نوٽ: 1. لغت ۾ ’واڊِههُ‘ کي مذڪر ڏيکاريل آهي جو غلط آهي.
درست اچار آهي: واڊِهه = واڍِ، جو مونث آهي ۽ جمع ’واڍِيوُن‘ ۽
نه ’واڍُون.
2. ”وَرڌ =وَڍڻ“ ڏيکاريل آهي. ’وڍن’ بدران ’وڌن’ ٿيڻ گهرجي.
40 ــ ص 2880 ــ وارڻ. (سن. وهس)، هاٿي.
’وهس‘ تي اعرابن نه هئڻ ڪري، هي معنائون نڪرن ٿيون:
1. وِهَسَ = گهڻي کِلَ. وَهَسَن. وِ = گهڻُ + هَسۡ = کِلڻ. گهڻو
کلڻ، ۽ خوش ٿيڻ.
2. وهَسَ (سن. وهَستَ. وِ = سواءِ + هَسۡتَ = هٿ. جنهن کي ڪنهن
جو به هٿ مدد لاءِ نه هجي)، وِياڪُل، پريشان.
3. وِهيسُ = ٻاهر، وطن طرف جو، ٻاهريون.
خير، جو ڪجهه ڏنل آهي ــ وارڻ (سن. وهر)، هاٿي ـ سو غلط آهي.
’وارَڻ‘، ڏَهَسَ ۽ سينگار جو لفظ آهي.
مثال؛
گَج گَنيرَ، گونٽو، پَربت ۽ پيلَ،
مَينڊَلَ، ماتَگَ، سَسُئي! ناگَ اٿئي نِيلَ،
وَسُو، وارَڻ، سَسُئي! جهنگل ۾ جهيل،
ڪُنجَل،نا قَلِيلَ، وِندۡرَ جي وڻن ۾. (ڏهس)
وارَڻُ. (سن. وارَڻَ). هاٿي.
41. ص 2897 ــ وانهُوندو. واءُ، هوا، واهوندو، ڇوهيڪارو.
42 ــ ص 2902 ــ واهوندو. (سن. وايهُ = واءُ)، وائوندو، اونهاري
جي موسم جي شروعات، هوائون لڳڻ، برسات جي شروعات
جي موسم.
واهوندا وريا: هوائون ڦري ويئون، هوائن جي ڦير گهير، گرم موسم
جي شروعات.
ڀٽائي جي سر سامونڊي ۾، ”واهوندو“ نظر اچي ٿو:
لڳـٖـي اُتَرَ آهَرِيا، واهُندي ورن.
مولوي غلام محمد خازئي جي ڪلام مان ــ بهار جي مند ۾ موٽن ـــ
’واهوندا‘ تي هڪ بيت ملي ٿو:
واهوندن وري، منهنجو جيءُ جياريو،
آئي بوءِ بهار جي، کلي دوست دري،
چکي ذوق ذري، برسي باغ بهاريا.
”واهوندو“ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:
واهوندو جمع واهوندا. (سن. وَسَنۡتَ. وَسۡ = رهڻ يا خوشبودار
ڪرڻ)، بهار (بسنت) جي هوا. اها مند، چيٽ ۽ ويساک
يعني مارچ ۽ اپريل جي هوندي آهي، جنهنڪري گلن جي
خوشبوءِ، هوا کي واسي ڇڏيندي آهي، تنهنڪري
”واهوندا وريا“ جي معنيٰ هيئن ٿيندي:
واهوندا وريا = بهار جي هِيرَ لڳي.
وريا واهوندا
حقيقت هيءُ آهي ته اسان لغت کي گهڻو ڪجه ڏنو آهي، پر تڏهن به
اڃا ڪجهه گهري ٿي! تنهنڪري فرض آهي ته ڪنهن به
قيمت تي لغوي تقاضا کي پورو ڪيون.
43 ـــ ص 2901 ــ واهَڻۡ. (سن. ووهٿ. وَهنۡ = ٻيڙو)، ٻيڙو،
غوراب.
”واهن“ لفظ لاءِ ٻه سنسڪرت لفظ ـــ ووهٿ، وهَن ــ ڏنل آهن. خبر
ناهي ته ٻه لفظ ڪهڙي لغوي خيال کان آندل آهن. محقق
وٽ ضرور ڪو دليل هوندو، تڏهن ته لغت کي ميعاري ڪرڻ
لاءِ ائين ڪيو اٿس.
حقيقت هن ريت آهي ته سنسڪرت لفظ ”ووهٿ“ جو ”واهَڻَ“ سان دور جو
واسطو به ڪونهي. باقي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته
’ووهٿ‘ نه پر ’ووهِتۡٿَ‘ وڏي ٻيڙي جي معنيٰ ۾
سنسڪرت ڪلوشن مان ملي ٿو.
سوال ٿو اُٿي ته جڏهن ”ووهٿ“ (جو غلط لفظ آهي) جو ’واهڻ‘ سان
واسطو به ڪونهي ته ڇو ڏنو ويو؟
”ٻُوهَٿُ“ سنڌي لفظ آهي:
ٻُوهَٿُ
ساڌوءَ سَگُ، پُورو سَتگُرُ پاتَڻِي. (سامي)
ٻوهٿ
>
هه. بوهِتَ
>
سن. ووهِتۡٿَ = وڏي ٻيڙي.
[1]
’واهَڻ‘ لاءِ سنسڪرت لفظ ’وَهَنۡ‘ ڏنل آهي، جو پڻ
غلط آهي.
ٿيڻ کپي:
واهَڻُ. (سن. واهَنۡ)، ٻيڙي.
[2]
44 ــ ص 2925 ـــ وِدوا. بيوهه، وڌوا.
’وِڌوا’ کي ’وِڌِوا‘ به ڏيکاريل آهي.
45 ــ ص 2928 ـــ وِڌِوا. (سن)، ودوا، بيوۡه.
”وِدوا ۽ وِڌِوا“ کي ساڳيو ڏيکاريل آهي ته پوءِ تلفظ ۾ تفاوت
ڇو؟
لغت هيئن ٻڌائي ٿي:
وِڌِوا. (سن. وِڌوا. وِ = پري + ڌَو = مڙس. جنهن جو مڙس پري ٿيو
هجي يعني مري ويو هجي)، بيوهه، رَنڙ.
وِڌوا جو ضد ’سَڌَوا‘.
سَڌوا. (سن. سَڌَوا. سَ = ڌَوَ = مڙس، مڙس سان، جنهن جو مڙس
جيئرو هجي)، سهاڳڻ.
[3]
46 ـــ ص 2942 ورلاپُ. (سن. ورلاپ)، دانهن، ڪوڪ، روڄ، راڙو.
47 ــ ص 2965 ــ ولاپ : (سن. ولاپَہَ
<
وَلَپۡ = دانهن ڪرڻ)، دانهن،
ورلاپ.
جڏهن ٻنهي لفظن ــ ورلاپ، ورلاپ جون معنائون ساڳيون ڏنل آهن، ته
پوءِ سنسڪرت لفظن ۾ ايڏو ڦير ڇو؟
ٻنهي لفظن جي لغوي حقيقت هڪ آهي:
ورلاپ. (سن. وِلاپۡ. وِ = بريءَ طرح + لَپۡ = ڳالهائڻ)، دُکيءَ
دل جو آواز، روڄ، راڙو[4].
اصل لفظ ’وِلاپ‘ آهي، پر اسان وٽ اچڻ ڪري، اُچار ۾ ’ر‘ وڌيڪ
گڏجي ويئي ۽ ’ولاپ‘ ٿي پيو. اهڙيءَ طرح سنسڪرت لفظ
’وِڌاتا‘ (قسمت، ڀاڳ) ۾ ’ر‘ گڏجڻ ڪري، ’وِرۡڌاتا‘
ٿيو.
