سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (4)

 

صفحو :12

برف جي سر

انيس انصاري

 

هُو طبعتاً ضدي هو. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ احساس محروميءَ جو وڏو حصو هجي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جا اٺ سال گذاريا هئا. پيءُ جي محبت ته کيس ملي پر محروم رهيو ته ماءُ جي مامتا کان. پاڻ کي ازلي چنڊو چوندو هو. ماٽيل ماڻس محبت جي حرف کان ته واقف ڪانه هئي، پر مصيبت اها هئي جو کيس نفرت ڪرڻ به ڪين ايندي هئي. محبت ۽ نفرت نسبتي جذبا آهن. محبت ته محبت ئي آهي، پر نفرت ۾ به ان جي جهلڪ نظر اچڻ لڳندي آهي. نفرت ڪرڻ سان ڪنهن جي وجدو جو اقرار ته ٿي سگهي ٿو. زرينه لاءِ شفيق جو هجڻ نه هجڻ هڪجهڙو هو. شفيق جو پيءُ جاويد نوڪريءَ سانگي ٻاهر هوندو هو، پر مهيني ڏيڍ بعد جو هڪ ٻه ڏينهن ايندو هو ته ان ۾ پٽ سان خوب محبت ونڊيندو هو. ان جي وڃڻ بعد شفيق ساڳي بي توجهيءَ جو شڪار بڻيو هو. پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪائڻ لاءِ هو ڪي اهڙيون حرڪتون به ڪندو هو جو هوند سڳي ماءُ جي سهڻ کان به ٻاهر هجن. اهڙين حرڪتن تي عام حالتن ۾ ٻار جي چڱي ڪن مهٽ ٿئي، پر زرينه انهن کي اهڙيءَ طرح نظرانداز ڪري ڇڏيندي هئي جو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. اها ڳالهه شفيق جي ڪچڙي دماغ تي ڏاڍو برو اثر ڇڏيندي هئي.

شفيق ٻارن کي مائرن هٿان محبت ڪندي يا مار کائيندي ڏٺو هو. گهر ۾ کيس اهي ٻئي شيون نصيب ڪونه هيون. ٿورو وڏو ٿيڻ بعد هن زرينه جي توجهه ڇڪائڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪرڻ شروع ڪيا. ڪڏهن گپ ڀريل بوٽن سان هو قيمتي قالين تي گهمندو هو ته ڪڏهن ڄاڻي واڻي کاڌي واري ميز جي بي داغ سفيد چادر تي ٻوڙ يا ڪي ٻي چيز هاري ان کي داغدار ڪندو هو يا وري ڪڏهن ڪڏهن (پيءُ جي غير حاضريءَ ۾) قيمتي چيني جي سيٽ جي ڪنهن نه ڪنهن پيس (Piecc) کي فرش تي اڇلائي نتيجي سهڻ لاءِ تيار ٿي بيهندو هو، پر اڳيان ڪنهن قسم جو اثر قبول نه ڪرڻ کي محسوس ڪندي هن چاهيو پي ته هو اهڙو ڪجهه ڪري گذري جو زرينه جي محبت يا نفرت جو نه پر رڳو توجهه جو مرڪز ٿي سگهي.

هاڻي هو ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳو هو. هن اتي اهي سڀ حرڪتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، جن کيس غنڊي جي لقب سان ڪاليج ۾ مشهور ڪيو. اها غنڊائپ رڳو ڪاليج تائين محدود به ڪانه هئي.

هڪ ڏينهن شفيق شهباز ريسٽوران ۾ وڃي رهيو هو ته ان جي نظر هم ڪلاس جميل تي وڃي پيئي جو رستي تان وڃي رهيو هو. هن کيس سڏ ڪيو ۽ ٻئي ريسٽوران ۾ هڪ خالي ٽيبل تي وڃي بيٺا. جميل کي بخيل ڏسي شفيق کانئس ان جو سبب پڇيو.

”وڏي مصيبت ۾ گرفتار آهيان يار!“

”آخر آهي ڇا؟“

”پيسا وڃائي ويٺو آهيان.“

”ڪيترا ۽ ڪيئن؟“

”ٽرم جي في، خرچي، بجلي ۽ گئس جي بلن جا پيسا هئا. بس ۾ ڪري پيا يا ڪنهن ڪڍي ورتا. هتي لٿس. کيسي ۾ هٿ هڻان ته ٻٽون ڪونه هو.“

”آخري دفعو ٻٽون تو وٽ ڪٿي هو؟“

”لياقت آباد اسٽاپ نمبر 10 تي، جتي ٽڪيٽ وٺندي مٿان هٿ لائي تصديق ڪئي هيم ته ٻٽون اندرين کيسي ۾ موجود هو.“

ايتري ۾ بيرو اچي ويو. شفيق ان کي هڪ ڪولڊ ڪافي آڻڻ لاءِ چيو. کيسي مان ڏهن رپين جو نوٽ ڪڍي بيري کي ڏيندي چيائين، ”بل هن مان ڪٽجانءِ. هي منهنجو دوست هتي ويٺو هوندو جيسين مان اچان.“

’جيسين مان اچان‘ اکر ڪجهه شدت سان چيائين. بيري کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. ڪنڌ لوڏي هائو ڪيائين ۽ هڪ سيلوٽ ڪري هليو ويو.

وڃڻ وقت شفيق جميل کي دلاسو ڏنو، ”فڪر نه ڪر يار پيسا ملي پوندا. نه مليا ته به بندوبست ڪري وٺبو.“

اڌ ڪلاڪ بعد شفيق مسڪرائيندو اچي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ بيري کي کائڻ جي ڪن چيزن جو آرڊر ڏنائين. بيري پٺي ڏني ته شفيق ٻٽون کڻي جميل جي اڳيان رکيو. چيائنيس، ”ڏس، ڪجهه کٽل ته نه آهي.“

سڀڪجهه صحيح سلامت هو. بل جا پيسا شفيق ادا ڪيا.

شفيق باوجود طبيعت جي سختيءَ جي يارن جو يار هو. تنهن هوندي به ڪو شاگرد، ڪا شاگردياڻي يا ڪو استاد ڪاليج ۾ ڪونه هو، جنهن کي شفيق لاءِ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي شڪايت نه هجي. سندس ڀرم تڏهن ڀڳو، جڏهن شاهو ڍڳو ڪاليجن مان لوڌجي سفارش سان اچي ساڳي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جنهن ۾ شفيق پڙهندو هو. ڪجهه ڏينهن ته هو هڪ ٻئي کي شوڪي نهاريندا هئا. آخر اهو ڏينهن به آيو جو ٻئي ڄڻا وڃي هٿين بجين پيا. هڪ ٻئي جي خوب لاک لاٿائون، پر خير ڪرائڻ وارا وچ ۾ پيا ۽ شام جو پنهنجي مفاد جي خاطر پنهنجي خرچ تي ٻنهي جي چانهه پارٽي ڪري ٻنهي جو ٺاهه ڪرائي ڇڏيائون. ٺاهه ته ٿيو پر اڃا اهو مسئلو حل ڪونه ٿيو ته ڪاليج جو وڏو غنڊو ڪير هو!

ڪاليج فنڪشن ٿيڻ وارا هئا. گهڻين دلين جي ڌڙڪن نوري پاڻ شفيق وٽ ڪئنٽين ۾ اچي ويٺي. مسڪرائيندي کيس چيائين، ”چانهه به نه پياريندين ڇا؟“

اها پهرين مسڪراهٽ (سچي يا ڪوڙي) هئي جا شفيق ڪنهن عورت کان پنهنجي لاءِ محسوس ڪئي هئي.

چانهه سان گڏ ڪجهه نمڪين ۽ ڪجهه مٺو به هو. نوريءَ آخر مقصد جي ڳالهه شروع ڪئي. چيائين، ”شفيق! ڪاليج فنڪشن ٿيڻ وارا آهن. توکي پتو آهي ته مان ڪاليج يونين جي عهديدار آهيان. يونين چاهي ٿي ته فنڪشن ۾ ڪو گوڙشور يا بدتميزي نه ٿئي. پر شاهه محمد (شاهو ڍڳو) چوائي موڪليو آهي ته هو ڪنهن به نموني فنڪشن ٿيڻ نه ڏيندو. هو اوهان جو دوست آهي. مان ان لاءِ آئي آهيان ته کيس سمجهايو ته هو اسان جو، جو سندس پڻ آهي، فنڪشن خراب نه ڪري.“

”ڪير ٿيندو آهي شاهه محمد جو فنڪشن ٿيڻ نه ڏيندو؟“ شفيق رڙ ڪري چيو.

