ـــ محمد حسين ”ڪاشف“
جڙيل جن سان جند
ليکڪ: هري موٽواڻي، سائيز: ڊيمي، صفحات: 294، جولاءِ 1988ع.
ٽائيٽل: چار رنگو، ٽائيٽل چترڪار: خدا بخش ابڙو،
قيمت: 33 رپيا، ڇپيندڙ: سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو،
حيدرآباد، سنڌ.
تازو سهڻي پبليڪيشن پاران طارق اشرف ”جڙيل جن سان جند“ جي سري
هيٺ هندستان جي مشهور سنڌي ادبي رسالي ”ڪونج“ جي
ايڊيٽر شري هري موٽواڻيءَ جو سنڌ جو سفرنامو ڇپائي
پڌرو ڪيو آهي. طارق هن کان اڳ به جيڪي ڪتاب سهڻي
پبليڪيشن پاران پڌرا ڪيا آهن، اهي پنهنجي ادبي
معيار جي لحاظ کان ته اهم آهن ئي، پر انهن ڪتابن
جي خاص ڳالهه ڪتابن جو لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل پڻ هوندو
آهي. ساڳي طرح هري موٽواڻيءَ جي هن سفرنامي ”جڙيل
جن سان جند“ جو ادبي معيار ته پنهنجي جاءِ تي اهم
آهي ئي، پر سهڻي پبليڪيشنس جي روايتي معيار کي
قائم رکندي ڪتاب کي بيحد زيبائتي انداز ۾ پڌرو ڪيو
ويو آهي.
هري موٽواڻي، جيڪو نه فقط هڪ بهترين رسالي ”ڪونج“ جو ايڊيٽر
آهي، بلڪ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار پڻ آهي، سندس هڪ ڪهاڻين
جو مجموعو ”هڪ لهر“ جي سري هيٺ ڇپيل آهي. ”جڙيل جن
سان جند“ سندس پهريون سفرنامو آهي. سفرنامي جي
شروعاتي صفحن ۾ هري لکي ٿو: ”منهنجي هنن يادگيرين
جو پهريون حصو سپنو آهي، ٻيو ساڀيا“. بيشڪ هري هن
سفرنامي ۾ سپني (انڊيا) مان ساڀيا (سنڌ) آيو آهي،
جيڪو سندس ڄمڻ جو هنڌ آهي؛ جتي سندس ساڀيا جا سپنا
وکريل آهن. لاڙڪاڻي جي ڳلين ۾، سنڌ جي وستين ۽
واهڻن ۾، ٻنين ٻارن ۾، ۽ هري ان ساڀيا جا سپنا
پنهنجن نيڻن ۾ ميڙي، ذهن جي ڪيسٽ تي محفوظ ڪري،
هيءُ سفرنامو ترتيب ڏنو آهي. هي سفرنامو جڏهن
پڙهجي ٿو ته هري موٽواڻيءَ جي هِرک جهڙي ملائم
شخصيت وانگر سندس لکڻي به ساڳيو تاثر ڇڏي ٿي. هو
پنهنجا احساس چٽڻ لاءِ لفظن جي هيراڦيريءَ ۾ ڦاسڻ
بجاءِ لفظن جي سادگيءَ ڏانهن وڌيڪ جهڪيل نظر اچي
ٿو؛ ته ڪٿي هن وٽ جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جو
(ويزن) آهي، اهو لفظن جي هيراڦيريءَ جي چڪر ۾
ڦاسجي اڻ پورو نه رهجي وڃي. هري سفرنامي ۾ جڏهن به
دوستن جي محفلن مان نڪري رستن تي اچي ٿو ته پاڻ
سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ ادب پڙهندڙن کي انهن منظرن ۽
رستن کان واقف ڪرائي ٿو، جن کان هو سالن کان واقف
هوندي به ڄڻ اڻ واقف رهيو آهي. سچ ته اسان ڪڏهن به
پنهنجن شهرن ۽ رستن کي اهڙيءَ ريت نه ڏٺو آهي،
جهڙيءَ طرح هريءَ جي اک پسيو آهي. هري موٽواڻي سنڌ
جي نظارن کي آخري پساهه کڻندڙ ماڻهوءَ جيئن پسيو
آهي، جنهن کي پڪ هوندي آهي ته بس جيڪا گهڙي گذري
رهي آهي، اهائي سندس جيون جي آخري گهڙي آهي،
تنهنڪري جيترو ٿي سگهي، پنهنجي چوڏس ڦهليل حسين
منظرن کي پنهنجي اجهامندڙ نيڻن ۾ ميڙي وٺان. شايد
هر اهو ليکڪ اهڙي ئي احساس سان پنهنجي ڌرتيءَ کي
ڏسندو هوندو؛ جتي فقط هو چند ڏينهن لاءِ مهمان
بڻجي ايندو هوندو. هري موٽواڻيءَ جي هن سفرنامي ۾
جتي سنڌ جي اديبن ۽ ادب دوستن جا ڀرپور عڪس چٽيل
آهن، اتي ڪجهه اديبن جي باري ۾ تڪڙي راءِ به قائم
ڪئي اٿس؛ جنهنڪري غير واضح عڪس پڻ چٽجي ويا آهن.
