سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (4)

 

صفحو :1

مهراڻ 1988ع (4)

چيف ايڊيٽر:علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

 

حال احوال

(ايڊيٽوريل)

 

سنڌي ادب جا مکيه مسئلا

 

سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ جي راهه ۾ ڪيترائي مسئلا گذشته دؤرن ۾ حائل رهيا آهن. وقت جي حڪومتن جي هر دؤر ۾ انهن مسئلن طرف توجهه ڇڪايو پئي ويو آهي، تاهم مسئلا بدستور ساڳيءَ صورت ۾ يا نئينءَ صورت ۾ وري به سنگِ راهه پئي رهيا آهن. موجوده دؤر ۾، جتي زندگيءَ جي هر شعبي جون توقعات نئين سر استوار ٿي رهيون آهن، اتي اداره مهراڻ، سنڌي ادب ۽ اديبن جي طرفان حڪومتِ وقت جو توجهه انهن مسئلن ۽ تجويزن ڏانهن ڇڪائڻ پنهنجو فرض سمجهندي هيٺيان مطالبا ڪري ٿو:

(1) مئي 1975ع ۾ هڪ ئي ڌڪ سان هڪ سئو جي قريب سنڌي ادبي ڪتابن ۽ ڪتابي سلسلن، يارهن رسالن ۽ اخبارن ۽ يارنهن پريسن کي بند ڪرڻ جو قدم کينو ويو. ان ڏکوئيندڙ قدم سان سنڌي ادب کي هاڃو رسيو ۽ ”سهڻي“ جهڙو مقبول ۽ معياري رسالو پڻ بند ڪيو ويو هو. بزرگ اديب ۽ صحافي جناب محمد عثمان ڏيپلائي ۽ جناب طارق اشرف کي جيل اماڻيو ويو. سنڌ جا ادبي حلقا هڪ عرصي کان وٺي اهو مطالبو ڪندا ٿا رهن ته ڪتابن ۽ رسالن تان بندش هٽائي وڃي. يارنهن ساله آمرانه دؤر ۾ اهو احتجاج صداب صحرا پئي ثابت ٿيو. هاڻي چونڊيل حڪومت تي فرض آهي ته ان جي تلافي ڪئي وڃي ۽ سنڌي ڪتابن، ڪتابي سلسلن، ”سهڻي“ رسالي ۽ ٻين پرچن تي وڌل مذڪوره بندش لائي وڃي.

(2) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي ڊڪليئريشن ملڻ ۾ جيڪي دشواريون سامهون اچن ٿيون، سي ڪنهن به طويل تشريح جون محتاج ناهن. موجوده حڪومت، پريس ۽ تحرير جي آزاديءَ لاءِ جيڪا معقول سوچ شروع ڪئي آهي، ان جو دليل ٽي. وي ۽ ريڊيو جون تازه نشريات آهن. جمهوري قدرن جي آبياريءَ لاءِ جتي اهڙا وڻندڙ قدم کنيا ويا آهن، اُتي اسان اهو مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ان سلسلي کي وسيع ڪندي، سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي ڊڪليئريشن ڏيڻ ۾ به فياضانه پاليسي اختيار ڪئي وڃي.

(3) سنڌي ادب، زبان ۽ ثقافت جي ڀرپور ترقيءَ لاءِ بيحد ضروري آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، سنڌ پراونشل ميوزيم، شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو لئبرري، سر شاهنواز ڀٽو لئبرري، سچل سرمست اڪيڊمي، قلندر شهباز ڪامپليڪس، لاڙ ميوزيم، ٿرپارڪر ميوزيم ۽ ٻين ادبي ۽ ثقافتي ادارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سالانه گرانٽن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ خاص مالي مددون ڪيون وڃن.

(4) سنڌ جي نجي ادبي ادارن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ به خاص اُپاءُ ورتا وڃن، جيئن علامه آءِ. آءِ قاضي ميموريل سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت، زندگي پبليڪيشنس ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ جهڙا ادارا پنهنجي فعال ۽ تعميري ڪمن کي اڳتي وڌائي سگهن

