جامع سنڌي لغات تي هڪ نظر
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
سنڌي ٻوليءَ جو سَپُورنج ۽ مڃيل محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي
ادب جي جيڪا بي مثال خدمت ڪئي آهي، سا صدين تائين
قائم رهندي. سندس تحقيق جو مدار، ٻين شايع شده
ڪتابن تائين محدود نه آهي، پر اڳين عالمن، اديبن،
محققن ۽ ماهرن جي تصنيف، تاليف ۽ ترجمي کي ازسرنو
ڏسي ٿو ۽ جتي به سندس خيال اڳڀرو نٿو وڌي ته کيس
مزيد تحقيق ڪرڻي پوي ٿي؛ جنهن لاءِ سنڌ ته درڪنار
پر ٻاهر به بذات خود وڃي منجهيل مسئلن کي صحيح طور
سمجهي پنهنجو رايو قائم ڪري ٿو. اهوئي واحد سبب
آهي، جو سندس جملي ڪتاب ’سنڌي ادب‘ ۾ مرڪزي حيثيت
رکن ٿا، جن کي هرهڪ اديب ۽ وطن واسي عزت جي نگاهه
سان ڏسي ٿو.
محترم ڊاڪٽر صاحب کي ڪم ڪرڻ جو پورو پورو ڏانءُ آهي، جنهن ڪري
کنيل موضوع کي اهڙي نموني توري تڪي، توڙ تائين
پهچائي ٿو، جو ڪٿان به تِر جو تفاوت نظر نٿو اچي ۽
پڙهڻ بعد ائين محسوس ٿئي ٿو ته جو ڪجهه لکيل آهي،
سو عين درست آهي. ڊاڪٽر صاحب جيڪي ڪتاب لکيا اهن
،سي پنهنجي ليکي لَک لهن، پر ’جامع سنڌي لغات‘ تي
نه نصف صدي نور نچويو اٿس، تنهن جو مُلهه ڪٿڻ
زيادتي آهي. مواد هٿ ڪرڻ لاءِ، سنڌ جو چپو چپو ڏٺو
اٿس. گرمي هجي يا سردي، واءُ هجي يا مِينهَن، رات
هجي يا ڏينهن، ته به پنهنجيءَ ڌن ۾ لڳو رهيو. مطلب
ته ’سنڌي لغت‘ کي پايهء تڪميل تي پهچائي، نه رڳو
مهڻا موکيا اٿس، پر سنڌي زبان کي سونو نڪ وڌو اٿس.
جيڪڏهن جوان بخت جو هٿ، هن ڪم ۾ حامي نه رهي ها ته
اڄ لغوي ميدان ٻسوئي ٻسو نظر اچي ها.
سدا حيات علامه شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جو زرين قول آهي،
ته ’سنڌي لغت‘ لکڻ لاءِ ’لوڪ ادب‘ جي ڄاڻ رکڻ
نهايت ضروي آهي. محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته ’لوڪ
ادب‘ جو تاڃي پيٽو ڄاڻي ۽ انهيءَ ڏس ۾، هو پنجاهه
سال اڳ نڪري ويو آهي، جنهن جو ثبوت ’لوڪ ادب‘ جا
چاليهارو ڪتاب ۽ سنڌي لوڪ شاعري‘ آهي. جيڪڏهن
’سنڌي سينگار شاعري‘ کي ’ديهاتي لغات‘ چئون ته ڪو
مبالغو نه آهي.
’سنڌي لغت‘ جو ڪم اڄ کان تقريباً 48 سال اڳ سنڌ سرڪار جي 14-
آگسٽ 1940ع واري ٺهراءُ نمبر 666 (ب) پٽاندر، پربا
ڪيل ”سنڌي ادب )(ساعت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“
طرفان هڪ عالمن جي ڪاميٽيءَ شروع ڪيو هو. تڏهوڪو
وزير تعليم سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب هو، جنهن جي
حڪم تي اهو ڪم ٿيو هو. پروفيسر ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي لکي ٿو:
”بورڊ جي پهرين ميٽنگ 14- سيپٽمبر جي ٿي، جا ٻئي ڏينهن به هلي.
ان ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو ته لغت جوڙڻ جو ڪم بنا دير
شروع ڪجي. بروقت هڪ سب ڪاميٽي مقرر ٿي:
1- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
2- مولانا دين محمد وفائي
3- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
4- لالچند امر ڏنو جڳتاڻي
5- شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو
6- عثمان علي انصاري.“
وڌيڪ لکي ٿو:
”اسان يڪدم ٻئي ڏينهن يعني 16- سيپٽمبر 1940ع کان وٺي، ”سنڌي-
سنڌي لغت“ جوڙڻ شروع ڪئي. هن وقت (1946ع) تائين،
انهيءَ لغت جا پهريان ’ٻه جلد‘ تيار به ٿي چڪا اهن
جن جي ڇپائڻ ۾، ڪنٽرول جي رڪاوٽ ۽ ڪن ٻين سببن ڪري
دير ٿي آهي. اميد ته اهي جلد ئي ڇپجي پڌرا ٿيندا،
۽ انهن جي پٺيان ٻيا به رفتي رفتي نڪرندا.“
(مهراڻ رسالو، ڊسمبر 1946ع، جنوري ۽ فيبروري 1947ع)
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ’جامع سنڌي لغات‘ جي پهرين جلد جي مهاڳ
۾، اهڙي ساک ڀري ٿو:
”’سنڌي ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ 1940ع بعد، اهڙي هڪ ’جامع
لغات‘ لکڻ جو ڪم عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي حوالي
ڪيو، پر ڪن سببن ڪري، سالن جي عرصي گذرڻ بعد به،
انهيءَ لغات جو مسودو فقط چئن اکرن (الف، ب، ٻه ۽
ڪجهه ڀ) تائين محدود رهجي ويو.“
ڏسو، ڊاڪٽر صاحب اڳين عالمن جي پورهئي کي امانت سمجهي، ڏانهُنِ
اشارو ڪيو آهي، ورنه ائين ڪير ٿو ڪري! اهڙيءَ طرح
مرحوم رشيد احمد لاشاري ۽ سنديلي (جن ابتدائي دور
۾ لغت برانچ ۾ ڪم ڪيو) کي ’پهرين جلد‘ جي مهاڳ ۾
ڊيگهه سببان نه آڻي سگهيو، تن کي ’پنجين جلد‘ ۾
آندو اٿس. اها به سندن لائقي.
سنڌي ادبي بورڊ‘ خوش نصيب آهي، جو محترم ڊاڪٽر صاحب جهڙو ادبي
مجاهد ساڻن ٻانهن ٻيلي آهي. اسان کي ’سنڌي لغت‘ تي
فخر آهي، جو پنجن ضخيم جلدن ۾ ملي آهي، جنهن مان
لفظن جي ريسرچ ڪندي خوشي حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن هي
ڪم آسانيءَ سان، پورو ڪرڻ جهڙو هجي ها ته عالمن جي
ڪاميٽي (جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) ضرور پاڻ
ملهائي ها، پر اهي به ڇهن سالن ۾ ٻن جلدن کان مٿي
چڙهي نه سگهيا. آفرين بلڪ صد آفرين آهي ڊاڪٽر صاحب
کي، جنهن صرف ٽن سالن جي ٿوري عرصي ۾، سو به اڪيلي
سر، ايڏو ڀاري ڪم ڪيو آهي، جو ڪنهن به صورت ۾ ۽
غيبي تائيد کان سواءِ ٿي نٿو سگهي. مختلف لغتن جو
اڀياس ڪندي، ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن لفظن جي اشتقاقن
۽ معنائن تي نمايان اختلاف نظر اچي ٿو. اهو انهيءَ
ڪري جو هر عالم ۽ اديب، پنهنجي تحقيق ۾ جيئن ڏٺو،
تيئن ڏنو آهي. هينئر ماهرن ۽ محققن تي ڇڏيل آهي ته
ڪهڙي نموني، لغوي ميدان کي سنوارين ۽ سينگارين ٿا.
واضح رهي ته لغت ۾ رڳو زير، زبر جي مَٽَ ڪري، لغت هٿن مان نڪري
وڃي ٿي. مطلب ته لغت، نهايت نفيس ۽ نازڪ ڪم آهي.