مثلاً: شمشير الحيدري بابت سندس راءِ اسان لاءِ
حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هري موٽواڻي شمشير الحيدري
لاءِ لکي ٿو: ”جڏهن ساڻس مليس ته اها خوشي ڪانه
ٿيم، جا ٿيڻ کپندي هئم. مون کي هن جو ۽ موهن ڪلپنا
جو ڪردار لڳ ڀڳ هڪجهڙو لڳو، ائڪٽنگ ۽ وڌاءُ. اڃا
تازو هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو و، ان ڪري
ڏيکاري ائين پئي ڏنائين، ڄڻ تمام گهڻو مشغول هو.
موهن ڪلپنا به لڳ ڀڳ ائين ئي ڪندو هو.“ پر شمشير
پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سچو ۽ کرو آهي، ملنسار ۽
خوش خلق آهي، بلڪ سندس ادبي زندگي پڻ سنڌوءَ جل
جهڙي اُجلي رهي آهي. ان ۾ مان هري موٽواڻيءَ کي
ڏوهي به نٿي سمجهان، ڇو ته مختصر ملاقات ۾ ڪنهن به
انسان لاءِ ڪا مڪمل راءِ حسن اتفاق سان ئي قائم ٿي
سگهندي آهي.
بهرحال ”جڙيل جن سان جند“ هر لحاظ کان هڪ مڪمل ۽ سڦل محنت آهي،
جنهن لاءِ ليکڪ ۽ سهڻي پبليڪيشنس لاشڪ واڌاين جا
مستحق آهن.
ـــــ رضيه طارق
سڄڻ سفر هليا
بردي سنڌي جي ياد ۾
نوٽ: سال جا ڪي مهينا، مهينن جا ڪي ڏينهن ۽ ڏينهنجي ڪن پهرن ۾،
ڪي اهڙيون شخصيتون جنم وٺنديون آهن، جيڪي انهن
سالن ۽ پهرن جي حوالي سان نه، پر اهي سال ۽ پهر
سندن امر نالن سان ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. اهڙين
ماکيءَ کان وڌ مٺين شخصيتن جو ظاهري وڇوڙو ڪئلينڊر
جي ڪنهن تاريخ جي نراڙ تي ثبت ٿي ويندو آهي، پر
سندن وجود سندن تخليق ڪيل ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ
لفظن جي خوشبوئن ۾ هميشه هميشه لاءِ واسيل رهندو
آهي. همعصر جديد سنڌي ادب جي هڪ اهڙي محترم ۽
قداور شخصيت سائين بردو سنڌي (جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾
”گيتن جي بادشاهه“ جي روح پرور عرفيت رکي ٿو) اسان
کان 1988ع جي ڪئلينڊر جي تاريخ 26 آڪٽوبر تي ظاهري
طور تي اسان کان وڇڙي چڪو آهي، پر سندس لافاني
شاعريءَ جو هڳاءُ بردي صاحب جي ٻاجهاري ۽ محترم
شخصيت وانگر هميشه سنڌي ادب جي پڙهندڙن جي حواسن
تي دائم ۽ قائم رهندو.
هتي اسان سنڌي ٻولي جي چند ناميارن ليکڪن جا تاثر، سندس شخصيت ۽
فن کي ڀيٽا طور پيش ڪريون ٿا، پر ان کان اڳ سنڌ جي
سد بهار عالم جناب مولانا غلام محمد گرامي جو بردو
سنڌيءَ تي لکيل خوانحي خاڪو هتي آڻڻ منساب ٿا
سمجهون، جيڪو گرامي صاحب، مهراڻ رسالي جي شاعر
نمبر ـــ 1967ع ۾ شايع ڪيو هو.
مولانا غلام محمد گرامي لکيو هو:
”محمد رمضان ”بردو“ سنڌي والد خدا ڏنو لاشاري، سنڌي جديد
شاعريءَ ۾ رسيلن گيتن سان ڪافي مشهور شخصيت جو
مالڪ آهي. اصل ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقو ميرپورماٿيلو
اٿس، مگر هاڻ مستقل طور نوابشاهه ۾ رهي ٿو. مارچ
1922ع ۾ ڄائو، محترم بردي، پرائمري تعليم دوران
شعر لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ سندس استادن همت افزائي
ڪئي. ابتدائي ڪلام، شعر و شاعريءَ کي منحوس تصور
ڪندي ساڙي ڇڏيائين، پر 1954ع ۾ ”نظر“ سنڌي مرحوم
جي صحبت ۾ دوباره شاعري شروع ڪيائين، سندس گيتن ۾
شيريني ۽ دلڪشي، رنگيني ۽ سادين تشبيهن جو استعمال
عام آهي. 1961ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ نوابشاهه سندس
مجموعه ڪلام ”اکڙيون مينگهه ملهار“ شايع ڪيو، جنهن
تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان کيس هڪ هزار رپيا
انعام ڏنو ويو. محترم بردي چند افسانا ۽ مضمون به
لکيا آهن. ”رسالي مهراڻ“، ”نئين زندگي“ ۽ سنڌ جي
سڀني ادبي رسالن ۾ سندس ڪلام، ڪافي انداز ۾ شايع
ٿيل آهي.
برده سنڌي، اسم بامسميٰ آهي. گيت لکڻ جو بادشاهه، رنگين ۽ شيرين
رسيلي ۽ سريلي ٻوليءَ ۾ باڪمال شاعر ـــ سندس
شاعريءَ جا تجربا، پيارا ۽ من موهيندڙ آهن. زبان
سليس ۽ ڳوٺاڻ استعمال ڪرڻ تي وڏي مهارت رکي ٿو.
