تفسير ۽ حديث
وچ ــ ايشيا جي عالمن تفسير ۽ حديث جي ميدان ۾ قابل تعريف علمي
ڪارناما سرانجام ڏنا. انهيءَ سلسلي ۾ طبريءَ جو
”تفسير“، زمخشري جو تفسير ”الڪشاف“ ۽ فخرالدين
رازيءَ جو ”التفسير الڪبير“ مشهور آهن، جيڪي اڄ به
معلومات ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ
سمجهيا وڃن ٿا. حديث ۽ علم الحديث جي ڏس ۾ پڻ هتان
جي عالمن وڏو ڪم ڪيو. حديث جا ڇهه ئي مستند ۽
معتبر مجموعا ”الصحاح الستہ“ (بخاري، مسلم، ترمذي،
ابودائود، ابن ماجہ ۽ نسائي) هن ئي خطي جي عالمن
وڏي تحقيق سان مرتب ڪيا.
قانون
حنفي فقہ جو مڪتب فڪر ئي وچ ــ ايشيا جي اسلامي قانونن جو بنياد
هو. ساماني، خوارز مشاهي، غزنوي، قره خاني،
سلجوقي، منگول ـــ تاتاري رياست الخاني ۽ دهلي
سلطنت جا عدالتي نظام، فقہ حنفي تي ٻڌل هئا. اهي
وچ ــ ايشيا جا ئي قانوني ماهر هئا، جن قانون
(فقہ) ۽ قانوني اصولن (اصول فقہ) جي فرق کي واضح
ڪيو. ان سلسلي ۾ مرغيناني هدايہ (Hidayah)
ڪتاب لکيو، جنهن جهرو تفصيلي ڪتاب صديون گذرڻ بعد
به ڪو لکي نه سگهيو آهي.
علم سياسيات
انهيءَ خطي ۾ انهيءَ دؤر ۾ سياسي نظرين ۽ فڪر جو احاطو ”خليفي“،
”بادشاهه“، ”امير“، ”رياست“ ۽ ”حڪومت“ جي فرضن ۽
اختيارن تائين وسيع ڪيو ويو. فارابي، امام غزالي ۽
ماوردي جهڙن مفڪرن پنهنجي تصنيفن ۾ ”سياست جي علم“
جو بنياد رکيو.
”امام غزالي“ پهريون مصنف هو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”المنقدمن
الضلال“ ۾ سياسي فڪر کي ”علم“ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو.
هن ڪتاب ۾ هن رياست جي معاملن تي تفصيل سان روشني
وڌي ۽ پنهنجي ٻئي ڪتاب ”احياءُ العلوم“ ۾ رياست جي
ضرورت واري نظرئي کي اهڙيءَ طرح بيان ڪيو، جو ائين
پيو لڳي ته ڄڻ اڄ ڪو مدبر انهيءَ مسئلي تي روشني
وجهي رهيو آهي.
1253ع ۾ بغداد جي شڪست کان پوءِ عالمن ۽ مفڪرن ’سماج ۽ سياست‘
جي اخلاقي بنيادن کي پنهنجو موضوع بنائي، ان بعد
گهڻو پوءِ حڪومت جي عملي پهلوئن، ڪمن ۽ تنظيم تي
لکيو ويو. ابن طقطقيٰ جو تاريخي ڪتاب ’الفخري‘ ۽
’فضل الله!‘، اصفهافي جو ’سلوڪ الملوڪ‘ انهيءَ
سلسلي جون اعليٰ تصنيفون آهن.
علم پيمائش ارض (GEODESY)
هن سائنس جي شروعات بيروني ۽ ان جي معاصرن جي تحقيق کان پوءِ
ٿي. بيرونيءَ نندنا قلعي (ضلعي جهلم) وارو تجربو،
جنهن جو هن پنهنجي تصنيف ”القانون المسعودي“ ۽ ٻين
ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي، تنهن مان ڌرتي جي گول گهيري
جي پيمائش جي خبر پوي ٿي. بيرونيءَ جو قيمتي پٿرن
تي لکيل ”ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر“ جيالاجي
جي موضوع تي هڪ اهم تصنيف آهي ۽ سندس ٻيو ڪتاب
”تحديد نهايات الاماڪن“ ميٿيميٽيڪل جاگرافيءَ جي
موضوع تي هڪ شاهڪار آهي.
علم موسيقي
ٻين ڪن مذهبن وانگر موسيقي اسلامي عبادت جو حصو ڪانه هئي، مگر
مسلمانن ان جو ’رياضي علم‘ طور مطالعو ڪيو ۽ فن جي
لحاظ سان پڻ ان کي اوج تي پهچايو. ابن سينا،
عبدالقادر مراغي، ابن سينا جو شاگرد ابن زيلہ
(وفات 1048) ۽ امير خسرو دهلوي ۽ ٻيا موسيقي جا
ماهر ٿي گذريا.
علمي ۽ عملي ذهانت ذريعي، هندستاني موسيقيءَ ۾ انقلاب آيو. قديم
”هندو موسيقي“ ڌرمي پوڄا جو هڪ ذريعو هئي ۽ زباني
روايت ذريعي پئي هلندي آئي. امير خسرو هن سرزمين
تي پهريون ڀيرو موسيقي کي ’علم‘ جو نالو ڏنو.
موسيقي جي علم بابت نظريا ۽ خيال سندس ڪتاب ”رسائل
الاعجاز“ يا ”اعجاز خسروي“ ۾ موجود آهن. امير خسرو
جو علمي ڪارنامو اهو هو جو هن هندستان جي مقامي
موسيقي کي مندرن مان ڪڍي عام محفلن ۾ آندو ۽ پڻ ان
جو رشتو وچ ايشيائي موسيقي سان جوڙيو. هن مقامي
موسيقي کي غير مذهبي ۽ سيڪولر فن بڻائي عوام تائين
پهچايو. دراصل انهي ئي ڪارنامي سببان هُو صحيح
معنيٰ ۾ ”هندستاني موسيقي جو ابو آهي“.
