سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (4)

 

صفحو :4

 

سميع لُنڊ

 

سپنن کي ڪو سج لڪائي، ننڊ نڀاڳيءَ مان جاڳائي.

ساڀيا بڻجي اچڻي آ هوءَ، سرتين سٿ ۾ ميندي لائي.

تنهاين ۾ روئندو آهيان، ڪوبه نه مون کي جيئن پرچائي.

رنگ رهائي پنهنجي هٿن ۾، ڇو پوپٽ کي تو ڇڏيو اُڏائي.

روز اچي هوءَ من آڳنڌ ۾، ٿي پنهنجا هٿ ڪنگڻ ڇمڪائي.

 

اسير ملاح

 

سهسين سور ڏنا ٿئي ڇا لئه، جيون ڪئي جفا ٿئي ڇا لئه.

يارن ڌاران رم جهم ڪهڙي، آگم رنگ رتا ٿئي ڇا لئه.

سپنا ساڀيا ٿيڻا ناهن، دلڙي خواب لڌا ٿئي ڇا لئه.

ڪجهه گهڙين جو دوکو دارو، ايڏو هوش خطا ٿئي ڇا لئه.

آکيرا وس آديسين جـٖـي، سمجهيا سيڻ سڳا ٿئي ڇا لئه.

ٻيجل هانءُ نه ٺارٖي سُرندو، سر جي سين صدا ٿئي ڇا لئه.

غم اسير گهڻائي پنهنجا، جڳ جا درد وتا ٿئي ڇا لئه.

 

 

منير سولنگي

غزل

 

اچ تون مونڏي منهنجا ڍول، ٻول اچي ڪي مٺڙا ٻول.

برکا رت ۾ ساجن تنهنجا، هردي منجهه اچن ٿا هول.

روز ڪندو هئين جيڪي مونسان، پاڙ پنهل تون پنهنجا قول.

منهنجي دنيا سڏڪا سڏڪا، تنهنجي دنيا رنگ رتول.

توکي ڳولهن ڪين ٿا ٿڪجن، منهنجا نيڻ نراسا رول.

آهه منير کي درد ولوڙيو، ڏاج ۾ ان جي ڏک ۾ ڏول.

 

ڪوثر ٻرڙو

توسان ڳالهيون ڪندي چپ نه ٿا ڍاپجن،

پر ايڏا لفظ مٺڙا ڪٿان آڻجن.

ڀلا ڪنهن جي چاهڻ جي ڪا حد آ هوندي؟

محبت جون موجون نه ٿيون ماپجن.

تون ته آئين اچي ۽هليو ٿو وڃين،

پوءِ ڏوراپا ڏس جاني ڪنهن کي ڏجن.

تو بنان هڪ ساعت سَري ٿي سگهي،

هي ڏونگر جيان ڏينهن ڪيئن ڪاٽجن.

هي هِڪڙي حياتي ته ڪافي نه آهه،

پرين پيار لئه ڪي حياتيون هُجن.

جي واقعي خدا وٽ لکيل ڪجهه جي آهه،

ته منهنجون خوشيون سڀ توکي مِلن.

 

فهيم انصاري

 

هڪ ماڻهوءَ کي خوش ڪرڻ خاطر

ٻيو ٿو هلندو وڃي ڏور

ٻئي کي جي ڪجي ٿو راضي

ٽيون به نه ٿئي ٿو راضي مُور

هاڻ ته سوچن جي صليب تي

آهيون ٽنگيل اسان

ڇا ڪجي؟ هر ڳالهه

سمجهه کان ٻاهر

نه ته راضي ڪري ٿو سگهجي

هر ڪنهن کي

نه ئي رُسائڻ چاهيون ٿا

جڳ کي.

 نياز برفت

 

رات رسندي وئي،

باک ڦٽندي وئي.

 

درد دلبر جي ۾،

دلڙي دُکندي وئي.

 

پيار ويو اوتجي،

ڏات کٽندي وئي.

ڪونه موٽيو پرين،

تانگهه وڌندي وئي.

 

لڱ ويا برف ٿي،

مات ٿيندي وئي.

 

ذڪيه ميمڻ

 

دل ٿيءُ درياهه

ڏسي نه ڪو

اندر جا آڙاهه

ـــ

اڃان اٿم آس

تون ايندين

وڻ وڻ تهنجون واس

ـــ

موتين جان ميڙيان

جهول پنهنجيءَ ۾

تنهنجو درد سهيڙيان

ـــ

گلن جي سُرهاڻ

اوتي اندر ماڪ

روئان تنهنجي ڪاڻ

ـــ

سکڻي منهنجي جهول

ڳاءِ مون لئه

پيار ڀريا ٻول

ـــ

لهندڙ سج جو لانوَ

ڳوليان ٿي تنهنجي

پيار جي ڇانو

تسليم منگي

 

نديءَ جا ٻه ڪنارا

تون ۽ مان

سانتيڪي ڌارا

ـــ

تو ۾ منهنجو ساهه

ڄڻ سنڌوءَ ڏانهن آيل

ڪوئي ٿڌو واءُ

ـــ

تنهنجين اکڙين ۾ ڪجل

نئين ڪويءَ جو

نئون ڪو غزل

ـــ

شاهه جي هر هڪ وائي

منهنجن لڙڪن ۾

اوتجي آئي.

 نذير ناز

 

زندگيءَ

هيءُ ڇا هي؟

زندگي

پل صراط جو

هڪ سفر

ڏاڍو ڏکيو ـــ ڏاڍو ڏکيو

ڪونه رستو کٽي

دم لبن تي آهي

۽

پير رتوڇاڻ

پر

پنڌ، وڌندو ٿو وڃي

هن جهان ۾

دل لڳي ئي ڪانه ٿي

جو

هن سفر جو

ڪونه ٿو

پنڌ ئي کٽي

۽ نظر

منزل اچي ئي

ڪانه ٿي.

