ـــ محمد قاسم ٻگهيو
ڇهه ماهي سنڌي ادب
سنڌي ادب ۾ تحقيقي رسالن جي ڏاڍي کوٽ آهي. البت ان سلسلي ۾ ٽه
ماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي، پيغام، الرحيم ۽
ڇهه ماهي سنڌي ادب جا نالا مشهور آهن. جيتوڻيڪ اهي
رسالا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، پر اهي رسالا
ديرمدار سان مسلسل شايع ٿيندا رهن ٿا. زير نظر ڇهه
ماهي ”سنڌي ادب“ رسالو به انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
جو تحقيقي ۽ معياري رسالو آهي؛ جيڪو گذريل ڳچ سالن
کان شايع ٿيندو رهي ٿو. هن رسالي جي اها خوبي آهي
جو هن ۾ مذهب، ادب، ٻولي، تاريخ، سماجي سائنس،
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مختلف موضوعن تي مواد شامل
هوندو آهي، ان ڪري هن رسالي کي سنڌي ادب جو گلدستو
چئجي ته بجا آهي. هن رسالي ۾ گهڻو ڪري مضمون ۽
مقالا به هر شعبي جي ماهر استادن کان لکرائي شامل
۽ شايع ڪرايا وڃن ٿا، جنهنڪري سڄي مواد ۾ ڏاڍي
پختگي ۽ تحقيق سمايل هوندي آهي. هن سنڌي ادب ۾ 21
مضمون ۽ مقالا آهن. انهن مضمونن جو وچور هن ريت
آهي: اسلام جو نظام عدل، مسجد نبوي ۽ گنبذ خضريٰ،
ابوبڪر صديق، دين جي اشاعت ۾ عورتن جو حصو ۽
قربانيون، سچ سرت ۽ سور، قادر بخش بشير جي شاعري،
سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن جو جائزو، سنڌي سنگيت ڊراما،
سنڌي ادب جي اشاعت ۽ اهميت، علامه آءِ. آءِ. قاضي،
عبيدالله سنڌي، ڪلهوڙا دؤر جو سنڌي ادب، هندستان
جون اهم ذاتيون، آسونهپ، اقوام متحده جي سيڪريٽري
جنرل جو ڪردار، سوئيڪارنو جو زوال، ٻارن ۾ اهنج ۽
اسباب، انساني جسم ۾ امائينو ائسڊ ڪاپر ڪامپليڪسز
جي اهميت، ڪتريندڙ جانورن جي اوسر، غذا ۽ انساني
صحت ۽ سنڌ جون شخصيتون.
رسالي ۾ هرهڪ مضمون ۽ مقالو حوالن سان ڀرپور، جاندار ۽ تحقيق
سان لکيل آهي، پر ڪٿي ڪٿي تحقيقي تشنگي به رهجي
ويل آهي، جيئن مرزا ڪاظم رضا بيگ جي مقالي ”سنڌ ۾
فارسي گو شاعري جي اوسر جو مختصر جائزو“ ۾ تاريخ
فيروزشاهي جي حوالي سان تحرير آهي، ته سنڌ جو
پهريون فارسي گو شاعر ڄام جوڻو هو. ڄام جوڻو،
فيروز شاهه تغلق جي هٿيان شڪست کائي، جڏهن ان جي
سامهون ٿيو، ته اظهار ندامت جي لاءِ هيٺين مصرعه
سندس خدمت ۾ پيش ڪيائين:
”شاهه بخشنده توئي بنده شرمندم منم.“
اهو ٻڌي فيروز شاهه مٿس مهربان ٿي کيس تازي گهوڙي ڏئي هيءَ
مصرعه پڙهيائين:
”از من نه سرزد بدي و خود بدي نه ڪنم“ (ص 74_17)
مرزا صاحب جي چوڻ مطابق سنڌ جو پهريون فارسي گور شاعر ڄام جوڻو
آهي. تحقيق جي سلسلي ۾ مرزا صاحب کان اها وڏي سهو
سرزد ٿي آهي. پر حقيقت هن طرح آهي، ته ڄام جوڻو
سنڌ جو پهريون فارسي گو شاعر نه آهي ۽ نه وري اهو
فارسي جو مذڪوره مصرعه ڄام جوڻي جو چيل آهي، جنهن
جي ترديد اڳ ۾ به شايع ٿي چڪي آهي. اهو مصرعو
درحقيقت امير حسن عسڪري جو ديوان جي هڪ غزل جو
آهي.