ڪڏهن وري سنسڪرت لفظ، سنڌيءَ ۾ اچڻ ڪري، ’ر‘ گم ڪيو ڇڏي.
سنسڪرت لفظ سنڌي لفظ معنيٰ
آرۡگههَ آگههُ قيمت، بها
اَرڌَ اَڌُ
48 ــ ص 2953 ــ وِسِنهَرُ. (سن. وِشِڌرد
<
وشد = زهر + ڌر = ڌريندڙ). زهريلو.
’وِسِهَرُ‘ کي ٿوري مَتَ تلفظ سان، ’وِسِهَرُ‘ ۽ ”وِسيئر“ (ص
2954) ڏيکاريل آهي:
وِسِيهَرُ. (سن. وِشَ = زهر)، نانگ جو قسم، واسينگ.
وِسِيئَهُ. زهري نانگ جو هڪ قسم.
وِسِهَرُ، وِسيهَرُ ۽ وِسِئَرُ ساڳي ڳالهه آهي، تڏهن به مختلف
نموني سان لغت ۾ آندل آهي. هڪ ئي لغوي طريقو
اختيار ڪجي ها ته بهتر هن طرح آهي:
وِسِهَرُ. (سن. وِشَهَرَ. وِشَ= زهَرَ+هَرَ = کنندڙ، نانگ جو هڪ
قسم.
محقق گاجرا صاحب، ’وِسِهَر‘ کي ’وِشِڌرد‘ ۾ ڏٺو آهي، جو بنهه
غلط آهي. ’وِشِڌرد‘ نه، پر ’وشڌر‘ اهي.
وِشڌَرُ. (سن. وِشَڌَرَ. وِشَ =زهر+ ڌَرَ = ڌريندڙ، رکندڙ)،
نانگ جو هڪ قسم. سگهڙ شاعرن ڏهس ۽ سينگار ۾ ’وشڌر‘
به ڪم آندو آهي:
اَدگَرَ عَينَ عجيب جا، وشڌَرَ وارَ سندن. (ڪمال).
معنيٰ: محبوب جون اکيون هرڻ (اُدگر) جهڙيون ۽ وار، نانگ (وشڌر)
جهڙا (ڪارا، ڊگها ۽ خوفناڪ) آهن.
ڪيڏانهن وِسِهَرُ (وِسِيهَرُ)، ته ڪيڏانهن وشڌر!
49 ــ ص 3033 ـــ هُرتَڙِيو = هُوڙهو، هوڏي، ضدي، پنهنجي مت
وارو، بحثي، هٺيلو، ڪج بحث.
50 ــ ص 3039 ــ هُڙتَڙِيو = ٽَرڙو، هلڪي طبيعت وارو، سفلو،
هلڪو، جلدباز، سگهو، اَتاولو، اُٻهرو، بيڪار، چٽ.
جتان ڪٿان تڙيل، ڌڪاريل، نڪمو ــ نڪار.
محترم گاجرا لفظن ــ هرتريو ۽ هڙتڙيون ــ جون معنائون ڌار ڌار
ڏيکاريون آهن. يعني: ’هرتڙيو‘ جون 7 معنائون ته
’هڙتڙيو‘ جون ٻيڻ تي (14)! ائين ڇو؟ جڏهن ته لفظ
ساڳيو آهي ته ساڳيو سلوڪ رکڻ کپي.
’هرتڙيو‘ جي معنائن تي اعتراض آهي. تحقيق جي تَهه ۾ ويندي، لفظ،
هيءَ حقيقت ٻڌائي ٿو:
هُرٽڙيو = هُرت + ڙِيو.
ٻيا لفظ:
سَٺڙِيو = سَٺ + ڙِيو. سٺ ڏينهن ۾ پهچڻ وارو آن.
پيرڙِيو = پير + ڙِيو. جيڪو بيٺي بيٺي اتي جو اتي ڦِري وڃي.
گهورڙِيو = گهور + ڙِيو. گهورَ ڪندڙ، شين وڪڻڻ وارو.
لفظن جي اشتقاق مان ظاهر ٿيو ته ’ڙِيو‘ معنيٰ ’وارو‘.
اسان کي خبر آهي ته آبدال جي اصول تحت ’س‘، ’هه‘ ۾ ۽ ’هه‘، ’س‘
۾ ڦرندا آهن.
ساهه ـــ ساسُ ’هه‘، ’س‘ ۾ تبديل
ماهه ـــ ماس (گوشت = =
هند ــ سنڌ = =
انهيءَ لساني اصول موجب، ’هُرت +ڙِيو’ ٿيندو: ’سُرت +ڙيو.‘
هُرتڙيو
>
سُرڙيو. سُرت = سمجههَ + ڙيو = وارو. سمجهه وارو،
خيال وارو.
ڪي اهڙا لفظ به آهن، جن جي پهرين حرف يا لفظ جو اُچار نه ٿيندو
آهي. جيئن: دبستان= مڪتب، اسڪول.
دبستان
>
ف. ادب ستان. ادب + ستان.
’هرتڙيو‘ ۾ ’پاڻ‘ اڳيان آيل آهي. يعني ’پاڻ هرتڙيو‘ لفظ آهي.
پاڻ هرتڙيو = پنهنجي سمجهه وارو، پنهنجي خيال
وارو؛ بي پرواهه.
پاڻ هرتڙيو مذڪر.
پاڻ هرتڙيون = مونث. خود خيال، پنهنجي خيال واريون؛ بي پرواهه.
شاهد:
پاڻ هُرۡتِڙيُون مايُون،
ڄاڻ دڪان تي آيُون.
ڪَنگڻ ٺُونٺِ ۾ پايُون،
ڄاڻ دڪان تي آيُون.
تنهنڪري ائين چئي سگهبو ته هرتڙيو (پاڻ هرتڙيو) معنيٰ خود خيال،
پنهنجي روءِ هلڻ وارو. پنهنجيءَ مت وارو، خود
خيال؛ بي پرواهه.
اهي ئي معنائون، ’هرتڙيو‘ جي بنياد سان، تعلق رکن ٿيون.
51 ــ ص 3036 ــ هرڻي جمع هرڻيون. مصدر. چورائڻ، چوري ڪرڻ، کڻڻ،
تڳائڻ وغيره.
ڏسڻ سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ته ’هرڻي جمع هرڻيون‘ سنڌي لفظ
آهن، پر لغت ۾ ’هرڻي‘ کي مصدر ۽ مختلف معنائن سان
ڏيکاريو ويو آهي! مصدر جي معنيٰ آهي: ڦُٽڻ جي جاءِ
يا نڪرڻ جي جاءِ. سڀڪنهن فعل جون جدا جدا صورتون،
فعل جي بنيادي صورت مان نڪرن ٿيون، تنهنڪري ئي فعل
جي بنيادي صورت جو نالو رکيو اٿن: ”مصدر.“ مصدر جي
نشاني آهي ”ڻ“ پڇاڙيءَ ۾ ۽ ان لفظ مان معنيٰ به ڪم
جي نڪري. جيئن: هئڻ، کائڻ، وڙهڻ وغيره. خبر ناهي
ته محترم گاجرا ڪهڙي خيال کان ’هرڻي‘ کي مصدر لکيو
آهي!
اسان بخوبي سمجهون ٿا ته محقق گاجرا، سنسڪرت لفظ ــ هَرَڻَ ــ
جي تحقيق ڪئي آهي. اهي سنسڪرت جون واٽون سنڌيءَ ۾
قابل قبول نه آهن؛ ڇاڪاڻ ته هرڪا ٻولي، پنهنجي
ڪُلَ ۾ ئي سونهندي آهي. محترم جو خيال هن ريت آهي:
سنسڪرت ۾ هڪ لفظ هَرَڻَ آهي
[5]، جنهن جو ڌاتو يا
بنياد آهي: هۡر = کڻڻ، وٺي وڃڻ. تنهنڪري ’هرڻ‘ جي
معنيٰ ٿي: ٻيءَ جاءِ تي وٺي وڃڻ، اغوا ڪرڻ.