(5) سنڌ جي قديم آثارن جي تڪڙي تباهي ۽ انهن جي مناسب سار سنڀال نه لهڻ جو موضوع نه صرف طويل آهي، پر ان سان گڏ نهايت ڏکوئيندڙ پڻ آهي. ماضيءَ ۾ اسان پنهنجن ڪالمن ۾ ان عنوان تي وقتاً وقتاً جامع روشني پئي وڌي آهي ۽ ادبي حلقن جي مطالبن جي سوين اخباري ڪالم الڳ شاهد آهن. سنڌ جي قديم آثارن جي گهربل نگهداشت لاءِ بيحد ضروري آهي ته مرڪزي کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي چوڪسي رکڻ لاءِ سنڌ جي متحرڪ ۽ فعال ثقافت ۽ سياحت کاتي جي مشاورت حاصل ڪئي وڃي. محڪمه آثار قديمه ۾ سنڌ لاءِ هڪ نگران بورڊ ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي ادبين، محققن، عالمن ۽ ثقافت جي سڄاڻ شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي.

(6) سنڌ ۾ سياحت جي لحاظ کان ڪيئي ماڳ مڪان موجود آهن، جن کي ترقي وٺائڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن. گورک هل اسٽيشن جي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. ڪينجهر ڍنڍ جي ريسٽ هائوس جي ڳاٽي ڀڳي مسواڙ تي نظرثاني ڪئي وڃي. دنيا جي وڏي قلعي ”رني ڪوٽ“ تائين سڙڪ تعمير ڪرائي وڃي. ٺٽي ۽ ڀنڀور ۾ ٽوئرزم کاتي جي بند ٿيل آفيسن کي کوليو وڃي. موهن جي دڙي تي سياحت کاتي جي طرفان جوڳا اپاءُ ورتا وڃن، جيئن مهذب ملڪن ۾ سڄاڻ قومن پنهنجي سياحت کي ترقي وٺائڻ لاءِ ورتا آهن.

(7) مرڪزي سطح تي ادب جي واڌاري لاءِ جيڪي به انعام ڏنا وڃن ٿا، تن جي رقمن ۾ برابري آڻي، سنڌي ٻولي ۽ ٻين عوامي ٻولين سان انصاف ڪيو وڃي. سنڌي ۽ ٻين علاقائي اديبن جي علم ۽ فن ۽ قومي ادب درميان موجوده تفريق ختم ڪري، انهن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي وڃي.

(8) سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، فنڪارن ۽ هنرمندن ۽ سگهڙن لاءِ سندن بيمارين دوران علاج معالج لاءِ معقول اپاءُ ورتا وڃن. ماضي قريب ۾ اسان جا ڪيترائي مڻيادار اديب، شاعر ۽ فنڪار حڪومت طرفان گهربل مناسب سارسنڀال نه لهڻ ڪري بي توجهيءَ جو شڪار ٿي ويا! (۽ ڪيترائي اديب، شاعر، فنڪار، سگهڙ وغيره اڄ به ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ توجهه لاءِ واجهائي رهيا آهن.)

(9) سنڌي زبان جي عالمن ۽ دانشورن، اديبن ۽ شاعرن کي غير ملڪي دؤرن ۾ مناسب حصو ڏنو وڃي. مختلف سرڪاري وفدن ۾ سندن نمائندگيءَ جو پڻ خيال رکيو وڃي. اديبن ۽ شاعرن کي پڻ، ملڪي صحافين کي مليل رعايت وانگر ريل ۽ فضائي ڀاڙن ۾ رعايت ڏيڻ جو اهتمام ڪيو وڃي.

(10) سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان وقتا فوقتاً ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي اُٻهرا ۽ اُگرا قدم کنيا ويندا آهن، اهو ڏکوئيندڙ سلسلو بند ڪرڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ کي ان جو جائز مقام ڏيندي، هوشمنديءَ کان ڪم ورتو وڃي، ۽ سنڌي ميڊيم اسڪول بحال ڪيا وڃن.

(11) ٽيليويزن تان روزانه اٺن ڪلان جي نشريات مان سنڌي زبان کي فقط 25 منٽ ڏنا وڃن ٿا. ڪن خاص پروگرامن سبب انهن جو نزلو به سنڌي پروگرامن تي ڪيرائڻ هڪ پراڻي روايت آهي. اهل سنڌ ۽ سنڌي اديبن جو اهو ديرينه مطالبو آهي ته سنڌي زبان کي معقول حصو ڏيڻ لاءِ روزانه گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ مخصوص ڪيا وڃن، جيئن سنڌي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي سندن جائز حق ميسر ٿئي. ٽي. وي تي سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت ملڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پنهنجي 22ـــ نومبر 88ع واري اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ پاس ڪري، وفاقي حڪومت کان اهڙي گهر ڪئي آهي، ان ڪري ان مطالبي جي معقوليت ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش باقي نه رهي آهي.