اتفاق سان شاهو ڍڳو به ان وقت ڪئنٽين جي در وٽ موجود هو، جنهن وقت شفيق اهي لفظ چيا.

”ڪهڙو آهي اهو رڍ جو پٽ جو منهنجي مخالفت ڪندو؟“ شاهو رنڀ ڪئي.

ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي ويو. ڪئنٽين جو سامان ڀڄڻ لڳو. ٿوري وقت بعد ڪئنٽين جي فرش تي رت ۾ وهنتل شفيق جو جسم پيل هو.

هو اڌ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ئي هو جو دانهن ٻڌائين، ”ڪٿي آهي منهنجو پٽ شفيق؟“

شفيق جي چهري تي درد جي شدت کان جيڪي ليڪون اڀري آيون هيون سي مسڪراهٽ ۾ تبديل ٿي ويون. ان بعد کيس هوش نه رهيو.

هوش ۾ ان وقت آيو، جڏهن سندس نرڙ تي ٻه قطرا ڪريا. اکيون کولي ڏٺائين. اسپتال ۾ سندس مٿي کان زرينه ويٺي هئي، جنهن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙهي رهيا هئا.

زخم ڀرجي چڪو هو، زرينه شفيق جي لاءِ اهو ساڳيو پٿر بڻجي چڪي هئي، جنهن جي زندگي ڀر جي پوڄا بعد نه ”جيءَ“ جي اميد هئي ۽ نه ”ڦوٽ“ جي.

شاديءَ کان ٻارهن سال گذري ويا هئا، پر زرينه جي هنج ڪانه ڀري هئي. جاويد کيس شهر جي زناني علاج جي بهترين ماهر ڊاڪٽر رفيعه وٽ چڪاس لاءِ وٺي ويو. ان جدا جدا چڪاسن ۽ رپوٽن ڏسڻ بعد فيصلو ڏنو ته زرينه ۾ هارمون جي ڪمي هئي، ان ڪري منجهس ماءُ بڻجڻ جون صلاحيتون في الحال نظر ڪين پئي آيون. البت ڪنهن عضوي خراب نه هئڻ ڪري ڪڏهن به ٻار پيدا ٿي پئي سگهيو. هن ڪجهه دوائون لکي ڏنيون، جي لڳاتار ڪي سال کائڻيون هيون.

هاڻي جاويد کي به احساس ٿيو هو ته زرينه ۾ ڇو محبت جي گرمي موجود ڪانه هئي. هوءَ هڪ برف جي سر هئي ٿڌي ۽ بي حس.

ٻه سال ٻيا به گذري ويا. هاڻي شفيق يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. پتو نه آهي ڇو منجهانس سختي ۽ شرارت بالڪل گم ٿي وئي هئي. شايد حالتن سان هن سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

هڪ ڏينهن اخبار ۾ يونيورسٽيءَ جي ٻن مخالف ڌرين جي وچ ۾ چاقو هلڻ جو ذڪر ڇپيو. ان ۾ ڪجهه فوٽو به هئا ۽ رفيق نالي هڪ شاگرد جي شديد خمي هئڻ جو ذڪر پڻ  هو. اخبار زرينه جي هٿن مان ڇڏائجي ويئي زوردار رڙ رڪي چيائين، ”پٽ شفيق“ هوءَ اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي. جاويد جو موڪلڻ تي آيو هو، تنهن جو زرينه جون دانهون ٻڌيون ته ڀڄندو آيو ۽ زرينه کان دانهن جو سبب پڇڻ لڳو. هوءَ ڳالهائي نه سگهي، رڳو اخبار ڏانهن اشارو ڪيائين. جاويد اخبار کنئي، گهربل خبر جي سري پڙهڻ سان ئي کيس پريشاني وٺي وئي، پر جڏهن زخميلن جا نالا ۽ تصويرون ڏٺائين ته سندس چهري تان پريشانيءَ جون لهرون دور ٿي ويون. زرينه کي چيائين، ”زوري زخمين ۾ رفيق آهي ۽ نه شفيق. سندس فوٽو به اخبار ۾ ڏنل آهي.“

”نه جاويد نه، گاڏي ڪر ته يونيورسٽيءَ ٿا هلون.“ ”رستو خراب آهي. ڌاڙا ٿا لڳن ۽ ماڻهو ٿا اغوا ٿين.“ تون فڪر نه ڪر، هاڻي ٿا ٽيليفون تي حال معلوم ڪري وٺون.“ ”ڪنهن کي ٽيليفون ڪندين؟“ زرينه پڇيو.

هاسٽل ۾ ٽيليفون آهي. ان تي شفيق سان ڳالهايون ٿا.“

جيستائين ٽيليفون ملي، تيستائين زرينه پي ڳچ ڳاڙيا. ٽيليفون مليو، ماڻهن شفيق کي ڪمري مان سڏڻ ويو. زرينه باز وانگر جاويد جي هٿن مان ٽيليفون جهٽي ورتو.

پهرين ”هيلو“ تي زرينه درد ٻڏل پر اطمينان گاڏئين رڙ ڪئي، ”پٽ  شفيق“ ۽ ان سان گڏ بيهوش ٿي ڪري.

برف جي سر رجڻ لڳي هئي، جنهن مان مامتا جو دونهون نڪري زرينه جي دل کي محبت جي ماڻ سان ڀري رهيو هو.

 

 

 

آجهل هوا

رزاق مهر

 

نيري بس، ڊوڙي رهي آهي سڄي ڏينهن جي تپي ويل ڏامر جي روڊ مٿان ويهه منٽ اڳ جڏهن شهر جي حدن مان نڪري موڙ وٽان مُڙي هئي، تڏهن وشال آڪاش مٿان ڦهليل ميرانجهڙي ڳاڙهاڻ ڪنهن سڄاڻ چترڪارجي لڳاتار رنگن جهڙي ڏاڍي خوبصورت ۽ بي پناهه ڇڪ رکندڙ نظر اچي رهي هئي، ۽ تڏهن جمالياتي ذوق رکندڙ ماڻهو درين منجهان منهن ٻاهر ڪڍي ان فطرتي نظاري جي سونهن ۾ کوئجي ويا هئا.

پر هاڻ جڏهن ڌرتيءَ کان آسمان تائين مٽيءَ جا وڏا وڏا واچوڙا طوفاني شڪل اختيار ڪري چڪا آهن ــ ۽ سڄاڻ چترڪار جي خوبصورت رنگن جهڙي ميرانجهڙي ڳاڙهاڻ جڏهن ڌوڙ جي گهاٽن تهن وچ ۾ دٻجي سموري سندرتا وڃائي چڪي آهي، تڏهن بس ۾ ويٺل هرهڪ ماڻهو جي چهري تي بيزاري جهلڪڻ لڳي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو مٽيءَ جي چادر اوڙهيل ان گدلي گدلي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو وٺي ۽ وري ساڳيائي اڻوڻندڙ ڀاوَ منهن تي آڻي ڪپڙن ۽ انهن اندر پگهرجي ويل جسم مٿان مٽيءَ کي ڇنڊڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي ٿو. مٽيءَ کان بچڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو دريون بند ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري بس اندر سخت گهُٽ ۽ ٻوسٽ ڦهلجڻ لڳي آهي، ۽ ان گهُٽ کان بچڻ لاءِ ڪي ماڻهو درين کولڻ جي حق ۾ نظر اچن ٿا. جڏهن ته دريون بند ڪرڻ جي راءِ رکندڙ ڪجهه ماڻهن کي جسم تي چنبڙيل مٽيءَ کان ڏاڍي بڇان ٿي لڳي ۽ اهي دروين بند ڪرائڻ لاءِ هلڪو گوڙ ڪن ٿا.

بس اندر زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن. هرهڪ چاهي ٿو ته، ڪنهن نه ڪنهن نموني ان بور ڪندڙ سفر مان جلد نجات حاصل ڪري وٺي.