”ڪلڪتي فلم اسٽوڊيو“ مان، ڪنهن وقت، ورهاڱي کان اڳ، هڪ فلم آئي
هئي، جنهن جو نالو هو: ’سِيتا هَرَڻَ“ = سيتا جو
اغوا ٿيڻ.
گمان غالب آهي ته گاجرا صاحب، ’هَرَڻَ‘ مان هرڻي جمع هرڻيون
ڏيکاريو هجي يا ’هَرَڻ‘ کي مصدر ۾ ڏٺو هجي. ائين
به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن اصلاح ڪئي هجي! بهرحال اهڙا
لفظ، سنڌي لغت لاءِ، پيچيده ۽ معما ثابت ٿين ٿا.
52 ــ ص 3060 ــ هنومان. (سن. هَنو + مان = فنا وارو)، باندرن
جو سردار.
سنسڪرت لفظ جي اشتقاق مان ظاهر آهي ته:
هَنو = فنا + مان = وارو.
هنومان = فنا وارو.
لفظ جي حقيقت هن ريت آهي:
هَنُومانَ. (سن. هَنُومانۡ. هَنُو = ڄاڙِي + مانۡ = وارو. ڊگهي
ڄاڙيءَ وارو). باندرن جو سردار.
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
ڪي اٿي ويون استنبول ڏي، ڪن مڃيا مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
ڪي دهلي، ڪي دکن، گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان وسائيا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
ـــ شاهه لطيف
سنڌ جي تاريخ جو حصو
ڪولاب عمرڪوٽ عرف لامبو تلاءُ
غلام محمد لاکو
سنڌ جي سرزمين تي ڪيئي اهڙا تلاءَ، ميدان، ڍنڍون ۽ ڍورا موجود
آهن، جن کي اسان جي قومي اتهاس ۽ دفتر ۾ مکيه
مرتبو حاصل آهي. ڪينجهر سان نوري ۽ ڄام تماچي جو
نينهن ڀريو داستان وابسته آهي. هالاڻيءَ جي ميدان
سان ڪلهوڙن جي شڪست جو منظر سامهون اچي ٿو. کرڙيءَ
جي بيان سان افغانن جي پستي ۽ هار جو پس منظر چٽيو
ٿئي ٿو. مياڻي توڙي دٻي جي زڪر سان، ميرن جي
صاحبيءَ جي ڊهڻ ۽ ”مر ويسون سنڌ نه ڏيسون“، جو
نعرو ذهن ۾ گونجي اٿي ٿو. ان ريت ٿر جي اولاهن ڪڇ
۾ ماضيءَ جي ــ لامبي تلاءَ ۽ اڄوڪي لامبي ميدان
ــ کي به سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان، قومي توڙي
ثقافتي ۽ جنگي پيس منظر موجود آهي. ليڪن خبر نه
آهي ته ڇو ان کي اسان جي تاريخن ۾ پوري جاءِ ملي
نه سگهي؟
صديون اڳ جي تاريخ ۾ گم ٿيندي، اسان کي مهراڻي ۾ ٻه اهم
جاگرفيائي ۽ تهذيبي ماڳ نمايان نظر ايندا. انهن ۾
هڪ هو ”لامبو تلاءُ“، ۽ ٻيو ”عمرڪوٽ جو قلعو“، جو
اڄ به موجود آهي. فارسي ڪتابن ۾ پهرئين کي ”ڪولاب
عمرڪوٽ“ پڻ سڏيو ويو آهي
[6]. وقت گذرندي
تلاءَ مان تبديل ٿي ”لامبو“ هڪ ميدان بنجي ويو. ان
بعد اهو تاريخي ميدان پنهنجن جي لاپرواهي ۽
عملدارن جي اڍنگي روش سبب سسندو ويو، ۽ آخر اها
گهڙي به آئي جو ان جا حصا ڀاڱا ٿي نيلام تي چڙهيا.
ڪجهه حصو سروي ٿي زرعي زمين ۾ سيڙيو ۽ ڪجهه ٽڪرو
عمرڪوٽ جي ٽائون ڪميٽي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. باقي جو
ڪجهه بچيو اهو ڪاليج ۽ اسڪول جي گرائونڊ ۾ تبديل
ٿي ويو، جو پڻ مقامي انتظاميه جي غفلت سبب، ٿوري
عرصي اندر قبضيدارن جي نرغي ۾ اچي وڃڻ جي قوي
امڪان آهي!
لامبي تلاءَ سان سنڌ جي تاريخ اخص ڪري ٿر جي ماضيءَ جا ڪي اهم
لاها چاڙها لاڳاپيل آهن. لامبو هڪ ڍنڍ ۽ تلاءَ يا
ميدان ۽ گرائونڊ جو نالو نه آهي، ليڪن ان سان اسان
جي اتهاس جو هڪ ڊگهو داستان ڳنڍيل آهي.
لامبي جي ڪنارن تي حاڪم ۽ رهبر به لٿا، ته فاتح ۽ جلاد به پهتا.
ان جي ڪنڌين تي گودڙي پوش فقيرن آرام ۽ عبادتون به
ڪيون، ته عاشقن ۽ معشوقن به پنهنجا ديرا بنايا. هڪ
وقت هن تلاءَ جي مٺي پاڻيءَ پنهنجن شهرين جا چپ
ساوا ڪيا، ته ٻئي وقت ناداري لشڪر ۽ مددي گهل کي
به پاڻي پياريو. جڏهن لامبو تلاءُ هو تڏهن ان جي
ڪنارن تي بڙ جا ڊگها وڻ موجود هئا، جتي جلاد ۽
هيڻا توڙي پکي ۽ پکڻ، گهڙي پل لاءِ اچي آساسي
ٿيندا هئا. هتي جا بڙ گجرات، ڪڇ ۽ جوڌپور تائين
مشهور هئا، بارش ۽ سانوڻي ايندي ئي ايڪڙن وارو
تلاءُ ميلن تي موجون هڻندو هو، تڏهن ئي ته ان کي
لامبو يعني ڊگهو نالو مليو
[7]. ڪلاسيڪل ۽
ميڊيول دور ۾ فوجي لحاظ کان جيتري لڪي جبلن جي
اهميت هئي، ايتري جنگي حيثيت لامبي تلاءَ جي به
ڏسجي ٿي. جڏهن تلاءَ مان تبديل ٿي ميدان بنيو،
تڏهن اتي ليڊرن ۽ سياسي مدارين، اسٽيجون سينگاري
پنهنجا ڪم ڪيا ۽ ڪرتب ڏيکاريا.
گذريل دور ۾ مهرڻي ۾، پاڻيءَ جي فراواني ۽ جهجهائي هئي. هن وقت
تي جيڪا ويراني سڃ، سيڪ ۽ آب جي اڻ هوند ڏسجي ٿي،
صديون اڳ ان حصي جي اهڙي ابتڙ حالت نه هئي. زمينون
ڀليون ۽ پاڻي جام هو، ان ڪري زراعت به ٿيندي هئي
ته هرطرف ساوڪ ۽ چهچٽو به پسبو هو. ان ريت پوکي
راهيءَ سان گڏ، هن خطي ۾ باغباني به ڪثرت سان
ٿيندي هئي. هتي موجود سوين ڍنڍن ۽ تلائن توڙي ناري
جي وجود سبب، عمرڪوٽ جو علائقو انتهائي خوبصورت ۽
سهڻو هو. اڪبر بادشاهه جي پڦي گلبدن بيگم هي ملڪ
نه ڏٺو هو، تاهم چار صديون اڳ ٻڌ سڌ جي آڌار تي،
پاڻ مهراڻي جي ماحول ۽ فطرتي سونهن بابت لکي ويٺي
ته:
”هتان کان ڪجهه پري عمرڪوٽ ويندي هر منزل تي پاڻي موجود هو.