جيئن کير جي حوض کي کارڻ يا ڦٽائڻ لاءِ ليمي جو هڪ
ڦڙو يا ڦٽڪيءَ ذرڙو ڪافي آهي، تيئن لغت جي نفاست ۽
نزاڪت کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ لاءِ، اَڻ لَکيون غلطوين
به وڏو ڪم ڪن ٿيون. انهيءَ ڪري دل جهٻو کاڌو ته
لغت جي ”پنجين جلد“ تي عالمن، اديبن ۽ محققن آڏو
پنهنجا ويچار ظاهر ڪريان ته جيئن اندازو ٿي سگهي
ته حقيقت ڪهڙي طرف آهي.
مخفي نه رهي ته سنڌي لفظن جو پڻ بنياد ڪڍڻ جو ڪم، بورڊ طرفان
’هندي لغت‘ جي ڄاڻو شري تاراچند گاجرا (بمبئي) ۽
دوست گنگارام سمراٽ (ان وقت رهندڙ سَن، ضلعو دادو)
جي حوالي هو؛ ليڪن لغت مان معلوم ٿئي ٿو ته سارو
ڪم شري گاجرا ڪيو آهي، جنهن جا چٽا نشان، لغت جي
لفظن مان ملن ٿا. گاجرا صاحب جو پورهيو قابل داد
آهي، پر ڪٿي ڪٿي، لفظن جي اشتقاقن هوندي به، لغوي
خال نظر اچي ٿو، جنهن کي پُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي. جيڪڏهن اڃا به ڪو لغت جو پياسي، هن طرف توجهه
ڏيندو ته يقينا، اسان جي سنڌي لغت وڌيڪ اوجر
کائيندي.
هيٺ ڏيکايل لغت جي پنجن پهلوئن جي لغوي جائزو ورتو ويو آهي. ٿي
سگهي ٿو ته محققن ۽ ماهرن کي ٻيا به ڪي لغوي پهلو
نظر اچي، جن تي خيال ظاهر ڪري، لغوي فرض پورو ڪري
سگهن.
1- اعرابن جي اهميت.
2- لفظن جا مونث، مذڪر؛ واحد، جمع.
3- لفظن جا سواهد.
4- اصطلاح.
5- لفظ، اشتقاق ۽ معنيٰ.
1- اعرابن جي اهميت
لغت ۾ عربي، فارسي، سنڌي، مطلب ته هر لفظ تي اعرابون اچڻ کپن ته
جيئن درست تلفظ ٿي سگهي. اهڙا ٻه مثال پيش ڪجن ٿا،
جن مان اعرابن جي اهميت جو اندازو ٿي سگهندو. 1 ص
3041 ــ حَستي. (ف. سن. هستن). هاٿي، گج، فيل، پيل
ــ هست، هئڻ، وجود ــ وڏ ئي.
ڏيکاريل تحقيق جي آڌار تي ائين چئي سگهبو ته ’هستي‘ جو اصل لفظ
’هستن‘ آهي، جو فارسي توڙي سنسڪرت ۾ هڪڙو موجود
آهي.
جيڪڏهن ’هستن‘ کي اعرابون نه ڏجن ۽ محض اها ئي صورت (بغير
اعرابن واري) قائم رکجي ته پوءِ بلڪل درست آهي؛ پر
لغت جي هر وقت، اِها تقاضا آهي ته لفظن تي اعرابون
هجن! جيڪڏهن ’هستن‘ کي فارسي لفظ جي خيال کان ڏسبو
ته هيئن ٿيندو:
هَسۡتِن (’ت‘ کي ’زير‘) = هَسۡتَ + اِن. هَسۡتَ = سُونڍِ + اِن
= وارو. سونڍ وارو يعني ’هاٿي’.
ثابت ٿيو ته لفظ ـــ هستن جي هڪ حرف ’ت‘ تي زير ۽ زبر جي مَٽَ
ڪري، ڪيڏو نه فرق پئجي ويو! لغت ۾ اهي ئي ريسرچ جا
انگ اکر، لغوي مواد کي کڻي بيهندا آهن. لغوي ترتيب
جي خيال کان ’هستي‘ کي اعرابن سان الڳ الڳ آڻڻ
کپي.
2 ــ نص 3007 ــ پر بانڪو ڪريو باهڙي، اَن هاسي ۾ هيڪر. (حفيظ)
هاسي جمع هاسيون.
هاسو = کل، مسخري، چرچو، مذاق، ٺٺول؛ گوڙ، فساد، شور، ڌمچر.
’هاسي‘ يا ’هاسو‘ جون لغت ۾ ڏنل 9 معنائون پنهنجيءَ جاءِ تي ٺيڪ
آهن، پر حفيظ تِيوڻي جي بيت ۾، لفظ ’هاسـٖـي‘ (ي
مجهول) آهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ــ مومل
راڻو (1890) ــ جي مڪمل معني 1922ع ۾ ڇڏائي آهي،
جنهن جي صفحي 29 تي، هن طرح لکيل آهي:
هاسو = هراس، ڊپ.
لفظ هاسـٖـي ــ جي درست تلفظ نه هئڻ سبب، لفظ جي اصل معنيٰ ۾
ڪيڏو نه فرق اچي ويو!
2ــ لفظن جا مونث، مزڪر، واحد ۽ جمع
لغت ۾ ڪيترن مونث لفظن کي مذڪر ۽ مزڪر کي مونث ڏيکاريو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح واحد ۽ جمع.
1 ـــ ص 2674 ــ مَڪُ جمع مَڪُون. مزڪر. کٻڙ وڻ جو ڦر، پيرون
(گاجرا). شري گاجرا جي
سَند سان ’مَڪُ‘ مونث آهي. ان کي ’مَڪُ‘ چوڻ يا لکڻ غلط آهي.
ٻيو ته: ’مَڪَ‘ جو جمع ’مَڪَ‘ آهي. جيئن هاٿي جو جمع هاٿي.
ٽيون ته: اهو لفظ ــ مَڪَ ــ اهڙو ڪو انوکو نه هو، جو گاجرا جي
سَنَد سان لغت ۾ درج ٿئي. ’مڪ‘ لفظ سڀني شايع شده
لغتن ۾ موجود آهي ۽ معنيٰ به ساڳي آهي. وڏي ڳالهه
ته شري گاجرا جي تحقيق به غلط ثابت ٿي. جيڪڏهن
سندس نالو، لفظ مڪ ــ پٺيان نه هجي ها ته ڪهڙي
اربع خطا ٿئي ها. جيڪڏهن هن جلد جو جائزو وٺبو ته
’گاجرا‘ کي، هڪ نه، ٻئي هنڌ ڏسبوئي ڏسبو. معياري ۽
مستد لغات ۾، ٿوري گهڻي تي ائين ڏيکارڻ نٿو
سونهين. ڪهڙي خيال کان ائين ڪيو ويو آهي، سو ته
لغت ئي ٻڌائي سگهي ٿي.
2 ــ ص 2914 ــ وِٺۡ جمع وِٺُون، وِٺيون، مونث. (سن. وِشٽا)،
پکيءَ جو گونهه، پکيءَ جي ڪرفتي، پکيءَ جو گند،
پکيءَ جو ٽورو، پکيءَ جو پائخانو، پکيءَ جو ڇيڻو.
معنائن تي پڙهندڙ اعتراض ڪن ته ڀل ڪن، پر سندم اعتراض هي آهي:
’وِٺُ‘ کي مونث ڏيکاريو ويو آهي، حالاڪ انهيءَ حساب سان (جڏهن
’ٺ‘ کي ’پيش‘ آهي) ته مذڪر ٿيڻ کپي ۽ جمع ’وٺون‘؛
پر ساڳئي وقت جمع ’وٺيون‘ به ڏيکاريل آهي. ٻن جمع
ڏيکارڻ جي ضرورت!
لغوي خيال کان ’ٺ‘ کي ’پيش‘ نه، پر زير (ٺِ) ايندي. وِٺِ جمع
وٺيون. ’وٺون‘ جمع غلط آهي. ’وِٺِ‘ جو سنسڪرت لفظ
’وسٽا‘ درست ڏيکاريل آهي. اهو ساڳيو لفظ ــ وشٽا ـ
لغت ۾ به آهي.