مين گيٽ جي لڳو لڳ ٻن ماڻهن جي ويهڻ واري سيٽ تي هڪ ناڪام فلمن جو فلاپ ايڪٽر ويٺل آهي. هن جي هٿ ۾ سستي معيار جو هڪ فلمي رسالو پڪڙيل آهي، جنهنجي هڪ صفحي کي هو بار بار ائين اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو آهي، جيئن ڪو کڙپيل دڪاندار ڪنهن نوٽ کي باريڪ بينيءَ سان ڏسي اهو اطمينان ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪٿي کيس نقلي نوٽ نه مليو هجي. ٺيڪ اهڙيءَ ريت هو به رسالي جي هر صفحي کي باربار اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو آهي، جنهن ۾ هن جي ايندڙ فلم متعلق هڪ، ٻن انچن جيتري غير اهم خبر لڳل آهي. هن جي ذهن جي اسڪرين تي هڪ ڊائمنڊ جوبلي فلم هلي رهي آهي، جنهن اندر ملڪ جي سپرهٽ اداڪارن وچ ۾ هو لازوال پرفارمنس ڏيندي فن جي بلندين کي ڇهندو ڏسي رهيو آهي. اوچتو هن جي روئڻ جو هڪ ڪلوزپ اسڪرين مٿان اڀرڻ لڳي ٿو ۽ هو خاص فلمي انداز ٺاهي، پنهنجي محبوبه کي ڏوراپو ڏئي ٿو. سندس کاڏي ۽ چپ ڏڪڻ لڳن ٿا. هن جو وات ’او‘ چوڻ جي انداز ۾ گول ٿي وڃي ٿو ۽ ٻن ڀرؤن جي وچ ۾ وڏي ليڪ اُڀري هن جي اندر جي المناڪ ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي ٿي ۽ انهيءَ لمحي هو زمان ۽ مڪان جون سموريون حدون اورانگهي هلندڙ بس ۾ ئي خاموش ايڪٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ٿو. هو بنهه روئڻ لڳي ٿو.

هن جي آڏو واري سيٽ مٿان کٿل کنڀن واري وايتي ڪڪڙ سان مشابهت رکندڙ هڪ پوڙهي عورت ويٺي آهي، جنهن جي ٿلهي منهن تان لڙڪندڙ ڳاڙهو ماس، سندس مالي خوشحاليءَ جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.

پوڙهي عورت جي اڳيان هڪ بي روزگار شاعر ويٺو آهي، جو دريءَ منجهان روڊ جي ڀرسان گذرندڙ هڪ عورت کي ڏسي رهيو آهي. جنهن جي مٿي تي جهنگ جي ڪاٺين جي ڀري رکيل آهي، هو لاڳتو عورت ڏانهن ئي ڏسندو رهي ٿو، جا اهڙي طوفان جي پرواهه ڪرڻ بنا رڻ ۾ اڪيلي وڃي رهي آهي، جنهن جي اوسي پاسي جي هر شيءِ ۾ اڪيلائيءَ جو شديد احساس سمايل آهي. ڏور ڏور تائين سڃ ئي سڃ ڦهليل آهي ۽ انهيءَ خوفناڪ سڃ ۾ ڪاٺين جي ڀريءَ جو بار کڻي زنده رهڻ جو جتن ڪري رهي آهي. شاعر هوا جي زور تي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ گم ٿيل عورت ڏانهن لاڳتو گهوريندو، هن جي حال، هن جي مستقبل تي لکڻ لاءِ اکيون پوري ڇڏي ٿو.

شاعر جي اڳيان واري سيٽ تي هڪ صحافي پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل وزني ڪيميرا ڏانهن ڏسي ٿو، جا بس جي ڌڏڪن ۾ هن جي جهول مٿان لڏي لمي رهي آهي. هو ڪيميرا جي چمڙي واريءَ پٽيءَ کي پنهنجي آڱرين تي ويڙهي وري کولي ٿو ڇڏي. هن جي انهيءَ عمل مان هن جي ذهني بيچينيءَ بکڻ لڳي ٿي. اوچتو هن جي نظر ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ مٿان ويٺل هڪ نهايت ئي بي ڊولي شخص ڏانهن وڃي ٿي، ته کن لاءِ هن کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو، پر اهو ڇرڪ هن کان غلط فهميءَ وچان نڪتو آهي. اهو بي ڊولو ۽ ٿلهو شخص هن جي اخبار جو ايڊيٽر قطعي نه آهي؛ جنهنجي چهري تي هن ڪڏهن به مرڪ جهڙي ڪنهن شيءِ کي ناهي ڏٺو ۽ جو هن مٿان ان ڪري ڪڏهن به مهربان ناهي رهيو جو سندس چوڻ موجب ’هو ڪم جو صحافي ناهي ــ‘ ۽ واقعي هن جي ايڊيٽر جو اهو چوڻ غلط به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو هيل تائين اهڙي ڪنهن به خبر هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، جنهن کي ’بينر هيڊ لائين‘ يا ’فرسٽ ليڊ اسٽوريءَ‘ جو درجو هجي، هن جو ايڊيٽر گهڻا ئي ڀيرا هن کي وارننگ ڏئي چڪو آهي ته هو پنهنجي ڪم مان کيس مطمئن ڪري نه ته ٻيءَ صورت ۾ هن جي جاءِ تي ڪنهن اهل شخص کي مقرر ڪيو ويندو. ’تڏهن هو ڇا ڪندو؟‘ ۽ اهڙين گهڙين ۾ هميشہ هو اداس ۽ پريشان ٿي ويندو آهي.

هاڻي ته سچ پچ هن کي پنهنجي پيشي کان نفرت ٿي وئي آهي. هو زندگيءَ ڀر خواب ئي ته ڏسندو رهيو آهي. سڀ خواب اڻ مڪمل، سڀ تصور ڀوائتي حقيقت ئي ته کڻي ٽٽا آهن. هن جي سامهون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ناڪامي ملي اٿس ۽ تڏهن ئي شايد امتحان ۾ فيل ٿيندڙ شاگرد واري بي دليائي واسو ڪري وئي آهي هن جي وجود ۾.

هاڻي هن کي انهن سڀني صحافين تي چڙ اچي رهي آهي، جيڪي هن جي منزل ڏانهن کنيل وکن ۾ هميشہ ڏاوَڻ بڻجي حائل ٿيندا رهيا آهن. چار ڏينهن اڳ جڏهن غيرملڪي سفير جي خوبصورت زال گم ٿي وئي هئي ۽ جڏهن ملڪ جي سڀني اخبارن ۾ ’اغوا‘ واري خبر ’فرسٽ ليڊ اسٽوري‘ ٿي لڳي هئي تڏهن هن کي الائجي ڇو يقين ٿي ويو هو ته ان غيرملڪي عورت جي واپسيءَ واري خبر هن جي هٿان ئي ’فليش ــ اپ‘ ٿيندي. هن جي ڪئميرا مان نڪتل تصويرون ملڪ جي وڏين وڏين اخبارن ۾ شايع ٿينديون ۽ تڏهن هن جي ايڊيٽر کي پنهنجي ان راءِ کي بدلائڻو پوندو ته ”هو ڪم جو صحافي ڪونهي.“

۽ ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ انٽيليجينس جي پگهاردار ملازم جيان ان عورت جي تلاش ۾ نڪري پيو هو. ٿاڻن کان آفيس، آفيس کان وري وڌايل سوشل ڪانٽئڪٽ ۾ گم ٿيڻ ۽ پريس ڪلب مان حاصل ڪيل راين ۽ اڳڪٿين جا تجزيا ڪرڻ، هن جو معمول بڻجي ويو هو.

۽ نيٺ اڄ هن ايڊيٽر جي نالي ۾ آيل ٽيليفون تان اها خبر رسيو ڪئي  هئي. اها ٽيليفون اغوا ڪندڙن طرفان ئي وئي هئي، جن رضاڪارانه طور ان عورت کي ڇڏڻ جي هام ڀري هئي. تڏهن جو ڪيئن نه تيزيءَ سان ڏسيل ان ويراني ۾ پهتو هو، جتي سفير جي خوبصورت زال هن جي زندگيءَ جي اهم خخبر بڻجڻ کان سواءِ ئي هلي وئي هئي. هو ڪيڏيون نه خوشيون کڻي اتي پهتو هو ۽ هن جون اهي خوشيون ڪيئن نه پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان مختصر عمر جون ثابت ٿيون هيون. هو ناڪامي ۽ مايوسيءَ جو هڪ سوال بڻجي رهجي ويو هو. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هن کان اڳ ئي ملڪ جي ڪافي اخبارن جا عيوضي پهتا هئا، جيڪي خبرون ٺاهي ۽ تصويرون وٺي هليا ويا هئا. هينئر ان هنڌ تي هاريل پاڻي، سگريٽن جا ٽوٽا ۽ ڪئميرا جا رنگبرنگي خالي کوکا ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. جيڪي ڄڻ ته ڪنهن شرارتي ٻار جيان هن جا ويچارا ڪڍڻ لڳا هئا؛ ۽ تڏهن هو سڌو ان بس ۾ اچي چڙهيو آهي، جا طوفان سبب ٻه ڀيرا روڊ تي ڪجهه لمحن لاءِ بيهي رهي آهي. طوفان جو زور ڪجهه ساعتن لاءِ جيئن ئي ٽٽي ٿو ته بس وري هلڻ لڳي ٿي.

