سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (4)

 

صفحو :3

تاج جويو

 

هائيڪا

 

چنڊ نه ڪو تارو،

ساروڻين جون روشيون،

مون لئه سهارو.

 

جهڙا چُنيءَ چٽ،

تهڙا تارا اُڀ جا،

تهڙي شاعرَ سِٽَ!

 

توکي ڪهڙو گهاءُ؟

آڌيءَ رات اُداس تون،

چنڊ، ڪويءَ جا ڀاءُ!

 

 

 

ڍنڍَ، سَرنهن جي ڇانوَ،

سُرهيون سارون ذهن ۾،

چٻي کاڌي هانوَ!

 

شاعرَ نيڻ ڀِنل،

ڍنڍ جي گدلي جَرَ ۾،

اُجرا نيل ـــ ڪنولَ!

 

واهُوندا وريا،

ٻُوريا کٻڙ ڏيهه ۾َ

چاههَ ٿيا چريا.

 

ڪرڙ منجهه پُسي،

واهُوندن ۾ وَرُ پرين!

توريءَ راتِ ٻُسي!

 

اياز گل

 

غزل

 

دردُ ڀاڪُرَ ـــ ڀري ۽ مُرڪيون مون،

ٽهڪَ ڏئي سک مگر نه پاتو تون.

هر دفعي هڪ نئون تجربو هو، ڪاوڙياسون جڏهن ۽ پَرتاسون،

مُنهنجي چاهتَ جي ثابتي آهن، ڊائري، فون، خطَ ۽ تارون.

زندگي دوستَ! آهي واچُوڙو، پاڻ ڄڻ ڪکّ پَن جيان آهيون.

تُنهنجو هر ڏينهن آ، ڏِياري جيان، ۽ اَنڌيرا اسان جون ميراثون،

ڪُوڙ ڪيڏا وڏا ٿي ڳالهايئين، زور سچَ تي هيس ننڍي لاڪون.

 

 

 

ادل سومرو

 

ٿڪل زندگي

 

ڏينهن پهريون مهيني جو ۽ ماڻهن جو هجوم

بينڪ ۾ بيهڻ جي نٿي جاءِ ملي ـــ

ڏڪندڙ هٿن ۾ ڪاڳر جهَليو

لٺ جي سهاري

پينشن وٺندڙن جي قطار ۾

سڀ کان آخر ۾ بيٺو آهي هڪ پوڙهو

جنهن جي چهري جون ريکائون

ڄڻ ته آهن ٿڪل زندگيءَ جون ويران واٽون

سندس ڪمزور ۽ ڪچو گهر

ٿورڙي برسات تي جنهن جي ڇت

ڪنهن بيوهه جي اکين جان

ٽمڻ لڳندي آهي ـــ

هڪ پوڙهي زال

چار نياڻيون سامايل ـــ

مهيني جا سمورا ڏينهن

تن وٽ ڏک ٿو مهمان ٿئي ـــ

زندگي

هيڪلائپ جي اُداس ٻيٽ

ڏَڍُ نه آٿت

نه ئي ٻه ٻول همدرديءَ جا

ماٺ ئي ماٺ

موت جهڙي ماٺ.

ڊگهو سفر، ٿڪل سرير

بيوسيءَ جو بارُ ـــ

زندگي

ڄڻ ته آهي موت جو ئي انتظار ــ

 

طارق عالم

 

پَنُ پَنُ ڦاٽل پوتيون هئا جي

پلارن تان اُڏري تن تي

ڇانو ڇَٽِيون ٿي ڇانئي آهي.

 

رات سموري اَرڪ ڦُلڙيون

تارو تارو ٽمڪي ٿي.

 

يادون ڀي ڪي مَڇيون آهن

ڳاڙهيون؛ سايون

رنگ رنگيليون

نيڻن ۾ اڪيوريم ۾

هيڏي هوڏي ڦيريون پائي

دلين کي وندرائين ٿيون

واندا پل کُٽائين ٿيون.

 

 

نصير مرزا

 

ست ـــ گُلي جي وَلُ

دريءَ سان، اندر مِني پلانٽ

ڀرسان شِلف ڪتابن جو ۽ وچ ۾ هڪ تصوير.

ڪمري جي ويرانيءَ اندر

مان ۽ منهنجا شعر

ڪيئي بهارون آيو، ويئون

پيلا گُل ڦهلائي

ڪوبه ته، ناهي ڪمري اندر

مون سان جو ڳالهائي

کُليل دريءَ مان ڏور ڏسان پيو: اُجاڙ هڪڙو باغ

باغ مٿان ٽيڙُن جي ٽِم ٽِم، لُڙڪن جي زنجير

ڪمري اندر گهُوري پيئي شيلف منجهان تصوير.