 

محمد علي پٺاڻ

 

آزاد نظم

 

دل ته چاهيو هو گهڻو،

راهه تنهنجيءَ کان الڳ،

راهه پنهنجي ٺاهبي ـــ

۽ ڪبو پنهنجو سفر،

تنهنجي ساٿ کانسواءِ،

تنهنجي ياد کانسواءِ،

هيکلو ئي هيکلو،

ويران رڻ پٽ ۾ شروع ـــ

پر اُهو ڀي ڪين ٿيو...

تنهنجي هرڪا ياد ڄڻ،

زنجير جان جڙجي وئي

آهي منهنجي سوچ سان ــ

ڪيئن مان آزاد ٿيان،

تنهنجي هر ڪنهن ياد کان ـــ

ڪيئن توکان ٿي الڳ،

پوکيان ٻوٽا نوان ـــ

۽ نئين سُرهاڻ سان

واسيان دل جو شهر...

تون جا هونئن دور ٿي،

دل ۾ لڳين ٿي ويجهڙو،

اصل ۾ ائين نه آ ـــ

تون ته آهين دور پر،

پاڇا به پنهنجا هِن پري ــــ

هن ٽاڪ منجهند جي سمي

وڻ نه ڪا وڻراهه آ ـــ

پوءِ به رڙ نڪري نه ٿي،

توڙي چؤڌر باهه آ...!

 

افضل قادري

 

وائي

 

ڇا نه ڪيو مون تنهنجي خاطر

تنهنجي ريت اها ئي سائين

نيڻن ننڊ نه آئي سائين.

پيار ڪيم، پر پيار ڏنو ڇا

زلت ۽ رسوائي سائين

نيڻن ننڊ نه آئي سائين.

سڄي عمر تو سور ڏنا

دلجو آن ڪاسائي سائين

نيڻن ننڊ نه آئي سائين.

واڳون وانگر وات پٽي

ڏينهن کي رات وئي کائي سائين

نيڻن ننڊ نه آئي سائين.

نياز پنهور

غزل

 

تون گيتن جي عنوان جيان،

مان خالي آهيان دانَ جيان.

پيار تُنهنجي ۾ ڦيريون گهيريون، ڇا لئي سياستدان جيان.

اکيون تُنهنجون ڳالهئن ٿيون، ڪرفيوءَ جي اعلان جيان.

گهُگههُ اونداهي ڪمرو منهنجو، يادون روشندان جيان.

ڪِيمَ تُون کڙڪاءِ دل منهنجي، آءُ هَلي طوفان جيان.

مون کي هُو وساري ويٺو، پنهنجي ڪنهن احسان جيان.

نياز ته وکريو پيو آهي، شاعر جي ديوان جيان.

 

متل جوڳي

وائي

رانول، تنهنجي رَتَ جِي، راهن ۾ راڱاڻ،

ڳليون خون کٿوريون.

هلچل هُلُ ٿيو، سوچن جي سُرهاڻ،

ڳليون خون کٿوريون.

بَرَ ٿَرَ ڀَڙڪيا باهه جا، ڳوٺن ۾ ڳاڙهاڻ،

ڳليون خون کٿوريون.

منزل ڏي تون مينڌرا، تڪڙو تڪڙو تاڻِ،

ڳليون خون کٿوريون.

ڳَڀِرو اوچي ڳاٽَ سان، عزّت جو اهڃاڻ،

ڳليون خون کٿوريون.

 

”ضمير“ ڦل

 

وائي

 

سج لٿي لاڪون،

تنهنجون ئي يادون،

ننڊ رُسي وئي آ.

ڪهڙو حال ڪيان، اندر آ ڦاڪون

ننڊ رُسي وئي آ.

جيسين وچ وڇوڙو، تيسين رڙنداسون،

ننڊ رُسي وئي آ.

ڪاري سج سنديون، ڀُونءِ مٿان باکون،

ننڊ رُسي وئي آ.

پاڻ ئي وڍ اچي، سُورن جون شاخون،

ننڊ رُسي وئي آ.

جهڙو جانب تون، اهڙيون مون آسون،

ننڊ رُسي وئي آ.

 

احمد حسين ٽالپر

 دنيا جا نه گُر، داوَ ڄاڻي سگهياسين،

پراوا نه پنهنجا سڃاڻي سگهياسين.

هتي روپ ٻهروپ مٽجن هزارين،

اسان روپ ڪوئي نه آڻي سگهياسين.

ڪُٺاسون ڪنڌيءَ ڪاڪ لکوار ليڪن،

نه مقصد جي مومل کي ماڻي سگهياسين.

نه پاڻ ئي پُڳا سونج نه منزل تي يارو،

ڪڏهن راهرو ڪو رسائي سگهياسين.

مُڪو ڪنهن نه ڪڏهن، نه ڪنهن ڏي اسان ئي،

ڪو احوال دل جو اماڻي سگهياسين.

اَيامن کان قسمت جي ڪشتي ڪُنن ۾،

ڪنڌيءَ سان نه ”احمد“ اُڪاڻي سگهياسين.

 

سويم سومرو

 

غزل

 

تون هوا، هٻڪار، هلڪي روشني،

آئون تنهنجو اولڙو، تون درسني.

تون ائين، جيئن کنوڻ جو کِجِڪو هجي،

مان ائين جيئن ڪا اونهاري جي ڄڀي.

تون ملين، جيڪر، ملي ملي مون کي وڃين،

باک رنگي، ماڪ وهنتل زندگي.

ڪيترو تنهنجي مٺي آ، ڪچهري،

ڄڻ ته کنڊ جي چاس، ڄڻ ڪا چاشني.

انت ناهي پيار ـــ ساگر جو ڪٿي،

پريت ڪٿجي، آ نه اهڙي سامهي.

شهر جي مون سونهن جا، سپنا ڏٺا،

دل کڻي وئي ڳوٺ جي ڪا ڇوڪري.

ديس منهنجي ۾ دوروهي چوڏسا،

۽ انهن ۾ مان ائين جيئن اجنبي.

رئيس پنهنجي هر ڪتي سان راس آ،

صرف هارين تي ڪري ٿو برهمي.

