- بت
”ڀنڀور ۾“ لفظن سان شروع ٿيندڙ 3- بيت
”آءٌ نه جيئندي ان ريءَ“
لفظن سان ختم ٿيندڙ
42- بيت
قطار البعيريا سلسلة الذهب
واري سلسلي جا بيت ڪارايل
13- بيت
پورب ۽ رامڪلي ۾
16 بيت
جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ فهرست اڻپوري آهي، ان کان
وڌيڪ بيت رسالي ۾ آهن پر اسان جو مقصد مڪمل فهرست
مرتب ڪرڻ نه هو. رڳو هي ٻڌائڻو هو ته اهڙن بيتن جي
رسالي ۾ ڪا گهٽتائي ڪونهي، ڇو جو لفظي جوڙجڪ شاهه
جو خاص فن آهي.
ٿي سگهي ٿو ته ان مٿي لکيل بيتن ۾ شاهه کان سواءِ ڪن ٻين شاعرن
جا بيت به اچي ويا هجن، ڇو جو رسالي ۾ ٻين شاعرن
جو ڪلام به موجود آهي. پر اهڙو ڪلام تمام گهٽ
هوندو. زياده تعداد ۾ شاهه جا آهن، جن مان فنِ
شاعري ۾ شاهه جي مهارت ۽ ان جي فن جي اُپٽار ٿئي
ٿي.
|