محترم حسام الدين راشدي ان باري ۾ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ لکيو آهي، ته
تازو ديوان امير حسن سجزي پڙهندي ظاهر ٿيو، ته اهو
مصرعه درحقيقت امير مذڪور (603_738هه) جي هڪ غزل
جو آهي. سراج عفيف (تاريخ فيروزشاهي جي مصنف) ڄام
جوڻي سان فيروز سان فيروز تغلق جي صلح ڪرڻ واري
واقعي کي ’فتح‘ جي غلط رنگ سان پيش ڪيو آهي ۽ حسن
سجزي جو مصرعه صورتحال کي تقويت ڏيڻ خاطر ۽ مناسبت
جي لحاظ سان، ڄام سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. سڄو غزل
هن ريت آهي:
باز مين آيم و سر در قدمت ميفگنم،
”مير بخشنده توئي بنده شرمندم....“
غزل ڊگهو آهي. (ڳاليهون ڳوٺڻ وڻن جون ص 412_414)
راشدي صاحب جي بيان مان ظاهر آهي ته ”شاهه بخشنده توئي“ وارو
مصرعه امير حسن سجزي جي غزل جو مصرعو آهي ۽ ڄام
جوڻي ڏي غلط منسوب ٿيل آهي. جڏهن راشدي صاحب جهڙي
فارسي دان ان غلط روايت کي رد ڪري، ان مسئلي کي
ظاهر ڪري ڇڏيو، اهو احوال پهريان رسالي مهراڻ
4_1968ع ۾ ۽ بعد ۾ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ۾ آيل آهي.
ايتري وضاحت کان پوءِ فارسي دانن کي سراج عفيف
واري غلطي بار بار نه دهرائڻ کپي ۽ محقق کي اڳين
تحريرن کي به سامهون رکي پوءِ قلم کڻڻ ۽ نتيجو ڪڍڻ
گهرجي.
جيئن ته ”سنڌي ادب“ جا ٻارهن سالن ۾ ڏهه پرچا مس شايع ٿيا آهن،
ان ڪري سنڌي ادب کي ڇهه ماهي جي بدران يڪ ساله چوڻ
بهتر ٿيندو. جڏهن ته يونيورسٽي ۾ هرهڪ شعبي جا
ماهر استاد ۽ اديب موجود آهن ته پوءِ ايتري وقت جي
وٿي مناسب نه ٿي ٺهي ۽ سنڌي ادب جي شائقين کي
ايترو انتظار نه ڪرڻو پوي.
بهرحال سنڌي ادب هڪ معياري ۽ تحقيقي رسالو آهي، جنهن ۾ تخليقي
ادب جي کوٽ هوندي به مختلف شعبن ۽ هرهڪ ماڻهو جي
پسند جو مواد شامل آهي.
ــــ عبدالرسول قادري بلوچ
امن آبحيات
سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو پاران سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعر
سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو ميڙاڪو ”امن آبحيات“
شايع ٿي ديس واسين جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. هن
ڪتاب جي نالي ۽ ٽائيٽل جي مٿان ڇاپيل ڪبوتر انهيءَ
ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته هن ڪتاب ۾ امن ۽ آشتي جو
پيغام ڏنل آهي.
ڪر نه کڻي ڪات، ڪڏهن ڪنهن ڪياڙ تي،
واڳون گوڙ وڳوڙ جو، مور نه پٽي وات،
امن آبحيات، پيئڻ سان پرکي ڏسو.
سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب ۽ محقق محترم تنوير عباسي ڪتاب جو
مهاڳ لکندي سرڪش جي ڪيل تخليق کي سندس ئي تخلص
جيان سرڪش جو سڌو اظهار سڏيو آهي. سرڪش سنڌيءَ سڌي
راءِ جي پيش ڪرڻ ۾ ڪوبه رک رکاءُ ڪونه ڪيو آهي.
ساڙينديون سماج کي، سامراجي سوچون،
لڇون ۽ لوچون، اٿو سڀئي امن لئه.
سرڪش سنڌي هڪ سچي شاعر جيان پنهنجي تخليق ۾ پنهنجي دور جي اهم
موضوعن کي تمام سهڻي نموني سان پيش ڪيو آهي.