3 ــ ص 2914 ــ وشٽا جمع وشٽا. مذڪر. (سن. وشٽا). ماڻهوءَ جي
ڪرفتي، ٽورو، گونهه، پائخانو.
لغوي اعتراض:
پهريون ته: ’وشٽا‘ مونث آهي.
ٻيو ته: ’وٺ ۽ وشٽا) ساڳيو لفظ (هڪ سنڌي، ٻيو سنسڪرت) ته پوءِ
ٻنهي لفظن جي معنائن ۾ فرق ڇو؟
سنڌي محاوره توڙي لغوي خيال کان ’وِٺِ‘ ۽ ’وشٽا‘ معني: پکيءَ جو
گند، خبر ناهي ته ڪهڙي لغوي آڌار تي اهي معنائون
ــ ماڻهوءَ جي ڪرفني، ٽورو، گونهه، پائخانو، ڇيڻو
ڏنل آهن! جيڪڏهن حقيقت ائين آهي ته پوءِ پکيءَ ۽
ماڻهوءَ جي گند ۾ ڪهڙو فرق؟
4 ــ ص 2243 ـــ کَنجنَ جمع کَنجَوُن. مونث. اَکِ.
اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي:
کَنجَنَ جمع کَنجَنَ. اک.
’کنجن‘، ڏهس ۽ سينگار جو لفظ آهي. ’لوڪ ادب‘ جي ڪنهن به شاعر،
اکين لاءِ کنجنون (جمع) ۾ ڪم نه آندو آهي:
شاهد: خوُب کَجَنَ دَسَ دامنيُون، لطيفي لاتيان. (اُنڙ)
خوب کجن = سهڻيون اکيون (جمع ۾).
3 ــ لفظن جا شواهد
لغت ۾ ڪن انوکن لفظن جا شاهد ڏنل آهن، جن مان ڪجهه غلط آهن.
1 ــ ص 2240 ــ کم = کميا، تحمل، نهٺائي، نئڙت.
شاهد: کَم کَمَندن کَٽيو، هارايو هوڏن. (سامي)
اها مصرع سامي جي سلوڪن مان ورتل نه آهي، پر ڀٽائي جي بيتن مان
ورتل آهي!
کَمُ کَمندَن کَٽيو، هرايو هُوڙَنِ،
چَکيو نا چُوندَن، هو جو ساءُ صبر جو. (يمن ڪلياڻ ــ ڀٽائي)
2 ــ ص 2256 ـــ مِسِي. سورهن سينگارن مان هڪ سينگار.
شاهد: موهيو مِسِي ۽ پان، مٿس مَرجانَ لڳي.
(مولوي) مفتون همايوني)
اها مصرع ته خوش خير محمد جي ڪلام مان ورتل آهي، جا هيئن آهي:
سر سونهين پوشاڪ گلابي، موهيو مِسِي ۽ پانَ،
مٿس مرجان لڳي.
(ڪلام خوش خر محمد ــ ڊاڪٽر تنوير عباسي)
3 ــ ص 2907 ــ وائي، ڳالهه، چوڻ.
شاهد: رُئان راتو ڏينهن، جئن ان جي وائي ۾ ور گهڻا.
(ڪلياڻ ـــ شاهه)
”ڪليڻ ـــ شاهه“ مان ٻه مطلب نڪرن ٿا:
1 ــ ’سر ڪلياڻ‘ مان مصرع کنيل آهي، پر ’سر مارئي‘ سان لڳي ٿي!
2 ــ ’ڪلياڻ آڏواڻي‘ جي ڇپايل ”شاهه جو رسالو“ مان مصرع کنيل
آهي.
’شواهد‘ پيش ڪرڻ، انوکن لفظن لاءِ نهايت ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته
لفظ جي معنيٰ صاف صاف ظاهر ٿئي ٿي.
4 ــ اصطلاح
1ــ ص 2232 ــ کَڙيا کڻڻ = فائدي وارو هئڻ، فائدو پرائڻ وغيره.
’کڙيو‘ جي لغت ۾ ڏنل معنيٰ: خرزين، ٻورو، ٻوري، ڳوڻ، ڳوٿري؛
فائدو. اسان جي خيال موجب، اصطلاح کڙيو کڻڻ ــ ۾،
’کڙيو‘ لفظ، هي معنيٰ ڏيکاري ٿو:
کَڙيو = بوجو، سامان، هَڙَ، بَڊَ، ڳَٺڙي.
کڙيو جي وضاحت:
مسافر، اجرڪ يا چادر جي وچ تي سامان (جنهن ۾ جُتي ۽ ٻيو ڪجهه
مسافريءَ جو سامان) ٻَڌندو آهي، ۽ اها چادر واري
ٻَڌَل هَڙَ، پُٺيءَ تي رکي، چادر جي پلاند، ڪُلهن
هيٺان ورائي، اڳيان ڇاتيءَ وٽ ڳَنڍ ڏيندو آهي، ۽
پوءِ پَنڌَ ۾ هل هلان اُن پُٺن تي ٻَڌل سامان يعني
هَڙَ کي، ’کَڙيو‘ چئبو آهي. تنهنڪري ”کَڙيو کڻن“
معنيٰ: چادر وارو سامان کڻڻ. اهو سامان، هر مسافر
کي، کڻڻ ۾ سولو لڳندو آهي، تنهنڪري اصطلاح جي
معنيٰ ٿيندي:
کڙيو کڻڻ ۔= وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ.
کڙيا کنيا اٿس = وڃڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.
2 ــ ص 2334 گَلو لَڏجڻ = ڪم جو پورائو ٿيڻ.
’گلو‘ جي تحقيق ڪندي، لغت ۾، هيئن ظاهر ڪيو ويو آهي:
گَلو. (سن. گَل<
گَلا = ڳچي). ڳاٽ، ڳچي ــ
اُٺن جو وڳ، وڳر، گلر، قطار.
’گلو‘ لفظ، ٻن معنائن ــ ڳچي ۽ اُٺن جو وڳ ـــ سان آندل آهي. ان
جي هيٺان ’گلو لڏجڻ‘ هڪ اصطلاح به آندل آهي.
اسان جي خيال ۾ ائين ٿو اچي. ته ’گلو‘ سنسڪرت ’گل‘ درست آهي.
باقي ٻي معنيٰ ـــ اُٺن جو وڳ، قطار ــ جو، سنسڪرت
لفظ ’گَل‘ سان ڪو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اُٺن جو
’گلو‘ فارسي لفظ آهي:
گَلو. (ف. گَلَه: گَلــَّـه)، اُٺن جو وڳ، قطار.
’گلو لڏجڻ‘ اصطلاح به ان ئي فارسي لفظ ــ گَله ــ مان ٺهيل آهي.
لڏجڻ = ڀرجڻ، پار کَڄڻ، لَڏَ رکڻ.
لَڏَ = بارُ، وَرن، بوجو.
گلو لڏجڻ = اُٺن تي سامان رکڻ، اُٺن تي بار رکي تيار ڪرڻ.
3 ــ ص 2381 ــ ڳالهه تُڙِ ڪرڻ = ڳالهه پوري ڪرڻ، ڳالهه جي
پڇاڙي ڪرڻ.
برک اديب ۽ شاعر ليکراج عزيز جو خيال هن ريت آهي:
ڳالهه تڙ ڪرڻ = ڪنهن تي الزام مقرر ڪرڻ، معاملو صف ڪرڻ.
مثال: جيسين ڳالهه تُڙِ نه ڪئي ويئي آهي، تيسين ڪير به نه
ڇڏيندو.
(سنڌي اصطلاح ڀاڱو ٻيون ص 209).
4 ــ ص 2408 ــ ڳورو ڳالهائڻ = ڍَرو يا آهستي ڳالهائڻ.
مشهو نقاد ليکراج عزيز جي راءِ:
ڳورو ڳالهائڻ = سچ چئي ڏيڻ.
جملو ــ ٿورو ڳالهائجي، پر ڳورو ڳالهائجي.
(سنڌي اصطلاح ڀاڱو ٻيون ص 215)
5 ــ ص 2565 ــ ماڙِ تي مينهن وسائڻ = خدائي رحمت ٿيڻ.
ماڙِ. (سن. مَڙِ = خوش ڪرڻ ۽ سينگارڻ)، مرد؛ مهرباني.