هاڻي هن کي ور ور ڪري ايڊيٽر جا سخت جملا ياد اچڻ لڳن ٿا، جن ۾ هن جي تمام گهڻي بي عزتي ڪيل هوندي آهي. هو اندران ئي اندران غمن کان کاڄي رهيو آهي، ته ڪرڙيءَ جي پيٽ جهڙي چهري وارو ايڊيٽر هن کي لفظن ۾ تنبيهه ڪندو، ڪم چور چوندو، نااهل چوندو ۽ پوءِ هن کي خاموشيءَ سان ڪنڌ جهڪائي ٻاهر اچڻو پوندو.

هو سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو ايڊيٽر کي پنهنجي ڪم سان متاثر ڪري نه سگهيو ته هڪ ڏينهن ڪنهن بگڙيل ڪارٽون جهڙون چهرو کڻي هو ٻاهر نڪري ايندو. کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو. انهيءَ ڳالهه تي هن کي سخت رنج ٿيڻ لڳي ٿو. ڪجهه لمحن لاءِ هو پنهنجي پويان ويٺل شخص ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو، جو زور زور سان کنگهي رهيو آهي. هن جي زرد چهري ۽ پهريل ڪپڙن مان هو ڪنهن مل جو مزدور ٿو لڳي. سندس وڌيل ڏاڙهيءَ جي ڪارن ۽ اڇن وارن تي ڪپهه جي دز چنبڙيل آهي.

سنهڙو صحافي مل جي انهيءَ مزدور مان نظرون ڪڍي بس جي آڏو واري شيشي ڏانهن ڏسي ٿو، جتي جيئن پوءِ تيئن طوفان جو زور وڌندڙ محسوس ٿئي ٿو.

اوچتو سست رفتار هلندڙ بس اندر ويٺل ماڻهن جي چهرن سان مٽيءَ جو هڪ وڏو واچوڙو ٽڪرائجي وڃي ٿو. تڏهن ويٺل سڀئي ماڻهو منهن تي هٿ ڏئي مٽيءَ کان پاڻ کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا، پر هوا کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. بس جي ڦيٿن مان چرڙاٽ نڪرن ٿا. هڪدم بريڪ لڳڻ سبب ماڻهو پنهنجي سيٽن تان اٿل کائي پاسي وارين درين سان ٽڪرائجي وڃن ٿا. هوا جي زوردار حملي سبب ورهين کان بيٺل هڪ جهونو وڻ رستي جي وچ ڏانهن ڪرڻ لڳي ٿو. هوا رڙيون ڪندي، سامهون ايندڙ هر شيءِ سان ٽڪرائيندي ائين ڌوڪيندي پئي وڃي ڄڻ ته مڇريل هاٿين جي وڏي اٽالي پٺيان ڪي شڪاري ٻرندڙ اُماڙيون کڻي ڊوڙندا هجن. هوا جي شدت سبب ڪمزور ۽ سڪل وڻ پاڙن سوڌا اکڙجڻ لڳن ٿا.

پوئتي ڇڏي آيل مسافرن جي ذهنن کان تيز ڊوڙندڙ هيءَ هوا لڳي ٿي ڄڻ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ لاءِ ڌرتيءَ جي سيني تي لهي آئي هجي. تيزيءَ سان ڊوڙندڙ هوا جي لپيٽ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ اچي وڃي ٿو. هوا جي بي پناهه ڊوڙ سبب گهرن جا در ــ دريون ۽ ڪانن مان بنايل پترون کڙڪي رهيون آهن. گهرن جا در زور زور سان کلي رهيا آهن ۽ ساڳئي ئي زور سان بند ٿي رڙيون ڪري رهيا آهن.

هوا هڪ ڪچي گهر جي صفي منجهان داخل ٿئي ٿي. گهر جا رهواسي ڪوٺيءَ ۾ رکيل ٻن کٽن تي خاموش ويٺل آهن. سڀني جا منهن لٿل آهن. هڪ پوڙهو شخص، جنهن جي ڳالهائڻ ڪري اڇن وارن سان جهنجهيل کاڏي ڏڪي رهي آهي، سو هيٺ جهڪي کٽ تي ستل ٻارڙي کي چمي ڏئي ٿو.

”مڙس ٿجانءَ شبن... يَرَ سڀاڻي تائين...“ هن جو آواز شديد غم وچان ڦاسي پوي ٿو. ”صبح ٿيڻ ڏي شبن... اڙي وڏي کان وڏي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلندوسانءِ... تنهنجو علاج...“

”پر بابا...؟“ پوڙهي جي ڀر ۾ ويٺل اداس سنڌوءَ جهڙي اکين واري ڇوڪري هڪ لمحي لاءِ چپ کولي ٿي ۽ وري ماٺ ٿي وڃي ٿي. پوءِ هوءَ پنجن سالن جي بيمار شبن ڏانهن فقط اُڻتڻ وچان ڏسڻ لڳي ٿي.

”پر ڇا...؟“ پوڙهي کي ڏک سان گڏ ڪاوڙ اچي ٿي. هن جي اڇن وارن سان جهنجهيل کاڏي اندر جي ڪنهن اونهي عذاب کان، وڌيڪ ڪنبڻ لڳي ٿي. عمر جي لڳل جهولن سبب ڪاراٽجي ويل منهن ۾ رت مڙي اچيس ٿو. ”ويهه ورهيه اڳ جڏهن اُرڙيءَ مان بدلي هئينءَ... تڏهن ڪير هو... جيڪو تنهنجي مٿان اول گهول ويندو هو.. ڪير ڀڳو هو حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن ڏي...“ هن کي کنگهه جو هڪ دورو پئجي وڃي ٿو، تڏهن هوا جو هڪ بي لغام جهوٽو اندر گهڙي اچي ٿو ۽ جاري ۾ رکيل لالٽين جي زرد روشنيءَ ۾ نظر ايندڙ ڌنڌلا ڌنڌلا چهرا اوندهه ۾ گم ٿي وڃن ٿا.

ننڍڙي شبن جا ڊگها ساهه گهري اوندهه ۾ به جاري آهن. ٿڪل ماڻڪين واري جهور پوڙهي سان عمر ڀر جو ساٿ نڀائيندر پوڙهي عورت جهٽ ۾ قرآن واري جاري ڏانهن وڌي وڃي ٿي. هوا جي زور سان صفحي جي درن جا طاق پاڻ ۾ ٽڪرائجي آواز پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. هوا کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي...

هوا هڪ وڏي شور سان هڪ ٻئي گهر جي روشندان مان اندر ڪاهي ٿي اچي.

”اسان... او امان...“ هڪ ٻارڙو هڪ نوجوان عورت جي چولي کي پنهنجن پتڙڪن هٿن سان سٽون ڏئي ٿو. هن جو ڌيان دل جي ڪنهن ننڍڙي خواهش ڏانهن ڇڪائي ٿو. هو ڏاڍو بيتاب نظر اچي ٿو.

”ائي امان ٻڌين نٿي...؟“

”ڇاهي... ڇاتي مٿو ٿو هڻين...؟“ عورت چڙ ۾ چوي ٿي؛ ٻاهر ڏس ته سهي... ڪيڏي نه غضب جي انڌاري آهي... ائي رب منهنجا رب ٻاجهه ڪر...“ هوءَ گهٻراهٽ وچان خدا کان دعا گهري ٿي.