سچ پچ انسان ذات سان الفت ئي ته حقيقي انسانيت جو اهڃاڻ آهي،
جنهن انسان ۾ انسانيت جو درد ۽ انهن لاءِ تڙپ
ڪونهي، اهو حيوان کان به بدتر آهي. سرڪش به انسان
ذات سان الفت ڪري ٿو. کيس انسان ۾ طبقاتي ڳالهه نه
ٿي وڻي. هو وڏيري جو ڪنڌ آڪڙ کان سيٽيل ۽ هاري جا
هٿ هيڻائين کان ٻڌل ڏسي تڙپي ٿو پوي.
اچي جيئن هاري، اٿي بيهه امير تون،
پيرين پوڻ پورهيت جي خان نه ٿي خواري،
سونهن ۽ ساري، اٿئي انهيءَ آسري.
سرڪش سنڌي، انهن سڀني هٿرادو ڳالهين کي قلم جي نوڪ سان ختم ڪري
پنهنجي منجهايل مارن کي سبق ٿو ڏئي ته:
ننڊاکا ڪر نيڻ نه ساٿي، هير اکيون اوجاڳن تي،
هٿ ۽ پير هلائڻ وارا، ڀاڙي ويهه نه ڀاڳن تي.
سرڪش سنڌي پنهنجي تخليق ۾ وقت جي استحصالي ٽولن ـــ پيرن،
وڏيرن، سرمائيدارن، ۽ ڌارين جي ڪردار کي قلم جي
نوڪ سان نروار ڪيو آهي ۽ انهن کي امن ۽ اهنسا جي
وچ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ سڏيو آهي.
خاص ڪري پيرن جا پرڪار ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان پيش ٿو ڪري جو
لفظ لفظ حقيقت جو ڏس پيو ڏي ته هي گمراهه ڪندڙ پير
۽ دستگير ڪنهن جي به ڪونه ٿا پڄائين. توهان کي هٿ
ٺوڪيون ڳالهيون ٻڌائي، اڃان به وڌيڪ مسڪين بڻائڻ
ٿا گهرن.
پڄائي جي پير، اڳل پڄائي پنهنجي،
رلي، پني نه پيٽ لئه، در ــ در دستگير،
قائم ناهي ڪير، ته داڻن ڪيئن دلاسڙو.
سرڪش سنڌي، سنڌ ڌرتي تي بي امنتي، ڦرلٽ، وڏيرن جي وڏيرائپ،
سرمائيدارن جو ظلم ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي ڏسي، پنهنجي
پيڙهيل طبقي هاري ۽ پورهيت کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ وڏا
جتن ڪيا آهن. هو پنهنجي قلم ذريعي ڏسي رهيو آهي ۽
پنهنجي ساٿين کي هيڏن هاڃن جي باوجود به ننڊ ۾
غافل ڏسي ٿو ته ڏکاري انداز ۾ چوي ٿو:
اڃان پاڻ پورهيت ۽ هاري نه جاڳيا،
ته قسمت جي هٿ ۾ تئو تيل هوندو.
مجموعي طرح هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ترقي پسند شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ
اهم اضافو آهي.
ــــ اڪرام ساگر عباسي
اسلامي ڪلچر
مولانا رحيم بخش قمر صاحب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناميارو ليکڪ آهي،
جنهن کي سنڌ اندر نثر توڙي نظم ۾ هڪجهڙي مقبوليت
حاصل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس هن وقت تائين نظم ۾
ڏهه ۽ نثر ۾ ٻارنهن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ انهن کي
علمي حلقن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل آهي.
هتي تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”اسلامي ڪلچر“ سندس ٽيويهون ڪتاب آهي.