علم اللسان
وچ ايشيا جي مسلان عالمن علم اللسان جي حوالي سان لسانيات، لغت
۽ گرامر جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ ان ڏس ۾ جيڪي ڪارناما
سرانجام ڏنا، تن کي بيان ڪرڻ لاءِ تفصيل جي ضرورت
آهي. پر مثال طور علامه حسن الصغاني
(577-650 H) جو نالو ڳڻائڻ ئي ڪافي آهي، جنهن عربي لغت ۾ ’تڪملہ‘ ۽ ’عُباب‘
جهڙا مستند ڪتاب تصنيف ڪيا.
علم تاريخ
تاريخ ۽ تاريخ نويسي پڻ وچ ايشيا ۾ اسلامي تهذيب جي سرپرستي ۾
مثالي ترقي ڪئي. عظيم چيني تاريخي رڪارڊ کان
سواءِ، اسلام کان اڳ هن خطي جي تاريخ تي ڪوبه
اطمينان بخش مواد موجود ڪونه هو. مسلمان عالمن ئي
تاريخ نويسيءَ جي فن جي ابتدا ڪئي ۽ ان کي بتدريج
عروج تي رسايو. هنن ئي تاريخي عباديات مثلاً خبر،
سئين، طبقات قائم ڪيا. علم الانساب کي اوج تي
پهچايو؛ تاريخي اهميت واري نيم تاريخي موا مثلاً
حڪايات، مڪتوبات، ملفوظات ۽ تذڪرن کي عام فهم
انداز ۾ پيش ڪيو ۽ انهن کي مقبول بنايو.
هنن اهو ڪارنامو به سرانجام ڏنو جو عربيءَ بدران ترڪي ۽ فارسيءَ
کي تعليمي ذريعو بڻايو ۽ انهن ٻولين ۾ ڪيترائي
عربي جا اهم ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ پڻ نوان ڪتاب تصنيف
ڪيا. انڪري وچ ايشيا ۾ فارسي تاريخي تحريرن ۽
تصنيفن جو هڪ اهم ذريعو بڻجي ويئي. مثال طور سنڌ
جي فتح (712ع) تي عربيءَ ۾ موجود مواد کي ”فتح
نامه“ جي صورت ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جيڪو
هندستان ۾ تاريخ جي موضوع تي مرتب ڪيل پهريون ڪتاب
آهي.
فلسفه، منطق ۽ علم الڪلام
يوناني منطق ۽ فلسفي وارن نظرين ۽ نتيجن تي نظرثاني ڪرڻ کان
علاوه مسلمان مفڪرن ”علم الڪلام“ جو بنياد وڌو،
جنهن وچ ايشيا جي مفڪرن، خاص طرح رازي پنهنجي ڪتاب
”نهايت المقول“، امام غزالي ”معيار العلم“ ۽
تفتازاني پنهنجي تصنيف ”متن متين في علم المنطق و
علم الڪلام“ ۾ وڏو واڌارو ڪيو.
تعليمي ترقي
ابتدائي تعليمي نظام جي ترقي ۽ هنڌين ماڳين مڪتبن ۽ مدرسن جي
قيام، گهر ۾ عورتن جي تعليم، ڪتبخانن ۽ ٻين تعليمي
ذريعن خواه سهولتن پوري وچ ايشيا جي علم جي نور کي
گهر گهر پهچايو. ”اسلامي تعليمي“ نظام هميشه حڪومت
جي ضابطي کان ٻاهر ۽ خانگي طور سماج جي هٿ هيٺ
رهيو، جنهن ۾ ”استاد“ کي ڪليدي حيثيت حاصل هئي. بي
لوث خادم ۽ لائق تعليمي ترقيءَ جا ذميوار هئا، جن
جي نصابي رٿائن ۽ تدريسي طريقين کي هن وقت تائين
خاص تاريخي اهميت حاصل آهي. وچ ايشيا ۾ نصابي
ڪتابن ۽ انهن جي شرحن جي معيار خواه مقدار ۾ وڏو
اضافو ٿيو. مثلاً سمرقند لڳ ”زرنوج“ ڳوٺ جي مدرسي
جي استاد برهان الدين زرنوجي تعليم جي مقصد. ۽
طريقن تي ”تعليم المتعلم و طريقة التعلم“ نالي
ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب ٻارهين صدي عيسويءَ جي
پڄاڻيءَ ڌاري لکيو ويو. ان بعد سن سورهين صديءَ ۾
سنڌ جي نامياري عالم مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ”نهج
التعلم“ جي عنوان سان نظام تعليم بابت ڪتاب لکيو.
تصوف
وچ ايشيا جي علائقن جي تصوف جي چئني سلسلن يعني سهروردي، قادري،
چشتي ۽ نقشبندي طريقن کي مقبوليت ملي. سهروردي ۽
قادري سلسلن جا باني سهرورد ۽ جيلان ۾ پيدا ٿيا،
جيتوڻيڪ هو بغداد ۾ مدفون آهن. سنڌ ۽ هند ۾
سهروردي سلسلي جو ناميارو بزرگ شيخ بهاءُ الدين
ذڪريا (وفات 661ع) ملتاني هو، جنهن کان پوءِ مخدوم
نوح رح ۽ ٻيا هر طريقي جا وڏا بزرگ ٿيا. چشتي
طريقي جو باني سيستاني شهر چشت جو شيخ معين الدين
هو، جنهن سن 1235ع ۾ اجمير ۾ وفات ڪئي. هن طريقي
خراسان ۽ هند ۾ بي مثال مقبوليت حاصل ڪئي.