هيءَ هڪ خوبصورت جاءِ آهي جتي ڪافي تلاءَ آهن“
[8]
مائي گلبدن بيگم جن تلائن ڏي اشارو ڪيو آهي، انهن مان اڄ هڪ به
موجود ڪونهي. تڏهن به پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي اڃا سوڌو
متعد ڍنڍن ۽ ڍورن، توڙي تلائن جو ڏس پتو ۽ تاريخ
جاگرافي ملي وڃي ٿي
[9]. گلبدن بيگم توڙي
ادراڪي بگلاريءَ جي ڏسيل ڍنڍ مان ”لامبو تلاءُ“
وڏي اهميت رکي ٿو. هن تلاءُ جي تاريخ ۽ جاگرافي
ڪجهه هن ريت هئي: عمرڪوٽ جو شهر ۽ قلعو لامبي جي
ڏکڻ ۾ هئا. وڏڦڙي ۾ تلاءَ جي ڏاکڻو ڪنارو، قلعي جي
اترين فصيل سان ٽڪر هڻندو هو. اولهه ۾ ڏهراسر هئس.
سومري ڍنڍ ۽ جوڳرائي تلاءَ، لامبي جي اتر ۽ اوڀر ۾
هئا. هتان کان چند ميلن تي هاڙه، ولهار ۽ سامارو
ڍنڍ توڙي هانسوسر ”هاسو“ موجود هئا. سانوڻي ايندي
ئي هي سڀ ڍنڍون ۽ ڍورا، پاڻيءَ سان ڀرجي هڪٻئي کي
پيا هاڪاريندا هئا. ان پر منظر ۾ هي تاريخي تلاءَ
”لامبو“ سڏيو ويندو هو، هن تلاءَ جي ڪنارن تي وڻن
جا جهڳٽا ڏسبا هئا، جن ۾ بڙ جي درخت کي خاص اهميت
حاصل هئي، جن بابت متعدد مارواڙي دوها مشهور آهن.
ڍاٽ سرنگي گوريان راڻو چتر سڄاڻ
بڙ جهڪيا لامبي تڙيان آيو گڊ امراڻ
لامبو ڪيترو قديم آهي، ان متعلق اسين پڪ سان ڪجهه چئي نه ٿا
سگهون، ڇو ته جڏهن عمرڪوٽ جو پنهنجو وجود اڃا
تحقيق طلب آهي، تڏهن ان جي تلاءَ بابت ڇا ٿو چئي
سگهجي؟ پوءِ به خاطري آهي ته ”لامبو، عمرڪوٽ جي
ڀيٽ ۾ قديم آهي، ڇاڪاڻ ته سومرن سردارن هن تلاءَ
جي مٺي پاڻيءَ جي آسري تي پنهنجو هي شهر اڏايو هو.
ارغونن جي زماني ۾ همايون بادشاهه. عمرڪوٽ پهتو،
تڏهن هي علائقو آباد ۽ نهايت ئي سرسبز هو. ترخان
مغل دور ۾ عمرڪوٽ جا سوڍا حاڪم پاڻ ۾ وڙهيا ۽
پنهنجو گهر گند ڪيائون. تڏهن ٺٽو ته ٺهيو پر دهلي
شهنشاهت کي به ٿرين کي سيکت ڏيڻ جو موقعو ملي ويو.
راڻو مينگهراج مئو ته سندس پٽ ڪشن داس قلعي ۾ حاڪم
بنجي ويٺو. مينگهراج جي ڀاءُ مانسنگهه جي مرضي ٿي
ته حڪومت جي گادي آءٌ سنڀاليان
[10]. ڳالهه ايتير
وڌي وئي جو خانخانان جي خواهش ۽ جاني بيگ جي حڪم
تي پوڙهي امير شاهه قاسم خان زمان جو پٽ ابو
القاسم سلطان بيگلار، وڏو لشڪر ساڻ ڪري ڪشن داس کي
سزا ڏيڻ لاءِ اچي ساماري وٽ لٿو. هي خبر
دارالحڪومت عمرڪوٽ پهتي ته ڪشن داس به سپاهه سان
ڪري مقابلي لاءِ روانو ٿيو. جيئن ته عمرڪوٽ جي
راڻن ۽ بيگلارن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون هيون، ان
ڪري خير خواهن وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاري ورتو. رات
جو بيگلاري لشڪر سوڍن جي فصلن کي نقصان پهچايو،
تڏهن نوبت اچي جنگ تي پهتي. ابوالقاسم عمرڪوٽ تي
حملو ڪري سوڍن جو زبردست نقصان ڪيو. راڻن کي وڏو
صدمو هي پهتو جو حمله آورن اتي گائوڪشي ڪرائي ۽
مندر پڻ ڊهرايا. ان صورت ۾ هتان جي هندن ۽ خاص ڪري
سوڍن هڪ تاريخي معرڪي جي تياري ڪئي. هي خبر نصرپور
پهتي ته پورهي خان زمان کي ڳڻتي وٺي وئي. پٽ جي
امڪاني شڪست جي فڪر کيس پريشان ڪيو ۽ هو ٻن پٽن
مير مقيم سلطان ۽ مير فتحي بيگ ــ کي ساڻ ڪري ٿي
ڏي راهي ٿيو. مير مقيم سلطان وڌي ڪشن داس سان
ڳالهه ٻولهه ڪئي. آخرڪار ذميدار ڌرين ساماري کان
نڪري، عمرڪوٽ ڏي ايندي اچي لامبي تي منزل ڪئي. چار
صديون اڳ ٿيل هن واقعي جو ذڪر ڪندي، ادراڪي
بيگلاري اسان جي تلاءَ بابت لکي ٿو:
”حضرت مير (شاهه قاسم خان زمان) فرمايو ته راڻي کي ساڻ ڪري ساڄي
طرف وڃي ۽ پاڻ (مير مقيم سلطان) ان کان جدا به
ٿئي، متان کائنس ڪا اڻ وڻندڙ حرڪت واقع ٿئي.
فرمايائين ته اسان جو لشڪر ابو القاسم جي سپاهه ۽
سوڍن جي وچ ۾ هجي. هن ترتيب سان اچي عمرڪوٽ جي
تلاءَ، جنهن جو نالو ”لامبو“ آهي، تي اچي منزل
انداز ٿيا
[11].
بيگلاري اميرن بعد هر حملي آور اٿندي ئي لامبي تي قبضي جي ڪوشش
ڪئي. نادر شاه عمرڪوٽ آيو ته هن ايندي سان لامبي
تلاءَ کي اچي والاريو
[12]، مدد آيو ته ان
به اها ڪار ڪئي ۽ انگريزن پڻ اها پر پاري. سياح ۽
فقير توڙي فوجي اهلڪار، گهڙي پل لاءِ آيا ته
جوڳرائي وٽ رهندا هئا يا وري لامبي جي ڪناري تي
اچي آرامي ٿيندا هئا. روايتن موجب شاه عبداللطيف
ڀٽائي پڻ هتي پنهنجا پير گهمايا هئا.
