سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
ڀارت ـــ پاڪ اُپکنڊ ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن
مان ڪن ٿورين جوئي جديد علم لسان جي اُصولن موجب
اڀياس ڪيو ويو آهي. جيئن هرهڪ گل کي پنهنجي سرهاڻ
هوندي آهي، تيئن هرهڪ ٻوليءَ ۾ پنهنجيون ڪجهه
نراليون وصفون هونديون آهن. انهن جي ڪري هرهڪ
ٻوليءَ جو روپ ٻين ٻولين سان مشابهت رکندڙ هوندي
پڻ ڪيترين ڳالهين ۾ پنهنجين پاڙيسري ٻولين کان به
ڦريل نظر ايندو آهي. چوڻي آهي ته ’ٻارهين ڪوهين
ٻولي ٻي‘، ٿوري ٿوري مفاصلي بعد هڪ ئي ٻوليءَ جي
بيهڪ ۾ پڻ باريڪ تفاوت اچيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جو
مثال کڻو، اها هڪ طرف پنجابي، اردو، هندي، گجراتي،
مراٺي، راجستاني وغيره ٻولين سان ڪيترين ڳالهين ۾
هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي ته ٻئي طرف ڪجهه اهڙيون
خاصيتون پڻ ظاهر ڪري ٿي، جيڪي ٻين ٻولين ۾ نٿيون
ملن. انهيءَ کان سواءِ، سنڌ جي جدا جدا ايراضين ۾
سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لهجا پڻ اسان کي نظر اچن
ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ ـــ بنياد جي سوال تي سنڌ ۽ ڀارت جي عالمن
مختلف رايا ظاهر ڪيا آهن. ڪنهن سنڌ جي اوائلي سنڌي
پراڪرت ۾ انهيءَ جو اصل ـــ نسل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. ڪنهن سامي سٿ جي ٻوليءَ سان سنڌيءَ جو
بنيادي رشتو ڏيکارن چاهيو آهي ته ڪنهن توراني ۽
دراوڙي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بنياد ڳولڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. اهي عالم، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ ــ
بنياد ڪنهن غيرآريائي زبان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿا
ڪن، اهي پڻ انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگهن
ته موجوده سنڌي ٻولي، صرف ونحو، لفظ ـــ ڀنڊار ۽
لساني بيهڪ جي ٻين وصفن جي لحاظ کان تمام گهڻي قدر
ڀارت ـــ پاڪ اپکنڊ جي ٻين آريائي ٻولين سان
مشابهت رکي ٿي. هتي آئون سنڌي ٻوليءَ جي بڻ ــ
بنياد واري بحث تي ويچار ظاهر ڪرڻ نٿو چاهيان،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ هڪ الڳ مقالي جي ضرورت آهي.
هتي منهنجو مقصد فقط انهيءَ ڳالهه تي روشني وجهڻ
آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جون ڪهڙيون نراليون
وصفون آهن، جيڪي ڀارت ـــ پاڪ اپکنڊ جي ٻين آريه
ٻولين ۾ نٿيون ملن. يا اهي ورلي ملن ٿيون. هتي مون
اهڙن وياڪرڻي روپن ۽ لفظن جا پن مثال ڏنا آهن،
جيڪي موجوده سنڌي ٻوليءَ، سنسڪرت، پراڪرت، آپڀرنش
وغيره آڳاٽين ٻولين کان ورثي ۾ حاصل ڪري، اڃا
تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن، ٻئي طرف اهي ٻين
هاڻوڪين ٻولين ۾ واهپي ۾ نٿا اچن يا عام نه آهن.
ڀارت ـــ پاڪ اپکنڊ جي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي مکيه درجو حاصل ٿيل
آهي، انهيءَ جي خاصيتن کي ڏسي پرڏيهي عالمن جنسي
ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي ته ـــ ”سنڌي نج سنسڪرت سٿ
جي ٻولي آهي، جيڪڏهن اسين سنڌي جي ڀيٽ انهيءَ جي
ڀيئر ٻولين سان ڪريون ته اسان کي وياڪرڻ جي لحاظ
کان سنڌيءَ کي انهن ۾ پهروين نمبر ڏيڻو پوندو.