ماڙِ (سن. مقنڊ = منڊڻ)، گهَرَ جو مٿيون طبقو، ماڙِي (ٻه ماڙ،
ٽه ماڙ). اصطلاح ۾ ’ماڙ‘ لفظ آهي، جنهن جون مٿي
معنائون ڏيکاريل آهن، جن مان ڪابه معنيٰ نٿي لڳي.
’ماڙ‘ جي حقيقت هن ريت آهي:
ماڙ. (سن. مارُ. ڌاتو يا بنياد مۡر = مرڻ. جتي پاڻيءَ جي وگهي
مرن ٿا)، ٿَرُ، رڻ پٽ، بيابان.
ماڙ تي مينهن وسڻ =ٿَرَ تي مينهن وسڻ، ڪرم نوازي ٿيڻ.
مارُو = ٿَرِي، ٿَرَ جو رهاڪو سنسڪرت لفظ ــ مارُ
مان مارئي = ٿرين، ٿَرَ جي نڪتل آهن.
6 ــ ص 2650 ــ مزي ۾ ڀنگ وجهڻ.
هن اصطلاح سان هٿ چراند ڪيل آهي، ورنه درست هن ريت آهي:
رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ = خوشيءَ ۾ خلل وجهڻ”
7 ــ ص 2839 ــ نَوَ نديون ڪري ڇڏڻ = گهڻو مال ملڪيت ڏيڻ، ڍَئي
ڇڏڻ.
جيئن ”نديون“ اصطلاح ۾ آهي، تيئن معنيٰ ٿيندي: درياهه.
’نَوَ نديون‘ ڪهڙن ندين يا درياهن سان واسطو رکندڙ آهن؟ اهڙين
’نَوَن ندين‘ جا نالا ڏيڻ کپندا هئا، ۽ ساڳئي وقت
ندين جي فائدي يا اهميت جي به وضاحت ڪرڻ کپندي هئي
ته جيئن اصطلاح سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ها.
اهو لفظ ’نديون‘ نه، پر ’نِدِيون‘ آهي.
نَڌِي جمع نَڌِيون.
نِڌِي. (ن. نَڌِ. نِه = اندر، ۾، منجهه + ڌار = رکڻ)، خزانو،
ڀنڊار.
ڪُٻير ديوتا جا نَوَ خزانا، ن ڏانهن اصطلاح ۾ اشارو ڪيل آهي.
نَوَ خزانا: 1. پَدۡمَ 2. مها پَدۡمَ 3. سَک 4. مَڪَرَ 5.
ڪَچــَّپَ 6. مُڪُندَ 7. ڪُندَ 8. نِيلَ 9.
کَرۡبَ.
هرهڪ خزاني ۾ مختلف قسم جو ڌَنَ اهي. جيئن ’پَدۡم‘ ۾ سون، چاندي
وغيره:
’مَها پَدۡمَ‘ ۾ رَتن، موتي وغيره
[1].
8 ــ نَوَ نَڌِ ٻارهن سِڌِ ٿيڻ = دل جي مراد پوي ٿيڻ، پورو
ڪامياب ٿيڻ.
’ٻارهن سڌ‘ مان ڪهڙي مراد وٺجي؟
حقيقت هن ريت آهي:
نَوَ نِڌِ = نَوَ نِڌِيُون. مٿي اچي چڪو آهي.
سِڌِ جمع سِڌِيون.
سڌِ. (سن. سِڌ. سِڌُ = پورو ڪرڻ [ڪم جو])، رياضت جو ڦل، ڪرامت.
اهڙيون اٺ سِڌيون مشهور آهن
[2]:
1. آڻِما 2. مقهِما 3. گَرمِا 4. آگهِما 5. پۡراپَتِ 6.
پَرَڪامۡيُه 7. اِيشۡتوَ 8. اَشِتۡوَ.
اهي ’اٺ سِڌيون‘ ٻڌايل آهن، باقي چار راز ۾ رکيل آهن.
9 ــ ص 2922 ـــ وِچِين هڻڻ = ٺڳي وڃڻ، ڪُپتِ ڪرڻ، کوٽ ڪرڻ.
’وچين‘ مان ’ٺڳڻ‘ جو مفهوم ڪيئن ورتو ويو؟ ڪو ته
اشارو هجي ها!
درحقيقت ’وچين هڻڻ‘ ملهه جو هڪ انگ آهي، جنهن ۾ ملهه، هڪٻئي کي
وچان يا اندران (ڄنگهن جي) جانٺو هڻي ڪيرائيندا
آهن. ’ملهه‘ ۾ اهو هڪ عيب آهي، جنهن کي ٺڳيءَ
ڏانهن منسوب ڪندا آهن.
10ــ ص 3018 ــ هَٿڙي هڻڻ = چوري ڪرڻ، کيسو ڪترڻ، تور ۾ گهوٻي
هڻڻ.
اصطلاح جي حقيقت هن ريت آهي:
هٿڙي = کيڏ، اَٽڪل،. چالاڪي (پَرَ هَٿَ جي).
هي اصطلاح ”جُوئا“ تان ورتل آهي. آڙاهه جوئاري يا کيڏاري، ياسَ
جا پَتا يا هَٿَ، اهڙي نموني ٻڌندو آهي، جو ڪنهن
کي به ڪَل ڪانه پوندي آهي ۽ ورهائڻ وقت، اهڙي
صفائي ۽ هوشياري سان پتا لاهيندو ويندو آهي، جو
ٻين ڏينهن جيڪي آيو، پر پاڻ ڏانهن رکيل يا ٻڌل پتا
لاهيندو آهي، جنهنڪري هميشہ کٽندو آهي.
”تور ۾ گهوٻي هڻڻ“ جو ته هت ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!
11 ـــ ص 3020 ــ هٿن ۾ هريون هئڻ = هاروِيرَ يا پڇ ڊاهه ڪرڻ،
نقصان ڪرڻ.
12 ــ ص 3021 ــ هٿن ۾ هريون هئڻ = آڱريون هلڪيون ٿيڻ.
اصطلاح ساڳيو، لفظ به ساڳيا، پر معنيٰ ۾ فرق ڇو؟ پهريون
’هريون‘، نقصان جي معنيٰ ۾ ۽ ٻيو (هريون) ”هلڪيون“
جي معنيٰ ۾، ائين ڇو؟ وضاحت ڪٿي!
’هريون‘ (هه کي زير) لفظ غلط آهي. ’هريون‘ (هه کي زبر) درست
آهي.
هَريُون = ڳڍڙيون. هٿن ۾ هريون هئڻ = هٿن ۾ ڳڍڙيون هئڻ، ڪم ڪرڻ
جي طاقت نه رکڻ.
5 ــ لفظ، اشتقاق ۽ معنيٰ
1 ــ ص 2211 ــ کَٽَ. (پرا. کِد: سن. کِڌا: کَٽوا: کٽڪا: ڪٽ).
کٽولو، چارپائي.
لفظ ــ کٽ ــ جي ريسرچ، وڌيڪ تحقيق جي تقاضا ڪري ٿي. اهو ساڳيو
لفظ ٿورڙي ڦير سان ”کٽولو“ ڪري آندل آهي، جو هن
ريت ڏيکاريل آهي.
2 ــ ص 2213 ــ کٽلولو. (پرا. کَٽوا. سن. کَٽَوا. منجو)، کٽ،
چارپائي.
جڏهن ’کٽ‘ معنيٰ ’کٽولو‘ ۽ ’کٽولو‘ معني ’کٽ‘ ته پوءِ ريسرچ ۾
فرق ڇو! پلئٽس جي ڊڪشنريءَ تان وتل آهي، جتي هيئن
آهي.
[3]
کٽ. (پرا. کَٽا. سن. کَٽوا)، کٽولو، چارپائي.
’کٽولو‘ لفظ ۾، ’کٽ‘ کان ’اولو‘ وڌيڪ آهي. ’اولو‘ نشاني آهي
’اسم تصفير‘ جي.
3 ــ ص 2248 ــ کِنوَنَ جمع کِنوَڻون. (سن. ڪشنَ پرڀا. ڪشڻ = دم
+ پَرڀا = چمڪندڙ. ڀا =چمڪڻ)، وڄ، بجلي.