”امان... اون... اونهون... جيجڙي امان ٻڌني...“ ٻار چلولائيءَ سان چوي ٿو، ”امان ٻاهر وڃان...“

”اڙي... اڙي لخ لعنت ٿئي...“ ڀونڊو، جيڪو نفرت جي علامت آهي. کلي ٿو پر ان ۾ به ٻار لاءِ ڪا ڌڪار ناهي... ڪا نفرت ناهي... ”اسان جا ٿا ڏوهه ڏڪن ۽ هن ڇوري کي ڏس ته سهي، ڪيڏي نه هورا کورا آهي...“ اوچتو ٻاهريون در زور زور سان کڙڪڻ لڳي ٿو ۽ ماءُ بي خياليءَ وچان چوي ٿي، ”وڃ ٻاهر ڏس شايد پڻهين آيو آهي...“ ماءُ جي آواز ساڻ خوشيءَ ۾ ٽمڪندڙ ننڍڙيون اکيون وري ادس ٿي وڃن ٿيون. ماءُ ٻاهر اچي ٿي. هوا ۾ مليل ڌوڙ هن جي منهن ۾ زور سان لڳي ٿي ۽ انهيءَ لمحي در زور سان کلي وري بند ٿي وڃي ٿو. هوءَ زور زور سان کڙڪندڙ در ٻيهر بند ڪري اندر اچي ٿي ۽ لٿل منهن واري ٻارڙي کي هنج ۾ کڻي هن جي مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳي ٿي. سندس دل ڪنهن اڻڄاتل خوف کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي.

ٻارڙو وري هڪ نئين خواهش جي پورائي لاءِ ماءُ جي خوف ڀريل اکين ۾ ڊپ کان بي نياز نظرون وجهي ٿو ـــ ”امان...“

”هون...“

”ڀلا ماني ڏي...“

خاموشي ـــ ـــ

”ڏي نه ماني... نه ته مان ٻاهر ٿو وڃان...“

ماءُ جي لهجي ۾ ممتا وارو پيار اوتجي اچي ٿو ـــ ”ماني... ماني کوڙ پنهنجي بابلي کي...“ مٿي تي هٿ گهمائي چمي ڏئيس ٿي. ”ٿورو ترس مٺا... پڻهين سيڌو وٺي اجهو آيو... ۽ پوءِ...“ در وري کڙڪڻ لڳي ٿو. بي خياليءَ وچان ڳالهائڻ، ”ڏس شڪيل... هاڻي پڻهين ضرور آيو هوندو... وڃ در کولين...“ ٻار وري ٽپ ڏئي ٿو. ماءُ جي آواز ۾ هڪدم خوف ڀرجي وڃي ٿو. ”نه ٻاهر نه وڃجانءِ... ٻاهر سخت طوفان هلي رهيو آهي... ننڍڙين اکين ۾ مٽي پئجي ويندءِ...“ ٻار هڪ ڀيرو وري اداس ٿي ماءُ کي ٻاهر ويندو ڏسي ٿو. هوءَ ٻاهر اچي ٿي. پر در تي ڪوبه موجود ناهي. امالڪ مٽيءَ جو هڪ تيز واچوڙو هن کي وڪوڙي وڃي ٿو. هوا کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي...

هوا ڪنهن ڀڳل بند مان نڪتل پاڻيءَ جيان هر شيءِ کي پنهنجي تيز وهڪري سان ڌوڪيندي پئي وڃي. ڌوڙ ئي ڌوڙ پکڙيل آهي هر طرف...

هوا تيزيءَ سان هڪ بند ٿيل دروازي جو چير مان اندر گهڙي وڃي  ٿي. سامهون بيزار بيزار چهرن وارا ڀاتي هڪٻئي ڏانهن تڪي رهيا آهن.

”نٿي گهرجي اهڙي مائٽي...“ هڪ نوجوان سٺ واري بلب جي روشنيءَ ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ سان مخاطب آهي، ”روز ڏس ته نيون ڳالهيون... آخر ڇا سمجهيو اٿئون اسان کي...“

”آهستي ڳالهاءِ... مان چوان ٿي آهستي ڦاٽ...“ هڪ اڌڙ عمر واري عورت جي کاڏيءَ تون ته وچ ۾ رڳو هڪ ڀت آهين.... جي پريان ڪنهن ٻڌي ورتو ته ڪير وسائيندو ان مچ کي ــــ“

”توئي ته سڀني جو نڪ ٻوڙهيو آهي...“ نوجوان سخت ڪاوڙ مان ماءُ ڏانهن نهاري چوي ٿو، ”رڳو ٻه ڏينهن جيڪڏهن زبان بند رکين ته قرآن جو قسم آ... اُهي گيسيون پائيندا، در تي اچي آڻ مڃين...پر ڪير سمجهائي توکي... ٿي پئي آن ماءُ ماتا نه ته...“

”ٺهيو ٺهيو... جيڪا وري تو ۾ بردباري آهي... ان جي به ڏيهه کي خبر آهي... اڙي ڪير ويو هو ناس پتو ٻوڙيو شاهوءَ کي ايلاز ڪرڻ... ڪنهن ٻانهون ٻڌي پٽڪا ميڙ ڪئي هئس... مان يا تو...“

”ڪير ٿو چوي... ظاهر ته ڪرينس ته ڪڍانس ته آنڊا...“

”بڪ نه ڪر بيهودا...“ ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي اهليل پيلي چهري وارو بيمار شخص اٿي ٿو.

”تون آن بيهودو ـــ“ نوجوان جو نئون رت جوش ۾ اچي وڃي ٿو.

”اڙي....“ بيمار چهري وارو وڏو ڀاءُ ٿڙندڙ قدمن سان وڃي لٺ کڻي ٿو.

”او ابا...“

”او ادا... ٻيلي خدا جو واسطو اٿئي ـــ“ گهر جون پريشان عورتون ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃن ٿيون.

طوفان نه صرف آسمان ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ڦهليل آهي ۽ نه صرف پنهنجي آڏو ايندڙ هر شي کي ڊاهيندو اڳتي ڌوڪيندو پيو وڃي، پر ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي رشتن جون ديوارون به ان طوفان ۾ ڪري رهيون آهن. ڊهي رهيون آهن ۽ هوا کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي...

هوا جي ارڏائي سبب ڳوٺ جي خاموش گهٽين ۽ گهرن مان رڙين جون صدائون بلند ٿيڻ لڳين ٿيون. ٻارن ۽ عورتن جون، آسمان جي سيني ڏانهن ويندڙ آهون ۽ دانهون جاري آهن ۽ هوا مڇريل هاٿين جي ٽولي جيان سڀڪجهه لتاڙيندي پئي اچي. هن جي بي رحم حملي سبب ڪچن گهرن جون ڇتيون رڙيون ڪرڻ لڳن ٿيون. بجليءَ جا ٿنڀا ڌرتيءَ جي سيني تان اٿيل مٽيءَ جي طوفان ۾ زور زور سان لڏڻ لڳن ٿا. گهرن ۾ بيٺل وڻ ڌرتيءَ ڏانهن نوِڙي گهرن ۾ رهندڙن تي موت جهڙي هيبت طاري ڪن ٿا. ماڻهو ٻي واهه نه ڏسي قرآن شريف کڻي بيهن ٿا.

هڪ گهر ۾ بيٺل کجيءَ جو پراڻو وڻ وڏي ٺڪاءَ سان ڪري ٿو. گهر ۾ رهندڙ هڪ ماءُ جي هنج ۾ جهليل ٻار طوفان جي ان ڏاڍ کي آخري ڀيرو ڏسي ٿو. زخمي ماءُ چرين جيان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي. اوچتو انسانن ۽ بي جان قوتن جي وچ ۾ مهاڀاري جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. هڪ ڪکائين گهر جي مٿان بيٺل طاقتور پول هوا جي آڏو ڪمزور بڻجي وڃي ٿو ۽ ڌڙام ڪري ٻن گهرن مٿان ڪري ٿو ۽ تڏهن گهر ۾ ماڻهن جا هراسيل ڪيئي آواز گونجن ٿا. انساني زندگيءَ آڏو موت جو رقص شروع ٿي وڃي ٿو. اليڪٽرڪ تارن جي وجود مان اٿيل باهه جا اُلا چؤطرف ڦهليل ڪانن ۾ باهه جو هڪ سمنڊ پکيڙي ڇڏين ٿا. لمحن جي وڇوٽيءَ ۾ هيڏو سارو ڳوٺ باهه جي ڀڀ ۾ اچي وڃي ٿو. گهر گهر ۾ قيامت جو دونهون لهي اچي ٿي. دونهين جي وچ ۾ گهٽيل رڙيون، دانهون ۽ باهه جي ڄر ۾ سڙندڙ ماڻهن جون خوفناڪ رڙيون ۽ ڪوڪون.