ڀانءِ ناتا پيا نه مون کي ٻيا ”وسيم“،

ديس ـــ پورهيت جي وڻي وئي دوستي.

 

عزيز ڪنگراڻي

 

وقت هٿان مان وڍجِي پيو هان،

احساسن کان ڏنڀجِي پيو هان.

جنب گذاريم نجهري پڄري، ٽانڊن تي ڄڻ ٽچڪِي پيو هان.

درد جي ڌيمي خوشبوءِ ۾ مان، مُرڪِي مُرڪِي مهڪِي پيو هان.

لُڙڪن جي، مان برساتن ۾، ڌوپي ڌوپي جَرڪي پيو هان.

اونداهين ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، صبح سويرو جرڪي پيو هان.

تمنائن جي صحراحن ۾، ڊوڙي ڊوڙي سهڪي پيو هان.

قهر جو پارو اوڇڻ ناهي، تڙڪِي ٿڙڪِي سٽجي پيو هان.

ڪاڇي ٿر جي ٿاڪ اُڃاري، بادل بڻجي برسي پيو هان.

برهه جي باهه اندر ۾ ڀڙڪي، ٻڙڪِي ٻڙڪِي ٽهڪِي پيو هان.

آد جُڳاد کان آءٌ عزيز، آزارن سان اٽڪِي پيو هان.

 

 نقاد حيدري

 

وائي

 

اڄ ته وسي پئي بوند برهه جي ٿي وئي باغ بهاري آ،

جهڙ ڦر مينگهه ملهاري آ.

پياروندن پڻ پاڻ ۾ ويهي پيار جي ڳالهه پچاري آ.

چارئي پاسا گوڙون گجن ٿيون کنوڻن ۾ چمڪاري آ.

وڻ ٽڻ ٻوٽا ٻهڪن چهڪن، مهڪي ٽاري ٽاري آ.

ڪاڇي وارا خوب کلن ٿا، ساوڻ جُوءِ اُجاري آ.

دُوري تنهنجي دلڙي منهننجي، ڏاڍي اڄ آزاري آ.

نقاد ستائي مند مينهوڳي، تو بن ٿي بيزاري آ.

 

لائق ٿيٻو

 

جيت جي هار جا، ڪهڙا ليکا ڪبا، تو کٽيو، مون کٽيو، جيت ڇا هار ڇا.

دور ڇوٿي رهين، آءُ ويجهو ته آ، پيار آهي اَجهل، پيار ناهي خطا.

تون جو آهين پري، ننڊ نيڻن ڪٿي، رات رڻ جو سفر، ڏينهن ڄڻ آ سزا.

ميت تنهنجي ڪري، گيت مون جي چيا، تون به سمجهين نٿي، ڪير سمجهي ڀلا.

نيڻ تنهنجا نشو، وار تنهنجا گهٽا، رُڃ منهنجون اکيون، روح منهنجو گڦا.

  

نانڪ

 

ترائيل

 

پنهنجو پاڻ کان پاڻ لڪايئي،

واٽ به وڻجارا وئين ڀُلجي،

پنهنجي دل کي رڳو لڳايئي،

پنهنجو پاڻ کان پاڻ لڪايئي.

ڇو نه اندر جو حال سڻايئي،

راهه ۾ راهي ويندين رُلجي،

پنهنجو پاڻ کان پاڻ لڪايئي،

واٽ به وڻجارا وئين ڀلجي.

 

بخشڻ مهراڻوي

 

سٽاءُ

 

اُڀ اسٽيج تي،

ستارن جي ساز ڇڙيل آهي،

چنڊ پنهنجي جوڀن جو راڳ پيو آلاپي،

۽ چانڊوڪي جي سُرن

رات جي روح کي به

جَرڪائي ڇڏيو آ.

 

عزيز گوپانگ

 

وصل جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾

مٺيون موڪلڻ سنيهن ۾

در ڏيڍيءَ پويان لڪي

مون کي ايندو ڏسي

پوندي هئي ٽڙي، هڪ ڇوڪري، ها ڄڻ،

هڪ مکڙي

۽ اچانڪ

در ڏيڍيءَ پويان

هٽي چڪي

خط ڄڻ سڀ

لکي چڪي

مکڙي گل ٿي چڪي

مون کان اوجهل ٿي چڪي

وصل جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾.

 

زلفي

 

املتاس جا گل

ڪويل جي ڪوڪ

۽ اداس چانڊوڪيون

منهنجا

ورهين جا ساٿي آهن

اُداس چانڊوڪين ۾

جڏهن تون ياد

ايندي آهين

تڏهن املتاس جي گلن

جي خوشبوءِ

۽

ڪويل جي ڪوڪ

من جا ڦٽ کولي ڇڏيندي

آهي

تڏهن منهنجي ڀاڳ جي اونداهين ۾

لڙڪن جا ڏيئا

روشن ٿي پوندا آهن

اداس چانڊوڪين ۾

جڏهن

تون ياد

ايندي آهين.

 

قاضي منظر حيات

 

جيون ڪاڳر ڪوري وانگي،

آءٌ ته آهيان ٽٻڪي وانگي.

جذبن جي پالوٽ ٿئي ٿي، هرهڪ شعر ۾ اڌمي وانگي.

تنهائي ۾ ياد اچي ٿو، تنهنجو چهرو سپني وانگي.

سچ کي ڪوڙن سمجهيو آهي، لوهه تتل ڄڻ ٽانڊي وانگي.

تو لئه چاهه سدائين مون کي، پاڻيءَ جي لئه پياسي وانگي.

ڪونه ڪڏهين کڙتيل ٿو نڪري، بي جا بحث اڄوڪي وانگي.

پيار جي ڳالهه هُلي ويندي آ، چوڌر بم ڌماڪي وانگي.

ڏک جو منظر مک تي ظاهر،

اکڙين ۾ اوجاڳي وانگي.

 

پريتم پياسي

 

جنهن ڏينهن تو اسان جي دل کٽي آهي،

تون ئي تون صبح شام بندگي آهي.

ويٺا سهون سڄڻ ستم اوهان جا جو،

بس! اي پرين اسان جي بيوس آهي.