اهو ساڳيو لفظ ــ کِنوَنَ ــ اعرابن جي مَٽَ سان ٻيهر به آيو
آهي.
4 ــ ص 2259 ـڱ کِوَڻِ جمع کِوَڻيُون. (سن. ڪشَڻَ. کڻ پرڀا =
چمڪدنڙ)، وڄ.
جڏهن لفظ ــ کِنوَنَ ۽ کِوَڻِ ــ ساڳيو ته پوءِ سنسڪرت لفظن ۾
فرق ڇو؟
پهرين تحقيق درست آهي، پر اعرابون غلط آندل آهن. ٿيڻ کپي:
کِنوَڻِ جمع کِنوَڻيُون. ”کِنوَڻون“ جمع غلط آهي.
کنوَڻِ. (سن. ڪشَڻَ پرَڀا. ڪشَڻ = دم [ کِن، ڇِن، گهڙي، ساعت] +
پڀا = روشني.. ڀا = چمڪڻ)، وڄ، بجلي.
جيڪڏهن ”پرڀا“ کي اصليت تي آڻبو ته هيئن بيهندو:
پرڀا = پر = گهڻو + ڀا + چمڪڻ.
ڪشڻ پرڀا = جنهن جي گهڻي روشني کن ساعت لاءِ آهي
[4]. اها حقيقت آهي
ته وڄ جي تيز روشني ٿوي وقت لاءِ هوندي آهي.
5 ــ ص 2284 ــ گاههُ (پرا. گهام. سن گهاس. گراس. ف. گياه)، مال
جو کاڌو يا چارو.
سنسڪرت لفظ ــ گهاس، گراس ــ ڏنل آهن. محقق جو مطلب، اهو ٿو
ڀانئجي ته ٻئي لفظ ’گاهه‘ لاءِ آهن. انهن ٻنهي
لفظن کي لغوي ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته هي نتيجو
نڪري ٿو:
گهاس. (سنسڪرت گهاسَ. گهَر = کائڻ، جو جانور کائين ٿا)، گاهه.
گراس. (سنسڪرت گراس. گرس = کاڌو کائڻ، ڀوڄڻ ڪرڻ)، گرَههُ،
نِوالو، لُقمو.
ڏسو، ’گهاس‘ (گاهه) ۽ ’گراس‘ (گرهه، گرنهن) جا سنسڪرت ڌاتو ــ
گهس ۽ ’گرس‘ الڳ الڳ آهن، پر ڌاتن جي معنيٰ هڪجهڙي
آهي. انهيءَ ڪري پروفيسر ولسن، ’گهس‘ (= کائڻ)
لاءِ نوٽ لکيو آهي ته : جو جانور کائين ٿا
[5]. اهڙيءَ طرح ڌاتو
ڪوش ۾ ’گرس‘ لاءِ ڀوڄن ڪرڻ (کاڌو کائڻ) لکيو آهي
[6]. فرق صاف ظاهر
آهي. تنهنڪري ’گاهه’ کي لغت ۾ هن ريت جاءِ ڏجي ته
بهتر.
گاهه (برا. گهاس. سن. گهاس. گهس = کائڻ، جو جانور کائين ٿا)،
مال جو چارو.
محقق، سنسڪرت ’گرلس‘ لفظ ’گاهه‘ لاءِ ڏنو آهي، جو غلط آهي.
’گرس‘ سنسڪرت لفظ آهي ’گرهه يا گرنهن‘ جو. ڪيڏانهن
’گاهه‘، ڪيڏانهن ’گرهه‘!
6 ــ ص 2285 ــ گاهَڪُ. (سن. گرهه = گراڪ)، خريدار.
ص 2304 ــ گراڪُ (سن. گاهڪہ
<
گَرهه = گراهڪ = خريدار)، گراهڪ، ٻُڪِي.
ص 2305 ــ گِراهِڪ (سن. گَره<
گَراهڪ گَراهڪ = گراڪ)، خردار.
لفظ ساڳيو، رڳو تلفظ جو ڦير! انهيءَ ڦير ڪري، سنسڪرت لفظن ۾
ڦيرو آيو، ائين ڇو؟ ٽنهي لفظن ـــ گاهڪ، گراڪ،
گراهڪ ــ جو سنسڪرت لفظ توڙي ڌاتو ساڳيو ٿيندو.
حقيقت هن ريت آهي:
گراڪ. (سن. گراهڪ. گرهه + وٺڻ)، وٺندڙ، خريدار، ڳنهندڙ.
نوٽ: ’گِراهِڪُ‘ نه، پر ’گراهَڪُ‘ ٿيڻ کپي.
7 ــ ص 2306 ــ گرجا. (سن. گيرجا = ديول)، ڪرستانن جي عبادت
گاهه، ڪليسا، ديول (چرچ). ’گرجا‘ کي سنسڪرت لفظ
’گيرجا‘ ڏيکاريل آهي.
هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن مسلمانن لاءِ ’مسجد‘ (عربي لفظ)
۽ هندن لاءِ ’مندر‘ (سنسڪرت لفظ) آهي ته ڇا،
عيسائن کي پنهنجي عبادت گاهه لاءِ سندن ٻوليءَ ۾
لفظ ئي ڪونهي، جو سنسڪرت لفظ ’گيرجا‘ قبول ڪيو
اٿن!
پهرين ڳالهه ته ’گيرجا‘ سنسڪرت لفظ، ’ديول‘ جي معنيٰ ۾ ڪنهن به
سنسڪرت ڊڪشنري ۾ ڪونهي، البته ’گرجا‘ لفظ ملي ٿو،
جو ”پاروتي، گوري، هماليه جبل جي ڪَنيا“ جي معنيٰ
۾ آهي
[7]. گرجا جي لغوي
حقيقت هن طرح آهي:
’گرجا‘، پَرتگالي ’اِگرِيجا‘ آهي، جو يوناني لفظ اِڪئليسيا مان
آهي
[8]. ’ڪَلِيسا‘ لفظ
به اِتان ئي ورتل آهي.
8ــ ص 2337 ــ گَمڀِير. (سن. گمڀير = بردبار)، بردبار، محڪم
مزاج جملي 19 معنائون.
9 ــ ص 2339 ــ گنڀير. (سن)، سانتيڪو بردبار؛ غمگين؛ گهرو،
اونهو. جملي 17 معنائون.
ٻئي لفظ ــ گمڀير، گڀير ــ ساڳيا آهن ۽ ساڳي معنيٰ رکن ٿا. ته
به فرق!
جيئن: قمبر ــ قنبر (ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڳوٺ).
گمبٽ ــ گنبٽ (ضلعي خيرپور ۾ هڪ ڳوٺ).
ٻنهي لفظن مان، هڪ لفظ جي کولَ ڪجي.
گمڀير. (سن. گَمڀِيرَ. گَم + اِيرَن. گَم = وڃڻ + اِيرَن ــ
اِير = وهڻ. جتي پاڻي وَهي وَڃي گڏ ٿئي)، اونهو،
عمق، گهرو.
لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: عميق يعني اونهو پاڻي.
اصطلاح ۾ معنيٰ ٿي: بردبار، متحمل، محڪم مزاج وغيره.
نوٽ: ’گنڀير‘ لاءِ لکجي ها ته ڏسو ’گمڀير.‘
10 ــ ص 2338 ــ گُنوَتي = گن وارو، احساس وارو، وڙائتو،
ٿوارئتو.
11 ـــ ص 2347 ــ گُڻوَنۡتُ = تڻن وارو، هنرمند، ماهر، سگهڙ.
جملي 21 معنائون.
12 ــ ص 2348 ــ گُڻوَڻِتُ = گُڻي، ماهر. جملي 15 معنائون.
13 ــ ص 2248 گُڻي = نيڪ، ڀلو، لائق، ڪاريگر. جملي 39 معنائون.
مٿيان چارئي لفظ، هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا. هڪ لفظ کي پيش ڪجي ٿو:
گُنوَتِي. (سن. گُڻَوَتِي. گُڻ = جَولي + وَتِي ــ وَت = وارو.
خوبين وارو)، سٺن گڻن وارو، قابل، هنرمند، ڪاريگر،
ماهر، سگهڙ.