اڄڪلهه جي مراٺي، هندي، پنجابي ۽ بينگاليءَ جي ڀيٽ
۾ سنڌيءَ جي آڳاٽي پراڪرت سان وڌيڪ ويجهو رشتو
آهي. سنڌي ٻوليءَ وياڪرڻ جا ڪيترائي روپ پاڻ وٽ
اڃان تائين قائم رکيا آهن، جن کي ڏسي سندس ڀينر
ٻوليون ڀلي ساڻس ريس ڪن.“[1]
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي تيار ڪيل سنڌي گرامر ۾
لکيو آهي ـــ ”مون کي خاطري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس لسانيات جي ماهرن لاءِ، ٻين ڪيترين ئي ڀارتي
ٻولين جي اڀياس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ضميرن ۽ انهن سان لاڳو حرف جَر جي بدران لفظن ۾
پڇاڙين جو استعمال، ڪرمڻي پريوگه جو پڇاڙين ذريعي
اظهار، ڀاوي پريوگه ۽ ٻٽن بالواسطه فعلن جو
استعمال ۽ ٻيون ڳالهيون جيڪي هن ٻوليءَ جي سکندڙ
کي اڳتي وڌڻ تي معلوم ٿينديون، اهي اهڙيون خوبيون
آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڪيترين ئي ڀارتي
ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نزاڪت عطا ڪن ٿيون.“[2]
جنهن سنڌي ٻوليءَ جي پرڏيهي عالمن ايتري ساراهه ڪئي آهي، انهيءَ
جون لساني بيهڪ جي لحاظ کان مکيه خاصيتون هن ريت
آهن:
(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ چار اهڙا آواز آهن، جن جي اُچار ڪرڻ ۾ هوا
کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري لسانيات جي
ماهرن انهن کي چوسڻا آواز (Implosives)
نالو ڏنو آهي. اهي آواز آهن/ ڳ، ڄ، ڏ، ٻ. سنڌي
ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ اهي چوسڻا آواز معنيٰ
ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. مثال طور، جيڪڏهن لفظن ۾
انهن جي جاءِ تي سندن ويجهن آوازن – گ، ج، د، ب.
جو استعمال ڪبو ته لفظن جي معنيٰ بدلجي ويندي.
جيئن ته:
ڳلا ـــ گلا؛ ڳارو ـــ گارو.
ٻارو ـــ ٻار؛ ٻِلو ـــ بِلو.
ڄارو ـــ جارو؛ ڄام ــ جام.
ڏائي ـــ ڊائي ــ دائي.
پڏ ــ پد ـــ پڊ ـــ پڙ.
ڀارت ـــ پاڪ جي ٻين ڪيترين ئي هاڻوڪين ٻولين ۾ اهي چوسڻا آواز
ڪين ٿا ملن. ملتاني زبان ۾ سنڌيءَ وانگر اهي چارئي
اواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا. پر ڪڇي ۽ مارواڙي
ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اثر هيٺ فقط هڪ ــ ٻن چوسڻن
صوتين جو واهپو ٿئي ٿو.
(2) سنڌيءَ ۾ پنج نڪاوان (Nasal)
آواز آهن ـــ ڱ، ڃ، ڻ، ن، م. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهي
پنج ئي آواز معنيٰ ڀريو پارٽ ادا ڪن ٿا، ۽ ٻن سُرن
يعني حرف علت جي وچ ۾ پڻ اُچاريا وڃن ٿا. جيئن ته:
مَڱي ـــ مَڃي، مَڻي، مَني، مَمي.
مَگ ـــ مڃ ـــ مَڻ ـــ مَنَ، مَم.
سنسڪرت، هندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي هاڻوڪين ڀارت ـــ پاڪ جي
ٻولين ۾ ڱ ۽ ڃ آوازن جو اُچار ٻن حرف علت جي وچ ۾
نه ايندو آهي. انهيءَ ڪري اردو هندي ڳالهائيندڙ
سنڌي لفظن، مُڱ، مُڃ، ڄڃ، سڱر وغيره جي صحيح اُچار
نه ڪري سگهندا آهن.
(3) سنڌي ٻوليءَ جي اوازي سرشتي ۾، ٻين هاڻوڪين هند ــ آريائي
ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻا وينجن (حرف صحيح)
صوتيه آهن. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سنڌيءَ ۾ چئن
چوسڻن آوازن سان گڏ، عربي فارسي ٻولين جي اثر ڪري
خ، غ، ز، ف. جو اُچارڻ پڻ صوتين جي روپ ۾ ڪيو وڃي
ٿو. معياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ايڪيتاليهه حرف صحيح
صوتيه (Consonant
phonemes) آهن.