مون کان مٺا نه گهر کلي اجازت تون،

محڪوم جي به ڪا ڪڏهن هلي آهي.

هو هاڻ مون کي خواب ۾ نٿوڌسجي،

ڪيڏي نه هي عجيب بي رخي آهي.

منزل ڏسي رڪي نه ويهه جانِ من،

سج جي اڃان نڪور روشني آهي.

غمگين حال تون ڏسي نه روءِ دلبر،

محشر جيان اسان جي گهر گهڙي آهي.

پوڄا ڪندي به اڄ نٿو پرين پرچي،

پٿر سان ڄڻ اسان جي دل لڳي آهي.

درشن جي لئي سڪي سدا ”پريتم“ پيو،

ڪيڏي ته بدنصيب زندگي آهي.

 

”اصغر“ ٽالپر

 

غزل

 

حياتي جستجو آهي،

سراپا آرزو آهي.

جوان جذبن جي جرئت سان، جهان ۾ رنگ و بُو آهي.

زمانو شاهدي ڏيندو، هو ڏاڍو خوبرو آهي.

ته سؤلي جانبازي آ، پرين جي پارکو آهي.

چوان ڇا حالِ دل هن کي، سندس ئي روبرو آهي.

ميارون ڪين ڏئي سگهبيون، هو بلڪل تندخو آهي.

اکين سان حالِ دل چئبو، ضروري گفتگو آهي.

جا خواهش ڪين ٿئي پوري، سا چئبي آرزو آهي.

سندم همت کي شابس آ، اُها ئي هوبهو آهي.

فقط ”اصغر“ ئي ڄاڻي ٿو، ته ڇو بي آبرو آهي.

 

شفيع چانڊيو

 

سپنا ساٿ نه ڏيندا آهن،

ننڊ ڦٽائي ويندا آهن.

اوسيئڙن ۾ نيڻ اسان جا، ڪنهن جي واٽ تڪيندا آهن.

تنهاين جي ريکائن ۾، دوست به وسري ويندا آهن.

پيار کان خالي خالي جيڪي، شهر سي کنڊر ٿيندا آهن.

پيار ڏئي پوءِ پور اوهان جا، ڏنڀن جيئن ڏنگيندا آهن.

جيئڻ جڳ ۾ تن کي سونهي، ٻئي جي لئه ٿيندا آهن.

منهنجا گل به تنهنجي هٿ ۾، ڪنڊا ڇا لئه ٿيندا آهن.

مرڪي ملڻ سان من جا سائين، زخم به ڀرجي ويندا آهن.

 

آغا سيعد

 

آزاد نظم

 

رُت ڪهڙي به هجي،

مهل ڪهڙي به هجي.

مان ڪنهن جاءِ تي،

ڪٿي به هجان.

وقت نا وقت هلي ايندي آ.

من جي ماحول ۾ مهڪار ڪري،

سارين سوچن سان سهڪار ڪري،

منهنجي جذبن کي،

لفظن جو نئون روپ ڏئي،

مون کي ڏيئي هو خواب،

۽ عذاب ويندي آ...!!

ڪوتا! مون وٽ جڏهن به ايندي آ.

ڪوتا! مون وٽ جڏهن به ايندي آـــ!!

 

آصف مٺياڻوي

 

هر گهڙيءَ پل پيار جو پرچار ٿئي،

دل ڳنڍيل ڪا دلنه دل کان ڌار ٿئي.

تيز ڏاڍو آ تکو جنهن جو اثر،

ڪنهن تي ابرن جو نه ڪڏهين وار ٿئي.

ازل کان ويندي ابد نعرو لڳو،

سونهن جي هر ساهه کي ٿي سار ٿئي.

جنهن گهٽيءَ ۾ دوست جو گهرڙو هجي،

روز وڃجي، من ڪڏهن ديدار ٿئي.

برهه جي بازار هوڪا حسن جا،

آيو ڪهي ”آصف“ ته من واپار ٿئي.

 

امام راشدي

 

آزاد نظم

تنهنجي ياد اچڻ سان،

ساٿي،

سوچن جو سيلاب اٿيو ۽،

منهنجو قلم،

هلڻ لڳو،

هلڻ لڳو،

اُبتا سُبتا،

اُڀا، پاسيرا،

ليڪا ڪاغذ جي سيني تي پائي،

ڪوتا چٽڻ لڳو،

۽ پوءِ،

هڪ تخليق جُڙي پئي،

جنهن ۾ تنهنجي،

پيار جي خوشبوءِ،

مهڪيل هئي،

جنهن سان،

منهنجي مَن جي مُکڙي ٽِڙي،

گُل ٿي پيئي،

۽ هر پاسي سونهن پکڙي وئي.

 

اسحاق ”راهي“

 

قسمت کي چوان!!

 

عشق و الفت جا ٽُٽا وهنوار، قسمت کيچوان!

بند ٿيا هر طرف کان ديدار، قسمت کي چوان!

راحتن جا ڏينهن گذري ويا، مگر اڄ دوستو!

نانگ ٿي آيا ڏنگن سينگار، قسمت کي چوان!

شل نه ڪو محتاج الفت ۾ ٿئي ڀاڳن سندو،

قسمتن تي ٿا ٿين ديدار، قسمت کي چوان!

منهنجي دل جي باغ ۾ آيون خزائون بار بار،

دل جو گلشن ويو سڙي اي يار، قسمت کي چوان!

مدّعا من جي وڇوڙي جو نشانو ٿي پئي،

غم نه ڪر تون اي دلِ بيمار، قسمت کي چوان!

هر خوشي دل جي جو غم سان واسطو ٿي آ ويو،

ٿي ويا پنهنجا به اڄ بيزار، قسمت کي چوان!

ڪينڪي ساحل نصيبن کي عنايت ٿي سگهيو،

منهنجي قسمت ۾ سدا منجهدار، قسمت کي چوان!

جام سان گڏ جام نظرن جو هلايو ساقي آ،

منهنجي آڏو ٿيا گهڻا سرشار، قسمت کي چوان!