سندس فن جو هر نقش هن دور جي ڪنهن نڪته ۽ زنده
مسئلي سان وابسته آهي. ڳوٺاڻي زندگيءَ جو هر حسين
منظر، برده جي شاعرانه اک ڏٺو آهي. زندگيءَ جي هر
زخم کي سندس دل سٺو آهي، اهوئي سبب آهي جو سندس هر
تاثر ذاتي آهي ۽ سندس هر فن ــ پارو، مشاهدي تي
مشتمل آهي.
حقيقي شاعر اهو ئي آهي جو پنهنجو مشاهدات ۽ تاثرات کي محسوس ۽
مشهود رنگ ۾ اول گرفت ۾ آڻي ۽ پوءِ پيرايه بيان جي
رنگين ۽ دلاويز لباس ۾ پيش ڪري سگهي.
برده سنڌي ۾ هڪ باڪمال ۽ رنگين شاعر جو روح آهي، جو هر وقت
جذبات جي دنيا ۾ رقصان ۽ پيچان آهي.“
ـــ ادارو
پاڻياريءَ سر ٻهڙو....
’برده‘ جي شاعري ڏسي، مون کي بلڙيءَ واري جي پهرين سٽ ياد ايندي
آهي: ”پانياريءَ سر ٻهڙو، جر ۾ پکي جيئن“. هن جي
ڪلام ۾ اهڙوئي خوبصورت توازن، نزاڪت، لچڪ ۽ ديهات
جي روماني زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جهڙي پاڻياريءَ جي
مٿي تي گهڙا پيدا ڪندا اهن ۽ هن جي گيتن ۽ نظمن ۾
اهڙي بي ساخته رواني ۽ پاڪيزگي آهي، جيئن جر ۾ پکي
لهوارو ويندو هجي.
شاعر هر انسان جيئن پنهنجي ماحول کان متاثر ضرور ٿئي ٿو ۽ هو،
چاهي يا نه ڇاهي، خارجي ۽ داخلي زندگي جا تاثرات
هن جي شاعريءَ مان ضرور بکن ٿا. پر جيئن مصور لاءِ
رنگ فضا کان زياده اهميت ٿا رکن، تيئن لفظ شاعر
لاءِ پنهنجي ماهول کان زياده اهم آهن. هو لفظن جو
مصور آهي ۽ هر لفظ کي روح آهي، جنهن جي گهرائي
شاعر کان زياده ڳوئي نٿو پرکي سگهي. هر لفظ جي
پنهنجي پنهنجي حسين دنيا آهي ۽ شاعر جو روح لفظن
جي نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي، ان جي
ماڙيءَ ماڙيءَ ۾ مهمان هندو آهي. اوهان ڏٺو هوندو
ته ڪيترا لفظ جي پنهنجي ليکي اڻوڻندڙ لڳندا آهن،
سي جڏهن شاعر سٽ جي گلدان ۾ آڻيندو آهي، ته اهي
چهچ ساون پنن وانگر لُڀائيندڙ لڳندا آهن. ’شاهه‘
جي شاعريءَ ۾ اهڙا بي انتها مثال آهن ۽ ان ڪري
شاهه جي شاعريءَ ۾ لفظن جو طلسم ملي ٿو، سو شايد
ئي ڪنهن سنڌي شاعر ۾ ملي. ’برده‘ جي شاعريءَ جي
بهترين خوبي، هن جي ٻوليءَ ۾ حسن جي تلاش آهي. ان
۾ بي پايان سمندر جون موجون نه آهن جي سفينن سان
ٽڪرائجي، انهن جا بادبان اُڏائي ڇڏينديون آهن، جي
پنهنجين گهراين مان اُڀري ڪنهن دور دراز ساحل لاءِ
سينا ساهينديون اُڏامنديون وينديون آهن. انهن ۾ به
حسن هوندو آهي، پر انهن جي گهرائيءَ ۽ تڙپ واري
شاعري ٻي نوعيت جي هوندي آهي. ’برده‘ جي شاعري
شيشي جي مڇلي ــ گهر آهي، جنهن ۾ خوبصورت لفظ
چونڊيل، وڻندڙ، مڇيءَ وانگر تڙڳندا نظر اچن ٿا ۽
نظر کي ٿاڌل، رنگيني ۽ هلڪي تڙپ بخشين ٿا.
ــ شيخ اياز
(اکڙيون مينگهه ملهار جو تعارف)
جيئرا جاڳيندا گيت
ڪنهن به شاعر جي شعر جي ان کان وڌيڪ پوري ۽ صحيح تعريف نٿي ٿي
سگهي، جو ان کي ڪنهن جيئري جاڳنديءَ ۽ سونهن ڀريءَ
شيءِ سان تشبيهه ڏني وڃي.