ڪ ک گ ڳ گهه ڱ
چ ڇ ج ڄ جهه ڃ
ٽ ٺ ڊ ڏ ڍ ڻ
ت ٿ د ــ ڌ ن
پ ڦ ب ٻ ڀ م
ي ر ل و ڙ
ش س هه
خ غ ز ف
(نوٽ: پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ’علم انسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾،
ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي صوتيات‘ ۾ مهه، نهه،
ڙهه، لهه، ڻهه/ کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو
آهي. اِهي حقيقت ۾ ٻن وينجن صوتين جو ميل
Conjunct consonants
آهن.
(4) سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن موجب گهڻا لفظ حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ
آهن. انهيءَ ڪري ٻولين مان سنڌيءَ ۾ جذب ٿيلن لفظن
جو اچار به گهڻو ڪري آخر ۾ / آ، اِ، اُ/ مان ڪو
حرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته ماسترُ،
ڪاليجُ، اسڪولُ، نرسِ، بئنڪَ، ڪورٽِ، بس، ڪوششِ،
ثبوتُ، رازُ، سببُ. انهيءَ عادت ڪري سنڌي ماڻهو
جڏهن اردو، هنديءَ وغيره ۾ گفتگو ڪن ٿا، تڏهن اتي
پڻ لفظن جي آخر ۾ حرف علت اچار ڪن ٿا، جيڪو انهن
ٻولين جي سرشتي موجب صحيح اچار نه آهي، انهيءَ ڪري
سنڌي ڳالهائيندڙن جو سنڌيپڻو اڪثر ظاهر ٿيو پوي.
تاريخي اوسر جي خيال کان جيڪي سنسڪرت لفظ اردو ۽ هنديءَ ۾ بدلجي
ساڪن پڇاڙيءَ وارا ٿي پون ٿا، انهن جو اچار پن
سنڌيءَ ۾ آخري حرف عرف علت لڳائي ڪيو وڃي ٿو. جيئن
ته:
سنسڪرت اردوـــ هندي سنڌي
ڪُرۡڻَ ڪانۡ ڪنُ
هَسۡت هاٿۡ هٿُ
دَلتَ دانتۡ ڏندُ
راتۡرِ راتُ راتِ
بامُه بانهۡه ٻانهنَ
واٽَ (رستو) باٽۡ واٽَ
اَڪۡشِ آنکهۡ اَکِ
جيئن ته سنڌيءَ ۾ گهڻا اسم، حرف علت ۾ پورا ٿين ٿا، انهيءَ ڪري
انهن جي جنس سڃاڻڻ ۾ به گهڻي آساني ٿئي ٿي. مثال
طور، سنڌيءَ ۾ ’او‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم مذڪر آهن
(گهوڙو، ڇوڪرو، دلو، روپيو)؛ ٻئي طرف ’آ‘ حرف علت
۾ پورا ٿيندڙ سڀ اسم جنس مونث وارا آهن (کٽَ،
عادتَ، زالَ، کڏَ).