فريدالدين مسعود گنج شڪر، شيخ نظام الدين، دهلوي،
بدرالدين،غزنوي، شيخ علي احمد صابر (ڪلير)، خواجه
عمادالدين ۽ خواجه محمد سيد صغر (بلگرام)، شِخ
محمود ۽ شيخ حميد الدين (نهر والا/ انهلوار پتن
گجرات) هن سلسلي جا ناميارا صوفي بزرگ ٿيا.
نقشبندي طريقي جو بنياد به وچ ايشيا ۾ پيو. هن
طريقي جو باني خواجه بهاءُ الدين نقشبندي هو، جيڪو
بخارا جو ويٺل هو. هن طريقي ڪيترين ئي مشهور هستين
کي جنم ڏنو. تصوف جي طريقي بابت جيڪي ڪتاب لکيا
ويا، تن مان ڪي مکيه ڪتاب وچ ايشيا جي بزرگن لکيا.
مثلاً ابوالقاسم قشيري جو ”رسالو“، امام غزالي جو
”احياءُ العلوم“، ابو علي هجويري جو ”ڪشف
المحجوب“، عبدالرحمان سلمي جو ”طبقات الصوفياء“ ۽
شيخ نظام الدين دهلوي جي ملفوظات ”نؤا دالفؤاد“
تصوف بابت اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي وچ ايشيا جي مختلف
ڀاڱن ۾ لکيا ويا.
علم ڪائنات (ڪاسموگرافي ۽ ڪاسمولاجي)
وچ ايشيا جي اسلامي عالمن علم ڪائنات (ڪاسمولاجي) ۾ نون اصطلاحن
۽ نئين مطالعي جو اضافو ڪيو. ان سلسلي ۾ قزويني جو
ڪتاب ”عجائب المخلوقات“ ۽ ابن مظهر مقدسي جو ڪتاب
”بدالخلق“ هن سلسلي جا مثالي ڪتاب آهن.
زولاجي ۽ باٽني
شرف الزمان طاهر مروزي زوالاجي ۽ باٽني جي علم ۾ پنهنجي قلمي
ڪوشش ۽ تحقيق سان بي مثال اضافو ڪيو. انهيءَ سلسلي
۾ هن ”طبع الحيوان“ ڪتاب لکيو.هن کان سواءِ
ابوحنيفه دينوريءَ ”ڪتاب النبات“ لکيو.
فارماڪولاجي، فارميسي ۽ طب
”علم طب“ جي علمي نظرين ۽ اصولن جي ابن سيفا جو ڪتاب ”القانون“
هڪ سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو. رازي ۽ ابن سينا جهڙن
عظيم مفڪرن ۽ استادن ”علم الطب“
(Science of Medicine) جي هر پهلو کي اجاگر ڪيو ۽ ان جا نظري خواه عملي اصول نمايان
ڪيا. ان سلسلي ۾ رازي جو ڪتاب ”الحاوي“ ۽ ٻيو ڪتاب
”المنصوري“ وڏي اهميت رکن ٿا. هن طب جو ڪلينيڪل
طريقو رائج ڪيو ۽ هن ئي پهريائين ارڙي ۽ ماتا جي
بيمارن جا ترت علاج ۽ بچاءُ جا طريقا بيان ڪيا.
رازي، فارماڪولاجي جي موضوع تي ”ڪتاب الصديلہ“
لکيو. بيرونيءَ ساڳئي موضوع کي پنهنجي ”ڪتاب
الصيدنہ“ ۾ گهڻو اڳتي وڌايو.
طب جي عملي خواه نظرياتي پهلوئن تي ابن سينا لکيو، ان جو مثال
نٿو ملي. طب جي تاريخ ۾ ابن سينا جو نالو تمام وڏي
۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ وچ ايشيا جي
مختلف پرڳڻن ۾ طب جي موضوع تي لکيل مواد ايترو ته
گهڻو آهي، جنهن تي اڃا وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي گنجائش
باقي آهي. ننڍي کنڊ هندستان ۾ به طب تي ڪيترائي
ڪتاب لکيا ويا، جهڙوڪ سيد بهوه (Bahwah)
”طب سڪندر شاهي“ لکي مسلم طب ۽ هندو آيرويدڪ طريقي
۾ هڪ سنگم پيدا ڪيو.
ڪيميا ۽ ڪيمياگري
ابن سينا، بيروني، ابو منصور مُوقَف، طغرائي، الصوفي، ابوالحڪيم
محمد الخوارزمي، الڪاثي ۽ ٻين هن علم جي وڏي خدمت
ڪئي. زڪريا رازي جو ”ڪتاب سيرت الاسرار“، ڪيميائي
تاريخ (History of Chemistry)
۾ پهريون بنيادي ڪتاب آهي.
علم طبعي، مڪينڪس ۽ انجنيئرنگ
ڪشش ثقل جي اصول کان ”بيروني“ ڀلي ڀت واقف هو. اهڙي ڄاڻ کان ان
دؤر جا ٻيا مسلمان سائنسدان ۽ حڪيم به اڻ واقف
ڪونه هئا. مظفر الامنفراري، منگوليا جو مسلمان
انجنيئر
A-lao-wa-ting
(علاؤالدين؟)، عبدالرحمان الخازني ۽ ترڪستان جو
فوجي انجنيئر
I-ssu-ma-yin
(اسماعيل) جيڪو منگولن وٽ آفيسر هو، تن انهن علمي
۽ عملي سلسلن ۾ قابل تعريف خدمتون سرانجام ڏنيون.