منهنجي ڳوڙهن جا بڌا واپار ڏسجن ڪين ٿا،

ٿا کپن هيرا سرِ بازار قسمت کي چوان!

هر خوشي تي انتظارن جو آ قبضو ٿي ويو،

دل وئي دل جا ويا مختار قسمت کي چوان!

هرڪو منزل تي پُڄي ويو منهنجي پهچڻ کان اڳي،

راهه ۾ ”راهي“ ڇڏيو دلدار، قسمت کي چوان!

 

مختار گهمرو

 

سورج مکڙي

 

تنهنجي اوسيئڙي ۾ سائين،

روئي روئي آءٌ سدائين،

لڙڪن جا زنجيربنائي،

پلپل پڄري پائيندو هان!

رات ائين ئي گهاريندو هان!!

صبح ٿيڻ سان، تنهنجي رستي

پنهنجا پياسا نيڻ وڇائي،

هر پل توکي ساريندو هان!

تنهنجي راهه نهاريندو هان!

پر تون پيارا! مٺڙا، منهنجي

ويجهو مور نه ايندو آهين.

روزائين ئي آءٌ سدائين،

تنهنجي راهه نهاري سائين،

آس ڏياٽيون ٻاريندوهان.

جيئن سدائين سورج مکڙي،

سج کي گهُوري، گهورَ ٿيڻ لئه،

پنهنجو مکڙو کوليندي آ،

ڏينهن سمورو، سورج ڏسندي،

پنهنجي دل کي ٺاريندي آ.

سونا ڪرڻا ڳوليندي آ.

وقت پڄاڻا، سانجهيءَ ٽاڻي،

سج ٽڪرن ۾ لِڪندو آهي،

پوءِ ته سورج مکڙي پنهنجو

سهڻو سندر مکڙو ويڙهي،

مايوسيءَ جي ڄار ۾ پيهي،

گم ٿي ويندي آ ويچاري،

رات سڄي سا روئيندي آ،

ڳوڙهن سان منهن ڌويئدني آ.

تنهنجو منهنجو ميل به ساڳيو،

جيون ڄڻ آ جيل به ساڳيو!

تون آن سورج سون سريکو،

منهنجي دل آ سورج مکڙي،

تنهنجي اوسيئڙي ۾ هر پل،

دلڙِ ڏکندي رهندي آهي.

تنهنجو ”سورج چهرو“ ڏسندي

ٻهه ٻهه ٻهڪي پوندي آهي.

توون آن ”سورج“

۽ منهجنجي دل

”سورج مکڙي“

 

نوشاد جوڻيجو

 

ترائيل

 

لالڻ ليئا پائين ڇو ٿو

مشتاقن کي مارڻ خاطر

گهاريل دل کي گهائين ڇو ٿو

لالڻ ليئا پائين ڇو ٿو

تڙپائين ڦٿڪائين ڇو ٿو

ٻارڻ دل ۾ ٻارڻ خاطر

لالڻ ليئا پائين ڇو ٿو

مشتاقن کي مارڻ خاطر

 

اشرف زمان پير چنڊاسي

 

ساهه جو سامان بڻجي وڃ،

درد جو درمان بڻجي وڃ.

راهه تنهنجي ئي تڪيان ٿو مان، منهنجو اڄ مهمان بڻجي وڃ.

هن زماني جو ڀرم ڪجهه رک، وقت جو عنوان بڻجي وڃ.

عاشقِ ناڪام لئه دلبر، سرتاپا احسان بڻجي وڃ.

هسن جو رکپال ٿيندو ڪر، عشق جو اعلان بڻجي وڃ.

بدگماني ڇا ڪندي آهي، تون سڄو ايقان بڻجي وڃ.

هونءَ ته ماڻهو ٿو لڳين پيو تون، مهربان انسان بڻجي وڃ.

وقت چاهي ٿو ته اشرف تون،

تيز تر طوفان بڻجي وڃ.

 

”گل“ ٻرڙو

 

دل ۾ ٿو رهي ڪيف ۽ جذبات جو عالم،

محبوب ڏنو آهه هي فڪرات جو عالم.

دل مست نگہ مست مٿان عشق جو اوڇڻ،

اُن لئه آ سدا دل ۾ هي هيهات جو عالم.

مَتُور رهي پاڻ ڏسي خوب ٿو جلوا،

هر عڪس ۾ ظاهر آ انهي زات جو عالم.

مون تي ٿو محبت ۾ ڪري روز ڪرم هُو،

مون لاءِ سدا آهه هي برڪات جو عالم.

ڀر ۾ آ سڄڻ يار ته دمدم ٿي ڪجي عيد،

پر هُن جي جدائي ۾ آ سڪرات جو عالم.

مشهور ٿئي هُو ته وڌي نُورِ نظر ٿو،

ان طرح ڏسي ڪوئي ملاقات جو عالم.

هر ”گل“ آ ڏنو مون کي محبت جو سنيهو،

انجام محبت آ ڪرامات جو عالم.

 

فرخ ناهيد ميمڻ

 

ڪتيون تارا

ڄڻ

لڙڪَ ڌارا.

 

تو ۾ ساهه

هيڪلڙي آءٌ

ڪهڙي وٺان راهه.

 

لامن جي ڇانوَ

گيت لکان

تنهنجي نانوَ.

 

ڪري وهنوار

ماڻيا مون

درد هزار.

 

ناهن مرڻا

مون راڳيءَ جا

گيت جهرڻا.

 

اُڀ تي تارا

من اندر گهاون

ڪيا وسڪارا.

 

سڪندر سرواڻ

غزل

 

دلڙي منهنجي ديواني هردم وفا کي ڳولي،

ٻُڌجي نٿي سگهي جا ٿي تنهنجي صدا کي ڳولي.

ناڪام حسرتن جو ويٺو ڪيان ٿو ماتم،

جيئڙو جلي چڪو آ ڪنهن بي وفا کي ڳولي.