سڙندڙ ڳوٺ کان پريان روڊ جي سيني تي بس جي ڦيٿن مان بريڪ لڳڻ ڪري چرڙاٽ ٿئي ٿو. ڊرائيور بس جي گرم ٿيل مشين کي ڪجهه لمحن لاءِ بند ڪري ٿو. بس ۾ ويٺل ماڻهو چهرن تي عجيب عيجب ڀاوَ آڻي سڙندڙ ڳوٺ مان اُٿيل دونهين ڏانهن ڏسڻ لڳن ٿا، جنهن ۾ انساني جسمن جي سڙاند ڦهلجي وئي آهي. سيٽ جي ڀرسان بڻايل شيشن وارين درين مان ماڻهو منڍيون ٻاهر ڪڍي انسانن ۽ باهه جي وچ ۾ ڇڙيل ڇتي ويڙهه متعلق ڳالهيون ڪن ٿا.

”هيءَ باهه ڳوٺ جي هر فرد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي...“ فلاپ ايڪٽر هڪ ماڻهوءَ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي پنهنجي ڳالهه جاري رکي ٿو. ”تو ٽاورنگ انفرنو فلم ڏٺي هئي...؟“

بس جي وچ ۾ مسافرن جي رکيل سامان ۾ ڦاٿل سنهڙو صحافي اوچتو ڇرڪ ڀري ٿو. ڌور سڙندڙ ڳوٺ مان ماڻهن جون رڙيون اڃا به تيز ٿي وڃن ٿيون. صحافي پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل وزني ڪيميرا ڏانهن ڏسي ٿو. هن کي لڳي ٿو ته هو جنهن خبر لاءِ هڪ عرصي کان ڀٽڪيو آهي، اها هن کي انهيءَ سڙندڙ ڳوٺ مان ضرور ملي ويندي.

ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو. ان مهل سنهڙو صحافي بي ترتيبيءَ سان ٽڙيل پکڙيل سامان مان پاڻ ڪڍي ڊرائيور سيٽ ڏانهن وڌي وڃي ٿو. ڊرائيور گيئر بدلائڻ لاءِ هٿ کي حرڪت ۾ آڻي، بس ۾ ويٺل ماڻهن جي چرپر معلوم ڪرڻ واري پنهنجي مٿان لڳل آئيني ۾ ڏسي ٿو. صحافي ڊرائيور سان مخاطب ٿئي ٿو، ”استاد!... ڪجهه گهڙين لاءِ گاڏي روڪيو.“

هڪ پل لاءِ ڊرائيور ڪو به جواب نه سوچي هن ڏانهن ڏسي ٿو.

”ڇا استاد!... توهان گاڏي روڪي نٿا سگهو...“

”پر ڇو روڪجي بابا...!؟“

سڙندڙ ڳوٺ مان ماڻهن جون دانهون ۽ ڪوڪون اچڻ جاري آهن. هراس ۽ دهشت ۾ ٻڏل آواز هوا سان شامل ٿي بس ۾ ويٺل ماڻهن جي ذهنن سان ٽڪرائجي رهيا آهن.

”انهن ماڻهن لاءِ... استاد!... انهن ماڻهن لاءِ...“

ڊرائيور بدران فرنٽ سيٽ تي ويٺل هڪ شخص ڳالهائي ٿو، ”انهن سان همدردي ڪرڻ جو تو واهه جو دڳ ورتو آ... يعني روزي رکڻ جو شوق هجي توکي ۽ احترام ۾ پاڻي ۽ ماني وري اسان جو بند ٿئي...“

هو ان ماڻهوءَ کي جواب نٿو ڏئي. ڊرائيور سان ڳالهائي ٿو، ”استاد!... مان هڪ اخبار جو صحافي آهيان... اها ڳالهه منهنجي ذميواري ۾ شامل آهي ته مان انهن بي پهچ ماڻهن جون تصويرون ڇڪي حڪومت جو ڌيان انهن جي تباهيءَ ڏانهن ڇڪرايان... همدرديون پيدا ڪريان... استاد! هيءُ هڪ انساني مسئلو آهي... ڪجهه منٽن لاءِ استاد... رڳو ڪجهه منٽن لاءِ گاڏيءَ کي بيهاريو...“

بس ۾ ويٺل ماڻهو، بس کي هلائڻ لاءِ ”ڊبل ڊبل“ چئي درين کي ڌڪ هڻن ٿا. ڏسندي ڏسندي بس اندر هڪ شور وڌي وڃي ٿو، جنهن ۾ سنهڙي صحافيءَ جو آواز دٻجي وڃي ٿو، هو اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ ان اڪيلائيءَ جي احساس سبب هو ڏاڍو ککو وکو ٿي وڃي ٿو.

گاڏيءَ جي انجڻ مان قلچ تي پير جي دٻاءَ سبب ڪجهه آواز نڪرن ٿا. اوچتو ڊرائيور ڪجهه سوچي قلچ تان پير هٽائي گاڏي بند ڪري ڇڏي ٿو، ”ٺيڪ آهي... تون وڃ...“

گاڏي بند ٿيڻ سان گاڏيءَ ۾ شور وڌي وڃي ٿو.

گاڏي نه هلندي...“ ڊرائيور پنهنجي سيٽ تان اٿي ٿو. هي صحافي جيستائين واپس نه موٽندو... گاڏي نه هلندي...“ هو پنهنجو فيصلو ويٺلن تي مڙهي ٿو.

ڊرائيور جو بدليل لهجو ڏسي مجبور ٿي ماڻهو آهستي آهستي خاموشي اختيار ڪن ٿا، پر آخري سيٽ تي ويٺل ٽي فيشن ايبل نوجوان ساڳيءَ طرح ”ڊبل اي... ڊبل اي...“ چوندا رهن ٿا. انهن جي گوڙ جو ڊرائيور مٿان ڪوبه اثر نٿو پوي. هو صحافيءَ سان گڏ هيٺ لهي اچي ٿو.

”اچڻ جي جلدي ڪجانءِ... هتي جو حال ڏسيو ٿو وڃين...“

صحافي شڪر گذار نظرن سان سندس ٿورو مڃي ٿو ۽ پوءِ سڙندڙ ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو. هن جي چهري تي اهڙو ٺهر ڦهليل آهي، جهڙو ڪنهن وڏي پهاڙ کي سر ڪندڙ اڳواڻ جي چهري تي هوندو آهي. هو انهيءَ پهاڙ کي سر ڪرڻ لاءِ چند وکن جي فاصلي تي پهچي وڃي ٿو. باهه ۽ طوفان جي حملي هيٺ پيڙجندڙ ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون ٻڌندو هو هڪ گهر جي آڏو بيهي رهي ٿو. باهه جي جسم ساڙيندڙ ڄر سبب هن جي چهري تي ڪجهه کنن لاءِ ايذاءَ جا گهنج پئجي وڃڻ ٿا، پر پوءِ جڏهن هڪ جهور پوڙهو چرين جيان هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن ڊوڙڻ لڳي ٿو، تڏهن صحافيءَ جي چهري تي باهه جي تپش کان وڌيڪ ان ڳالهه جي ڪري ڳڻتي ظاهر ٿئي ٿي ته هو، ان بدحواس پوڙهي کي ڪنهن ريت ڪيميرا جي زد ۾ آڻي سگهي. پوڙهو باٽليون کڻي ڊوڙندڙ ماڻهن جي آڏو ليلائيندو رهي ٿو، ”اڙي منهنجو بيمار شبن... اڙي منهنجي شبن کي ڪو بچائي...“ اوچتو هڪ لمحو اهڙو به اچي ٿو، جڏهن اهو پوڙهو ماڻهن آڏو آزي نيزاري ڪرڻ بجاءِ سڙندڙ گهر ۾ ڪاهي پوي ٿو، پر هو جيئن ئي اٻهرائيءَ مان وڌي ٿو، تڏهن هن جي اڳيان ڪريل بجليءَ جون ننگيون تارون هن جو دڳ روڪي ڇڏين ٿيون. ماڻهن جي رڙين ۽ دانهن ۾ هڪ وڏي دانهن جو اضافو ٿئي ٿو ۽ هو انهن خوني تارن مٿان ڦٿڪڻ لڳي ٿو. ڦٿڪندڙ پوڙهو ”ڪلڪ“ ڪري ڪيميرا ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.