ٽيڪنالوجي ۽ انڊسٽري
وچ ايشيا جي مسلمان معمارن ۽ سائنسدانن جاين جوڙڻ، پلين اڏڻ،
قلعن ٺاهڻ ۽ آبپاشي جي مکيه ذريعن جي اڏاوت جا
انمول ڪارناما انجام ڏنا. ان کان سواءِ اتان جي
مسلمانن اسلحه سازي، برتن سازي، زيور سازي، چمڙي ۽
ڪپڙي جي صنعت، ضرب خانن، ڪاغذ سازي ۽ ٻين ننڍين
وڏين صنعتن ۾ نمايان جوهر ڏيکاريا.
علم فلڪيات ۽ علم نجوم
علم فلڪيات تي برهما گپتا جو لکيل سنسڪرت ۾ ڪتاب سڀ کان پهرين
117 هجري ۾ سنڌ جي گاديءَ جي شهر منصوره ۾ ترجمو
ڪيو ويو. ان کان هڪ صدي کن پوءِ علم فلڪيات تي
ڪتاب، عباسي خليفي مامون (833-813ع) جي دور ۾،
بغداد ۾ قائم ڪيل اڪيڊمي ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا.
بيروني جنهن انداز سان يوناني ۽ سنسڪرت جي ذريعن جو تنقيدي
جائزو ڪري نوان عملي تجربا ڪيا، تن علم نجوم جي
دنيا ۾ انقلاب برپا ڪيو. سندس ئي ڪوشش جي نتيجي ۾
روايتي ’ايسٽرولاجي‘ ۽ نئين ’سائنسي ايسٽرولاجي‘
جي فرق نمايان ٿيو. وچ ـــ ايشيا ۾ مسلمانن
’ايسٽرونامي‘ جا نوان اوزار ٺاهيا ۽ نوان ڪتاب
لکيا. اصطرلاب جي ساخت ۽ علمي افاديت ۾ خاص طرح
وڏي پيش قدمي ٿي.
مئٿيميٽيڪل سائنس
ارٿميٽڪ، آلجبرا، جاميٽري، ٽرگناميٽري ۽ لوگارٿم ۾ جيڪي اهم
ڪارناما وچ ـــ ايشيا جي مسلمانن سرانجام ڏنا، ان
جو ڪو مثال نٿو ملي. عبدالحميد ابن ترڪ، ابو جعفر
الرازي، حبش المروزي، عبدالجليل السجزي، ابو نصر
منصور ابن عراق، ابوالوفا البوزنجاني، بيروني،
نصير الدين طوسي،خوارزمي، الخجندي، عمر خيام، الغ
بيگ ۽ الڪاشانيءَ رياضيات ۾ پنهنجن نون نظرين سان
هڪ علمي انقلاب آڻي ڇڏيو.
اسلامي تهذيب جو اوج عروج وچ ـــ ايشيا جي تهذيبي تاريخ ۾ هڪ
”حاصلاتي دؤر“ (Age
of Achievement) آهي. مٿئين مختصر خاڪي کان سواءِ، اسلامي تهذيب واري
دؤر ۾ فنون لطيفه جي مختلف شعبن، جهڙوڪ: علم ادب،
شاعري، مصوري، نقاشي ۽ عمارت سازيءَ ۾ به وڏي ترقي
ٿي، جنهن تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ الڳ باب ۽ بيان جي
ضرورت آهي.
وچ ـــ ايشيا ۾ اسلامي تهذيب جي مقبول عام هئڻ ۾ ڪيترن عناصرن
جو عمل دخل هو، جن مان خاص طرح عقيدي جي وحدت،
اختيار جي مرڪزيت، امن امان، خوشحالي ۽
غيرجانبدارانه انصاف جهڙا عناصر وڏي اهميت رکن ٿا.
منظم مرڪزي اختيار جي ڇانوَ هيٺ انتظامي، مذهبي،
تعليمي ۽ قانوني ادارن ذريعي انساني صلاحيتن کي
پروان چڙهڻ جو ڀرپور موقعو مليو. شروعات ۾، اموي ۽
عباسي خليفن فقط عام حڪمت عملي جي نفاذ لاءِ
اختيار جي مرڪزيت واري اصول کي قائم ڪيو ۽ اهو
سلسلو ان وقت تائين قائم رهيو، جيستائين بغداد جا
عباسي خليفا بااختيار رهيا. ان بعد جڏهن خلافت جي
ڏورانهن پرڳڻن جو اختيار سندن هٿان ڇڏائي ويو، ته
پوءِ اتان جي مقامي حڪمرانن اهو مرڪزي اختيار وارو
تصور نالي طور قائم رکيو.
خليفن جي بي اختيار ٿيڻ ۾ غير مرڪزيت پيدا ٿيڻ ڪري، مضبوط صوبن
جي سلطانن پنهنجي حدن اندر اختيار جي مرڪزيت واري
اصول تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي مقامي حالتن مطابق
انتظار رکيو ۽ ادارن جي جوڙجڪ ڪئي. سندن اهڙي حڪمت
عمليءَ صوبن ۽ پرڳڻن اندر اختلافن جو خاتمو آندو،
امن ۽ خوشحاليءَ کي بحال رکيو. هنن مقامي طور
اعليٰ ذهني قابليت جو قدر ڪيو ۽ تخليقي صلاحيتن جي
همت افزائي ڪئي. ان زماني ۾ سڀني لائق فائق مردن
توڙي عورتن لاءِ ”اعليٰ ڪارناما سرانجام ڏيڻ“ هڪ
پرڪشش نصب العين رهيو. وڏي ڳالهه ته آمد رفت جي
نظام ۾ وڏي ترقي ٿي. نتيجي ۾ جاگرافيائي، اٿنو
گرافيڪل، سياسي ۽ لساني اجنبيت گهٽجڻ لڳي. عقيدي ۽
فڪر جي وحدت سببان ترڪ، تاتاري، منگول، ايراني،
توراني، هندستاني ڪنهن به رنگ روپ، ذات پات جي ڀيد
کان سواءِ هڪ عام اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جو جز بنجي
ويا.