الفت جي ڏوهه جو گر ڏوهي ڏسو ٿا مون کي،

لازم ڀلي ڪريو پوءِ يارو سزا کي ڳولي.

پوڄا ڪريان ٿو ان جي جنهن جي آ ياد مون کي،

مننهجي نظر هميشہ تنهن دلربا کي ڳولي.

بي موت ٿو مران پر جيارن ٿيون ڪنهن جون يارون،

شب روز پيئي دلڙِ ان جي رضا کي ڳولي.

ڇو ڪين تون مڃين ٿو هر جاءِ آهي حاضر،

تو ۾ ئي آ سمايل ڏس تون خدا کي ڳولي.

”سرواڻ“ سور سڀ کي آهن گهڻا يا ٿورا،

هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.

 

 

”حليم“ سنڌي

 

ترائيل

 

مُنهنجي توبہ، منهنجي زاري،

ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي.

هيءَ بيدردي، هيءَ بيزاري،

مُنهنجي توبہ، مُنهنجي زاري،

هر هڪ وِک تي دل آ زاري،

ڪير ڪرم ڏي واڳ ورائي؟

مُنهنجي توبہ، مُنهنجي زاري،

ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي.

 

”نواز“ رڪڻائي

 

جمالِ اڳيان سر جهڪائي ويٺاسين،

نمازِ نينهن ائين ئي پڄائي ويٺاسين.

چڱو ٿيو چاهه کي چشمن سان چائي ويٺاسين،

نسنگ ٿي نينهن جو نعرو لڳائي ويٺاسين.

سڄڻ جي سونهن کي سجدا هزار بار ڪري،

درِ حبيب کي ڪعبه بنائي ويٺاسين.

خبر نه آهي ته ڇاڇا وڃائي ويٺاسين،

مگر يقين آ محبت بچائي ويٺاسين.

نظر ۾ يار جي سڀ نعمتون ملي وييون،

نگاههِ ناز ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ويٺاسين.

ڊنو ضرور، مگر پو ڏسي ڏنئين مرڪي،

جڏهن جو زلف جبين تان هٽائي ويٺاسين.

جنابِ شيخ! اهو بهشت ڀل ملي توکي،

اسان ته پاڙو پرينءَ جو وسائي ويٺاسين.

ڪڏهن ته باهه برهه ۾ پچون پيا ٿا نواز،

ڪڏهن وصال جا بادل وسائي ويٺاسين.

 

مير غلام الله خان ٽالپر

 

هن کي عادت آ بي وفائي جي،

ڳالهه ڪهڙي ڪريون جدائي جي.

خون دل جو ڪري ويو آهي، شاهدي آهي هٿ حِنائي جي.

پنهنجو هو بي وفا ته ٿي نه سگهيو، ڇا ڪريون فڪر شيءِ پرائي جي.

جو وساري ٿو ڪاش وسري وڃي، لهي تهمت هي آشنائي جي.

خود غرض مير محبت ٿي جڏهن، پوءِ تمنا ڇا دلربائي جي.

 

گل محمد ”گل“

 

غزل

 

عشق ۾ ايڏا نه ڏي آزار، ڪجهه انصاف ڪر،

روز ڳڻتين ۾ نه مون کي ڳار، ڪجهه انصاف ڪر.

لڙڪ اکڙين مان جي لَڙيا تن ۾ تُڙڳان ٿو پيو،

ٻوڏ لڙڪن جي اچي بيهار، ڪجهه انصاف ڪر.

قرب دل ۾ ڪوٽ اڏيو، روز اڏبو ٿو رهي.

نينهن جا نعرا هنيم نروار، ڪجهه انصاف ڪر.

وار اکڙين سان ڪجي، تو ڪات آ هٿ ۾ کنيو،

ترس ويهي ڪر وري ويچار، ڪجهه انصاف ڪر.

روز توکي ”گل“ ڏٺم، اڄ ڪيئن نڪري خار پئين،

زندگي ا ڏينهن ٽي يا چار، ڪجهه انصاف ڪر.

 

محمد شريف طالب

 

سدائين سڄڻ توکي دلڙي ٿي ساري،

مٺا اچ تون موٽي وصل واڳ واري.

سگهو اچ تون جاني مٺا ڪر ملڻ جي،

ٿڪا نيڻ راهون نهاري نهاري.

جدائي جون گهڙيون سوين سال ڀانيان،

سڄڻ ڇاکنئون سهڻا تون ويٺين وساري.

منهنجو تون ئي دلبر آهين يار جاني،

ڇڏي وئين سڄڻ مون کي ڪنهن جي سهاري.

سدا آهي ”طالب“ تنهنجي تات تاري،

ڇڏي جان جاني غمن آهي ڳاري.

 

جوهر بروهي

 

وائي

 

پاڙي ۾ پڙلاءُ

منهنجن گهايل گيتن جو

آٿت هوندي پوءِ به ٿئي ٿو، ويتر گهرو گهاءُ

جُوءِ چکيو آ جيڏيون، ساڙيو سورن ساءُ

جي ڪنهن سوري آ سينگاري آ، ڀڙڪي پوندو ڀاءُ

ڪالهونڪر ڪنهن ريت اُڌو آ، پنهنجن ۾ پرچاءُ

”جوهر“ جذبن جيت کٽي آ، هنڌ هنڌ آهه هڳاءُ

منهنجن گهايل گيتن جو

 

خليل ”عارف“ سومرو

 

غزل

 

بيان ڇا ڪيان مان دل جي لڳي جو،

ته ڪهڙو وڃي نيٺ نڪتو نتيجو.

مٺا يار تنهنجو رڳو نانءُ مٺرو،

ثمر آهي منهنجي حياتي سڄي جو.

اڪيلو جڏهن ياد تنهنجي رُلايو،

لڳو مون تي الزام آوارگي جو.

نباهڻ جي منزل کي اڳتي سُجهي ٿي،

اچي شال رهجي ڀرم عاشقي جو.

چڱائي جي بدلي پئله ئي بُرائي،

مليو خوب مون کي صِلو سادگي جو.