ڪتاب ۾ آيل مواد جو جيتري قدر تعلق آهي ته هن ۾ ڪل
31 باب ڏنل آهن. سڀ کان پهريائين ”سورت النساءِ“
جو ترجمو ۽ تفسير بي. اي سال اول جي نصاب مطابق
ترتيب ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه قرآن پاڪ جي ڪن
ٻين سورتن جهڙوڪ سورت العلق، سورت العصر، سورت
الفيل، سورت الاخلاص ۽ ڪلمه طيب جو ترجمو ۽ تفسير
نهايت ئي مفصل نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. انهن
مذڪوره سورتن جي تفسير لکڻ کان اڳ ۾ مولانا صاحب
ڪيترن ئي مستند عربي، اردو ۽ فارسي تفسيرن جهڙوڪ
تفسير ابن عباس ۽ تفسير روح البيان وغيره ۽ مستند
حديث جي ڪتابن جهڙوڪ بخاري، ترمذي، ابن ماجه،
مسلم، نسائي، مشڪوات ۽ مدارج النبوت وغيره کي پڻ
پنهنجي مطالعي هيٺ آندو آهي، جا ڳالهه مولانا قمر
صاحب جي علمي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو دليل آهي.
مولانا رحيم بخش قمر صاحب جي انهن بيان ڪيل سورتن جي ترجمي ۽
تفسير جو مطالعو ڪندي هڪ خاص ڳالهه سامهون اچي ٿي،
اها هيءَ آهي ته مولانا صاحب انهن سورتن جي تشريح
ڪندي مضمون جي مناسبت سان قرآن پاڪ جي ٻين آيتن ۽
سورتن کي به بيان ڪيو آهي. علم تفسير جي روشنيءَ ۾
قرآن پاڪ جي اهڙي نموني تفسير ڪرڻ جو هڪ بهترين ۽
اعليٰ طريقو آهي. انهن سورتن جي ترجمي ۽ تفسير کان
علاوه اخلاقيات سان تعلق رکندڙ مختلف موضوعن جهڙوڪ
عدل ۽ انصاف، تور ۽ ماپ، مياءُ روي، ماءُ پيءُ جو
ادب، سادگي ۽ ڪفايت، صراط المستقيم ۽ رشوت کان
پرهيز وغيره تي عالمانه بحث ڪيو ويو آهي.
آخر ۾ عربي ۽ سنڌي تفسيرن جي هڪ فهرست ڏني وئي آهي، جنهن سان
پڙهندڙن کي سنڌي تفسيرن متعلق نهايت عمدي معلومات
حاصل ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح هي سمورو ڪتاب ديني
موضوعن جو هڪ بيش بها خزانو آهي. ڪتاب جي قيمت 20
رپيا مناسب آهي. سنڌ جي سڀني وڏن ڪتب فروشن وٽان
ملي سگهندو.
ـــــ عبدالرزاق گهانگهرو
سر ڪاموڏ
تبصرا ۽ تنقيد ادب جي دنيا ۾ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو ڪنهن به
تحقيق يا تخليقي مواد جو ماڻ ۽ ملهه مقرر ڪري ٿو ۽
انهن لاءِ ادبي نظريه جي راهه پيدا ڪري ٿو. سنڌي
ادب ۾ تبصره نگاري هڪ روايت جي صورت ۾ هلندڙ آهي،
جنهن مان نظرياتي طور تي تنقيدي عمل کي ڪا هٿي
ڪانه ٿي ملي، صرف مختصر رايا پيش ڪيا وڃن ٿا.
منهنجي خيال ۾ ادبي لحاظ کان اهو عمل ڪنهن به
نظريه وٽان نه آهي ۽ ان جي حيثيت خالي خانه پري جي
آهي. تخليق طويل هجي يا مختصر، تبصري نگار جو فرض
آهي ته هو ان ۾ ادبي فڪر ۽ زندگيءَ بابت لکندڙ جي
شعور جي تلاش ڪري ۽ اهو پڻ واضح ڪري ته پيش ڪيل
خيال زندگيءَ جي متعلق ڪهڙي نظريه سان لاڳاپيل
آهن. نه صرف اهو پر سماجي صداقت جي روشنيءَ ۾
انهيءَ تخليق جي عوامل جي توجيه ڪري ته اهي سماجي
معروضات سان ڪيتري قدر هم آهنگ آهن ته جيئن ليکڪ
جي ذهني ساخت ان جي لاڙن ۽ سماج متعلق هن جا پيش
ڪيل ويچار ڪنهن نظريه جي شڪل جي صورت ۾ ظاهر ٿي
سگهن، جن جي پڙهندڙ کي پروڙ پئجي سگهي. تبصره خود
تنقيد جو هڪ جُز آهي ۽ تنقيد جيان هن جو ادب ۽ فن
سان نهايت اهم لاڳاپو آهي. تبصري جي تسلسل جو اهو
عنصر زندگي جي نظريه، ان جي سماجي شعور ۽ ادبي
صداقت مان وجود وٺي ٿو. خالي ان راءِ جو اظهار ته
هي ڪتاب يا تخليق چڱي آهي يا چڱيري آهي يا نه آهي،
ڪافي نه آهي. بلڪ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان جو
بنياد ڇا آهي، ان جي پوئتان ڪهڙا اصول ڪارفرما آهن
۽ انهن جي بناءُ تي اها تخليق ڪهڙي قسم جو ادبي ۽
سماجي تاثر پيدا ڪندي، وغيره. ”سر ڪاموڏ“ تي تبصرو
به انهن نڪتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي، جيڪو هر سال جي روايت جيان شاهه لطيف ثقافتي
مرڪز وارن گذريل سال جي ورسيءَ جي موقعي تي پيش
ڪيل مقالن کي طباعت جي زيور سان سينگاري پيش ڪيو
آهي.