پهريائين سامانين ۽ پوءِ سلجوقين (خاص ڪري سلطان سنجر
1157-1117) وچ ـــ ايشيا جي ڪيترن پرڳڻن کي هڪ
سياسي وحدت ۾ آندو. تعليم جي ترقي مختلف رنگ، نسل
۽ ذات پات وارن جي خيالن ۽ نظرين ۾ هم آهنگي پيدا
ڪئي ۽ انهن ۾ هڪٻئي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ تحقيق خواه
تجسس طرف راغب ڪيو.
هتي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته وچ ايشيا واري اسلامي
تهذيب، جملي همعصر اسلامي تهذيب جو هڪ خاص منفرد
روپ هئي، جنهن جا ٻيا روپ هئا: وچ اوڀر واري
اسلامي تهذيب، ڏور اوڀر واري اسلامي تهذيب، ڏاکڻي
سنڌ ـــ هند واري اسلامي تهذيب ۽ اتر آفريقي ـــ
اندلسي اسلامي تهذيب. جملي اسلامي تهذيب جي انهن
جدا جدا جغرافيائي جزن ۽ جلون جو تقابلي مطالعو
ڪيترن ئي نون پهلوئن کي روشن ڪندو، جنهن مان اها
خبر پوندي ته اسلامي تهذيب جي مختلف روپن ۾ ڪيتري
قدر يڪسانيت هئي ۽ انهن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون منفرد
خصوصيتون هيون.
(سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل)
انسان، زبان ۽ ثقافت
ڊاڪٽر غلام علي الانا
انسان ذات جي تهذيب ۽ تمدن جو سڀ کان اعليٰ خزانو ٻولي ئي رهي
آهي. ٻوليءَ جو علم، علم الانسان سان واسطو رکي
ٿو. ٻوليءَ جو اڀياس ڪنهن قوم، ڪنهن سماج، ڪنهن
تهذيب ۽ ڪنهن تمدن جو اڀياس آهي. ڇاڪاڻ ته ٻولي
انساني عمل، انساني سماج، تهذيب ۽ تمدن جي پيداوار
آهي. ٻولي قومن جي زندگي، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽
روزانه زندگيءَ جي عمل جو عڪس آهي. ٻوليءَ جي
تاريخ ۾ قومن جي زندگيءَ جي تاريخ ۽ قومن جي ارتقا
جي تاريخ سمايل هوندي آهي.
علم الانسان جي ماهرن جي نظرن ۾ ”ٻولي انساني معاشري جي پيداوار
آهي. ٻولي ڪنهن عالم ويهي ڪانه جوڙي يا پيدا ڪئي
آهي ۽ نه وري ڪنهن استاد ويهي ٺاهي آهي“ (1). عالم
۽ اُستاد ٻوليءَ کي سنوارين ۽ سنڌارين ضرور ٿا؛ ان
کي مائدار ضرور بنائين ٿا؛ ان جي خزاني ۾ نوان
نوان لفظ گهڙي، ٺاهي ۽ ملائي اضافو ضرور ڪن ٿا، پر
ٻولي پنهنجي سماجي ماحول ۽ پنهنجي ڌرتيءَ مان
انسان ذات سان گڏ اڀري ۽ اسري آهي. ٻولي کي پنهنجي
ڌرتي هوندي آهي. ان کي پنهنجو سماج هوندو آهي؛ ان
جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کتل هونديون آهن. جيڪڏهن
ٻوليءَ کي پنهنجي زمين، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو سماج
نه هجي ها ته اڄ جيڪر اسپرنتو ٻولي جنهن کي
يونيسڪو (Unesco)
جهڙي عالمي اداري جي سربراهي حاصل آهي، ساري دنيا
۾ ڇانئجي وڃي ها، پر ان کي پنهنجو سماج ۽ پنهنجي
زمين يا ڌرتي نه هجڻ سبب هيءَ ٻولي ڪٿي به پنهنجون
پاڙون پختيون ڪري نه سگهي. پاٽر جو رايو آهي ته
”بهترين زبان اها آهي جنهن جو بنياد ڪنهن سماج ۽
سماجي قدرن ۽ روايتن تي رکيل هجي“.
(2). ٻوليءَ جي انهيءَ وصف جي اڀياس جي آڌار تي جڏهن ٻوليءَ جو
جائزو وٺجي ٿو ته تڏهن چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي
به هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه مها ساگر،
لغت، معنيٰ، علم ادب، خيال ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي،
جنهن جو ڪوبه انت ڪونهي سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کان
پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ٻوليءَ جون پاڙون
سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ گهڻيون اونهيون کتل
آهن، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جو
سرچشمو سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو سماج آهي.
ڊاڪٽر سورلي جي راءِ ۾:
”سنڌي ٻوليءَ جي لغت تي سنڌ جي سماج، سنڌي معاشري ۽ سنڌ جي
معاشي حالتن جو گهڻو ۽ گَهرو اثر آهي“ (3).