گهڻ پهلو خاصيتن سبب لامبو تلاءُ، تاريخ جي ورقن ۾ نهايت مناسب
جاءِ والاري آهي. هن تلاءَ، جتي عمرڪوٽ جي شهرين
کي مٺو پاڻي پهچايو، اتي آسپاس جي واهڻن توڙي ڳوٺن
لاءِ پڻ مناسب آب رسائيءَ جو ذريعو بنيو. راڻو
ڪيسرسنگ مغل دور ۾ عمرڪوٽ جو حاڪم هو. اکراج سوڍو
ساڏ وري ڳوٺ جو جاگيردار هو. هڪ ڀيري سندس ٻانهيون
(بجيرياڻيون) لامبي تي پاڻي ڀرڻ ويون. اتي راڻي
ڪيسرسنگ جا ماڻهو بيٺا هئا، انهن نوڪرياڻين کان
قلعي لاءِ زبردستي پاڻي ڀرايو. آخرڪار هن مسئلي تي
وڏو ممڻ متو ۽ سوڍن راڻي ڪيسرسنگ کي قتل ڪرائي
ڇڏيو. ان بعد هتان جا رهاڪو ٿر ڏي لڏي ويا
[13].
زمانو بدليو، ماڻهو مٽيا ۽ حاڪم به تبديل ٿيا. انگريزن جي اچڻ
سان جهيڙيءَ ريت قلعي جي ڪنگرن ۾ ڏار پيا. ٺيڪ ان
ريت لامبي جي تلاءَ جي حيثيت ۾ پڄاڻي ٿيڻ شروع ٿي.
هن وقت گرائونڊ (لامبي) جي اولهه ۾ جيڪو ٽڪرو
آباديءَ هيٺ آهي، اهو اڳ لامبي ۾ هو ۽ پوءِ سروي
ٿي، پوک هيٺ آيو. آهستي آهستي هن تاريخي تلاءَ ۾
ڪتر ايندي وئي ۽ نيٺ اهو ختم ٿي ويو. فيئر صاحب جي
فرمائش تي ڪاڪي ڪَڪَي ڪنڀار، اڪبر جي جنم جاءِ
جاڳرائيءَ وٽ تجويز ڪئي، ته اوڏي رستو به هليو ۽
ان ريت ٻن تلائن (جوڳرائي ۽ لامبو) جو تعلق به
ڪٽجي ويو. شهر ۾ واڌارو ٿيو ته سومري ڍنڍ به لٽجي
وئي. بئريجن بعد مهراڻي جون زمينون جديد آبپاشي
سسٽم هيٺ آيون، ته لامبو هر طرح سان پنهنجي اهميت
وڃائي، چؤطرف گهيرجي ويو ۽ نيٺ سڪي پورو ٿي ويو.
ڏسندي ڏسندي هڪ خوبصورت تلاءَ جي جاءِ تي کڏ ظاهر
ٿي. ان بعد آخرڪار اتي هڪ ميدان ٺهي نروار ٿيو.
پوءِ به انگريزن جي دور تائين ان جي ساک بهرحال
برقرار رهي.
ويهين صديءَ ۾ جڏهن قومن جي قسمت جا فيصلا، بنگلن ۽ جنگاهن
بجاءِ ميدانن ۽ ميزن تي ٿيڻ لڳا، تڏهن لامبي کي به
جديد سياسي ڪردار مليو. سنڌ جو جدا صوبو بنيو ته
ليگ ۽ ڪانگريس ۾ تحرڪ پيدا ٿيو. جلسا ۽ جلوس وڏا
شهر ٽپي واهڻن ڏي رڙهيا ۽ نيٺ اچي عمرڪوٽ کان
نڪتا. آزاد سنڌ کان ڪري ورهاڱي تائين سنڌ ۾ ٽي
ڀيرا اليڪشن ٿي، جنهن ۾ ڪانگريس ۽ ليگ ڀلان ڀل حصو
ورتو. کاروڙي جي سيد مراد شاهه (مامو: علي رمدان
شاهه) ۽ عمرڪوٽ ٽائون جي موجوده چيئرمين حاجي
الهداد کوسي جي چاچي رئيس ڪالي خان، شهر ۾ ليگ کي
زور وٺائڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. حاجي ولي محمد جي
والد حاجي محمد امين ڪنڀار، عمرڪوٽ توڙي وهري ۾
مسلم ليگ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. ان کان علاوه
خانصاحب عطا محمد پلي ۽ قاضي نور محمد پلي به مسلم
امت جي ڀلي لاءِ وڏي سرگرمي ڏيکاري. سال 1946ع ۾
سنڌ اسيمبليءَ لاءِ ٻه ڀيرا اليڪشن ٿي. ٻنهي موقعن
تي مسلم ليگ جي غلام محمد وساڻ ۽ سيد ليگ جي غلام
حيدر شاهه ۾ مقابلا ٿيا. هن سيٽ تي پير عبدالغفور
سرهندي به مقابلو ڪيو. مرحوم وساڻ ڪامياب ٿيو ۽
پير صاحب جو ته ڊپازٽ به رد ٿي وئي. پير عبدالغفور
جو تعلق ايم ــ اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ
پارٽيءَ سان هو
[14]. پير صاحب جي
شڪست کي اڌ صدي گذري چڪي آهي، ليڪن گهڻو پوءِ
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مرحوم جهڙو سچو ڪارڪن به
سنڌ جي سياست ۾ اگهامي نه سگهيو، تنهن جو ڪهڙو
ويهي ماتم ڪجي! سائين جي ــ ايم ــ سيد، محبوب
ابوب کهڙي ۽ شيخ عبدالميجد سنڌي مرحوم، عمرڪوٽ ۾
اچي سياسي ميڙا مچايا. ان دور ۾ ڪجهه سياسي اجتماع
قلعي جي مکيه دروازي جي سامهون پيل ميدان تي ٿيا،
جتي پاڪستان ٺهڻ بعد، پٺاڻ واري هوٽل ۾ جامع مسجد
اڏي آهي، ليڪن اڪثر جلسا لامبي جي تاريخي ميدان تي
ٿيا.
مسلم ليگ سان گڏ عمرڪوٽ ۾ ڪانگريس جو به وڏو اثر هو. راجپوت
(راڻا سوڍا؟) ڪانگريسي نه بنيا، البته هتان جا
هندو سيٺيون اڏس ڏس ۾ سرگرم رهيا. پاڪستان ٺهڻ بعد
هتي جا اڪثر ڪانگريسي لڏي ڀارت ويا. عمرڪوٽ ۾ هندن
سان گڏ مسلمانن به وڏي جوش سان ڪم ڪيو. گل حسن
ولد قمر الدين شاهه عمر اٽڪل روءِ ستر سال اڄ به
حال حيات آهي (1986)
[15] سڄي عمر
ڪانگريسي رهيو ۽ ليگ جي فڪر کي ڪڏهن به قبول نه
ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پاڻ اسٽامپ وينڊر هو.
مشهور زميندار هيرالال ۽ ڪشور لال ميگهواڙ توڙي
دڪاندار ٽيڪچند لوهاڻو ۽ سيٺ نانجو مل ــ ڪانگريس
جي مقامي ڪرتا ڌرتا هئا. عمرڪوٽ جي تڪ لاءِ (کپرو
ــ عمرڪوٽ)، 1946ع جي ٻنهي ووٽن ڀيري، ڪانگريس
کپري جي زميندار ميگهراج مل کي ٽڪيٽ ڏني. سندس
مقابلي ۾ هندو سڀا جو هيرانند سامهون آيو. هيرانند
جو تعلق ساماري سان هو. ڪانگريس جو جوان سال ليڊر
جواهر لال نهرو، ميگهراج مل جي ورڪ تي عمرڪوٽ کان
اچي نڪتو ۽ لامبي جي گرائونڊ جي مثالي جلسي کي
مخاطب ٿيو. سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ ميگهراج مل سنڌ
اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو.