بردي جا گيت مون ٻڌا ۽ پڙهيا آهن، پر اهي جيئرا جاڳنيدا گيت ڏٺا
به اٿم. ٻنين ۾ لابارن ويل، انهن جي هٿ ۾ ڏاٽو
هوندو آهي. سانوڻ جي مند ۾، انهن جي چپن تي مرڪ
هندي آهي. ڪڏهن کوهه تي، نيسر وٽ بيهي، بردي جا
گيت ٽهڪ ڏيندا آهن، ته ڪڏهن اُماوس جي اونداهين
راتين ۾، لوڙهن ۽ ڍنگهرن جي پويان، ڇيڻن جي
دونهاٽيل فضا ۾، ويٺا لڙڪ هاريندا آهن.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن به سونهن ڀريءَ ۽ ڦاٽندڙ وهيءَ واري
ڇوڪريءَ جو تصور ڪريو ــ اها آهي بردي جو جيئرو
جاڳندو گيت!
ان جي پوشاڪ ۾ بردي جي گيتن جي سادگي هوندي،
ان جي اکين ۾ بردي جي گيتن جو اٿاهه پيار هوندو،
ان جي منهن ۾ بردي جي گيتن جي ڀرپور جواني هوندي؛
ان جي ڳالهين ۾ بردي جي گيتن جو ميٺاج هوندو،
ان جي لڙڪن ۾ بردي جي گيتن جي اونهائي هوندي،
ان جي مرڪن ۾ بردي جي گيتن جي بي اختياري نظر ايندي،
۽ ان جي رفتار ۾ بردي جي گيتن جو ترنم هوندو.
ـــ تنوير عباسي
(اکڙيون مينگهه ملهار جو مُهڙ) 1961ع
جوڀن ٻه ــ ٽي ڏينهڙا
بردو گذاري ويو ــ هيڪر دل چيو: ويچارو سورن کان ڇُٽي پيو ـــ
وري دل هنجو هارڻ لڳي. چئي: ”اها اڪيلائي نيٺ ڪڏهن
پاڻ کي به نهوڙي نيندي.“ انهن اولٽارن ۾ بردي جا
ٻول ياد پيا اچن:
جوڀن ٻه ــ ٽي ڏينهڙا، جيئڻ ٿورا ڏينهن
شاعر ته سدا حيات هوندا آهن. بردو برابر مري ويو، پر ان جي
شاعري مرڻي ناهي. اها شاعري جنهن ۾ محبتن جا ملهار
پيا دليون ديوانيون ڪن ۽ جنهن جون دلبريون پيون
روح ريجهائين، اها شاعري جيڪا اسان جي ئي ٻوليءَ ۾
اسان جا دک درد اسان جي آڏو پئي دهرائي:
ـــ آءُ اچي ڳيراٽي پاءِ، نماڻي ڪمري وِهانءُ
ـــ بردا! اوڏي باکڙي، روئندن ڏيندي رَس
ڇني يار سهاڻا نه ڇورو ڪري وڃ.
انهيءَ شاعريءَ ۾ پنهنجن ۽ پراون جا سور به سانڍيل ته دنيا جا
درد به سمايل آهن، ڄڻ ڪنهن چواڻي: سڄي جڳ جا آهن،
اسان جي شاعر جي هيانو ۾ هيڪاندا ٿي چڪا هئا:
ــ بردا! درد ڪُڻي منجهه آيا،
پنهنجا ٿيڙا هاءِ پرايا.
ـــ ڌاريا ڌر جا ويري نڪتا،
حيف هجي اڻ ڪوٺين کي.
ــ جاڏي ڪاڏي گوليون گولا،
هاءِ ٻري ٿو اڄ بيروت!
خاص ڪري اها شاعري، جنهن ۾ بردي پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جا گيت ڳائي
پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو ۽ ان جي درياهه کي پنهنجي دل
سمجهيو:
تنهنجي موج کي مالڪ بخشيو، آهي اوج ازل کان سنڌو،
تنهنجي مستيءَ ۾ آ هستي، پڇ تون منهنجي دل کان سنڌو.
اسان جو اهو زنده دل شاعر گذاري ويو ته به زنده ليکيو ويندو:
اهو مرڻو ئي ناهي جنهن جي دل عشق جي جذبي سان جيئري هجي.
بردو اسان جي شاعراڻي لڏي جو لڄ ڀريو لاکيڻو ساٿي هو. انسان
دوستيءَ جي هام ته هرڪو هڻندو رهي ٿو، پر انهيءَ
ڪسوٽيءَ تي پورو پئجي اچڻ سڀ ڪنهن جي وس وٽان نه
آهي. جنهن کي ڪاريءَ گپ مٿان بيٺل پاڻيءَ سان ڀيٽي
ٿو سگهجي؛ اهو سينواريل پاڻي جنهن جي سيني مان
ڪنول جا گل اُڀا ٿي ڪنهن لال ڪنوار جئان پاڻ لکائڻ
لڳندا آهن.
انهيءَ ئي ماحول جا ٻوساٽيل اديب ۽ شاعر جڏهن پاڻ کي سڄي اڻ
سڌريل سماج جو سڌريل سرواڻ سمجهي پنهنجي ليکي
پيغمبريءَ جا خواب لهندا آهن، تڏهن ٻيا ته ٺهيو،
پنهنجا گهاٽا يار به هنن کي ڪونه ڀانءِ پوندا آهن.
بردو جيئن اسان جي سنگت ۾ آيو، اسان ائين ڀانيو، ڄڻ ڪنهن اڻ
پوري بابت جي پورائي ٿي چڪي هجي. پاڻ شروعات کان
ئي رشيد، رباني، تنوير ۽ راقم کان وٺي گرامي صاحب
توڙي چاچي گدائيءَ تائين ننڍن وڏن جو ساهه سيباڻو
بڻجي ويو.