تيز هوائون، لُڙڪ اکين ۾، هٿ ۾ کليل ڪتاب

پري پري تارن ۾ جهِرمِر

مُرڪي پيو مهتاب.

 

اِرم محبوب

 

هڪ احساس

 

ڪاش!

امن ۽ پيار جو

سج اُڀرندي

ڏسان ها...

ڪاش!

امن جي ڪرڻن ۾

شامل ٿي...

انسانيت کي

خوشين ۾

ڪُڏندي ڏسان ها...

پيار جي

سُڳنڌ سان

پنهنجي ڌرتي

مهڪايان ها...

”پر...“

فقط هڪ

”پر...“

جي پٺيان

آهن اڻ کُٽ

سوال، ڇا تون

ڏئي سگهندين جواب؟

اي سجَ... اي امن... اي پيار...!

ته ڪڏهن اُڀرندو امن جو

پيغام کڻي

هڪ نئون سج

هن ڌرتي تي؟

ڪڏهين وسندين

تون اي پيار؟

ها... شايد تڏهين...

جڏهين هن ڌرتي تي

رهندو نه ڪوئي

بار!

 

پشپا ولڀ

 

پٿري رستي تي

ڏامر چهرا

رنگين کهنبين ۾

ڍڪيل چهرا

رنگين کهنبين ۾

اڌ اُگهاڙا ٻار

رنگين کهنبين مان ليئو پائيندڙ

پُٺي لڳل پيٽ

رنگين کهنبين مان سوال پُڇندڙ

قسمت ڪاريون اکيون

رنگين کهنبين ۾

ناڪيلي وڌل نڪ

مٿي تي پٿريءَ جي تغاري

۽ عاج چوڙن ٻانهن جو سهارو

اُهائي

رنگين کهنبي ۾ ويڙهيل

چُلهه جي ديوار تي لڳل

ڪاراڻ آهي.

 

سوز هالائي

 

گيت

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو،

ياد جا گل گلاب کڻي وڃ،

پرينءَ کي پهچائي ڏج،

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

اجرا اجرا ۽ تو جهڙا،

سارا منهنجا خواب کڻي وڃ،

ساهن منجهه سمائي ڏج،

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

خط هوائن ڪونه پڄايا،

هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ،

لوڪ سڄي کان لڪائي ڏج،

چنڊ پرين جي پار وڃين ٿو.

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ،

نيڻڻ منجهه حجاب کڻي وڃ،

وڃ مگر شرمائي ڏج،

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

نينهن سنيهن جا ”سوز“ سنيها،

بي حد بي حساب کڻي وڃ،

جهوليءَ کي ڦهلائي ڏجل،

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

 

مخدوم جميل الزمان

 

دل ته اڪثر پئي جناب ٽٽي،

اڄ به ڪو ظلم بي حساب ٽٽي.

ڳالهه ڪر يا تون ٻڌ ليڪن،

ڪيئن به هي برده حجاب ٽٽي.

طورسينا جي بار جيڏو، دوست،

روز ٿو دل تي اضطراب ٽٽي.

منهنجو دم پڻ ٽٽڻ تي پهچي ويو،

تنهن جي رخ تان نٿو نقاب ٽٽي.

باهه سيني سندي اجهائڻ لئه،

آسمان تان ئي جوئي آب ٽٽي.

اک ته پٽجي وئي جميل الزمان!

هاڻ من آرزو خواب ٽٽي.

 

 

زاهد دارا

بيٺل پاڻي

پريشر ڪڪر جهڙا گهر اسانجا

جن ۾ ڪڙهي ڪڙهي

هاڻ ته ذهن جون تندون به ڳري ويون آهن

ريل جي بتين جهڙا، پيلا بيمار مستقبل

۽ من ۾ سانڍيل پنهنجي ماضيءَ جا (الف)

فوٽوگرافز سانڍي

هر شخص ڌپ ڪري ويو آهي (سنواريل پاڻيءَ جيان)

هاڻ ته اسانجا لاش به

ريڙهي تي وڪامجندڙ بنا برانڊ جي بسڪوٽن وانگر

تُري رهيا آهن.

پر، ڪوئي به ناهي، جيڪو هيءَ تاريخ لکي

جيڪي لکن پيا

انهن جا ٻئي هٿ ٻڌل آهن

هُو پير جي آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾

مهانگا قلم ڦاسائي

(سائي) مس سان جيڪو به لکن پيا

سو پڙهجڻ ۾ اچي ئي نٿو....

پر اسان جي تاريخ آهي

بندي خانن جي فرش تي

پيرن جا رند اسانجي تاريخ آهن

۽ بنڊ پهڻ نيڻن جا سمورا

جيئرا سپنا، اسانجا آهن.