پاڪستان ٺهڻ بعد هي ميدان ويو روزبروز کٽندو. جتي راند جو ميدان
بنيو، اتي جلسا ۽ جلوس به جاري رهيا. سابق صدر
ايوب خان جي خلاف طوفان اٿيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
جلسا جلوس ٿيا. ان مهم دوران مرحوم ذوالفقار علي
ڀٽو پڻ اچي عمرڪوٽ پهتو. سندس شاندار جلسو لامبي
تي ٿيو هو. چون ٿا ته هن جلسي ۾ تر ڇٽڻ جي به جاءِ
نه هئي. بعد ۾ وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪيل جلسو قلعي
بند ٿي ڪيائين. ڪهڙو ليڊر ٿو هتي کيپ کٽي، اهو
ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهندو
[16].
هاڻي نه لامبو تلاءُ آهي ۽ نه وري اهو ميدان، جتي وڏن وڏن ليڊرن
تاريخي جلسا ڪيا. انهن ڊگهن ۽ گهاٽن بڙن جو به ڪو
نالو نشان ڪونهي. جن جي هند ۽ سنڌ تائين مشهوري
هوندي هئي. هن وقت لامبي جو ڳپل ٽڪرو روحل بـس
اسٽينڊ ۽ اڪبر اعظم شاپنگ سينٽر ۾ سيڙجي چڪو آهي.
هتي ئي ڊاڪٽر گهنشام داس جهڙي مٺڙي انسان جي ڪلينڪ
به آهي. لامبي جي موجوده مختصر ميدان جي اتر ۾
مٿانهينءَ تي هڪ خوبصورت پارڪ ۽ ريڊنگ روم جي
تعيمر ٿي آهي. اولهه اتر ۾ گجوراڻي جو مقبرو آهي،
جتي ڪنهن ڪنهن مهل مورن جي ٽهوڪار پئي ٻڌجي. پارڪ
جي مکيه رستي تي پٿرن جي اڏاوت وارو اونهو کوهه
هو، سو به هاڻي ٽائون وارن ڊهرائي ڇڏيو آهي. هي
کوهه وتائي فقير جي نالي سان مشهور هو
[17]. موجوده وقت ۾
گجو فقير تي ٿيندڙ ميلي جو ملاکڙو به لامبي تي
سينگاريو آهي ته ڏڪاريل ٿري به کن پل لاءِ هت اچي
لڏا لاهيندا آهن ۽ پوءِ پَڪي ڏي گذر سفر جي تلاش ۾
نڪري ويندا آهن. ڇور ويندڙ روڊ جي ڪري شهر ۽ لامبي
جو هاڻي ڪوبه تعلق نه رهيو آهي. هاڻي جيڪو ميداني
ٽڪرو بچيل آهي، سو اسڪول ۽ ڪاليج جي حوالي آهي، جي
هتان کان ڪجهه مفاصلي تي موجود آهن. لامبي جي باقي
بچيل ميدان تي هڪ خوبصورت ۽ ماڊرن تلاءَ تعمير ڪيو
وڃي ته هوند هڪ طرف تاريخ جو هڪ اهڃاڻ محفوظ ٿي
وڃي ۽ ٻئي طرف شهر جي سونهن ۾ به واڌارو ٿئي. هن
ڪم لاءِ ٽائون ڪميٽيءَ جي اهلڪارن کي اڳتي اچڻ
گهرجي!
صاحب ۽ بيگم
نجم عباسي
پنهنجي گهر جي اوطاقي صفي ۾ ويٺو آهي. صفي جي هر چيز، دولت ۽
دٻدٻي جو ڏيک آهي؛ شاندار ڪوچ، ڀت کان ڀت تائين
خاص هن ڪمري لاءِ ملڪ جي بهترين ڪارخاني ۾ ٺهيل
غاليچو، وڏي ۾ وڏي پردي واري رنگين ٽيليويزن، پري
کان بٽڻ ذريعي هلائڻ وارو وي ــ سي ـ آر، ڀتين تي
سهڻيون سهڻيون مورتون، ڏيکاءَ جي ڪٻٽ ۾ پوري سنسار
جون حيرت ۾ وجهندڙ ۽ سندر سينگار جون وٿون، درين
تي بخمل جا لهرون هڻندڙ پردا، ڀتين ۽ ڇتين تي
روشنيءَ لاءِ بجليءَ جون ولايتي شيون... ٻرندڙ
بجليءَ جي چلهي جي گرماش، ٻاهرين ولهه جي لکا پوڻ
نه ٿي ڏئي.
رات جو يارهين بجي موٽيو آهي، گهر ۾ ٿر جي رڻ جهڙو سناٽو آهي.
ڪلب ۾ ايڏو شورشار هو ۽ هتي هڪدم ايتري سانت. ٻار
سمهي پيا آهن، ڪوبه هن جي اجيان لاءِ نٿو ڊوڙي،
ڪنهن جي به ٻاهر اچڻ جو آهٽ نٿو ٻڌجي. موٽر جو
واڄو ٻڌي، چوڪيدار در اچي کولي ٿو. بيگم ڪنهن
پارٽيءَ ۾ ويل آهي ۽ اڃا ڪانه موٽي آهي. پر جي
هوءَ هوندي به آهي ته هن جي آجيان لاءِ ٿوروئي
ايندي آهي، پوءِ چاهي جاڳندي ئي ڇونه هجي. ڳچ عرصي
کان هنکي به هن جي زال جي انهيءَ آجيان جي پرواهه
نه رهي آهي. پر هاڻي ڪجهه ڏينهن کان هن جي دل چاهڻ
لڳي آهي ته جيئن منڍ ۾ ٿيندو هو، تيئن زال سندس
انتظار ۾ هجي ۽ هن جي موٽر جو واڄو ٻڌي، آجيان
لاءِ ٻاهر نڪري... ماني هو ڪلب ۾ کائي ايندو آهي،
۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا بدلائي سمهي پوندو آهي.
پر اڄ هو سمهڻ ڪوٺيءَ ۾ نه ويو آهي ۽ اچي اوطاقي صفي ۾ ويٺو
آهي. هو ڏاڍو ٿڪل، وياڪل ۽ ويڳاڻو لڳي رهيو آهي،
هو پنهنجي ضمير تي ڦٽ لعنت وجهي ٿو ته ويهه سال
گذرڻ کان پوءِ به اهو (ضمير) صفا مري نه ويو آهي؛
ڪڏهن ڪڏهن جاڳيو چهنڊڙي پايو وٺي. شاگرديءَ جي
زماني ۾، هو ليڊر ته ڪونه هو، پر هن پنهنجي ڌرتيءَ
لاءِ بلند کان بلند نعرا هنيا هئا. قومي جلسن،
جلوسن، مظاهرن، هڙتالن ۽ احتجاجن جي دل جي گهراين
مان حصو ورتائين. ان وقت سوچيو هئائين ته جي مان
آفيسر ٿي ويس ته رڳو پنهنجي قوم وارن کي نوڪري
ڏيندس ۽ جڏهن پنهنجي قوم وارو ڪو ڪم واسطي ايندو
ته هن جو اهو ڪم بنا دير ڪندس ۽ هر مامري ۾ پنهنجي
قوم جي شخص جو غير قوم جي شخص جي مقابلي ۾ ٻانهن
ٻيلي ٿي بيهندس ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي زمين ۽ پلاٽن
تي ٻين قومن جي والار کي ٻنجو ڏيندس. هو ڏتڙيل
پورهيت پيءُ جو پٽ هو ۽ سدائين پنهنجي پيءُ کي
توڙي پاڻ کي پيڙا جي پاتال ۾ ڏٺو هئائين.