(5) سنڌي ٻولي ۾ ’اُ‘ حرف علت ۾ ختم ٿيندڙ لفظن جو تعداد تمام
گهڻو آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سڀ مصدر ’اُ‘ ۾ ختم
ٿين ٿا (کاڻن، پيئڻ، اُٿڻ، نچڻُ، وغيره). لفظن جي
آخر ۾ ’اُ‘ حرف علت لڳائي اُچار ڪرڻ جي عادت سنڌين
۾ تمام آڳاٽي آهي. ان حقيقت طرف ڀرت مُنيءَ پنهنجو
مشهور گرنٿ ’ناٽيه شاستر‘ ۾ به اشارو ڪيو آهي. اهو
ڪتاب عيسوي ٻي صديءَ جي آس پاس لکيو ويو آهي. ڀرت
مُنيءَ ناٽڪن ۾ ڪردارن جي ٻوليءَ بابت لکندي
ڄاڻايو آهي ته جدا جدا علائقن جي ماڻهن لاءِ، انهن
انهن علائقن جي اچارن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي. انهي
سلسلي ۾ هو لکي ٿو، ”هماليه، سنڌ ۽ سؤوير ايراضين
۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا، انهن جي لاءِ ناٽڪ نويسن کي
’اُ‘ حرف علت جي گهڻائيءَ واري ٻوليءَ جو استعمال
ڪرڻ گهرجي.“
انهيءَ حوالي مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀرت مُنيءَ جي زماني ۾ (عيسوي
ٻي صدي) سنڌ ۾ جيڪا پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي،
انهيءَ ۾ ’اُ‘ حرف علت پڇاڙي وارن لفظن جو گهڻو
استعمال ٿيندو هو. آپڀرنش ٻوليءَ ۾ (پنجين عيسوي
صدي کان وٺي اٽڪل ٻارهين صدي تائين لکيل جيڪو ادب
روشني ۾ آيو آهي، انهيءَ ۾ پڻ ’اُ‘ حرف علت وارا
لفظ گهڻا ملن ٿا. پراڻي گجراتي، پراڻي راجسٿاني،
پارڻي مراٺيءَ ۾ به ’اُ‘ حرف علت ۾ پورا ٿيندڙ لفظ
گهڻي انداز ۾ ملن ٿا، جيڪي انهن ٻولين جي هاڻوڪي
روپ ۾ نٿا ملن. انهيءَ مان ظاهر آهي ته موجوده
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي آخر ۾ ’اُ‘ حرف علت لڳائي
اُچار ڪرڻ جي عادت، عيسوي سن جي شروعات واري زماني
کان وٺي هلندي پئي اچي. سنڌيءَ ۾ مصدر ۽ گهڻا اسم
’اُ‘ ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته: هلڻُ، ڊوڙڻ، سمهڻ،
ڀڄڻ، نڪُ، واتُ، پٽ، ڀاءُ، ماءُ، رسُ، مسُ، وغيره.
(6) سنڌيءَ ۾ هن وقت ’ڀائر، پيئر، ڀينر، مائر، نهر، ڌيئر.‘ عدد
جمع جا روپ بي قاعدي لکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ ’اُ‘
پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو عدد جمع ۾ روپ، ’اُ‘ کي
بدلائي ’اَ‘ ڪرڻ سان ٺهندو آهي. جيئن ته: پٽُ ـــ
پُٽَ؛ ٻارُ ـــ ٻارَ، گهَرُ ــ گهَرَ. ساڳيءَ طرح،
’اَ‘ ۽ ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارن مونث اسمن جو عدد جمع ۾
روپ، اسم جي آخري سُر کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي اسم
۾: ’اون‘ پڇاڙي گڏڻ سان ٺهندو آهي. جيئن ته: زالَ
ـــ زالون؛ سَسُ ــ سَسون. عدد جمع ٺاهڻ جو اهو
عام قاعدو آهي. ڀائر. پيئر وغيره روپ انهيءَ قاعدي
جي خلاف آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته عدد جمع ۾ انهن
اسمن جا اهي بي قاعدي روپ، پراڪرت ــ اپڀرانش جي
عدد جمع جي روپن موجب ٺهيل آهن. پراڪرت ۾ ’ڀاءُ‘
جو عدد جمع آهي ’ڀايارا‘ ۽ ’پيءُ‘ جو عدد جمع آهي
’پِئرائ‘ انهن جي طرز تي، ’ڀنر، ماڻس، لُهر،
ڏيئر.‘ روپ ۾ واهپي ۾ اچي ويا آهن. نه فقط ايترو،
پر اسين انهن ۾ عدد جمع جي باقاعدي روپ ٺاهڻ واري
پڇاڙي ’اون‘ لڳائي، وري ٻيا به عدد جمع ٺاهيون ٿا:
’ڀينرون، مائرون، نهرون، ڌيئرون.‘ انهن کان سواءِ
انهن اسمن جا باقاعدي روپ: ’ڀيڻون، مائون، نهون،
ڌيئون‘ پڻ سنڌيءَ ۾ مروج آهن. انهن مثالن مان ظاهر
آهي ته سنڌيءَ پراڪرت ليمن موجب ٺهندڙ عدد جمع روپ
پاڻ وٽ اڃا تائين محفوظ رکيا آهن.