مجموعي طور ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. سر ڪاموڏ، جنهن ۾ ويهه
مقالا آهن ۽ شاهه جي ڪلام ۾ اخلاقي قدر، هن ۾ ست
مقالا آهن. هڪ مقالو ”برصغير ۾ شاهه جا همعصر صوفي
شاعر“ ۽ ”عقيدت جا گل“ ۾ شعر ڏنل آهي. پهرين ڀاڱي
۾ جيڪي مقالا پيش ڪيا ويا آهن، انهن ۾ سواءِ ”شاهه
جي سر ڪاموڏ جو اڀياس“، ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“،
”ڪاموڏ ڪامڻي“ ”سر ڪاموڏ جو وچور ۽ ويچار“ ”سر
ڪاموڏ جي ڊرامائي تشڪيل“ جي باقي مقالن ۾ ڪنهن به
مقالا نگار روايت کان هٽي ڪري ڪابه اهڙي ڳالهه پيش
ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي
مجبور ڪري.
پيش ڪيل مضمونن ۾ سواءِ مٿي ڄاڻايل مقالن جي باقي مضمونن جو
انداز فڪر ساڳيو آهي ۽ سڀئي مقالا قريب قريب هڪ ئي
انداز ۾ آهن، جنهن ۾ فرق هر لکندڙ جي انداز تحرير
۽ پيشڪش جو آهي. صرف لفظن جو پيرهن هرڪنهن جو
پنهنجو آهي ۽ فڪري قدر سڀني ۾ اهو ساڳيو گڏيل آهي،
جنهن کان هٽي ڪري ڪنهن به نواڻ جي ڪوشش نه ڪئي
آهي. ان کي انهن لکندڙن جي لطيف سان محبت ۽ عقيدت
سان تعبير ڪري سگهجي ٿو يا ائين چئجي ته خريدارن
يوسف جي رسم جي پوئواري ڪئي ويئي آهي. انهن ۾ ٻولي
جي لحاظ کان مولانا سڪندريءَ جو مقالو هڪ بهتر
ڪوشش آهي، ليڪن فڪر کان اه وبه خالي آهي. اهڙيءَ
ريت هر مقالو پنهنجي جاءِ تي عقيدت جي حيثيت رکي
ٿو ۽ نه ادبي فڪر جي مڪمل پورائي ڪري ٿو. فڪر ۽
تحقيق جي تقاضا جي خيال کان اسان جي انهن لائق
ليکڪن کي ان طرف خاص توجهه ڏيڻ گهرجي، جيئن لطيف
جو حق ادا ٿي سگهي.