14 ــ ص 2439 ــ گهنگهور. (سن. گهڻ = گهاتو + گهرُ = آواز ڪرڻ)،
گهاٽا ڪڪر، پريشاني حالت، ڏکويل حالت، مشڪل
معاملو.
پهرين ڳالهه ته ’گهنگهور‘ سنڌي لفظ نه آهي، پر جيڪڏهن سنڌي
ٻوليءَ جي وکر کي وڌائڻ لاءِ، لغت ۾ اضافو ڪيون ٿا
ته پوءِ لفظ جي لغوي حقيقت هن طرح آهي.
گهنگهور. (سن. گهَنَ = بادل، ڪڪر + گهورَ =ڀوائتو، خوفناڪ. گهُر
= آواز رڪڻ)، خوفناڪ (گهاٽا) ڪڪر؛ ڪڪرن جو ڀوائتو
آواز.
15 ــ ص 2483 ــ لَٽو. (سن. لَتَڪَ، پرا. لَٽِيا = ڪپڙو) ڪپڙو.
’لَتَڪ‘ ڪنهن به سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڪونهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اصل
مواد ۾ ’لَڪتَڪَ‘ لکيل آهي ۽ اُتارڻ واري کان سَهو
ٿي آهي.
16 ــ ص 2530 ــ لغڙ = پتنگ؛ شڪاري پکي. جُغڙ جي ماري.
وڌيڪ اُپٽار،هن طرح ڪيل آهي: ’جهڳر‘ جي ماري.
’لغڙ‘ شڪاري پکي جي نَرَ کي ٻن نالن سان ڏيکاريو ويو آهي: جغڙ ۽
جهڳڙ.
ڪيپٽن اسٽيڪ پنهنجي جوڙيل ڊڪشنرين
[9] ۾، جيڪي شڪاري
پکين جا نالا ڏنا آهن، تن ۾ ’جَغڙ‘ ڪونهي، پر
’جهَڳڙ‘ آهي. مرزا قليچ بيگ
[10] ”شڪار ڪندڙ پکي“
تي مضمون لکندي، ”لغڙ ۽ جهڳڙ“ ڏيکاريا آهن. ’لغر‘
جي وڌيڪ حقيقت:
لغڙ. (هه. لگَڙ. لَگُڙَ. سن. لَگُڊَ)، شڪاري پکيءَ جو قسم.
’لگڙ‘ شڪاري پکيءَ جي بدن تي، ’لڪُن‘ وانگر ليڪا آهن، تنهنڪري
ڀانئجي ٿو ته انهن لِيڪُن جي ڪري ئي مٿس ”لگڙ“
نالو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ”لَڪُڻَ کي هندي ۾ لگُڙ ۽
سنسڪرت ۾ لکُڊَ ڏيکاريل آهي.
17 ــ ص 2513 ــ لَگههُ. (سن. لُگههُ = ننڍڙو + شنڪا = شڪ)،
پيشاب؛ سوراخ.
’لَگههُ‘ لغت ۾ آندل آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ڪنهن خطي جو
بامحاره لفظ هجي.
’لَگههَ‘ معنيٰ ”ننڍڙو“ ڏيکاريل آهي. ڏنگيءَ اندر ”شنڪا“ لفظ به
آندل آهي. اهو لفظ ڪٿان آيو؟ جڏهن ته ”ليگهه شنڪا“
مکيه لفظ آندل ئي نه آهي!
18 ــ ص 2515 ــ لَلهڪار = بلند آواز، للڪار. مالوا (شهر) مان
آندل کٿو يا لوئي، لَوئڪار.
19 ـــ ص 2532 ــ لونڪار = مالوا جو ٺهيل کٿو، بلاڪيٽ، لوئي.
عشق جي تار.
’للهڪار‘ لفظ کي، ’لونڪار‘ لفظ ۾ ڏسڻ، لغوي خيال ۽ لحاظ کان
درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا اصل لفظ، الڳ الڳ
آهن.
للڪار. (سن. لَلــّڪَرّ)، بلند آواز، پُڪار، ڌمڪي.
’لونڪار‘ مرهٽي لفظ آهي
[11]. سنسڪرت ۾ هن
ريت آيل آهي.
لونڪار (لونَ + ڪَرَ. لونَ. (سن. لومَ ــ لومَنۡ) = اُن + ڪَرَ
[12]= اونـٖـي اُنَ
جو کٿو، بلينڪيٽ.
20 ــ ص 2549 ــ ليکُ. (سن. لڪُشا<
لکُ = لکڻ)، ڀاڳ؛ لکت، مضمون، ’ليکُ‘، ’لکڻ‘ مصدر
مان آهي. ٻيا لفظ: لکڻي، ليکڪ، ليکڻِ، لکاڻي،
ليکر، لکت وغيره.
لکَڻُ. (سن. لکَنَ. لکۡ = لکڻ)، تحرير ڪرڻ، قلم هلائڻ.
ليکڪ. (سن. ليکڪ. لکۡ = لکڻ) ليک لکندر، مضمون نويس.
ليکَڻ. (سن. ليکَڻي. لکۡ = لکڻ)، قلم، ڪلڪ، لکڻي.
ليک. (سن. ليکَ. لکۡ = لکڻ)، لکيو، ڀاڳ، قسمت؛ مضمون.
محترم گاجرا، ليک (= ڀاڳ) لاءِ، سنسڪرت لفظ ’لِڪشا‘ ڏنو آهي، جو
مطلق غلط آهي. جيڪڏهن سندس تحقيق لِڪۡشا ــ کي
سنسڪرت لغتن تي پرکيون ٿا ته هي نتيجو نڪري ٿو:
لِڪۡشا = ليکَ (ننڍڙي جُونءَ، جُونءَ جو آنو.)
لِڪۡشا = لِکَ، ذري، ذرو.
لِکني منجهان لِکَ، لهي ڪين لطيف چئي.
(ڀٽائي)
اسان جي فاضل اديب، ’ليکَ‘ کي ’لِيکَ‘ ۾ ڏٺو آهي. ’ليکَ‘ جي
لغوي حقيقت هن ريت اهي.
ليکُ. (سن. ليکَ. لِکُ = لِکڻ)، لکيو، ڀاڳ، قسمت، مضمون.
ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته محقق ’لڪۡشا‘ جو ڌاتو يا بنياد
’لِکۡ‘ (= لکڻ) ڏنو آهي، جو لغوي مقصد جي هدف کي
تِيرُ نٿو هڻي. ’لِڪۡشا‘ جو ڌاتو هن طرح آهي:
لِڪۡشا. (سن. لِڪۡشا. لَڪۡش = نشان ڪرڻ)، لِيکَ، ننڍڙي جُونءَ.
عام چوڻي: گنجي کي نه لِيکۡ جي، نه جُونءَ جي.
ڪيڏانهن ’لِيکَ‘ (= ننڍڙي جُونءَ)، ڪيڏانهن ’ليکُ‘ (=ڀاڳ):
21 ــ ص 2651 ـ مَساڻُ. (سن. شَمۡشانَ = جنگ جو ميدان، جتي
ماڻهو مرن)، هندن جي مُڙدن جلائڻ جي جاءِ، شمشان
ڀومي، مِرگهٽ، مردا گهاٽ، مسڻ، مساڻ جي رک، سڃ،
ڀينگ، ڏتڙيل جاءِ، فساد، جهڳڙو (گاجرا.)
22 ــ ص 2656 ــ مَسَڻُ. (سن. شَمشۡان = جنگ جو ميدان، جتي
ماڻهو مرن)، هندن جي مرُدن جلائڻ جي جاءِ: سڃ،
ڀينگ.
مشهور لغتدان شري گاجرا جي سند سان ’مساڻ‘ کي لغت ۾ آندل آهي،
جنهن تي هي اعتراض آهن:
پهريون ته: ”مسڻ ۽ مسڻ“ ساڳيو لفظ آهي، پر تنهن هوندي به ’مساڻ‘
جون 11 معنائون ۽ ’مسڻ’ جون 3 ڏنل آهي. ائين ڇو؟
آخر محقق کي، اڳيان ڪو ته سبب هوندو! بهتر لغوي
طريقو اهو هو ته ’مساڻ‘ جون معنائون ڏيئي، ’مسڻ‘
لاءِ لکي ها ته ڏسو ’مسان‘، ته ڳالهه شب ۾ رهجي
وڃي ها.