صحافي پيران کان نظر ايندر هڪ نوجوان عورت ڏانهن ڏسي ٿو، جا ڌرتيءَ تي پلٿي ماري پار ڪڍي روئي رهي آهي. صحافي هن ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ پوءِ خبر ناهي الائي ڪهڙي جذبي کان ان روئيندڙ عورت جو فوٽو ڪڍي ٿو.

صحافي هڪ سڙندڙ جهڳيءَ ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جتي ماڻهو مشين واري چرپر سان پاڻيءَ جون پالٽيون هاري رهيا آهن. انهن ماڻهن کان پرڀرو هڪ ننڍڙو ٻار، جو شايد پنهنجي ماءُ جي چولي کي پنهنجن پتڪڙن هٿن سان سٽون ڏيڻ ٿو چاهي، جو باهه ۽ طوفان جي هن ڏاڍ ڏانهن پنهنجي ماءُ جو ڌيان ڇڪائڻ ٿو چاهي، ڏاڍي بيوسيءَ وچان روئي رهيو آهي. زنجيرن جهڙو مضبوط رشتو ڪڙيون ڪڙيون ٿي انهيءَ جهڳيءَ ۾ سڙي رهيو آهي ۽ ٻار انهيءَ ڏاڍ خلاف دانهون ڪري رهيو آهي. انهيءَ ٻارڙي اوچتو ڪيميرا جي وات مان ”ڪلڪ“ جو آواز ٻڌي ورتو آهي ۽ الائي ڪهڙي ڳالهه کان هراسجي ماڻهن ۽ باهه جي سور کان دور ڀڄڻ لڳو آهي.

ماڻهو جيئن پوءِ تيئن انهيءَ بي قابو ٿيندڙ باهه مٿان بالٽيون پاڻيءَ جون هاري رهيا آهن. باهه جو دوزخ هوا جي زور تي هڪ گهر کان ٻئي گهر ڏانهن ڦهلجي رهيو آهي.

ماڻهن سان گڏ گهرن ۾ رهندڙ چؤپايو مال به دانهون ڪندي بدحواسيءَ ۾ ڊوڙندي نظر اچي ٿو. صحافي هڪ ماڻهوءَ کي باهه جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن کي روڪڻ ٿو چاهي، پر اهو ماڻهو بيهڻ بدران ذري گهٽ هن کي ڪيريندو هڪ پاسي ڊوڙي وڃي ٿو. هو پاڻ سنڀالي هڪ ٻئي شخص ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جوگهر مڪمل طور باهه جو کاڄ بڻجي ويو آهي ۽ هو اڌ بچيل سامان ڏانهن ڏک ۽ اچرج ۾ ڏسي رهيو آهي.

صحافي ان شخص کان به ڪو سبب معلوم ڪري نٿو سگهي ۽ ان کي غمن جي غفائن ۾ اڪيلو ڇڏي اڳيان وڌي ٿو وڃي.

رستي تي بيٺل بس جو هارن زور زور سان صحافيءَ کي سڏڻ لڳي ٿو. جواب ۾ هو هڪ اگهاڙي گار بس ڏانهن منهن ڪري ڪڍي ٿو ۽ پوءِ هڪ پريشان عورت ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جي گهر جي هر شيءِ سڙي وئي آهي، هوءَ فقط هٿن ۾ جهليل قرآن شريف بچائي سگهي آهي.

”ڪلڪ.“

هڪ ٻي عورت کي هڪ اڌ سڙيل ٻار پڪڙيل آهي. هن جي گهر جي هر شيءِ سڙي وئي آهي ۽ ڪوبه سندس گهر ۾ سڙندڙ شين کي بچائي نه سگهيو آهي.

”ڪلڪ.“

صحافي ڪيميرا هٿن ۾ لڙڪائي هڪ ٿڪل اکين واري پوڙهي عورت ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جا بنا ڪنهن روڄ راڙي جي باهه ۾ سڙندڙ گهر ڏانهن خالي نظرن سان ڏسي رهي آهي. هوءَ موهن جي دڙي جي اسٽوپا جيان اداس بيٺي آهي. صحافيءَ کي پهريون ڀيرو ان ساڪت ٿيل پوڙهي عورت مٿان حيرت ٿيڻ لڳي ٿي، جنهن جي گهر جي هر شيءِ سڙي رهي آهي، پر هوءَ ان تي ڪا دانهن نٿي ڪري. صحافي هن جي بلڪل ويجهو اچي وڃي ٿو، ”امڙ!... اهو ٻڌائيندينءَ ته هيءَ باهه ڪيئن لڳي...؟“

ـــ خاموشي.

”امڙ!... هي سڀڪجهه ڪيئن ٿيو...؟“

پوڙهيءَ جا پهريان چپ لڏن ٿا ۽ پوءِ کاڏي. اکين ۾ ڀريل ٻه ڳوڙها ليڪا ٺاهي هن جي گهنجن واري چهري ۾ لڙي پون ٿا. پوڙهي ٽٽل لهجي ۾ چوي ٿي، ”بجليءَ جي ٿنڀي هي ڀڀڙ ٻاريو آ ابا... بجليءَ جي ٿنڀي...!“ ڪجهه لمحن لاءِ ان گهر ڏانهن خالي نظرن سان گهوري هوءَ وري خاموش ٿي وڃي ٿي.

صحافي مڪمل خبر وٺڻ لاءِ ان عورت کي کولڻ چاهي ٿو، ”امڙ! تون اهو ٻڌائيندينءَ ته تنهنجو هن گهر ۾ ڇاڇا سڙيو آهي...؟“

پوڙهي چپ ڀيڪوڙي ڪنڌ جي اشاري سان نهڪار ڪري ٿي ۽ پوءِ اوچتو ڄڻ ته ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوي ٿو. هوءَ رنڀون ڪري روئڻ لڳي ٿي. صحافيءَ کي معلوم ٿي نٿو سگهي ته اها عورت حل نه ٿيندڙ مئٿميٽڪ جي سوال جيان ڇو ٿو وئي آهي. هو ان کي ساڳئي حال ۾ ڇڏي سامهون واري گهر ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جي ڊهي ويل ديوار ڀرسان هڪ نوجوان بيهوش پيو آهي. صحافي ڪيميرا سنڀالي ٿو.

”ڪلڪ.“

بس هڪ ڀيرو وري زور زور سان هارن ڏئي ٿي ۽ پوءِ تيزيءَ سان رستي جي سيني مٿان ڊوڙڻ لڳي ٿي. صحافي حيران ۽ پريشان ڊوڙندڙ آخري بس پٺيان هٿ لوڏي ڊوڙڻ لڳي ٿو، پر بس بيهي نٿي، ويندي رهي ٿي.

هو شهر ڏانهن ويندڙ روڊ ۽ سڙندڙ ڳوٺ جي وچ واري حصي تي پهچي ويو آهي. ڳوٺ مان ماڻهن جون وحشتن ۾ ٻڏل دانهون ۽ ڪوڪون اڃا به جاري آهن. جاين جي ڪرڻ جا آواز ۽ ماڻهن جو شور اڃا به پڙاڏجي رهيو آهي. پر هاڻ صحافيءَ کي انهن آوازن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي. هن کي ان ڳالهه جو فڪر آهي ته هن جي هيءَ خبر به هن کان اڳ ئي ’فليش ــ اپ‘ ٿي ويندي.

 

 

بڙ جو وڻ

طارق عالم

 

اسڪول وڃڻ لاءِ اُٿي هيس ته ڏٺو هيم، امان بورچيخاني جي ٻاهران ٽن سِرُن جي نئين چلهه تي چانهه ٺاهي رهي هئي. ڇيڻن مان نڪرندڙ دونهين تي به هن جي اکين مان لڙڪ نه پئي وهيا. باهه جون ڄڀيون ڌوتيءَ رَنَ وانگر امان جي سانت چهري تي ڳاڙها پيلا رنگ اڇلائي، زبانون مڀرڪائي رهيون هيون. ماما بابا ڏانهن ڏٺو هو، جيڪو بنا چانهه پيئڻ جي در کان ٻاهر نڪتو پئي ويو.