”اميد“ خيرپوري

 

غزل

 

ڪنهن ڏي کڻي نگاهه نهاري نٿو سگهان،

پنهنجو ڪريل نصيب سنواري نٿو سگهان.

ساريان ٿو، جنهن کي تنهن کي وساري نٿو سگهان،

بازن بغير بحر اُڪاري نٿو سگهان.

ڪنهن ڀي طرح سان دل کي ڌتاري نٿو سگهان،

جهرڪي عقاب آڏو اڏاري نٿو سگهان.

وَس جي نه آهه ڳالهه ڀلي ڪو ميار ڏئي،

پاڻي سان ڪنهن چراغ کي ٻاري نٿو سگهانن.

ڪيڏيون نه ڪوششون ٿو ڪيان ڪائنات ۾،

مغرب کان آفتاب اڀاري نٿو سگهان.

هٿ وات جي وڳوڙ وڪوڙيو آ، وار وار،

مُرڪي گهڙيون ٻه چار گذاري نٿو سگهان.

ڏاڏر کي موت ڏئي ٿو سگهان ڏيهه ۾ ’اميد‘،

ڪوئي مَري پوي ته جياري نٿو سگهان!

 

نظام ”زائر“

 

درد دل جو وڌي ويو آهي،

ياد ڪوئي اچي ويو آهي.

انتظاري ۽ بيقراريءَ ۾، چنڊ اُڀري لهي ويو آهي.

ڪير چاهي ٿو ڪيترو مون کي، ان جو احساس ٿي ويو آهي.

يادگيريون اچي ويون آهن، پاند دل جو پُسي ويو آهي.

قرب هوندي به ايترو آخر، فاصلو ڇو وڌي ويو آهي.

پيار تنهنجي ۾ تنهنجو هي ’زائر‘،

موت کان اڳ مري ويو آهي.

 

بشير سيتائي

 

غزل

 

توکي پلپل ٿو پڪاري منهنجو پيار،

تون ئي آهين منهنجي گلشن جو بهار.

ڪاٿي آهي تنهنجي جَلون جو جهان، مان ته هت آهيان سَراپا انتظار.

آئون صدين کان سڪان ٿو بوند لئه، تون لڳين ٿو مون کي دريا بي ڪنار.

ڪير ڄاڻي زندگيءَ جو فلسفو، هڪڙو سپنو، ساڀيائون سَوَ هزار.

مرڪي مون کان موڪلائي وئين جڏهن، ناهه جذبن تي تڏهن کان اختيار.

لوڪ ۾ نروار آ تنهنجو ’بشير‘،

وار اڻڀا، جنهن جو دامن تار تار.

 

مسرور سيال

 

سير مان تڪڙي تري مان شل ملان ميهار سان،

چاهه ۾ دل ٿي چري آهي چڙن چونگارن سان.

پار ٿو ميهر پڪاري، ڪيئن وهان سڏڙا سڻي،

ساهه ساهڙ سان سلهاريو، دل لڳي دلدار سان.

سرڪ هڪڙيءَ ساڻ ساهڙ من ڪيو مستان آ،

هوش منهنجو ويو هليو، ’هون هون‘ سندي هونگار سان.

رمز چُڪڙي ۾ رکيل ڪا مام هئي ميهار جي،

روح ٿيندو راس هاڻي، دوست جي ديدار سان.

رات ڪاري ڪن گهڻا، دهشت وڏي درياهه ۾،

ويو صفا ڀيلو ڀُري، سيرن سندي سٽڪار سان.

ٿي چوي سس ساڙ مان، دڙڪا ڏئي دهمان سان،

ڏاڍ ڏم جا ٿي ٻڌائي، سا وڏي ڏهڪار سان.

ڊاءَ ڊپ درياهه جا، ڪڙڪا ڪنن جا ڇا ڪندا؟

سِرُ لڳي سؤ سو دفعا، هن عشق جي اقرار سان.

داٻَ دڙڪا، لهر لوڏا، يار جي خاطر سهي،

من ڪبو ’مسرور‘ ميهر جي مٺي گفتار سان.

 

واجد

غزل

 

زندگيءَ جي حاصُلتا، غم، الم الم ۽ ويا ڪُلتا.

ويجهو ٿي محسوس ٿيم، بڪ آهن سڀئي رِشتا.

ڪنڊن مٿـٖـي ويهي، چئه، ڪيئن گُهري ڪو گلدستا.

حق جي راه هليو جو هُو، تنگ ٿيس هڙئي رستا.

ڪيئن نه، اُن جي ڳالهه ڪريان، جنهن سان مقن هو وابستا.

همدم ۽ همرازن ساڻ، راز ڪجن سڀ سربستا.

واجد واٽَ هليو تَن جي، جُهڊ جَنئين جا بُرجستا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com