(7) سنڌيءَ ۾ ڪجهه اسمن پٺيان پڇاڙي لڳائي حرف جر جو مطلب ظاهر
ڪيو وڃي ٿو، اهو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو
آهي، جيڪو اڄ تائين سنڌيءَ ۾ هلندو پيو اچي.
مثال طور:
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
گرِۡهـٖـي (گهر ۾) گِهـٖـي گَهر (گهر+
اِ)
گوشٺات (ڳوٺ مان) گوٺاءَ، گوٺا ڳوٺئون، ڳوٺان
(اَئون، آن)
جهوني سنڌيءَ ۾ حرف جري پڇاڙيون ضميرن ۾ ۽ اسمن جي عدد جمع وارن
روپن ۾ پڻ لڳنديون هيون. اهو نمونو هاڻوڪي ٻول چال
واري سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري ختم ٿي ويو آهي. مثال طور
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙا روپ ملن ٿا، جن جو واهپو
ڪونه ٿو ٿئي. جيئن ته ـــ دوستئان (دوستن+ آن)،
ڏاگهنئون (ڏاگهن+ اَون)، ڪُلهنئون (ڪلهن+ اُون)،
هيجا (هيج+ آ)، مونهان (مون + هانھ)، هُنئان (هنن
+ آن).
(8) سنڌي ۾ اسين ضميرن کي پڇارين جي روپ ۾ اسم، حرف جر ۽ فعل ۾
لڳائي پڻ استعمال ڪندا آهيون. سنڌيءَ ۾ ها اهڙي
خاصيت آهي، جيڪا ڀارت ــ پاڪ اُپکنڊ جي ٻين ٻولين
۾ گهڻو ڪري ڪانه ٿي ملي. اهو طريقو ملتاني ۽
ڪشميري ٻولين ۾ پڻ ملي ٿو. پر جيترو وسيع استعمال
سنڌيءَ ۾ آهي، اوترو انهن ٻولين ۾ نه آهي. مثال
طور ـــ پُٽس (هن جو پٽ)، سَسُڻس (هن جي سس)،
ڀاڻهين (تنهنجو ڀاءُ)، کيس (هن کي)، وٽس (هن وٽ)
چيومانس (مون هن کي چيو)، لکيائينس (هُن، هُن کي
لکيو)، ڏنُئِس (تو هن کي ڏنو).
(9) هاڻوڪين هند ــ آريائي ٻولين ۾ ڪرمڻي پريوگه گهڻو ڪري فعل
معاون جي استعمال ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته
چور پڪڙيو ويو، دشمن ماريا ويا. سنڌيءَ ۾ ڪرمڻي
پريوگه جوڙڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي، انهيءَ موجب
مکيه فعل جي ڌاتوءَ ۾ ڪرمڻي پريوگه ڏيکاريندڙ /
اِجۡ/ يا / جۡ/ نشاني لڳائي آهي، جيئن ته:
ڪرترير پرويوگه ڪرمڻي پريوگه
هو ماري ٿو هو مارجي ٿو
هو پڪڙن ٿا هو پڪڙجن ٿا
هنن مثالن ۾ ’مارجي‘ ۽ ’پڪڙجڻ‘ فعلن ۾ / اِج / نشاني لڳل آهي،
جيڪا ڪرمڻي پريوگه ڏيکاري ٿي. سنڌيءَ اهو طريقو
سنسڪرت ۽ پراڪرت کان ورثي ۾ حاصل ڪيو اهي ۽ اڃا
تائين پاڻ وٽ سلامت رکيو آهي. ٻئي طرف ٻين آريه
ٻولين ۾ اهڙا روپ هاڻي ڪتب نٿا اچن. سنسڪرت ۾
ڪرمڻي پريوگه ٺاهڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ / ي /
نشاني لڳائبي آهي، اها پراڪرت ۾ بدلجي / ايِئه/ يا
/ اِجّ / ۽ سنڌيءَ ۾ / اِج / يا /جۡ / ٿي آهي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
پِيپَتـٖـي (پيئجي ٿو) پيئِجَئـٖـي پيئجي
گَييَتـٖـي (ڳائجي ٿو) گائَجَئِه ڳائجي
سنسڪرت ۽ پراڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ اسين فعل لازميءَ ۾ پڻ اهي
پڇاڙيون لڳائي سگهندا آهيون. اهڙن فعلن وارا جملا،
ڀاوي پريوگه جا مثال آهن. جيئن ته، سنسڪرت:
جِيوۡيَتـٖـي (جيئجي ٿو)، پراڪرت: جِيئِجَئي،
سنڌي: جيئِجي. سنڌيءَ ۾ ٻيا مثال آهن: هلجي، نچجي
بيهجي، وغيره.