ٻيو ته: ’مساڻ‘ کي ”جنگ جو ميدان“ ڏيکاريو ويو آهي. ان لاءِ
محقق وٽ ضرور ڪي لغوي دليل هوندا. خير.
هينئر شري گاجرا جي تحقيق کي، سنسڪرت لغتن جي روشنيءَ ۾ پرکيون
ٿا ۽ ڏسنداسين ته سندس سَند، ڪيتري قدر حقيقت تي
ٻَڌل آهي.
مساڻ. (ڌن پال، گجراتي، مراٺي، هندي ۽ پراڪرت. مَسانَ. سنسڪرت،
شَمۡشانَ. شۡمنۡ = مُردو + شانَ سنسڪرت. شَيَنَ =
آرام جي جاءِ. شِي = سمهڻ)، مَسڻ.
[13]،
[14]،
[15].،
’مساڻ‘ جي لغوي معنيٰ ٿي: مُردي جي سمهڻ يا آرام ڪرڻ جي جاءِ
يعني آخري آرام گاهه.
عربي ۾: مرند = قبر.
مَرنَد. (ع. مَرۡنَدۡ. رَقَدَّ = سمهڻ)، سمهڻ جي جاءِ مجازاً
قبر. ’مساڻ‘ توڙي ’مرقد‘ ۾ ’سمهڻ‘ جي معنيٰ سمايل
آهي يعني آخري آرام گاهه.
خبر ناهي ته محقق گاجرا ڪهڙي لغوي سَند تحت، ’مساڻ‘ معنيٰ، ”جنگ
جو ميدان، جتي ماڻهو مرن“، ڏني آهي! هيءَ ته هٿ
ٺوڪي ريسرچ آهي ۽ نه ڪجهه ٻيو!!
23 ــ ص 2659 ــ مُشڪُون. گهوڙِي ۽ شينهن جي ڳچيءَ جا وار.
(گاجرا). اسان ٻڌون به ٿا ۽ درسي ڪتابن ۾ (جيڪي
ورهاڱي کان اڳ هئا) پڙهيو به آهي ته:
”گهوڙي جي ڪنڌ تي، جي وار آهن، تن کي مُشڪُن چئبو آهي.“ (ٻيو
ڪتاب، ص ــ 13، 1930ع.)
خبر ناهي ته ‘مُشڪون‘ ڪهڙي پاسي جو مروج لفظ آهي، جو لغت ۾، شري
گاجرا جي سَند سان درج ٿيو آهي!
24 ــ ص 2684 ــ ملباري. هڪ ذات جو نالو.
جيڪڏهن ائين درست آهي ته پوءِ ’بهاري‘ به هڪ ذات جو نالو ٿيڻ
کپي. ’ملباري‘، ”جامع سنڌي لغات“ لاءِ، نئون لفظ
آهي، جنهن تي کليل روشني وجهڻ کپندي هئي.
’ملباري‘ معنيٰ آهي: ملبار جو رهاڪو.
دي هئنڊ گزيٽيئر آف انديا ۾ هن طرح آهي.[16]
ملبار يا مليالم. سنسڪرت مَلَيَاوار. ضلعي مدراس ۾ هڪ شهر.
مزيد تحقيق ڪندي، معلوم ٿيو ته ”ملبار“ اصل لفظ، دراوڙي ٻوليءَ
جو ”مَلَهءِ“ (= جبل) آهي
[17]، جو سنسڪرت ۾
”مَلَيَه“ ٿيو آهي.
سنسڪرت لغتن ۾، ”مَلَيَه“ (= جبل) نظر اچي ٿو. پروفيسر تاراناٿ
جي سَند موجب
[18].
مَلَيَه = مَلۡ (ڌاتو) + ڪَنَنۡ. ڏکڻ ۾ هڪ جبل، جتي چندن پيدا
ٿئي ٿو. ملبار = مَلَيَه + بارَ. مَلَيَه. مَلۡ =
رکڻ، جهلڻ، سمائن، هئڻ
[19] + بار<
سن. وارَ = جاءِ، هنڌ، اهو هنڌ
جتي صدل (چندن) جا وڻ پيدا ٿين.
25ــ ص 2755 ــ مِيرو. (سن. سُمِيرو)، هندن جي پراڻن ۾ ڄاڻايل
هڪ پريت، سمير پربت. مسلمان مرد جو ”مير“ مان (اسم
تصفير) نالو.
”ميرو“ لفظ تي اتراض:
پهرين ڳالهه ته: مِيرو (م کي زير) غلط تلفظ آهي. ٿڻ کپي:
مـٖـيُرُ.
ٻي ڳالهه ته: ”ميُرُ“ هندي لفظ آهي. سنسڪرت ۾ ”ميـٖـُرُ.“
ٽين ڳالهه ته: ”سُميرو“ نه، پر ”سُمــٖــيرُ“ ٿيڻ کپي.
چوٿين ڳالهه ته: ”مير“ مان اسم تصغير ”مِيرو“ (م کي زير) ڄاڻايل
آهي، جو سنسڪرت لفظ آهي ۽ نه هندي.
”ميرُ“ عربي لفظ، ”آمير“ جو مخفف آهي.
لغت ۾ هن ريت اچڻ کپي:
مــٖـيرُو. (سن. ميـٖـرُ)، ميرُو پربت.
”رام گلام شبد ڪوش“ مطابق: هندو لوڪ، سونَ ۽ رَتَن جو ٺهيل
چوندا آهن ۽ جتي ديوتائون رهن ٿا. جوتش (علم نجوم)
۾ ”اُتر قُطب.)
[20]
26 ــ ص 2757 ــ ميگُهه. (پرا. ميهو. سن. ميگهه. ع. ميخُ =
ڪڪر)، بادل، ڪڪر، ابر. جملي 17 معنائون.
اهو ساڳيو لفظ، تلفظ جي مَٽ سان به آندل آهي:
27 ص 2761 ـــ مينگهه. (سن. ميگهه = برسات)، مينگهه. جملي ڏهه
معنائون. لفظ ساڳيو، معنائن جو تعداد گهٽ وڌ ڇو؟
نوٽ: 1 ــ ”ميگهيهُ“ نه، پر ”ميۡگههَ“ آهي.
2 ــ ”ميخ“ عربي لفظ نه، پر فارسي آهي.
28 ـــ ص 2761 ــ مينگهو (مانگهه مهيني مان)، هندڪو ۽ ماڙيچڪو
نالو. اسان جي خيال موجب، هيئن ٿيڻ کپي.
”مانگهه“ مهيني مان نه، پر ميگههَ (= مينهن، برسات) مان خيال
ورتل آهي.
مينگهو مل ۽ مينگهراج ٻه نالا ملن ٿا، جي هن ريت آهن:
مينگهو
>
ميگهو
>
سن. ميگههَ = برسات + ”او“ پڇاڙي. مينهن وارو،
مينهن آڻيندڙ. مينگهراج ـــ ميگههَ + راج = راجا.
برساتي ڪڪرن مان پاڻي آڻيندڙ؛ اِندر ديوتا.
29 ــ ص 2780 ــ ناگرموٽا. (ع. سعد کوفي. ف. مشڪِ زمين)،
خوشبودار ٻوٽي جو هڪ قسم.
”ناگرموٽا“ لاءِ، ڏنل عربي ۽ فارسي لفظ، ته ٻين ٻولين جا هلندڙ
نالا آهن، پر ”ناگرموٽا“، جنهن ٻوليءَ مان آيل
آهي، سو ته ڄاڻائڻ کپي. اهو سنسڪرت لفظ جي بگڙيل
صورت آهي:
ناگرموٽا. (سن. ناگَرَ مُسۡتا)، خوشبودار ٻوٽي جو هڪ قسم.
30 ــ ص 2790 ــ نِٻَرُ. (سن. نِ = نه + بلَ = ٻَلُ)، نٻل،
ضعيف. جملي 23 معنائون.
31 ــ ص 2790 ــ نِٻَلُ. (پرا. نڀلو. سن. نِه + بقلَ = ٻَلُ)،
نربل. جملي 12 معنائون.
لفظ ساڳيو ـــ نٻر ۽ نٻل ــ ته به تحقيق ۾ تفاوت!