ڀري جام تي جام ڏي ساقيا جئن،

سَرِ بزم چرچو رهي مئه ڪشي جو.

 

دين محمد ”سجاڳ“

 

تون ڀلي لک وار دل تي وار ڪر،

درد آ درڪار، دل تي وار ڪر.

تو سندا اهڙا ڀرون جهڙي پرين،

ڪا تکي تلوار، دل تي وار ڪر.

باادب سڪ مان ڪيان ٿو لک سلام،

عشق جا اشعار، دل تي وار ڪر.

تير نيڻن جا تکا سهنا هڻي،

خون سان ڪر تار، دل تي وار ڪر.

دل چوي ٿي عشق تان صدقي ٿيان،

ٿي وڃان سرشار، دل تي وار ڪر.

اي وڇوڙا درد ڏيئي ڪر شهيد،

روڳ سان ڀل ڳار، دل تي وار ڪر.

سونهن تنهنجي کي ڏسي مون سمجهيو،

چنڊ جي چمڪار، دل تي وار ڪر.

مان رهان ٿو، سڪ تنهنجيءَ ۾ ’سجاڳ‘

تون رهي خوش يار دل تي وار ڪر.

 

ستيه پال

ٽ ـــ سٽا

جسم سارو سانت

سوچون ڪيڏيون آواره

روح ڪيڏو اشانت ـــ

 

اُداس اڪيلون شامون

چئني ڏسائن ۾

خاموشيءَ جون دانهون ـــ

 

وکريل وکريل وار

رم جهم رم جهم موسم

اکريون مينگهه ملهار ـــ

 

رات جو آخري پهر

مون لئه تنهنجي ياد

ويران جهنگ ۾ شهر

 

”حليم“ هاليپوٽو

 

غزل

 

منهن مبارڪ محبت تنهنجو مہ منوّر جي مثال،

رخ نه ڪنهن جو تنهنجي روشن روءِ انور جي مثال.

پاڪ پيشاني پيارا پيو پسان پرنُور آهه،

نور چمڪي ٿو تنهن ۾ نيڪ اختر جي مثال.

نازنين کڻ ڻيڻ مون ڏي ماهرو مُرڪي نهار،

مان ٿيس گولو گداگر تون تونگر جي مثال.

نُڪ نرالو ناز پرور نيڪ بختيءَ جو نشان،

اوج بيني جو برابر برج برتر جي مثال.

سُرخ عارض سونو ورنا، گلبدن جا گلعذار،

مشعلِ حق سان مشابہ صحف اطهر جي مثال.

شهد کان شيرين گهڻو آ، محب جي مٺڙي زبان،

گلبدن جي گفتگو سڀ گنج گوهر جي مثال.

حُسن جي تعريف جو حق ڪونه پورو ٿيو ’حليم‘،

ڇو ته گهرجن ڪيئي دفتر، تنهنجي دفتر جي مثال

 

مقالا

 

”دنيا وارا منهنجي باري ۾ الائي ڪهڙو خيال ٿا رکن، پر آءٌ خود پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي بي سمجهه ٻار جيان ٿو ڀانيان، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي پيل سهڻن ڪوڏن، چمڪندڙ سِپُن جي ٽُڪرن، ۽ رنگارنگي پهڻين سان راند کيڏي رهيو هجي، ۽ علم جو اَٿاهه ساگر سندس سامهون ڇوليون هڻي رهيو هجي.“

ــــــــــ سر آئزڪ نيوٽن


 

وچ ايشيا ۾ اسلامي تهذيب

 

(يونيسڪو جي هڪ اهم رٿا)      ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

يونيسڪو ”وچ ايشيا جي تاريخ“ لکائڻ واري رٿا هٿ ۾ کنئي آهي. هيءَ رٿا انساني تاريخ ۽ تهذيب جي مطالعي جي حوالي سان، يونيسڪو جي سرپرستي ۾ شروع ڪيل سمورين رٿائن ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. هن رٿا هيٺ تاريخ ۽ ثقافت جي مطالعي لاءِ ”وچ ايشيا“ ۾ اڀرندو ايران، افغانستان، پاڪستان، ڀارت جا اُتريان علائقا، روس جا وچ ايشيا وارا ملڪ، چين جو الهنديون وچ ايشيا وارو ڀاڱو ۽ منگوليا اچي وڃن ٿا.

جيئن يونيسڪو جي انٽرنيشنل ايڊيٽوريل ڪاميٽيءَ تجويز ڪيو آهي، وچ ايشيا جي تهذيبي تاريخ، جيڪا ابتدا کان وٺي موجوده دور تائين، ڇهن ـــ ستن جلدن ۾ لکي ويندي، ان جو چوٿون جلد ”حاصلات جو دؤر“ (750ع کان وٺي 15 صديءَ جي خاتمي تائين) وچ ايشيا ۾ اسلامي تهذيب جو شاندار دور هوندو.

پهرين صدي هجريءَ ۾، حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي حياتيءَ ۾ ئي مدينو اسلامي ملت جي ارتقاء جي بنيادي سرچشمي کان سواءِ ترقي پذير اسلامي تهذيب ۾ مثالي حيثيت رکڻ واري پهرين اسلامي رياست جو مرڪز بڻجي چڪو هو.

ابتدا کان ئي وٺي اسلامي ملت انساني زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ مذهبي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي آدرشن جي حامل هئي. اهوئي سبب آهي جو اسلامي ملت اسان کي هڪ ئي وقت تي مذهبي ۽ سياسي روپ ۾ نظر اچي ٿي. حضرت عمر رضه ۽ حضرت عثمان رضه جي قيادت ۾ اسلامي ملت سياسي قوت جي روپ ۾ اڀري ۽ انهيءَ دور ۾ وچ ايشيا جي مغربي پرڳڻا اسلامي رياست جي اثر هيٺ آيا.