(10) سنڌيءَ ۾ اسم مفعول (Past
Participle) ٺاهڻ لاءِ فعل جي بنياد ۾ / اي/ نشاني لڳائبي آهي. جيئن ته
پڙهيو، لکيو، ڊوڙيو. پر سنڌيءَ ۾ ڪيتارئي اسم
مفعول اهڙا آهن، جن جا روپ / ي/ لڳائڻ سان ان ريت
نٿا ٺهن. انهن کي بي قاعدي اسم مفعول چيو وڃي ٿو.
حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ اها بيقاعدگي، سنسڪرت ۽ پراڪرت
جي آڳاٽن اسم مفعول جي روين کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻ
ڪري پيدا ٿي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه مثالن مان اها
ڳالهه صاف ظاهر آهي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
تَپۡت تَتّ تتو
گۡياتَ جاڻِئه ڄاتو
لَبۡدَ لَڌّ لڌو
گهۡرِشۡپَ گَٺّ گٺو
ڀگۡنَ ڀگّ ڀڳو
تُشۡٽَ تُٺّ تُٺو
سنڌيءَ ۾ اهڙن بي قاعدي اسلم مفعولن جو تعداد اٽڪل ٻه سؤ کن
آهي. ٻين هند ــ آريائي ٻولين ۾ ان طرح جا بي
قاعدي ٺهيل اسم مفعول هاڻي گهڻي قدر نٿا ملن.
(11) فعل متعدي ۽ فعل لازمي ۾ /اِب/ نشاني لڳائي سنڌيءَ ۾ ڪرد
نت ٺاهبا آهن. جيئن ته: کائبو، هلبو، وغيره. اهڙا
روپ ٻين ٻولين ۾ ورلي آهن. پر سنڌيءَ ۾ اهي سنسڪرت
۽ پراڪرت جي قاعدن موجب ٺهيل آهن. سنسڪرت جي /
تَويَه / پڇاڙي پراڪرت ۾ / تَوَّ/ سنڌيءَ ۾ اِب /
۾ بدلي آهي.
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
نۡرتَتويه نَچَّئوّ نَچبو
شۡروتَويه سُڻئوَّ سُڻبو
هَنتويه هَڻئوَّ هَڻبو
(12) وياڪرڻ جي جهونن روپن وانگر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ويدن واري
سنسڪرت، ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت ۽ آپڀرنش جا
ڪيترائي آڳاٽا لفظ پڻ هوبهو ساڳيءَ صورت ۾ يا ٿوري
گهڻي تبديلي سان پاڻ وٽ سنجوئي رکيا آهن. هتي اهڙن
لفظن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا، جيڪي سنڌيءَ ۾ تد ڀوَ
(ٿوري بدليل) صورت ۾ سلامت آهن.
سنسڪرت سنڌي
اَناسَههۡ اَڻاسو
جُورۡيهَ جهُورُ
يوُت جُوءِ (جاءِ)
وَلّڀَ وَلهو
جَنۡيهَ ڄڃ
اَنگارڪَ ــ وار اڱارو
آدِيتيهَ ــ وار آچر
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جهونا پراڪرت ۽ پڀرنش لفظ، هاڻوڪي سنڌيءَ
جي ڀيٽ ۾ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. ڪجهه مثال ڏسو:
سنڌي پراڪرت سنسڪرت
چِئَه (چتا) چِئَه چِتا
رَئِي (چمڪ) رئي رُچي
نِيَرَ (زنجير) نِئرَ نِگَڊِ
رانءُ (رسي، ڌاڳو) راءُ رَجُ
رائُرَ (حڪومت طرفان ٽئڪس) رائُرَ
راجڪَرَ
ڌاءُ (ڌاتو) ڌاءُ ڌاتُو
اوڙ (قطار) اول آولي
آچاريه هيمچندر (1088-1172ع) گجرات جي عالم ’ديشي نام مالا‘
نالي تيار ڪيل ديشي لفظن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترائي
ديشي لفظ ڏنا آهن، جيڪي ساڳي يا ڪي قدر بدليل صورت
۾ اڄ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪتب اچن پيا. جيئن ته:
ڏونگر (ڊونگرو)، مينڊا (وارن جون چڳون ــ موڊو)، وانڍو (ڪنوارو
ــ ونٺو)، ڇوههَ (تيز وهڪ ــ ڇوهو)، اوڍن (بدن کي
ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ــ اوڍڻ).