هن جي شاعري مشاهدي جي شاعري هئي، جنهن مان سچائي جي ساک بکندي
ٿي رهي. هو جيڪي به جيئن به محسوس ڪندو ٿي آيو،
تيئن ان کي شاعراڻو رنگ ڏئي گيتن، بيتن، غزلن ۽
نظمن ۾ نروار ڪندو ٿي ويو. هن هروڀرو مطالعي جي
زور تي بي جوڙ قافين، بي سواد رديفن ۽ ڌارين جملن
جي ڀرتي ڪري پنهنجي شاعراڻي ساک کي کلڻ هاب نٿي
بڻايو، نه وري مرحوم پير حسام الدين راشدي چواڻي
’جڙتو لفظن سان پنهنجي ٻوليءَ جو نقصان ٿي
ڪيائين.‘ شاعريءَ وانگي سندس شخصيت به نمائشي
ضرورتن کان مٿي نهايت سادي سودي هئي. اجائي اڏ ــ
وڏائي ۽ ماڻهپي کان نفرت جهڙي ڪابه بدعت منجهس
ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. تنوير، گرامي، گدائي ته هن سان
ڀوڳ چرچي جهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندا هئا، پر رشيد، مان
۽ رباني وقتي کيس ڏاڍو چيڙائڻ لڳندا هئاسين، تڏهن
به پيو مشڪندو هو. کيس چرچن تي ته ڪابه چڙ ڪانه
ايندي هئي، پر سچي پچي به ڪا ويڌن آڏو ايندي هيس
ته به مرڪي لنوائيندو هو؛ ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي.
هڪ دفعي پنهنجي رشتيدار ۽ اسان جي بزرگ مرحوم حڪيم محمد معاذ
نوابشاهه واري جي وڏي پٽ ڊاڪٽر انور سان گڏجي
منهنجي آفيس ۾ لنگهي آيو، ٻڌايائين ته هڪ وڏي عملي
اداري جي سربراهه ۾ ڪم آهي. آءٌ ساڻجھس پراڻي ناتي
هوندي به منجهس آسرو نٿو سمجهان، تون هل ته ٻئي
گڏجي کيس ستوهه ڀريون.
پنهنجي آزمودي موجب مون جڏهن کيس مايوسي ڏيکاري ته دلگير ٿيڻ
بدران مرڪڻي منهن سان ماشاءَ الله چئي تڪڙ ۾ هٿ
ملائي موڪلائيندو هليو ويو. مون کي حيرت هئي ته هن
کي ڪو ارمان ڇو نه ٿيو؟
هن جي نماڻي طبيعت جون اهي خوبيون کيس پنهنجي وسن جهڙي شاعريءَ
جي ڪري نصيب ٿيل هيون يا ائين کڻي چئجي ته سندس
شاعراڻيون خوبيون کيس مٿاهين شخصيت جي ڪري ميراث
ٿي مليون هيون. ڳالهه مڙئي ساڳي.
اڄ اهو اسان جو دل گهريو دوست، سنڌ جو پيارو شاعر ۽ مانائتو
انسان انهيءَ دل واري ڌرتيءَ جي گود ۾ آرامي آهي،
جيڪا هن کي پاڻ ۾ پناهه ڏئي دنيا جي ڏکن سورن کان
آجو ڪري چڪي آهي.
هو سنڌ لاءِ جيڪي سونهن ۽ سچ ڀريا ٻول ٻولي ويو، تن جي صدقي هن
کي سک ۽ سانت ڀريو آٿت پلي پيو:
اي سنڌ اي مادرِ وطنِ
سک جي تون ڪائنات آن،
ڪنهن مہ لقا جي جهات آن،
سهڻي سچل جي لات آن،
گيتن مِٺن جو ديس تون!
پوکن جي لالائي وڻي،
ٻيلن جي سرهائي وڻي
ساميءَ سندي وائي وڻي،
بيتن جا پهرين ويس تون!
تنهنجي سٻاجهي ٻولڙي،
تنهنجي ڀلاري جهولڙي،
پرڪيف تنهنجي لولڙي.
اي سنڌ اي مادرِ وطن!
سهڻي ڀٽائيءَ جا وطن!
اسان ائين پيا ڀانيون، ڄڻ بردو مانجهاندڙيءَ جو گل هو، جيڪو
واءُ جي لوڏي سان پٽ تي ڇڻي اکين کان اوجهل ٿي
ويو....
ـــ نياز همايوني
اچي ملي هاِ!
سدوري جا سدورا ماڻهو، جيئن جيئن هيءُ جهان ڇڏيندا پيا وڃن،
اسان پارا ته بنهه نڌڻڪا ٿيندا پيا وڃن. ڀلائي ۽
چڱائي ۾ ايمان رکندڙ دوست اڄ به آهن، پر هو هن دور
واري ڀلائي ۽ چڱائي واپرائيندي به ڇرڪن ٿا، ڇو ته
الله ڄاڻي سچ ڇا آهي، الائي اها نيڪي اها چڱائي يا
سٺائي بنهه ڳڍيءَ ڳٽ ٿي نه پوي. اڳ جي ڳالهه ٻي
هئي. گرامي، حفيظ، رشيد ۽ ڏيپلائيءَ جهڙا بي ڊپا
پر ڏاها، سدورا ۽ مٺا ماڻهو بنهه جهان مٺو ڪيو
ويٺا هئا. اهي اسان جي لڏي جا يار هئا، هليا ويا
ته تازو اسان جي ٻئي يار بردي سنڌي کي به گهرائي
ورتائون. بردي نه صرف طبيعت ۾ مٺاڻ هئي، پر سندس
سڄي شاعري جي جيتري مٺاڻ هئي، مان سمجهان ٿو ته
ايتري مٺاڻ جديد ادب جي سڄي شاعري ۾ به گهٽ هوندي.