ٻولي ۽ سماج
انسان ذات، هن دنيا ۾، پنهنجي ابتدا ۽ آمد کان وٺي قوتِ گويائي
يعني ڳالهائڻ واري قوت/ ٻوليءَ ساڻ نوازيل هو. هو
ڳالهائي به سگهندو هو ۽ پنهنجي خيال يا بيان جو
اظهار به ڪري سگهندو هو. جيئن جيئن آسپاس جي ماحول
۾ هو (انسان) ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن هن جي
ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو وڌندو ويو. جيئن جيئن
انسان جي سمجهه، عقل، فهم ۽ تجربي ۾ بندريج وسعت ۽
واچارو ايندو ويو، تيئن تيئن هن جي روزانه زندگيءَ
۾ وهنوار جي دائري اندر هن جون ضرروتون، سندس
ترقيءَ ساڻ گڏوگڏ وڌنديون وينديون. پنهنجن انهن
ضرورتن ۽ پنهنجي جياپي لاءِ هو سڀ کان وڌيڪ ڌرتي
سان لهه وچڙ ۾ آيو، ۽ ڌرتيءَ جي اهميت کان واقف
ٿيو. جيئن جيئن هن (انسان) جو تجربو پختو ٿيندو
ويو، ۽ ضرورتون وڌنديون ويئيون، تيئن تيئن هن جي
ماحول ۾ به اضافو ايندو ويو، ۽ هن جي ٻوليءَ (لغت)
جي خزاني ۾ به واڌارو ٿيندو ويو. هو لاشعوري طور
پنهنجو تجربو، پنهنجي ٻوليءَ جي ذريعي ظاهر به
ڪندو ويو، ۽ ان (ٻولي) کي مضبوط به ڪندو ويو.
مون پنهنجي هڪ مقالي (ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر) ۾ بيان ڪيو آهي
ته ”اوائلي انسان ڳالهائي سگهندو هو. هو زبان جي
ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪري سگهندو هو.“
اڳتي هلي جيئن جيئن هن جي معاشري ۽ معاشي حالتن ۾
تبديلي ايندي ويئي، تيئن تيئن هن جي ٻوليءَ ۾ به
تبديلي ايندي ويئي، ۽ ان ۾ واڌارو به ٿيندو ويو.
جيئن جيئن هن جون ضرورتون وڌنديون ويئيون، جيئن
جيئن هن نيون نيون شيون ڳولهي لڌيون يا ٺاهيون،
تيئن تيئن هن جي ٻوليءَ واري ذخيري ۾ به نوان نوان
لفظ شامل ٿيندا ويا.
مٿئين بيان مان اهو واضح ٿو ٿئي ته زبان پنهنجي ماحول ۽ معاشري
جي علامت آهي. ائين پڻ ثابت ٿو ٿئي ته زبان صرف
انساني معاشري ۾ئي زندهه رهي سگهي ٿي، ۽ پنهنجي
معاشري ۾ ئي وڌي ۽ ويجهي سگهي ٿي. ظاهر ٿيو ته
زبان ڪنهن انساني معاشري کان سواءِ هرگز زندهه رهي
نٿي سگهي.
زبان گفتگو ۽ مقصد جي عمل جو ڪردار ادا ڪندي آهي، انهيءَ ڪري ان
جي هر لفظ، هر فقري ۽ هر جملي ۾ ڪونه ڪو مقصد يا
مفهوم هوندو آهي. دراصل اهو مقصد يا مفهوم ئي آهي
جو ڪنهن زبان جي عمل يا استعمال جي ضرورت طرف
اشارو ڪندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو زبان انساني
برادري يا انساني معاشري اندر ئي زندهه رهي سگهندي
آهي. ڊاڪٽر سورلي جو چوڻ آهي ته:
”سنڌي زبان جي لغت تي سنڌي، معاش ۽ معاشي حالتن جو وڏو اثر رهيو
آهي. سنڌي زبان جي معاشري ۾ اهڙيءَ طرح اثرپذير
رهي آهي، جهڙيءَ طرح ان جو سماجي عمل“ (4).
جهڙيءَ طرح يوناني معاشرو، فرينچ معاشرو وغيره يوناني، فرينچ يا
ٻيءَ زبان جي مطالعي جي سلسلي ۾ مددگار سمجهيو
ويندو آهي، تهڙيءَ طرح زبان لاءِ سنڌي معاشرو
مطالعي جو بهترين ميدان آهي.
زبان جو مطالعو، دراصل بني نوع انسان ۽ علم الانسانت جو مطالعو
شمار ڪيو ويندو آهي. پاٽر بلڪل درست چيو آهي ته:
”بهترين زبان اها آهي جنهن جو بنياد ڪنهن معاشري ۽ معاشرتي قدرن
۽ روايتن تي ٻڌل هجي“ (5).
زبان بذات خود زندگيءَ جي هڪ معيار کي ممڪن بنائي ٿي. زبان جي
مدد سان اسين پنهنجي وسيع ترين دنيا جي علائقن ۽
خطن ۾ داخل ٿي، ان جو سير ڪريون ٿا.
مٿي بيان ڪيل نڪتن جي روشنيءَ ۾ جڏهن ڪنهن زبان جو جائزو ورتو
ويندو آهي، تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته هرڪا زبان هڪ
معاشرتي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه مها ساگر، لغت،
معنيٰ، علم ادب ۽ اظهار جو وسيلو آهي.