سنڌيءَ ۾ رشتو ڏيکاريندڙ لفظ پڻ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن.
مٽي مائٽي ڄاڻائڻ لاءِ جتي اردو، هندي وغيره ٻولين
۾ ٻه ــ ٽي لفظ ڪتب آڻڻا پون ٿا، اُتي سنڌيءَ ۾ هڪ
لفظ استعمال ٿئي ٿو. مثال طور:
سنڌي هندي ــ اردو سنڌي هندي ـــ اردو
سوٽ چچيرا ڀائي پڦاٽُ ڦوڦيرا ڀائي
ماروٽ مميرا ڀائي پڦاٽِ ڦوڦيري بهن
ماروٽِ مميري بهن نراڻوٽ نند ڪا لڙڪا
ماساتُ موسيرا ڀائي ڏيروٽُ ديور ڪا
لڙڪا
ماساتِ موسيري بهن سيڻوٺُ سَمڌي ڪا لڙڪا
ان طرح، پسون ــ پکي، جيوَ ـــ جَنت، جڙيون ـــ ٻوٽيون ۽ ٻيون
ڪيتريون ئي شيون آهن، جن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص
جدا جدا ۽ تز معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ ملن ٿا. انهيءَ
جي ساک ڀليءَ ڀت ”جامع سنڌي لغات“ (سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد سنڌ) جي پنجن ڀاڱن مان ملي سگهي
ٿي. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به جهونن سنڌي لفظن ۽ ويا
ڪرڻ جي آڳاٽن روپن جو اکٽ ڀنڊار نظر اچي ٿو. ان تي
الڳ مضمون ۾ روشني وڌي ويندي.
هن مضمون ۾ ڪجهه مثال ڏيئي ٿوري ۾ اها حقيقت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ڀارت ـــ
پاڪ اُپکنڊ جي آڳاٽين ٻولين (ويدن جي سنسڪرت،
ڪلاسيڪل سنسڪرت، پراڪرت، آپڀرنش) سان گهاٽو لاڳاپو
آهي. ڪيترائي آڳاٽا لفظ ۽ وياڪرڻ جا روپ، جيڪي ٻين
هاڻوڪين هند ــ آريائي ٻولين مان گم ٿي ويا آهن،
اهي سنڌيءَ پاڻ وٽ اڃا تائين حفاظت سان سانڍي رکيا
آهن. ان لحاظ کان اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مڙني هند
ـــ آريائي ٻولين ۾ گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي.
هڪ ٻيو بيت به آهي جو ”گنجي ڏونگر گام“ جي لفظن سان شروع ٿئي
ٿو. هن جي ٻي سٽ ۾ به فرق نالي ماتر آهي ۽ آخري
بيت جي پهرين سٽ کي پهرين سٽ کي ابتو ڪري پهرين سٿ
ٺاهي وئي آهي.
”گنجي ڏونگر گام“ پئي جن پروڙ
ڪري تن تمام ”لوچي لاهوتي ٿيا.“
بيت جي آخري سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيا لفظ آڻي بيت کي سهڻو ۽
اثرائتو بنائڻ جو مثال رسالي ۾ عام آهي. لفظن جي
اهڙي تڪرار کان سواءِ ٻيو بيت اهڙن لفظن سان شروع
ٿئي ٿو، جيڪي پهرين بيت جي پهرين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾
آندا ويا آهن.
”نوريءَ ۽ ناري“ جوڳيئڙا جهان ۾
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جئندي ان ريءَ
ـــ
”جوڳيئڙا جهان ۾“ هئا منجهه همام
آرامان ارگ ٿيا، اوڏا نه آرام
ڪيائون قيام، آءٌ نه جئندي ان ريءَ
لفظن جي اهڙي جڙت ۽ بيت جي اهڙي صوتي خوبي ۽ اثر جو مثال شاهه
جي شاعريءَ جو ڪمال آهي. رسالي ۾ اهڙا بيت به آهن.