جڏهن هو سي ــ ايس ــ پي آفيسر بڻيو ته منڍ ۾ پنهنجن ارادن
مطابق هلڻ جي ڪوشش ڪيائين. پوءِ جيئن هو ڪرسيءَ جو
مزو چکندو ويو ۽ ناڻي جا ڍير گڏ ٿيڻ لڳس، تڏهن به
هن کي بعضي بعضي، پنهنجين اهڙين ڪاررواين تي ضمير
جي چهنڊڙي ضرور پوندي هئي. جڏهن هو شاگردن کي
سزائون ڏيندو هو يا هنن خلاف حڪمن تي صحيح ڪندو
هو، تڏهن هن کي پنهنجو ضمير کائيندو هو. هن کي
احساس هو ته اهي شاگرد مون لاءِ ۽ پوري قوم لاءِ
احتجاج ڪن ٿا، ڦٽڪا ۽ جيل کائن ٿا، سختيون سهن ٿا،
جيئن مون کي ۽ اسان جي محروم قوم جي ماڻهن کي
نوڪريون ملن ۽ وڏا وڏا عهدا ملن ۽ ترقيون ملن ۽
هيڏانهن مان آهيان جو انهن کي بي قصور ڄاڻندي به
سخت سزائون ڏيان ٿو... هو انهن کي هروڀرو به
انتهائي سخت سزائون ڏيندو هو ته متان پنهنجن آقائن
جي نظر ۾ نه ٿي پوي. پنهنجي کل بچائڻ خاطر: هو هنن
وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ائين ڪندو هو. يا ته بندوق هن
جي ڪلهن تي رکيل هوندي هئي ۽ گهوڙي دٻائڻ وارو هو
نه هوندو هو. پنهنجن خاص دوستن سان ڪڏهن ڪڏهن
ڪچهريءَ ۾ باسيندو هو، يا پنهنجي پاپي من کي ڪوڙو
آٿت ڏيڻ لاءِ يا شرم پرچائڻ لاءِ ائين چوندو هو ته
”يار، پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ پورا آهيون.“ جڏهن هن
وٽ نوڪريءَ جون جايون خالي هونديون هيون ته هو
پنهنجن کي موٽائي ڇڏيندو هو. انهن مان نه رشوت جي
اميد هوندي هئس ۽ نه احتجاج يا دٻاءُ جو انديشو.
يا ته انهن کي ڏيندو هو، جن وٽان پوري رشوت وصول
ٿيندي هئس. پر ڌارين کي نه موٽائيندو هو. ان جو
سبب سهڻي سفارش ٿِي ٿي سگهيو. يا آقائن جي
خوشنودي. نه ته به اتي احتجاج ۽ دٻاءَ جو انديشو
هو ۽ اهڙي رنجش ۽ ناراضگيءَ ڪري نوڪريءَ کي جوکو
رسي ٿي سگهيو.
وچ ۾ جڏهن هو رشوت جي ڪري ٻه سال نوڪريءَ مان سسپينڊ رهيو ته ان
دوران هروڀرو به ملندڙن کي چوندو هو ته مان هيءَ
سزا ان ڪري ٿو ڀوڳيان جو پنهنجي ڌرتيءَ وارن کي
نوڪريون ڏيندو هوس.
پلاٽن ۽ زمينن جي مامري ۾ هو ديسين کي حق به نه ڏيندو هو. پر
ٻين کي سفارش ڪري يا مٿين کان گهٻرائجي يا رشوت
وٺي يا هنج ۾ حسن پوڻ سان پنهنجي ڌرتيءَ جو نيلام
ڪندو هو.
اڄ به هن جي هنج ۾ هڪ لاجواب حسن ڪريو هو، پنهنجي ڌرتيءَ کي تين
وال ڪرڻ جي بدلي ۾. پر پوءِ هن جي ضمير ۾ چهنڊڙي
پئي هئي ۽ ان ڏاڍو ايذايو اٿس. اهو ايذاءُ اڄ ڪلب
۾ يٽ شٿ ڪرڻ، رمي کيڏڻ ۽ شراب پيئڻ سان به نه مٽيو
آهي، ۽ هو هينئر پنهنجي گهر ۾ اچي ويڳاڻو ٿي ويٺو
آهي.
هن جي دل ڏاڍو چاهي ٿي ته زال منهنجي همراز هجي ها ته اهڙن
موقعن تي مان هن کي سڀڪجهه ٻڌائي، دل جو بار هلڪو
ڪريان ها، پوءِ کڻي حسن جو هنج ۾ ڪرڻ جو نه ٻڌايان
ها، پر ايترو ته ٻڌايان ها ته رشوت وٺي، پنهنجي
ڌرتيءَ تي داغ لڳايو اٿم. حسن جا اهڙا اهڙا روپ هن
جي هنج ۾ ڪرندا رهيا، جو کوڙ سالن کان وٺي هن کي
زال ڏٺي نه وڻندي هئي. ان ڪري زال به پنهنجيون
دلچسيون گهر کان ٻاهر وڌائي ڇڏيون هيون. دولت اڻ
مئي هئي. موٽر مڙس کي الڳ ته زال کي الڳ. هرهڪ جون
مشغوليون ۽ سرگرميون جدا جدا. هر هڪ جي راهه
نياري.
زال جي باري ۾ هو پنهنجي هن مهل جي سوچ جي منطق جي صحيح هجڻ تي
ڌيان ڪونه ٿو ڏئي، ورنه هو ان حقيقت کان بي خبر نه
آهي ته سندس زال کي رڳو دولت کپندي هئي ۽ ان ڳالهه
جو اونو ڪونه هوس ته اها دولت ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي اچي.
هوءَ ته هن کان به وڏي آفيسر جي ڌيءَ هئي ۽ ڄائي
ڄم کان پلي ئي دولت جي ماحول ۾ هئي. هن کي نه
پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ احساس هو ۽ نه پنهنجي ڌرتيءَ
وارن واسطي ڪهڪاءُ... پر هن کي شدت سان خيال اڀري
ٿو ته هن کي زال سان ٺاهه ڪرڻ گهرجي ۽ گهر جي
ڀاتين جي باهمي اجنبيت کي دور ڪرڻ کپي. هو نيٺ پڪو
پهه ڪري ٿو ته بيگم اچي ته هن سان دل کولي
ڳالهائيندس ۽ ڏک ڏوراپا ڏيندس ۽ هن جون ميارون
ٻڌندس.
هو عام طرح ڪتاب ڪونه پڙهندو آهي. هڪ ڀيري ريل جو ڊگهو سفر ڪاٽڻ
واسطي ٽيشڻ تان ”گهرو خوشيءَ جا راز“ نالي ڪتاب
ورتو هئائين. اهو ڀرسان ٽپائيءَ تي پيو آهي. ائين
ئي کڻي ان جا پنا اٿلائڻ ٿو لڳي. هڪڙي صفحي تي
ٿلهن اکرن ۾ لکيل پڙهي ٿو: ”زال کي راضي رکڻ ۽ خوش
ڪرڻ لاءِ هن جي جسم جي، هن جي سينگار جي، هن جي
شين جي واکاڻ ڪندو رهه:“ هيءَ صلاح مڙس کي ڏنل
هئي... اهو پڙهي، هو مرڪڻ لڳي ٿو، ڄڻ ته پنهنجي
مسئلي جو حل ملي ويو اٿس. هو سوچڻ لڳي ٿو ته ان
صلاح کي اڄ ئي ڪيئن عملي صورت وٺايان. هو پاڻ کي
ذهين آفيسر سمجهندو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ذهين آفيسر
ضرور آهي.