(12) سنڌ جي هڪ فعال سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيم ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ۾ سرڪاري عملدارن جي شامل ٿيڻ تي، گذريل دؤر ۾ وڌل بندش هٽائڻ لاءِ به سنڌ اسيمبلي پنهنجي مذڪوره اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. ”سگا“ جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهڻ ۽ ان جي تعميري ڪردار جي تشريح ڪرڻ، هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. اسان جو پرزور مطالبو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي مذڪوره ٺهراءُ کي مان ڏيندي، وڌل بندش هٽائي وڃي.

اسان کي اميد آهي ته موجوده حڪومت مٿين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ستت ئي اپاءُ وٺندي، جيئن سنڌي ادب، زبان ۽ ثقافت جي موثر ترقيءَ لاءِ راهه پيدا ٿي سگهي.

 

مهراڻ ايوارڊس

مهراڻ رسالي جي سالانه انعامي اسڪيم هيٺ، سال 1987ع جي ”مهراڻ ايوارڊس“ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ججن جي فيصلي مطابق هيٺين تحريرن تي انعام مقرر ڪيا ويا آهن.

(1) چونڊ مقالا

(الف) جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شڪارپور ـــ سرسري جائزو“                                            ”اڍائي هزار روپيا“

(ب) جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي ڊرامن جي روشني ۾ سنڌي سماج جو مطالعو“               ”اڍائي هزار روپيا“

(ج) جناب محمد حسين ڪاشف ”هاڪڙو درياهه“

”هڪ هزار روپيا“

(2) چونڊ افسانا

(الف) جناب نجم عباسي ”ڪاوڙ“         ”اڍائي هزار روپيا“

(ب) جناب انيس انصاري ”پينشنر“        ”اڍائي هزار روپيا“

(ج) جناب رزاق مهر (آڙاهه“                  ”هڪ هزار روپيا“

(3) چونڊ شاعري

(الف) جناب شمشير الحيدري                         ”ٽي هزار روپيا“

(ب) جناب مخدوم جميل الزمان              ”ٻه هزار روپيا“

(ج) جناب نديم انصاري                    ”هڪ هزار روپيا“

 

آه! بردو سنڌي

سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب جناب ”بردو“ سنڌي، 26ـــ آڪٽوبر 1988ع تي گذاري ويو. بردي جي وفات، سنڌي ادب لاءِ بلاشبه هڪ هاڃو آهي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اداره مهراڻ طرفان اسان بردي سنڌي جي رحلت تي صدمي جو اظهار ڪندي، مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. بردي جي فن، ادبي خدمتن ۽ شخصيت تي اسان هن ئي پرچي جي آخر ۾ ڪجهه مواد سميٽي پيش ڪيو آهي، جنهن وسيلي مرحوم جي اد                       بي ڪاوشن تي روشني پوي ٿي.

 

آه! نٿومل ۽ صوفي نيڀراج

* لاڙ جي سڄاڻ شخصيت، لائق استاد، شاعر، اديب محترم نٿومل مورواڻي 15ـــ ڊسمبر 1988ع تي ٽنڊي باگي ۾ لاڏاڻو ڪيو. استاد نٿومل سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو. سنڌي ادبي سنگت سان وابسته هو. هڪ محنتي ۽ محترم استاد جي حيثيت ۾ ٽنڊي باگي، بدين ۽ لاڙ ۾ وڏيون تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جو انچارج هيڊ ماسٽر هو. سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي استادن جي ڀلائيءَ لاءِ مخلصانه طور گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ٽنڊي باگي جي سمورين علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي، تعليمي ۽ سجاڳي جي سرگرمين جي جان هو. سنس دوستن احبابن جو حلقو نهايت وسيع آهي. سندس وفات جي خبر پوري لاڙ ۾ گهري ڏک سان ٻڌي ويئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ ڄڻ ڪهرام مچي ويو. سندس ارٿي جي رسم جي  موقعي تي هزارين سوگوار دوست ۽ شاگرد اوڇنگارون ڏيئي روئي رهيا هئا. استاد نٿومل مورواڻي جي لاڏاڻي سان ٽنڊي باگي جي ادبي محفل اُجڙي ويئي! اداره مهراڻ سندس بي وقتي جُدائي تي پوين سان ڏک ۾ شريڪ آهي.