هر زبان، هر زماني ۾ پنهنجي دائر جي اندر روزمرهه جي ماحول ۾
هميشہ مروج ۽ مستعمل رهندي آهي. ڪنهن به ملڪ يا
قوم جي زبان جو مطالعو گويا ان ملڪ يا قوم جو ئي
جائزو يا مطالعو هوندو آهي، جنهن ملڪ يا قوم ۾ اها
زبان مروج ۽ مستعمل هوندي آهي. زبان انسان ذات جي
تخيلات، نظريات ۽ قوتِ احساسات جو هڪ رڪارڊ آهي،
جو انسان ۽ انسان جي روح لاءِ هڪ تاريخ جي مانند
آهي. مطلب ته عمل، تجربي، ارادي، مقصد، اعتقاد،
اعتماد، ميل ميلاپ، اظهار، پيار جي جذبي، روح لاءِ
سڪون، تهذيب ۽ تمدن، تخيل، نظريي، سوچ جي طريقي ۽
روزمره جي زندگيءَ جي اصل اصول وغيره سڀ زبان جي
وصف عمل جي دائري ۾ داخل آهن، پر اهي سڀ اهي
بنيادي ڳالهيون ۽ نڪتا آهن، جن جي آڌار تي ڪو
معاشرو قائم هوندو آهي. انهيءَ ڪري ائين چيو ويندو
آهي ته زبان ۽ معاشري جو هڪٻئي سان چولي ۽ دامن
جهڙورشتو آهي. هيءُ هڪ اهڙو اٽوٽُ رشتو آهي جو
هميشہ لاءِ جاري رهڻ وارو آهي. يعني زبان ۽ معاشرو
هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا آهن، گويا زبان جو
مطالبو معاشري جو مطالعو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان
معاشري جو مطالعو دراصل ان معاشري ۾ مروج ۽ مستعمل
زبان جو مطالعو سمجهيو ويندو آهي. اهي ٻئي (معاشرو
۽ زبان) هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ڪندا آهن،
۽ ٻنهي جي اڀياس يا مطالعو انسان ذات، ملڪ ۽ قوم
جي تاريخي پس منظر جي مطالعي جي مددگار رهندو آهي.
هن کان اڳ اهو عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به معاشري جي روزمره جي
زندگي ۽ ان معاشري جي فردن جي تهذيب ۽ تمدن، اٿڻي
۽ ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، کاڌ خوراڪ، لباس ۽ اهڙن ٻين
جزن جو سڀ کان اعليٰ ۽ اهم رڪارڊ ۽ انمول خزانو هر
دور ۾ ٻولي ئي رهي آهي. جيئن جيئن ڪنهن قوم جي
رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن ۾ فرق ايندو رهيو آهي،
جيئن جيئن انسان ذات جي تهذيب ۽ تمدن ۾ ترقي ۽
تبديلي ايندي رهي آهي، تيئن تيئن انهيءَ ترقي ۽
تبديلي جو ”اثر“ ان قوم جي ٻوليءَ تي پڻ ٿيو آهي.
ڊاڪٽر الله داد ٻوهئي، ان ڏس ۾ لکيو آهي ته:
”هرڪا ٻولي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ گونان گون گنج ۽ عجب اسرار آهي.
ٻولي عقل ۽ عمل جو وڏو وسيلو آهي. ٻولي انساني عمل
جو هڪ نمونو آهي. ٻولي ماڻهن جي ثقافتي ڪارڪردگيءَ
جو حصو آهي (6).
ٻين لفظن ۾ هينئن چئبو ته ٻوليءَ جو مطالعو ڪنهن قوم، ڪنهن
سماج، ڪنهن تهذيب ۽ ڪنهن تمدن جو مطالعو آهي ڇو ته
ٻولي انساني عمل جي پيداوار آهي. ٻوليون مئل ماڻهن
جي هڏين مان نه، پر زنده ماڻهن جي روزمره جي
زندگيءَ مان اُڀريون ۽ اُسريون آهن. انهيءَ ڪري
هينئن چئبو ته ٻولي قوم جي زندگي، ثقافت، رهڻي
ڪهڻيءَ جو عڪس يا آئينو آهي. ٻوليءَ جي تاريخي
مطالعي/ تاريخ ۾ ئي قوم/ قومن جي زندگيءَ جي جهلڪ
نمايان هوندي آهي. حاصل مطلب ته زبان پنهنجي قوم
لاءِ آب حيات جهڙو ڪم ڪندي آهي. زبان انساني روح
لاءِ هڪ اهڙو سد حيات ۽ پاڪ چشمو آهي جو ان (زبان)
جي سرسبز رهڻ لاءِ دائما آبياري ڪندو رهندو آهي، ۽
جنهن ۾ اها (زبان) ڳالهائيندڙ قوم جا فرد پنهنجن
تمنائن، اميدن، تجربن، سوچن، تخيل ۽ مطالعي جو عڪس
ڏسي سگهندا آهن.
مون پنهنجي مذڪوره مقالي (ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر (7) ۾ عرض
ڪيو آهي ته ”ٻوليءَ ٻين جسماني عملن سان گڏ ترقي
ڪئي آهي. انسان پنهنجين خواهشن ۽ ضرورتن لاءِ
ٻوليءَ جو سهارو وٺندو آهي. هن ترقي پذير دنيا ۾،
انسان جون خواهشون وڌنديون رهيون آهن.“
علم حياتيات (Biology)
۽ بايوـــ ڪيميا (Bio
Chemistry) جي علمن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته انسان جي فطرت به سدائين
هڪ جهڙي ڪانه رهي اهي، بلڪ بدلبي رهي آهي. انسان
جي ٻين خاص عادتن وانگر، نقل ڪرڻ ۽ سکڻ جي عادت به
انسان جي هڪ خصوصيت رهي آهي. انسان جي عظمت جو
مدار سندس انهن عادتن تي آهي. ڳالهائڻ واري قوت
(ٻولي) انسان لاءِ هڪ قيمتي هٿيار مثل آهي، ڇو ته
ان جو انسان جي روزانه زندگيءَ سان، سندس زندگيءَ
جي ابتدا کان وٺي واسطو رهيو آهي.
ٻولي ۽ انسان جي وجود جو هڪٻئي سان اول کان ساٿ رهيو آهي. ٻنهي
(انسان ۽ ٻولي) جي ابتدا گڏ ٿي آهي ۽ ٻنهي جي
ارتقا گڏوگڏ ٿيندي رهي آهي؛ گويا ٻولي به انسان
سان گڏ وجود ۾ آئي ۽ ان سان گڏوگڏ بتدريج ترقي
ڪندي، اڳتي وڌندي رهي ٿي.