ٻارهين بجي بيگم موٽي ٿي ته هن جو منهن ڀيلو آهي، ڄڻ ڪو رانديگر
فائينل مئچ ۾ هارائي موٽيو آهي ۽ هوءَ سچ پچ هار
کائي آئي آهي. هن عورتن جي اڄوڪي پارٽيءَ واسطي ٻه
مهينا اڳ کان تياري ڪئي هئي. ڳهن جو نئين قسم جو
اهڙو سيٽ جوڙايو هئائين، جهڙو هن شهر ۾ اڄ تائين
ڪنهن به ٻي بيگم نه ٺهرايو هو ۽ نه پاتو هو. ڪپڙن
جو وڳو اوچي ۾ اوچي ولايتي ڪپڙن جو ورتو هئائين ۽
ملڪ جي وڏي ۾ وڏي فئشنبل شهر ۾ وڃي، عورتن جي سٺي
۾ سٺي درزيءَ کان سبرايو هئائين. اهي ڳهه ۽ اهو
جوڙو ڪنهن کي به نه ڏيکاريائين ۽ پارٽيءَ م ايندڙ
سڀني عورتن کي
Surprise
(حيرت) ڏئي، انهن جي واتان، پنهنجي لاءِ واهه واهه
ٻڌڻ ٿي چاهيائين.
اڄوڪي پارٽيءَ لاءِ هارسينگار ڪري وڃڻ وقت هن کي پڪ هئي ته ٻي
ڪابه عورت هن جو مقابلو ڪري نه سگهندي ۽ محفل ۾
هوءَ مرني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويندي ۽ هر عورت
هلي اچي، هن کان پڇندي ته هي وڳو ڪٿان سبرايو اٿئي
۽ هي زيور ڪنهن کان جوڙايا اٿئي؟ هوءَ محفل ۾ به
ان ڪري دير سان آئي جيئن سڀني جو ڌيان هن ڏانهن
ڇڪجي. هوءَ خاص مهمانياڻيءَ کان به پوءِ پهتيءَ
شامياني ۾ گهڙي ته ڪنهن هن ڏانهن ڪنڌ ورائي به
ڪونه ڏٺو. سڀ عورتون خاص مهمانياڻيءَ جي ويجهڙائي
حاصل ڪرڻ جو جتن ڪري رهيون هيون. هرڪنهن ڪوشش پئي
ڪئي ته هن جي ڀرسان ويهي، هن جي پاسي ۾ بيهي، هن
سان ڳالهائي، هن کي پاڻ ڏي متوجهه ڪري، هن سان هٿ
ملائي، هن سان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪري، هن جي ڳالهه
ڳالهه تي هروڀرو وڏا وڏا ٽهڪ ٿي ڏنائون. هن جي
زيورن جي باري ۾ سڀڪجهه ٿي پڇيائون ۽ هن جي لباس
جي ساراهه ۾ شاعري ٿي ڪيائون. کائڻ پيئڻ جو دور
هليو ته ڪا عورت هن کي ڪوڪا ڪولا پئي ڏئي، ته ڪا
ڪيڪ پئي پيش ڪري، ڪا ڪباب پئي آڻي، ته ڪا کير
واريون سيون پئي کنيو اچي ۽ ڪا ڪافي پئي ٺاهي.
خاص مهمانياڻي، نئين حڪمران جي بيگم هئي، جو فقط هڪ هفتو اڳ هتي
مقرر ٿي آيو هو.
ان وڏي آفيسر، جي پنهنجي گهر جي اوطاقي صفي ۾ اچي ويٺو آهي،
تنهنجي بيگم، محفل ۾ هي سارو وقت سڙندي، کامندي،
وپسرندي، پڄرندي ۽ رجهندي رهي. هن خاص مهمانياڻيءَ
جو جوڙو ۽ ڳهه ڏسي، نڪ کي موڙو پئي ڏنو.
موٽر جو آواز ٻڌي، آفيسر اوطاقي صفي مان اٿي، ٻاهر اچي ٿو. ٻاهر
فقط سردي سجاڳ آهي، باقي آسمان جا تارا، رستي جا
بلب، آسپاس جا گهر، رات جو روح، ماحول جي اوندهه
رولو ڪتا ۽ خود رستو، هن آفيسر ۽ سندس بيگم وانگر
ڳهر ۾ آهن. مايوس ۽ ملول بيگم کي هن مهل آٿت جي
ايتري لوڙ آهي، جو هن کي مڙس جي روش جي تبديليءَ
جو احساس ڪونه ٿو ٿئي. البت مڙس ڏسي ٿو ته هوءَ
زيورن جي شو ڪيس بڻيل آهي ۽ ولايتي سرهانين جو
هلندڙ چلندڙ اشتهار. البت هن جي من ۾ هي جملو ڪونه
ٿو اڀري، جو ڪجهه سالن کان پنهنجي هن زال کي ڏسي
اڀرندو آهي ته: ”رن ڪيتري نه ٿلهي ٿي پئي آهي، ڄڻ
چرٻيءَ جو هماليه جبل.“
”اچي وئينءَ بيگم.“ هو چوي ٿو.
”ها.“ بيگم رئڻهارڪي آواز ۾ وراڻي ٿي، پر مڙس اهو لهجو محسوس
ڪونه ٿو ڪري. ”چڱو اچ، ٿورو ڊرائنگ هال ۾ ٿا
وهون.“
ٻئي اوطاقي صفي ۾ اچي وهن ٿا.
ٻئي ماٺ آهن.
”ڪيئن رهي پارٽي؟“ نيٺ مڙس پڇي ٿو.
”ڏاڍي بور.“ بيگم ڄڻ ڏند ڪرٽيندي چوي ٿي.
”ڇو؟“
”ماڻهو اڀرندي سج جا پوڄاري آهن.“
هو هلڪو ڇرڪ ڀري ٿو ڄڻ ته ان طعني جو نشانو هو پاڻ هو. هو ان
ڳالهه کي ڊيگهه ڏيڻ نه ٿو چاهي.
ٻئي چُپ ٿي وڃن ٿا. هڪ گهر ۾ رهندي به ٻنهي جي وچ ۾ ايترو ويڇو
۽ ايتري وڇوٽي ٿي وئي آهي، جو سوچڻ تي به مڙس کي
ڪنهن گهرائيءَ جي گفتگوءَ جو موضوع ڪونه ٿو ملي ۽
ساڳئي وقت، ڪتاب ۾ جا ڳالهه پڙهي هئائين، ان تي
عمل ڪرڻ لاءِ، دل ۾، ٺاهيل ڳالهه، هن جي ذهن تي
سوار آهي. اها چوڻ واسطي آتو آهي.
پوءِ اوچتو چوڻ شروع ڪري ٿو. ”بيگم، هي جوڙو توکي ڏاڍو ٺهي
ٿو...“ هو ٿورو رڪجي ٿو.
ايستائين ٻڌي، بيگم جو پاروٿو چهرو هڪدم سڄر ٿي وڃي ٿو ۽ ان تي
مرڪ جون روشنيون مڙي اچن ٿيون. هن جي هيانءَ تي
ٿڌو ڇنڊو پوي ٿو ۽ محفل ۾ آيل مڙئي عورتون هن کي
بدذوق ۽ بي قدر ڀاسڻ لڳن ٿيون.
مڙس پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو، ”... ۽ جڏهن به تون اهو
وڳو پهريندي آهين، ڏاڍي سهڻي لڳندي آهين.!“
اهو ٻڌي حالي بيگم جي چهري جي چمڪ وڌي وڃي ٿي ۽ مُرڪون موڪريون
ٿي وڃن ٿيون، پر فقط ٻه چار پَل. پوءِ هن جو منهن
ڪاراٽجي وڃي ٿو. اڃا به پوءِ، غصي کان هن جون
اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون. اڃا به پوءِ غصي کان
هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون، ۽ وات مان گڦ
وهائيندي، رڙ ڪري چوي ٿي: ”ڪوڙا قيصر! هي وڳو ته
مون پاتوئي اڄ آهي. تو هي اهو ڏٺوئي ڪٿي آهي!“
هوءَ ڳاڙهي پيلي ٿي، فرش تي زور سان داڦوڙا هڻندي صفي مان نڪري
وڃي ٿي ۽ هو بي وقوفن وانگر هن جي پٺيان نهاريندو
رهي ٿو.
|