* معروف اديب، شاعر ۽ استاد، محترم صوفي نيڀراج گمنام، 15ـــ ڊسمبر 1988ع تي حيدرآباد ۾ ديهانت ڪري ويو. صوفي صاحب هڪ جهوني اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان سڀني حلقن ۾ عزت جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو. سڄي عمر تعليم جي بي لوث خدمت ڪندي گذاريائين، لطيفؒ جو عاشق هو، شاهه جي شاعري ۽ راڳ سان خاص شغف هوس. ڀٽائيءَ جي راڳائي فقيرن وانگر وايون ۽ بيت چوندو هو. پاڻ هڪ بهترين ۽ محنتي استاد هو. سندس دوستن ۽ شاگردن جو حلقو ڪافي وسيع آهي. علمي مجلسن، مشاعرن ۽ ريڊيو جي پروگرام ”جمهور جو آواز“ ۾ شوق سان حصو وٺندو هو. ذاتي طرح نهايت خوش خلق، نماڻو، نهٺو، ملنسار ۽ محنتي ماڻهو هو. سندس آخري رسمن جي ادائگي، ڳوٺ موري منگر نزد حيدرآباد ۾ ٿي. صوفي صاحب جي وفات تي اسان سندس پوين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا.

ـــ نفيس احمد شيخ

 

مهربان شاعرن کي هڪ خاص گذارش

 

مهراڻ جا بيشتر ڪرم فرما شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيز تي، رف نموني سان لکي ٿا موڪلين ۽ اڪثر پنهنجي پوسٽل ائڊريس به نٿي ڄاڻائجي. هڪڙي ڪاغذ تي ٻه ـــ ٽي ڪلام لکي موڪلڻ به معمول ۾ شامل آهي. مهربانن کي گذارش آهي ته ان قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ، ترتيب ۾ شامل ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾ ڪافي دشواري پيش اچي ٿي ۽ بعض اوقات سٺو ڪلام به درج ٿيڻ کان رهجي ٿو وڃي.

مهربان شاعرن کي استدعا آهي ته پنهنجو ڪلام فل سڪيپ شيٽ تي لکي موڪلين؛ ساڳي شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر لکڻ يا پُٺ تي لکڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجي پوسٽل ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي.

ـــ اداره ”مهراڻ“

 

حمل فقير جو اڻ ڇپيل ڪلام

  

دلبر آکيا درد ميڏ‌ٖي دا، خام خيال پڪايئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

پربت پنڌ اڻانگا اوکا، پير جهين وچ پايئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

مشڪل نينهن نباهڻ نــزڪ، عشق اُتي سِر آيئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

وچ عشاقان عيب اِهو جـٖـي. پڇتـٖـي وک ولايئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

مردان دي وچ مرد هوسين جـٖـي، اڳتـٖـي آپ اُٺايئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

مار قدم ڪر همت حمل! چايئي سو هُن چايئي،

آکيم: ”خوب سڄڻ سمجهايئي!“

 *

اول عشق الاهي جنهن ڪون، جاءِ اندر وچ جوڙٖي،

پهلون مفت مرادين والـٖـي، ترت ترگي لب ٽوڙٖي،

خواب، خوراڪ، خوشي ڳئي تنهن دي، نيڻن ننڊ اکوڙٖي،

مغز مِکان پٽ کاون تنهن دا، ماس هڏان تون روڙٖي،

پير، فقير، افلاطون فائق، شهر گداگر توڙٖٖي

شهر ڍنڍورا ڏيوَس سر تـٖـي، شرم حيا ڪون ٻوڙٖي،

طعنـٖـي تنڪـٖـي سهـٖـي سدا مُک، مول نه هرگز موڙٖي،

حمل! هادي عشق جهين دا، ترت لقا سر لوڙٖي!

  

 

مٿيان ٻه بيت، سائين جي ـــ ايم ـــ سيد وٽ موجود، ”ڪليات حمل“ جي قلمي نسخي مان هٿ آيا. هي نسخو محترم فتح محمد لغاري، ويٺل ڳوٺ مير خان لغاري، تعلقي سڪرنڊ 20ـــ ماه ربيع الثاني 1370 هجري مطابق جنوري 1951ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 9-4-1951ع تي لکي پورو ڪيو. هن ۾ ڪل 418 بيت ۽ هڪ هرڻيءَ وارو معجزو درج آهن.

موڪليندڙ: سيد امداد محمد شاهه.