جتي بيت ڪن خاص لفظن تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ
ايندڙ هڪ ٻه يا ٽي بيت ساڳين لفظن سان شروع ٿين
ٿا. مثال طور هڪ بيت ”مڻيو وجهان مچ ۾“ وارن لفظن
تي ختم ٿئي ٿو:
داغ تنهنجو دائما ماري معذورين
سائين ڪارڻ سپرين وڃج م ڏورين
آءٌ تو حضورين، ”مڻيو وجهان مچ ۾“
ان کان پوءِ ايندڙ بيت ”مڻيو وجهان مچ ۾“ وارن لفظن سان شروع
ڪيا ويا آهن.
”مڻيو وجهان مچ ۾“ هائي هڻان هار
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان
ـــ
”مڻيون وجهان مچ ۾“ هائي هڻي هار
سوڀي سڪ سيد چئي، ڪرين ڪوه قرار
راجا ريساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار
چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏينهون ڏينهن ڏهڪار
ٺاڪر اکين ٺار، مڻين تي ٿي مٽئين.
رسالي ۾ ڪن اهڙن بيتن جا به تمام دلچسپ ۽ وڻندڙ سلسلا آهن، جن ۾
مٿي ڄاڻايل نموني جو تڪرار وري وري اچي ٿو. هڪ بيت
جن لفظن تي ختم ٿئي ٿو ته انهن ئي لفظن سان ٻيو
بيت شروع ٿئي ٿو. بيت جي اهڙي سلسلي کي جنهن ۾
بيتن جو تعداد وڌي ويو آهي، مرهيات ڊاڪٽر دائود
پوٽي ”قطار البعير“ يا ”اٺن جي قطار“ جو نالو ڏنو
آهي. شاهه جي ڪلام ۾ اهڙا بيت جام آهن. پر انهن جو
سلسلو ايترو ڊگهو ڪونهي. اهڙن بيتن جي ڊگهي سلسلي
جو شوقين ۽ ماهر شاهه جو وڏو مريد ۽ پيارو شاگرد
تمر فقير هو، جنهن جي اهڙن بيتن جا سلسلا شاهه جي
رسالي جي ڪن قلمي نسخن ۾ سنسد نالي سان داخل ٿي
محفوظ ٿي ويا آهن. اهڙن بيتن جو ڪمال هيءُ اهي ته
اهڙن صنعت گري جي هوندي به ٻولي کي ايترو سادو ۽
روان رکيو ويو آهي، جو ڳوٺاڻا ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو به
چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا. بيتن جي اهڙن سلسلن ۾
ٻوليءَ جي سهڻائي ۽ صفائي ۽ بيت جو مخصوص هنر ۽
اندازِ بيان جو فن پڙهندرن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان پاڻ
ڏانهن ڇڪائي ٿو. پر شاهه شعر جي فن ۽ ٻوليءَ
جو ماهر شاعر آهي ۽ سمجهي ٿو ته اهڙي صنعت جي بيتن
جي سلسلي کي ڊگهي ڪرڻ سان ٻوليءَ جي سهڻائي ۽
اندازِ بيان جو اثر گهٽ ٿي ويندو.
شاهه جي شاعريءَ جو ڪمال ڪن چونڊ بيتن ۾ اهڙي نموني ۾ ظاهر ٿئي
ٿو، جنهن مان شاعر جي غير معمولي شاعراڻي صلاحيت ۽
زبان ۽ بيان جي ندرت جو اندازو ٿئي ٿو. اهڙن بيتن
۾ لفظن سان گڏ معنيٰ جو به نرالو ۽ مخصوص انداز
ملي ٿو. جيئن ته سُرمي بابت شاهه جا هيٺيان بيت
مشهور آهن، جن ۾ شاعراڻي جدت ۽ مضمون آفريني سان
گڏ رنگن جي تعمبير (Interpretation
of colours) جو پهريون مثال ملي ٿو، جيڪو هڪ بلڪل جديد فني نڪتو آهي ۽ اڄ
کان ٻه اڍائي سئو سال اڳ اهڙن شعرن جو ملڻ عجب
جهڙي ڳالهه آهي. ان کان سواءِ بيتن ۾ لفظن جي
ڪاريگري به ڏسڻ وٽان آهي.
|