رشيد ڀٽي جو مقالو فڪر توڙي نظريه ۽ تحرير جي برجستگي جي لحاظ
کان سر ڪاموڏ کي سمجهڻ ۾ وڏي هٿي ڏيندڙ آهي. مرحوم
رشيد ڀٽي هڪ مخصوص طرز فڪر ۽ نظريه جو حامل لکندڙ
هو. هن لطيف جي سلسلي ۾ يا ڪنهن به ٻئي موضوع جي
سلسلي ۾ جڏهن به ڪا پنهنجي تحرير پيش ڪئي آهي، ته
هن ان ۾ پنهنجي خيال ۽ نظريه جي پيشڪش کي نهايت
وچور سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سر ڪاموڏ واري
مقالي ۾ هو انهيءَ روايتي انداز فڪر جو قائل نه
آهي. هن مقالي ۾ جن نڪتن کي پيش ڪيو ويو آهي، اهي
اسان جي سماج ۾ نه صرف ان وقت هئا، پر هن وقت به
موجود آهن. هڪ سلجهيل ۽ ڏاهي جيان رشيد ڀٽي ان جي
نشاندهي ڪئي آهي ۽ انه نجي وڻاهه ڪري سماج جي اندر
جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي ان جي تلافي لاءِ هن
پنهنجي ويچارن جي ووڙ پڻ ڪئي آهي ته جيئن بهتر فڪر
ذريعي بهتر سماج لاءِ راهه پيدا ٿئي، جنهن لاءِ
لطيف هيڏو ڪاپو ڪرڻ فرمايو آهي. سندس مقالي کي هن
ڪتاب جي دهري تمهيد چئجي ته بجاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته
محترم حميد سنڌي پنهنجي تمهيد ۾ جن به خيالن جو
ذڪر ڪيو آهي، رشيد ڀٽي جو مقالو انهن جي وضاحت
آهي.
محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مقالو ”ڪاموڏ ڪامڻي“ پنهنجي
نوعيت جو مقالوي آهي، جنهن ۾ ڪاموڏ راڳڻي جي اصليت
۽ راڳ ۾ ان جي هيئت ۽ ان جي ڪلا کي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ لاءِ هن صاحب ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن
لاءِ راڳ جي تاريخ مان مختلف حوالن ۽ روايتن سان
هن پنهنجي تحقيق کي ثابت ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾
لطيف جي هر سُر جي راڳ جي انهيءَ نوعيت سان تشريح
ڪرڻ ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان اسان وٽ سڀني سرن جي
راڳ جي هيئت ۽ ان جي ڪلا جي ڪيفيت هڪ موزون صورت
وٺي بيهندي، جيڪا نه صرف لطيفي راڳ جي تاريخ ۽ ان
جي اڀياس لاءِ مواد مهيا ڪري سگهي ٿي ۽ اڳتي هلي
هو رسالي جي سڀني سرن جي راڳ جي خاصيت تي هڪ جامع
ڪتابي صورت سان پيش ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ محترم
ڊاڪٽر جوڻيجو جس لهڻي.
شيخ محمد اسماعيل صاحب جو مقالو مختصر ۽ جامع آهي. سڄي مقالي جي
مقصد کي شيخ صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”ڄام
تماچي نوري سان شادي ڪري، امرائن جي انهيءَ
خودساخته نظريه کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سنڌي تاريخ
جو اهو انوکو مثال آهي.“ پنهنجي طرفان هڪ مصدقه
نظريه کي پيش ڪندي شيخ صاحب انهن خيال نجي ترديد
يا تائيد نه ڪئي آهي ته نوري جو حسب نسب ڇا هو؟
کين ان سلسلي ۾ تحقيق جي بنياد تي راءِ ڏيڻ ضروري
هئي ته جيئن نوري لاءِ جيڪو عام خيال آهي، انهيءَ
نظريه کي خاص شڪل ملي سگهي ها. شيخ صاحب سمن جي
تاريخي پس منظر ۽ انهن حالتن کي پيش ڪري پڙهندڙن
لاءِ تاريخي موازنه جي سوچ ۽ انهن جو رخ موڙيو
آهي. سندن مقالو هڪ بهتر مقالو چئي سگهجي ٿو.