 

بردي سنڌي جو هڪ گيت

بوندون بس نه ڪن، ڀلو سائين بوندون بس نه ڪن.

تون وئين نکڙي بانورا، ٽهه ٽهه نيڻ ٽمن،

مون جهڙيون معذوريون ڇير منجهه ڇلن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

ڪنگو ڦٽا ڪنڌئين، مٿي لال لين،

ڇانو ۽ ڇاٽون تن جون ڪلهيءَ ڪين وڻن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

ڪونجن جو ڪرڪو ٻڌي، سڪ واريون سڏڪن،

ساري سدا ڪانڌڙا، وانديون ويڻ ڪڍن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

آءٌ اڳاهون ويندڙي، پاهون پير پون،

پڳُ پڳُ پيڙائون سوين، ور ور ونگ وجهن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

پٿون پير ملوڪڙا، پسي رهه روئن،

سهه مٿي سر مامرا، دڳ دلاسا ڏين،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

سانڍيل سور نويڪلا، نوان ٿي نسرن،

ڏسي منهنجا ڏوجهرا، دانهن ڪئي دردن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

ناهه ڏوراپو ڏاڍ تي، پيا ٿا ليک پڙن،

’بردا‘ ڏوهه نه ڏيهه جو، پوري ڪئي پنهنجن،

ڀلو سائين، بوندون بس نه ڪن.

[سنڌالاجي طرفان تازو بردي سنڌي جي ڇپيل مجموعه ڪلام ”بوندون بس نه ڪن“ تان کنيل.]

 

شاعري

مَند ٿي، مَنڊل وڄئا، ڪارَ ڪئي ڪڪرن،

کنوڻن وڏا خيزَ ڪيا، ٿيون چوڌاري چمڪن،

اوهيرا آبَ جا، اُتران ٿيو اچن،

سائينم، تون سائو ڪرين، گهوڙا گاهه چرن،

چَرن مَرُ چِلر ۾، مينهون ميهارن،

مَچي متاريون ٿيون، ڳويون ڳنوارن،

پَهرايون پوٺن تي، اُٺيون اوٺارن،

چِيهون چَري چاڪون ٿيون، رڍون ريڍارن،

ڇانگون ڪري ڇيڙيون، پَهون پهنوارن،

پڌرو پاڻي پلٽيو، پوکون سڀ پَچن،

وَسِي ڪُل ولات تي، موڪون ڪيون مِيهن،

خوشيون سڀت خير ٿيو، ٿا عالَم عيدون ڪن،

آگا ’اشرف‘ ميڙئين، مولا محبوبن،

اَڱڻ پرين اَچن، ته ڏسي لاهيون ڏکڙا!

*

جيئن ٿو وري واء، تيئن واحدَ مينهن وسائين،

سارنگ! ساري ’سنڌ‘ تي، چوري رکج چاء،

وَسن ڪُل ولائتون، ڪيو خير خداء،

مولا! ڳائي مکڻ جو، پئسي لائج پاء،

سڀڪوئي سُکي ٿئي، سڀت هوءِ سَواء،

ڏٻرين جو، ڏيهه ڌڻي، باري، ڪج بچاء،

ڪريمَ تون ڪرم ڪر، ته ڏور ٿين ڏولاء،

راحم رب رحيم ڌڻي! ڏي سڀو سُڌ سماء،

محبن سين ميڙاء، ڪر الاهي، ’اشرف‘ چئي‘

ـــ پير اشرف شاهه (ڪامارو شريف)

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڪافي

ڏي ساقي آب حيات اچي،

بدلاءِ سندم حالات اچي.

ڏي جام ڀري ڪي اي جاني، کلڻ نوري نگاهه ڪا نوراني،

اڄ آهي ذهني پريشاني، ڪا ان کان ڏيار نجات اچي.

 

توسان جاني جيارا گڏ جيندس، تنهنجي هٿ جا پيالا پُر پيندس،

توبه ٿو ڪريان توبه نه ڪندس، ڪر جيرا وري جذبا اچي.

 

هن دور جا انگ عجيب ڏٺم، هر شخص جا ڍنگ عجيب ڏٺم،

قلبن جا رنگ عيجب ڏٺم، ڪڍ فهم منجهان فڪرات اچي.

 

مي ناب منجهان ڪو ڏينس ذرو، هو کوٽو يقيناً ٿيندو کرو،

واعظ کي ڀلي پئي پوءِ پرو، ڪر دور سندس شهباب اچي.