جيئن چيم يار هو سدورو ۽ نماڻو، سڄي زندگي صبر سان
گهاري ڇڏيائين، تيئن مرڻ به ماٺ ميٺ ۾ قبوليائين.
نه سندس بيماريءَ جا ڪي خاص پڙها آيا، نه سندس
علاج لاءِ ڪي وري خاص اپيلون ٿيون. بيمارين کي
ڪيترن سالن کان ڪاٽيائين. انهيءَ وچ ۾ پيو ملندو
هو. ڪڏهن منهن کي مفلر ويڙهيل ته ڪڏهن جسم ڪوٽن ۾
قابو. سندس زبان تي اثر ٿيو، پر ان کي ليکيائين به
ڪونه. هر وقت ٻين جي ڳڻتي. ڪڏهن يارن لاءِ ڦٿڪندو،
ڪڏهن ٻارن لاءِ. سندس محبت ۽ پيار جو قائل هوندي
به مان محسوس ڪندو هوس ته ايڏي وڏي قربائتي پياري
ماڻهوءَ کي موٽ ۾ اسان ڪجهه به ته نه ڏئي
سگهياسين.
بردي جي شاعري سڄي سون آهي. سندس گيت ڪافيون ۽ بيت سنڌي ادب جو
وڏو مٺو سلوڻو ۽ پيارو حصو آهن، خاص طرح سان سندس
سرائيڪي شاعري بنه پيهي ويندي آهي:
خال ڏٺم گل لال سلوڻي، موتي ڏند قطار ڏٺم
چولي لب خوش ٻولي مٺڙا، بلبل دي گفتار ڏٺم
اڳتي چئي ٿو:
راهه مريندي شاهه ڏٺم، آ مَلَڪ ٿئي ميهار ڏٺم.
ديدارن ديد خريد ڏٺم، ليک ”بردي“ حسين هزار ڏٺم.
سندس شاعري ۾ جيتري حجت، اُڇل ۽ بي ساختگي آهي، اها بردي جو
خاصو آهي.
ڪيوين ڪران هڻ چين نهين يَر،
موهي دل محبوب دي ناز
خونوي چشمان تير چلايا،
کيس دل سهڻي ول نه وجهايا
پئي ڳل ڦاهي زلف دراز!
بردو، سنڌي شاعريءَ ۾ سڄي سنڌ کڻي آيو، خاص طرح ٻهراڙي جيڪا نج
سڄي ساري سنڌ آهي، اُتان جي ماڻهن جا مسئلا، اُتان
جون ڳالهيون اُمنگون، آرزوئون ۽ حسرتون ۽ اُتان جا
مٺڙا ڳيچ ۽ ان سان گڏ قصا ڪهاڻيون. سندس مشهور گيت
”پرين چڙهه پيهي تي“ ڏسو:
تُري ڳنا هي تو لئه ڳوليم، هو سڄڻ هو هور
سيڪيل آڀون ڏاڍا ريها، کاءُ ڙي من جا چور
ڪر نه اسان کئون عار ـــ پرين چڙهه پيهي تي
ڳيرن ڳوٺ ٻڌو آ ويجهو، هور ڙي ڳيرا هور
وهيا ته ڏس وڻراهه ۾ هوريان، ويٺا اورن اور
پاڻ ۾ ونڊيون پيار ـــ پرين چڙهه پيهي تي
مون کي سندس ’سانوڻ آيو‘ گيت ياد آهي، جڏهن سُر سان ٻڌايائين ته
سندس لڙڪ به لڙيا ته ٻاهر ڪڪر به رُنا.
جوڳي بادل، جوڳين وانگي، آيا سڀ سنسار اورانگهي
کنوڻ کڀلي جو اک جهمڪائي، گهوري جوڳين گهمائي
پوءِ نکيڙي ڳڻتيءَ ۾، اک روئي رعد پسائي آ
بردو شاعر هو ته قصه گو ڪهاڻيڪار پڻ سندس مشهور ڪهاڻي ”انڌير
نگري“ ڪنهن کان به وسرندي. سندس ڄي زندگي هڪ
اُستاد جي سدوري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ نه شڪوو آهي نه
شڪايت، نه رُوساما نه پرچاءُ. پاڻ پنهون هو ته پاڻ
سسئي، پئي ڏونگر ڏوريائين. بردو مون کان نه ته
وسرندو، جو منهنجي جيءَ جڙيل يارن منجهان هڪ هو.
هيءَ سٽون منهنجي جيءَ ۾ لڪل هيون. ڏاڍو دير سان
هٿ آيون، جڏهن هو وڇڙيل ڪونج وانگر بنهه وڇڙي ويو:
ولر وهي ويس، وڇريل جيئن ڪا ڪونج اڪيلي ڪُرڪي
ڳاٽ کڻي ۽ سوئي ڳچڙي، موت اڳيان ٿي مرڪي
او منهنجي اس نماني
او ڪين وسارج ڄاڻي،
اچي مل هاءِ!