ٿيڻ کپي:
نٻر. (پرا. نِبــَّلو. سن. نرۡبَلَ. نِرۡ = سواءِ + ٻَلَ =
ٻَلُ، طاقت)، ڏُٻرو.
نٻل. ڪمزور، ضعيف، بي طاقت.
32 ــ ص 2794 ــ نِپَٽُ. (پرا. ڻِپــَّٽَّ. نِشيپَٽ
< نِپتۡ = ڪرڻ، هيٺ ڪرڻ)، محض ٻنهي، پَٽيءَ.
”نِشيپَٽ
<
نِپتۡ = ڪرڻ، هيٺ ڪرڻ“ سمجهه ۾ نٿو اچي.
ٿيڻ کپي:
نشۡپَٽَ. نِش = سواءِ + پَٽَ = ڪپڙو، پردو.
”نَپَتۡ“ جو اشتقاق هن ريت آهي:
نپت. (سن. نِه = هيٺ + پَتۡ = ڪرڻ)، هيٺ ڪرڻ.
نپَٽُ. (پرا. ڻِپَٽَّ. سن. نِشۡپَٽَ. نِشۡ = سواءِ + پَٽَ =
پردو. ڪنهن پردي کان سواءِ)، بلڪل، بنهه، اصلي،
پَٽيءَ.
33 ــ ص 2798 ــ نِدانُ. نيٺ، پڇاڙي.
34 ــ ص 2798 ــ نڌانُ. نيٺ، پڇاڙي ــ مڪان، گهر ــ خزانو.
”ندان“ ۽ ”نڌان“ ساڳيو لفظ نه آهي، تنهنڪري معنيٰ به ساڳي ٿيڻ
نه کپي. لفظن جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:
نِدانُ. (سن. نِدانَ. نه = يقين + دا = رکڻ)، نيٺ آخر، پڇاڙي.
نِڌانُ. (سن. نِڌانَ. نه = اندر، منجهه + ڌا = رکڻ. اهو هنڌ جتي
ڪجهه رکجي)، گهَر، مڪان؛ خزانو.
35 ــ ص 2804 ــ نرگس. گل جو قسم. هڪ فلم ائڪٽريس جو نالو.
هندستان جي فلم ائڪٽريس نرگس جي نالي ڏيڻ جي لغت ۾ ڪهڙي ضرورت؟
جيڪڏهن لغت ۾ داخل ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ٿي هئي
ته نرگس لاءِ ڏيڍ اکر وڌيڪ به لکجي ها ته کيس،
هندستان سرڪار طرفان ”ڀارت ڀُوئڻ“ جو خطاب مليل
هو، وغيره. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي سابق ائڪٽريس
ملڪه ترنم نورجهان جو نالو به لغت ۾ اچڻ کپي. خير،
هرڪو پاڻ ڄاڻي.
36 ــ ص 2852 ــ نهَگُ. (سن. نِههۡ دِنشۡ = نه + سَنگَ)، بنا
سنگ جي، اڪيلو، بي خوف ــ مانگر مڇ. تقريبا 22
معنائون ڏنل آهن.
”نهنگ“ جي تحقيق ڪندي، لفظ جي تَهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي، پر گهڻين معنائن منجهائي وڌو آهي. جيئن:
اڪيلو، مانگرمڇ، بي ڊپو وغيره.
اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي.
نهنگ. (سن. نِههۡ شَڪَ. نِههۡ = سواءِ+ شَنڪَ = ڊپ)، بي ڊپو، بي
خوف.
نهگ. (سن. نِههۡ سَنگَ. نِههۡ = سواءِ + سَنگَ =دوستي)، اڪيلو،
بي پرواهه، تارڪ الدنيا.
فهنگ. (ف. نِهنَگ)، مانگر مڇ.
37. ص 1860 ــ نيرَنَ. (سن. نهاري)، صبح جو ماني، ناشتو.
ڪيل تحقيق تي اعتراض آهي:
پهريون ته: ”نيرن“ ، سنسڪرت لفظ مان آهي.
ٻيو ته: ”نهاري“، سنسڪرت نه، پر فارسي لفظ آهي.
ٽيون ته: ”نيرَنَ“ بدران، نيرَنِ (ن کي زير) ٿيڻ کپي.
نيرَنِ. (سن. نِرَ = سواءِ + اَڻءَ = کاڌو. کاڌي کان سواءِ.
يعني صبح سان ڪجهه نه کاڌل ۽ پوءِ جو ڪجهه کائجي)،
صبح جو ماني، ناشتو.
نَهارِي. (ف. نَهارِي. نَهار = نا = نه + هار
>
آهار =کاڌو. جنهن صبح سان ڪجهه نه کاڌو هجي)، صبح
جي ماني، ناشتو.
جيڪڏهن ”نَهارِي“ کي سنسڪرت ۾ ڏسون ته هيئن بيهندو:
نَهارِي
>
نَهار
>
ناهار
>
اَنُ = نه + آهار = کاڌو. ماني نه کاڌل، بکيو)،
صبح جي ماني، ناشتو.
38. ص 2879 ــ واڊِههُ. مذڪر. ڊگهو رسو،ل رسو جنهن سان کوهه مان
پاڻي ڪڍجي.
”واڊِههُ“ جو اُچار هيئن ٿيندو: وا + ڊِ + ههُ. لفظن کي اهڙيءَ
حالت ۾ رکڻ ڪري، ڪجهه لغوي عيب پيو لڳي.
ساڳيو لفظ هن ريت آندل آهي:
39 ــ ص 2879 ــ واڍِ جمع واڍون. مونث. (سن. وَرڌّر. وَرۡڌ
=وڍڻ)، ڊگهو رسو، کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو رسو.
’جامع سنڌي لغت‘ جو مطلب آهي ته ”واڊِههُ“ اتر سنڌ (سکر، جيڪب
آباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي اُترئين ڀاڱي) جي
روزمره محاوره جو لفظ آهي. قبول ٿو ڪجي ته اتر سنڌ
(اُچار جي خيال کان) جو لفظ آهي، پر تڏهن به
صورتخطي ۾ ”واڍِ“ لکڻ کپي.
لغوي لحاظ کان ’واڊِههُ‘ ۽ ’واڍِ‘ ساڳي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ذري
ماتر به شڪ جي گنجائش ڪانهي.
حقيقت هن ريت آهي ته واڍِ ۾ ’ر‘ جو اُچار سمايل آهي، جو سنسڪرت
لفظ ’ورۡڌۡرَ‘ ۾ ڏيکاريل آهي. اهڙا ٻيا به لفظ
آهن، جن ۾ ’ر‘ جو اُچار سمايل رهي ٿو. جيئن: چَنڊُ
(چَندۡرَ)، ’ڏَڍَ‘ (دَدۡرُ) = چمڙيءَ جي بيماريءَ
جو قسم
موجوده سنڌي ”الف ــ بي“ ۾، اهڙن لفظن (جن ۾ ’ر‘ جو اُچار سمايل
آهي) کي ڌار نه ڏيکاريو ويو آهي. مثلاً مِٽُ
(مِتۡرَ)، ڇَٽُ، (ڇَترَ)، منتُ (مَنترَ) وغيره.
اتر سنڌ وارا، اهڙن لفظن کي درست اُچاريندا آهن.
پر لاڙ وارا، ’ر‘ جو اُچار نه ڪندا آهن. جڏهن
1953ع ۾ ”الف ــ بي“ تيار پئي ٿي، تڏهن اهڙن لفظن
جي اُچارکي ڌار ڏيکارڻ لاءِ، بحث هليو هو. نيٺ
فيصلو ٿيو ته لفظ، ساڳيءَ حالت ۾ لکڻ گهرجي، ڀل
جيئن به ڪو اُچار ڪري. ڪئپٽن اسٽيڪ، ”انگريزي ــ
سنڌي“ توڙي ”سنڌي ــ انگريزي“ ڊڪشنريءَ ۾، اهڙن
لفظن تي خاص ڌيان ڏيئي، ڌار اچار سان آندو آهي.
هينئر وثوق سان چئي سگهبو ته ’واڍِههُ ۽ واڍِ‘ هڪ ئي لفظ جا ٻه
اُچار آهن، تنهنڪري بهتر طريقو اهو آهي ته ’واڍِ‘
لکڻ کپي.
|