 

نه ڪا شاهي کپي نه ڪو شاهه کپي، نه ڪا ڪلنگي کپي نه ڪلاه کپي،

تنهنجي ميخاني ۾ پناهه کپي، پيا ملڪ ۾ لات، منات اچي.

 

سڀني جي هوندي اڪيلائي، آهي ڏاڍو ڪيو تنهن سودائي،

ڪري عرض ٿو طالب مولائي، ڪر پوريون هڙئي حاجات اچي،

 

 

نياز همايوني

 

اُوڙو

 

سنڌ ۾ ربيع خريف جي موسم ڌاري پڪي پوک کي پکين ۽ جهنگلي جانورن جي نقصان کان بچائڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ صليب وانگي ٻه ڪاٺيون ٺاهي جوڙي مٿان ماٽو رکي، ڪاٺين کي پهراڻ پارائي ماڻهوءَ جي روپ ۾ اُڀو ڪري بيهاريو ويندو آهي، اُن کي اُوڙو ڪوٺجي ٿو.

 

اُوڙو منهنجو نانءُ،

 ڏٻرو ڏيل ته ڏاڍو ڏانءُ

 اُوڙو منهنجو نانءُ!

پوک پڪي تي پهرو ڏيان مان پري کان پڌري، منهنجي هاٺي

خالي خولي باد مخولي منهنجو وِتُ، بس ڪپڙو ڪاٺي

تڏهن به اَجگر آهيان آنءُ ـــ اُوڙو منهنجو نانءُ،

اُوڙو منهنجو نانءُ!

مون کان ڏَهڪي اُمالڪ اُڏري جهنگ جي جهرڪي سنگ تان ترڪي

ڏورن ڏسندي منهنجي ڏاڏر مِرگهه مرون پڻ پون ٿا ڇرڪي

مون تي ڪُرڪي ڪٻر ۽ ڪانءُ ـــ اُوڙو منهنجو نانءُ،

اُوڙو منهنجو نانءُ!

موسم جي جئن رنگ بدلجي مَٽجي تنهن پَر منهنجو ويس

ربيع ۾ ڪارو خريف ۾ اڇو جهڙي ڏاڙهي، تهڙو ڏيس

 

ٻيو ڪو پنهنجو نانءُ نه ٿانءُ ـــ اُوڙو منهنجو نانءُ،

اُوڙو منهنجو نانءُ!

جهڙو منهنجو روپ ادا ڙي ـــ ماڻهوءَ جو ٻهروپ تيئن ئي

جهڙي موسم تهڙو ماڻهو ـــ پڌرو ٿيو ۽ الوپ تيئن ئي

ڦاٽل ڪپڙا، ڦاٽل هانءُ ـــ اُوڙو منهنجو نانءُ،

اُوڙو منهنجو نانءُ!

اُوڙو منهنجو نانءُ،

 ڏٻرو ڏيل ته ڏاڍو ڏانءُ

 اُوڙو منهنجو نانءُ!

 

 مُوئِرو

 

 

مُوئِرو ڙي مُوئِرو...              هَلي مَلي مُوئِرو،

بَلي بَلي مُوئِرو!

مُوئِرو ٿو پَڏي ٽَڏي ـــ بنا ڪِلي جي بيٺو ڪُڏي

مُوئِرو ڙي مُوئِرو...              هَلي مَلي مُوئِرو،

بَلي بَلي مُوئِرو!

کير نه ڌائي موئرو ـــ گاهه نه کائي مُوئِرو

مُوئِرو ڙي مُوئِرو...              هَلي مَلي مُوئِرو،

بَلي بَلي مُوئِرو!

لڳندي لاهي کير بَلي ـــ مري جيئاري وير بَلي

مُوئِرو ڙي مُوئِرو...              هَلي مَلي مُوئِرو،

بَلي بَلي مُوئِرو!

ماڻهو جيئري ڪم نه اچي ـــ ڄڃ پرائي احمق نچي

مُوئِرو ڙي مُوئِرو...              هَلي مَلي مُوئِرو،

بَلي بَلي مُوئِرو!

 

مينهن توڙي ڍڳيءَ جو ڦر مري پوندو آهي ته ان جي کل لاهي منجهس بُهه يا پَلال جو ڪُٽو ڀري سبي ٺاهي ڦر جي شڪل ۾ آڻي اُن کي مينهن ۽ ڍڳيءَ جي اُوهه سان لائيندا آهن ته اها سولائيءَ سان کير لاهيندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com