ـــ حميد سنڌي
چانديءَ جهڙو سُر
بردي جي شاعريءَ بابت جيڪا بنيادي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اُها
اِها آهي، ته هن جي شاعريءَ ۾ ٻيا به رنگ آهن، پر
هڪ رنگ ٻين مڙني رنگن تي حاوي ۽ نمايان آهي. ان جو
بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته بردي ڳوٺاڻي جيوت جي
ويجهڙائيءَ کان گهرو مشاهدو ڪيو آهي. بردو ڳوٺاڻي
وايومنڊل ۾ ٿي پليو نپنيو ۽ وڌيو ويجهيو آهي ۽
انهيءَ عملي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي کي هن شاعريءَ جو
روپ سروپ عطا ڪيو آهي:
تُري ڳنا هي تو لئه ڳوليم، هور سڄڻ هو هور،
سيڪل آڀون ڏاڍا ريها، کاءُ ڙي من جا چور،
ڪر نه اسان کئون عار، پرين چڙهه پيهي تي.
ـــ
ماهي کير جيئن او مٺڙا، سڪ تنهنجي سُرڪيندو رهندس.
ائين بردو نئين شاعريءَ کي ٺيٺ ٻوليءَ ۽ نج تشبيهن سان مالامال
ڪري ٿو:
”خيال“ تنهنجا کوڙ ائين، جيئن ”جهار“ هئي.
ــ
وهم اندر ۾ ”ٽاهڙ ڌڻ“ جيئن.
ـــ
”ڪاري رات جدائيءَ واري“، مون لئه ”ڪاري پاڻيءَ وانگ“
تنهنجي ياد جي کوري ۾ دل، ڏينهن رات ٻري ”لاڻيءَ وانگ“
ــــ
وسن نيڻ ٿا نت چرئي مينهن وانگي.
جڏهن هڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو نئين شاعريءَ جي روپ ۾ پنر جنم (Re
Birth)
ٿي رهيو هو، تڏهن نئين يگ جي سرجڻهارن پنهنجي اصل
کي پنهنجي جڙن (Roots)
کي ڳولي لڌو ۽ فاريست زده، دور، جنهن کي شمشير ’بي
تعلق دؤر‘ ٿو سڏي، جي کاهيءَ کي اُڪري پيار پيا.
ڳوٺ، ٻهراڙيون، وسيون ۽ واهڻ به اسان جون اصل آهن،
اسان جون جڙون وري به انهيءَ پاتال ۾ ئي آهن. ان
ڪري بدو جيڪڏهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي جيوت جو
چِٽ ٿو چٽي، ته اهو سڀاويڪ به آهي.
ڪڪرن جهڙي ٽور جي سائڻ، هٿ ۾ ”کنئوڻ کانڀاڻي“ لوڏي،
نيري اُڀ جي پاڇولي ۾، پيهو هن جي آ ”ڪوهه طور“، دور وسي ٿي،
دور...
ـــ
تنهنجي منهنجي سڪ جا شاهد، هن واهڻ جا وڻ ۽ واسي،
کوهه کي تنهنجي ساهيڙِن مان پيهي، جيڪر کڙڪ خلاصي.
بردي جو اهو رنگ ئي کيس پنهنجي ساٿاري شاعرن کان الڳ ۽ نمايان
ڪري ٿو. هن شاعريءَ جي مڙني مروج صنفن تي لکيو
آهي؛ پر هو بنيادي طور تي گيت جوئي شاعر آهي. گيت
بردي جي ڏانءُ وٽان آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي آڳاٽي
صنف پڻ. ڪنهن به مک چک کان سواءِ، ڪنهن به شعوري
ڪوشش کان سواءِ، سچن جذبن کي سادن ۽ سريلن ٻولن ۾
پلٽڻ سان ئي هڪ گيت رچجي ٿو. ان ڏس ۾ بردي جا گيت
ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ جيئن سنڌي شاعري گيت
کان سواءِ اڻ پوري آهي، بلڪل ائين نئين شاعري بردي
جي پريت گيت کان سواءِ اڻپوري آهي:
تنهنجي ياد پلوَ ۾ پائي، گيت پريت جا ڳايان ويٺو.
ـــ
پکي به پاڻ ۾ پريت ونڊن پيا، رت مستانيءَ لاتو رنگ
هير سڌيرون ساهه کي ڏئي ٿي، وڻ ٽڻ واسيا جهوميو جهنگ
ــــ
پينگهه پپر ۾ ٻڌي ڙي جيڏيون
لڏي کائون لامارا، ٽوڙيون عرش جا تارا
هڪ حساس شاعر جيڪي ڪجهه ڏسي وائسي ۽ محسوس ڪري ٿو ۽ ان تجربي ۽
مشاهدي ۾ ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ چاهي ٿو، تڏهن
کيس لڙڪ کي لفظ ۾، سور کي سٽ ۾ تبديل ڪرڻ واري
پيڙاتمڪ تخليقي عمل مان لنگهڻو پوي ٿو:
بردا آهه اندر مان نڪري، بنجي پيئي مٺڙي لات
اُڌمان جاڳن ۽ پوءِ جهٽ پٽ
گيت ٺهي پئي بردا ماتو
۽ پوءِ جيئن بهار فطرت آهي، نه هر هنڌ ڦوٽهڙو ڪندي وڃي، سڪن کي
سائو ڪندي وڃي ۽ ٽارين تي گل ــ ٽيڙ ڪندي وڃي،
تيئن شاعر جي فطرت به گيت رچڻ ۽ سُر سرجڻ ئي آهي.