پروفيسر غلام رسول بلوچ جو مقالو هن سر جي ڊرامائي تشڪيل جي
سلسلي ۾ پنهنجي نوعيت جو مقالو آهي. بلوچ صاحب
ڊراما جي تاريخ ۽ انهيءَ جي لوازمات جي سلسلي ۾
ڪردارن جي تشخص کي قائم ڪري انهن جي نفسيات، انهن
جي ڪيفيت، حزنيه توڙي طربيه کي نهايت بهتر طور
واضح ڪيو آهي.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”شاهه جي ڪلام ۾ اخلاق قدر“ تي مشتمل آهي، جنهن
۾ ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه جو مقالو فڪر توڙي نظريه
جي خيال کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته اخلاقي قدر سماج ۽
سماجي نظام توڙي عالم انسانيت لاءِ هڪ پيڙهه جو ڪم
ڏيندڙ آهن. لطيفؒ پنهنجي ڪلام توڙي پيغام ۾ اخلاقي
اصولن ۽ تقاضائن کي بيان ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحبه
انهن تي پنهنجي ويچارن کي نهايت مدلل ۽ برجستگي
سان بيان ڪيو آهي ۽ انه نکي سماجي صداقت لاءِ هو
ضروري ڄاڻائي ٿي. اخلاقي قدر ابتدائي سماج کان وٺي
موجوده دؤر تائين حالات جي بنياد تي پنهنجي صداقت
قائم رکندا آيا آهن. ڪوبه معاشرو ڪوبه سماج، ڪابه
قوم انهن کي هٿان ڇڏي منزل نٿي ماڻي سگهي. ڊاڪٽر
صاحبه معروضات جي بنياد تي وقت جي ڌارا جي روشني ۾
نهايت بهتر نتيجا پيش ڪيا آهن، جيڪي سندس فڪر ۽
نظريه جي پڌرائي ڪندڙ آهن.
باقي مقالن ۾ اها ساڳي ڳالهه نظر اچي ٿي، جنهن جو مون پهريائين
ذڪر ڪيو آهي. هڪ صاحب مقالي جي شروع ۾ لکيو آهي ته
سمن کان پوءِ سومرن جي حڪومت ٿي. ان جي تحقيق تي
عجب ٿو لڳي ته اسان جي لکندڙ جو تاريخي مطالعو
ڪيترو نه گهٽ آهي! لطيف تي لکڻ وقت قلم جي اها
ڪوتاهي زيب ڏيندڙ نه آهي.
محترم عنايت الله زنگيجي نهايت بهتر نتيجو ڪڍي پيش ڪيو آهي ته
قوم کي پنهنجي بازن تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ هن صاحب
سورمين جي اخلاقي معيار جي اپٽار ڪري انهن جي
اخلاقي ماڻ کي نهايت اتم ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو
انهن جو حق آهي. سندس مقالو هڪ بهتر ڪوشش آهي.
آخر ۾ آءٌ پنهنجي مقالي ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ جي سلسلي ۾ ڪجهه
چوان، اهو مون کي نٿو سونهي. مون پنهنجي ويچارن جي
پيشڪش ۾ انهن اصولن ۽ ڳالهين کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، جن جو مون تبصري ۽ تمهيد ۾ توڙي ڪن هنڌن
تي نظرياتي بحث ۾ اظهار ڪيو آهي. ان جو فيصلو
پاٺڪن تي آهي ته پڙهڻ بعد هو ان لاءِ ڪا راءِ قائم
ڪن. جيڪڏهن منهنجي مقالي مثبت طور ڪنهن کي ڪجهه
ڏنو ته آءٌ ائين سمجهندس ته مون لک کٽيا.
آخر ۾ فاضل مرتب محترم حميد سنڌي جي ”ٻن اکرن“ جو ذڪر ڪرڻ مناسب
آهي، جيڪو هن تبصري کان وڌيڪ ڪتاب جو تعارف چئجي
ته بجا آهي، جنهن ۾ هن صاحب لطيف جو صحيح حق ادا
ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو صاحب تحسين جو لائق آهي.
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 227 صفحن تي ڇپيل آهي. جناب حميد سنڌي ان
کي جنهن سليقي ۽ شائستگيءَ سان ترتيب ڏنو آهي، اهو
قابل ستائش آهي. عمدي ڊيلڪس بائينڊنگ سان مزّبن
اهو ڪتاب ڏاڍو من موهيندڙ آهي. سرورق تي لطيف جي
روضي جو فوٽو نهايت جاذب ۽ پرڪشش آهي. سفيد عمدي
ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت پنجاهه رپيا مناسب
آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي جديد آفسيٽ پريس ۾
فوٽو ٽائيپ سيٽنگ سسٽم فار سنڌي ۾ خوبصورتي سان
ڪمپوز ڪري ڇاپيو ويو آهي. ڪتاب جو مُهڙ، ڪتاب جي
ناشر جناب عبدالحميد آخوند سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت
سنڌ جو لکيل آهي. هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
ڪميٽي شايع ڪيو آهي ۽ سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾
ڪميٽيءَ جي آفيس مان ملي سگهي ٿو. |