اُموي دور ۾، پهرين هجري صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ محمد بن قاسم سنڌ ۽ موجوده پاڪستان ۾ شامل پرڳڻن جو ڳچ حصو فتح ڪيو. جڏهن ان وقت تي قُتَيبہ بن مسلم اڀرندو ايران، خراسان، خوارزم وغيره فتح ڪري چڪو هو. چئن سالن جي قليل عرصي ۾ يعني 94 کان 96 هجريءَ جي اندر اندر هن بخارا، سمرقند، زرفشان وادي، شاش، فرغانہ ۽ ڪاشگر فتح ڪري، هو هاڻي چين جي سرحدن تي وڃي پهتو هو.

مطلب ته پهرين صديءَ جي خاتمي تائين اسلام ۽ ان جا اقتدار ۽ اطوار وچ ايشيا تائين پهچي چڪا هئا. اسلامي انصاف جي غيرجانبدارانه قوت، برابري، اخوت، علميت ۽ يتيم دوستيءَ جهڙن آدرشن، هرهنڌ اتان جي دقيانوسي روايتن جي پاڙ پٽي ڇڏي.  ذات پات ۽ رنگ نسل جا ڪوٽ ڪرڻ لڳا، وهمن ۽ وسوسن جو خاتمو اچڻ لڳو ۽ ان جي جاءِ علم جي نور والاري. اسلام جي زير سايه هن تبديلي اتان جي ڏتڙيل ۽ ستايل ماڻهن کي به انسان هئڻ جو احساس ڏنو، تان جو ٻن ٽن صدين اندر وچ ايشيا جي باشندن جون دليون اسلامي عقيدي سان منور ٿي ويون ۽ انهن اسلام ۾ اچي، اسلامي طرز حيات کي پنهنجو ڪيو.

اسلام کان اڳ واري وچ ـــ ايشيا کي هڪٻئي پويان هلندڙ نسلي گروهه لتاڙيندا رهيا: سندن بدويانه زندگي سببان کين هڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه ايندو هو ۽ سندن سرگرميون ۽ ثقافتون، تضادن ۽ اختلافن جي صورت ۾ زائل ٿينديون هيون. جڏهن اسلام جي معاشري جو اثر شروع ٿيو ته هڪ نئين ثقافت، يعني اسلامي ثقافت جي ارتقاء جو عمل شروع ٿيو. اسلامي ثقافت پنهنجي اعليٰ محرڪات ۽ مقصدن جي ڪري مقامي ثقافتن جي رستي ۾ روڪ نه ٿي، بلڪ پنهنجي عام مقبول فطري عمل ذريعي هن کي پنهنجي رنگ ۾ ريٽو ڪندي ويئي، تان جو ايران، توران ۽ هندستان جون صدين کان پراڻيون متضاد ثقافتون نئين ’اسلامي ثقافت‘ ۾ ملي هڪ ٿي ويون ۽ نتيجي طور ”عالمي اسلامي ثقافت“ وقوع پذير ٿي.

اقتصادي ميدان ۾ به وچ ـــ ايشيا جي قبائلي ۽ خانه بدوشي نظام ۾ انقلابي تبديليون آيون. مستقل آبادين ۾ اضافو ٿيو، شهر ۽ ڳوٺ آباد ٿيندا ويا ۽ غيرآباد واديون شاداب ٿيڻ لڳيون. تان جو وچ ـــ ايشيا عالمگير اسلامي تهذيب جو گهوارو بنجي ويو.

انتظامي ۽ اقتصادي دشواريون آمدورفت جي مربوط نظام سان ختم ٿي ويون. شاهراهن، قافلا سرائن ۽ مسلسل طور هلندڙ قافلن، نه فقط انتطامي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪيا، پر ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ رابطو قائم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مختلف ماڳن ۽ خطن ۾ ثقافتي هم آهنگي جو عمل شروع ٿي ويو. ٽين صدي هجريءَ تائين وچ ـــ ايشيا ۾ نه فقط آمدورفت جو ڄار وڇائجي ويو، پر مراسلاتي نظام به قائم ٿي ويو. اهوئي سبب هو جو عباسي دور خلافت جي ’پوسٽ ماسٽر جنرل‘ ابن خردازبہ عام ماڻهن جي معلومات لاءِ ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“ (ملڪن ۽ شاهراهن جو ڪتاب) مرتب ڪيو، جنهن ۾ وچ ايشيا جي جاگرافيائي ۽ مراسلائي نظام بابت مفيد معلومات ڏنائين.

شهري آباديءَ جي عمل، شهرن جي قائم ٿيڻ توڙي انهن کي تعليمي، ثقافتي ۽ تجارتي مرڪزن بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وچ ـــ ايشيا جي وسيع خطن ۽ ڀاڱن کي علم ۽ تعليم جي روشن منارن ۾ منتقل ڪرڻ، نئين ’اسلامي تهذيب‘ جو هڪ تاريخي ڪارنامو هو، جنهن جو مثال اڳ موجود ئي ڪونه هو. انهيءَ حقيقت جو اندازو محقق ياقوت حمويءَ جي ترتيب ڏنل جاگرافيائي انسائيڪلو پيڊيا ”معجم البلدان“ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ وچ ـــ ايشيا جي شهرن، ضلعن، علائقن ۽ پرڳڻن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي.

وچ ــ ايشيا ۾ اسلامي تهذيب وارو دؤر عالمي تاريخ ۾ ڪامياب انساني ڪارنامن جي هڪ اهم بابت جي حيثيت رکي ٿو. ان دؤر ۾ اسلامي نظام تعليم جي اعليٰ درسگاهن وچ ــ ايشيا ۾ وڏا نامور مدبر ۽ محقق پيدا ڪيا؛ سائنسدان، فيلسوف، اديب، شاعر، هنرمند ۽ مصور پيدا ڪيا. مختلف ڀاڱن جي روشن دماغ حڪمرانن امن ۽ سلامتيءَ جو ماحول پيدا ڪيو، جنهن ڪري انساني صلاحيتن ۽ لياقتن کي ڀرپور نموني ۾ اڀرڻ جو موقعو ميسر ٿيو. انهيءَ بي انداز علمي، ادبي، ثقافتي ۽ فڪري ترقيءَ جو مختصر خاڪو هيٺئين طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com