هن جي سڄي ميڙي چونڊي اهي گيت ئي آهن، جن کي هو
بنا ڪنهن ذات پات جي ڀيد ڀاءُ جي سموري سنسار کي
آڇيندو وتندو آهي.
مون وٽ آهن گيت اجهو
وٺين ته مٺڙا جهولي جهل
هو ڄاڻي ٿو ته:
پاڻي ٻڪ مان جيئن وهي ويو
هاريل جوڀن ڪنهن به نه پاتو
يا
آهي حياتي پل جي ڇانءِ
۽ هو انهيءَ پل کي سڦل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي بقاءُ
۽ ڦهلاءَ، پنهنجي ڳوڙهن ۽ ڳارائڻ کي، وڇوڙن جي
ورلاين کي شاعريءَ ۾ پلٽائي ٿو:
مرڪيو من ۽ ريڌو روح
تو ڳل لاتو ڀنڙا ڳل
ـــ
ساهه سرير کي آئي سٽ
اهڙو اوکو کاڌو هانءُ
ـــ
تو بن روح آ کوهه ڦٽل
جيتوڻيڪ ”ورهه وڇوڙا“ آهن، ”پور پيراندي، سور سيراندي“ آهن، پر
جڏهن بردو سڄو ساڻيهه ئي سورن ۾ وڪوڙيل ٿو ڏسي،
تڏهن هو پنهنجا ذاتي سور ۽ پور پاسيرا رکي ٿو ڇڏي:
روپ نگر جي ڌرتيءَ سائين، راحت جو هڪ پل نه ڏٺو
آس نراسي وک وک ڦاسي نفسانفسي ۽ هيهات
۽ کليو کلايو چئي ٿو ڏئي ته:
مري ويئو جي ديس لئه، ته موت ڀي حيات آ
ـــ
ڀائر ڄاڻي ڀائر پائي، اڄ تائين ڳل لاتوسين
تن کان موٽ ۾ نفرت نعرا، واهه جو بدلو پاتوسين
رضا تي راضي رهڻ، جيئڻ لاءِ جتن نه ڪرڻ، ماڳ لاءِ نه جاکوڙڻ سان
نه ڪڏهن وصال جون واڌايون مليون آهن. نه ئي
ملنديون، پوءِ ڀلي ته صديون گذري وڃن. بدو انهيءَ
سچ کان پوريءَ ريت باخبر آهي، ته ڦٻايل حق گهرڻ
سان نه، پر ڦرڻ سان ملندا آهن ۽ ان لاءِ قرباني
ڏيڻي پوندي آهي، سر جو سانگو لاهڻو پوندو آهي:
او ساٿي، ڏسو هو اڏي ڪات آهي
۽ وحسين جو رت سان ڀريل وات آهي
”اُٿو“ ”اچو“ ۽ ”وڌو“ اِهي ئي اُهي لفظ آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان
ڏاڍن کي ڏاري سگهجي ٿو. بردو هڪ ڦريل، لٽيل،
مايوسين ۾ غرق ٿيل نست قوم کي ظلم جي ڄڀين اُجهامڻ
جي خير خبر ٿو ڏئي
ڄڀيون
ظلم جون بس اُجهاڻيون اُجهاڻيون
پر ان سان گڏو گڏ هو ڇوٽڪاري ماڻڻ لاءِ اُتاهي ٿو. جاکوڙڻ تي
اُڀاري ٿو. ماٺي مهراڻ ۾ موچ آڻڻ جي ڪوٺ ڏئي ٿو.
اچو، اڄ ته مهراڻ ۾ موج آڻيون
موچاري ”مهراڻ“ تي، بردي جو نظم ”سنڌو ڌارا“ حيدر بخش جتوئيءَ
جي مشهور نظم ”ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه“ کان
پوءِ سنڌيءَ جو هڪ ٻيو مڪمل ۽ اهم نظم آهي:
اچي اسان جا عيب اوڻايون، تنهنجي پياري پاڻيءَ ڌوتا
سڪ جي سرڪ پياري تو، سڀ دسي هڪ لڙيءَ ۾ پوتا
جيڏا سرتا پاڻ ۾ پرتا، وجهي ڳراٽيون ”بردي“ پارا
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
’اڄ‘ به ’ڪالهه‘ وانگر انسان، انسان جي هتيا ڪري رهيو آهي ۽
اسين سڀ انهيءَ نفرت جي باهه جو ٻارڻ ٿي رهيا
آهيون:
بردا هي جڳ جنگ جو ميدان صدين کان
نفرت جو راڪاس آ بيٺو ڦاڙي وات
ٻاٽ رات ۽ سوڀاري صبح جو ذڪر دنيا جي هر شاعر ڪيو آهي، پر بردي
هنن ٻن سٽن ۾ رات کٽڻ ۽ باک ڦٽڻ جو عيجب منظر چٽيو
آهي:
رات کٽي وئي باک ڦٽي
هر گهر ڏيئا ٿيا مڌم |