ڏاڏا، ڪاٺ جي صندل تي ويهي مئل ويساهه مان اڱڻ ۾ پوکيل جهوني بڙ جي ويڪري ٿڙ ۾ گهوري رهيو هو. ۽ ڏاڏي ڪجهه پريان اڱڻ ۾ رکيل کٽ جي اگهاڙي واڏڻ تي ويهي ساڳي ئي مئل ويساهه منجهان ڏاڏا جي ويڪرن پٺاڙن کي گهوري رهي هئي. مان اڳتي وڌي بورچيخاني ۾ جهاتي پاتي هئي. منهنجي مامي ۽ سندس ٻار بيدن سان ماني کائي رهيا هئا.

بورچيخاني جي چانئٺ تان موٽي اچي، امان جي ڀر ۾ ويهي رهي هئس. هڪ رات ۾ انقلاب اچي چڪو هو. مان ڇيڻن مان نڪرندڙ باهه جي ڄڀين ڏانهن ڏٺو هو، جيڪي اڃا به ڪنهن ڌوتي رَنَ وانگر امان جي سانت چهري تي زبانون مرڪائي رهيا هئا.

ان گهڙي منهنجي دل چاهيو هو، هٿ وڌائي ڌوتي باهه جي لهرائيندڙ اکٽ زبانن کي پنهنجي ننڍڙيءَ مٺ ۾ ڀڪوڙي، ڪاڪڙي مان ڇڪي پٽي، ڪنهن اونهي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيان... ڏاڏيءَ جي آواز تي اُٿي اسڪول لاءِ تيار ٿيڻ لڳي هئس.

اسڪول مان واپس آئي هيس ته ڏٺو هوم ــــ دٻا، ڪفگير، چمچا، ڇُريون، ديڳڙا، ديڳڙيون، ڪوپ ساسريون الڳ ٿي چڪا هئا. ويريون نه هوندي به آسمان تائين کڄيل نظر آيون هيم. ڏاڏا پُٺي اگهاڙو پنهنجن مضبوط هٿن ۾ هڪ ويڪري ڦر واري ڪهاڙي سان بڙ جي ٿڙ تي ضربون هڻي رهيو هو. ٿڌ هئڻ جي باوجود، پگهر سند پٺاڙن جي مشڪن مان، رت جا ليڪون ليڪون ڳڙهي رهيو هو. الائجي ڇو مون کي محسوس ٿيو هو ـــ ڏاڏا روئي رهيو آهي. چاهي هئم پنهنجي شڪ جي پڪ ڪرڻ، پر همٿ ساري نه سگهي هيس. هونءَ به جڏهن ڏک پنهنجي انتها تي پهچندو آهي، ته جسم جي پور پور مان لڙڪ بڻجي سمڻ لڳندو آهي.

ان گهڙي ڏاڏا مون کي سمورو لڙڪ نظر آيو هو ۽ مون کي محسوس ٿيو هو: ڏاڏا بڙ جي وڻ کي نه، پر پاڻ کي ڪهاڙا هڻي، ڪٽي رهيو هو.

مان ٿيلهو ٽنگڻي ۾ ٽنگي ڏاڏيءَ جي ڪڇ ۾ ويهي وائڙن وانگر پڇيو هو ـــ ”امان، ڏاڏا بڙ ڇو ٿو ڪٽي ـــ؟“ ڏاڏي ڪجهه دير ماٺ رهي، پنهنجي منهن ڀڻڪيو هو، ”هاڻ هن گهر کي بڙ جي ضرورت ناهي. بڙ جي وڻ اڱڻ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏاڏنهن بڙ کي نه ڪٽيندو ته پنهنجو گهر ٺهي نه سگهندو.“ هاڻ توهان ئي سوچيو، تعمير جو اهو طريقو ڪيڏو نه اڻ سونهائيندڙ ۽ ڀوائتو آهي؟ ـــ (ڪجهه ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڊاهي ڇڏڻ) ڏاڏيءَ ڏانهن ڏٺو هوم. هُن اڇي رئي جي ڪنڊ سان ڇپرن وٽ مڙي آيل لڙڪن کي ڏڪندڙ هٿن ۽ جهرندڙ جيءَ سان ٿڦڪيون ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي هئي. ڏاڏا ۽ سندس هڪ دوست اڱڻ ۾ ٻن ڪمرن جو گهر ٺاهڻ شروع ڪيو هو.

ڏاڏا گهر جو ڪم ڪندي هر وقت پاڻ کان ڪاوڙيل نظر ايندو هو. هُن ان سڄي عرصي ۾ ڳالهايو گهٽ، پر گهر جون ديوارون وڌيڪ ٺاهيون. ڏاڏا لاءِ ڏينهن جا ٽي پهر ڄڻ هڪ پهر بڻجي ويا هئا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هڪ ننڍڙي اوطاق ٻن ننڍڙن ڪمرن ۽ هڪ مختصر اڱڻ وارو گهر جڙي راس ٿي چڪو هو ـــ مون کي نئين گهر جو اڱڻ وڌيڪ ننڍڙو ۽ سوڙهو ان ڪري به لڳندو هو جو ڪٽيل بڙ جي ويڪري ٿڙ ۽ ٽارين نئين گهر جي ننڍڙي اڱڻ کي ويتر سوڙهو بڻائي ڇڏيو هو ـــ سم جڏهن گهرن تڙن ۽ ٻنين ٻارن تي پنهنجي سانوري ٻانهن جي پکيڙ کي سوڙهو ڪندي اسان جي گهر کان ڪجهه پريان ريل جي بند ڀرسان بڻيل باغ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻيندي هئي ته ڏاڏا گهر ۾ داخل ٿيندو هو ۽ سوڙهي اڱڻ ۾ رکيل ڪاٺ جي صندل تي پلٿ هڻي، بڙ جي ڪٽيل ٽارين کي چلهه ۾ دکندي ڏسندو رهندو هو. هڪ شام جو ڪاٺين کي دکندي ڏسي، پهرين هوريان، پوءِ تيز تيز کنگهڻ لڳو، ڄڻ ته سڪل ڪاٺين جو دونهون سندس ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو هو.

هُو نه چاهيندي به ڪيتري دير کنگهندو رهيو، پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ڀنگي شهر جي روڊن تي ٻهاري ڏئي رهيا هئا ۽ روڊن جي ڪنارن تي مٽيءَ جي سنهي قنات تاڻجي وئي هئي، ته ڏاڏا هٿ منهن ڌوئي در جي چانئٺ ٽپيوئي مس ته ڪٽيل وڻ جيان اڌ گهر ۾ اڌ ٻاهر وڃي ڦهڪو ڪيائين.

ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق مٿس دل جو شديد دورو پيو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڏاڏا اسان کان الڳ ٿي ويو هو. پر اڄ جڏهن مان سوچيان ٿي ته مون کي محسوس ٿو ٿئي، ڏاڏا الڳ ته اسان کان ان ڏينهن ٿي ويو هو، جڏهن اسان جي ماميءَ گهر ۾ نفرت جي وِيري وڌي هئي ۽ ڏاڏا نئين گهر ٺاهڻ لاءِ پنهنجن هٿن سان ۽ محبتن سان پوکيل بڙ جي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ بڙ جي ٿڙ ۾ پهريون ڪهاڙو هنيو هو. اصل ۾ اسان پاڻ کان وڌيڪ پنهنجن گهرن، پنهنجن وڻن ۽ پنهنجي زمين سان پيار ڪندا آهيون، تڏهن ته ڏاڏا جهڙو مضبوط اعصاب وارو ماڻهو به ڏک سهائي نه سگهيو هو ـــ

ڏاڏا جي مري وڃڻ کان پوءِ به ڪيترا ڏينهن اسان جي چلهه بڙ جي ٽارين سان جلندي رهي ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ لڙڪن سان جلندا رهيا. پوءِ هوريان هوريان بڙ جون ٽاريون ختم ٿي ويون، پر چلهه ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ ڪڏهن به اُجهامي نه سگهيا.

اڄ جڏهن مان انهن ڳالهين تي سوچيان ٿي، ته مون کي محسوس ٿئي ٿو ته گهر جيستائين آباد هوندا آهن، تيستائين چلهيون ۽ دليون ڪڏهن به اُجهامي نه سگهنديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com