ماهرن جو رايو آهي ته تهذيبي ترقيءَ جو واسطو ٻوليءَ جي ترقيءَ
سان آهي؛ تنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته تهذيب
۽ تمدن جي وجود ۽ ٻوليءَ جي وجود جو هڪٻئي سان ساٿ
ابتدا کان رهيو آهي. تهذيب جي ترقيءَ سان گڏ،
ٻوليءَ به ترقي ڪئي، ۽ جيئن جيئن انسان جي ذهني
ترقيءَ ۾ اضافو ايندو ويو، تيئن تيئن ٻوليءَ جي
ترقي ۽ وسعت ۾ به اضافو ايندو رهيو/ ويو.
حاصل مطلب ته ٻولي انسان جو نظرتي، پيدائشي ۽ قدرتي ورثو آهي،
جيڪو انسان ذات کي قدرت جو طرفان سندس (انسان)
ابتدا کان وٺي عطا ٿيو آهي ۽ انسان ذات جي وجود
سان گڏ قائم ۽ دائم رهيو آهي، ۽ تيستائين فنا نه
ٿيندو، جيستائين انسان جو وجود قائم ۽ دائم آهي.
ڪنهن به انسان ۽ انساني معاشري لاءِ زبان جو استعمال ضروري آهي.
هر انسان اهو سمجهي ٿو ته ڳالهائڻ واري قوت هن
لاءِ هر لحاظ کان ضروري آهي. ٻولي هن لاءِ هر
خواهش ـــ خوف، هراس، پيار، نفرت، احساس ۽ گهرج
ـــ جي اظهار جو وسيلو آهي. هن ڏس ۾ پروفيسر فرٿ
فرمايو آهي ته ”هيءَ دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا،
انسان ان جو هڪ اٽوٽ حصو آهي.“ (8).
هن سلسلي ۾ ٻئي ماهر ايرڪ لينيبرگ (Eric
Leneberg)
جو رايو آهي ته ”ٻوليءَ واري قوت، انسان ذات کي هڪ
خاص ڏات طور، قدرت جي طرفان، عطا ٿي آهي (9).“ هن
جو خيال آهي ته: ”ٻولين جو وجود انسان ذات جي وجود
سان گڏ، انسان جي ابتدا کان ئي شامل رهيو آهي
(10).“ ڇو ته:
(i) هر انساني سماج ڪانه ڪا ٻولي ڳالهائي ٿو.
(ii) ٻولي علم طبعي (Anotomy)
سان واسطو رکي ٿي. علم طبعيءَ جي لحاظ کان دماغ ۾
اهڙا خانا/ ڀاڱا (Cell)
موجود آهن، جن جو واسطو ڳالهائڻ (ٻولي) سان ثابت
ڪيو ويو آهي.
(iii) انسان ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن به جاندار کي سندس جسم ۾ آواز
پيدا ڪرڻ جي جاءِ (پڙ) عطا ٿيل ڪانهي، جتي هو آواز
پيدا ڪري سگهي.
انهيءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته انسان ذات، هن جادو ـــ روپي
وايومندل ۾، اک کولڻ سان ئي ڳالهائڻ سکي ٿو. هنن
جي خيال ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي، تڏهن سندس
چوڌاري ماحول وارو گوڙ گهمسان سندس ڪنن تائين
رسندو آهي. جڏهن هو (ٻار) ٿورو وڏو ٿي ڳالهائڻ
لڳندو آهي، تڏهن ڄڻ ته وايومنڊل ۾ جادوگري جاءِ
وٺندي آهي (11).
اڳ ۾ ماهرن جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي
ٻولي، اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني
تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي، ڪنهن به قوم جي
ٻوليءَ جي مطالعي مان اُن قوم جي معاشي ۽ معاشرتي
قدرن، سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ
جي خبر پوندي آهي. مهر ڳڙهه، آمري، موهن جو دڙو،
ڪوٽ ڏجي ۽ ٻين آثارن مان مليل مواد جو مطالعو،
انهن خطن ۾ رهندڙن ماڻهن جي ذهني ارتقا، معاشي ۽
معاشرتي قدرن، فن ۽ فنڪارانه قابليت، مذهب ۽ مذهبي
قانونن ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، جنهن
جي اڀياس کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به
قوم جي ٻولي، ان قوم جي زندگي، ثقافت، تهذيب ۽
تمدن جو آئينو آهي. صرف موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ
مان حاصل ٿيل مهرن جي مطالعي مان هن وقت تائين جو
ڪجهه پتو پيو آهي، ان جي آڌار تي واديءَ سنڌ جي
رهاڪن جي باري ۾ گهڻوئي ڪجهه بيان ڪري سگهجي ٿو.
اهڙيءَ طرح ڀنڀور، برهمڻ آباد، آمري، ڪوٽ ڏجي ۽
مهرڳڙهه جي کوٽاين مان مليل مواد جي مطالعي جي مدد
سان انهن شهرن ۽ اتي رهندڙن ماڻهن، انهن جي رهڻي
ڪهڻي، کاڌي خوراڪ، گذر و معاش وغيره لاءِ گهڻو ئي
ڪجهه بيان ڪري سگهجي ٿو.
زبان ۽ ثقافت جو سٻنڌ
زبان ثقافت جو آئينو آهي. ڪنهن به قوم جي ثقافت جو مرڪزي عنصر
زبان ئي هوندي آهي، ڇو جو زبان، علم ادب جي خالق ۽
ادبي روايتن جي محافظ هوندي آهي. زبان جي حلقه اثر
۾ ڪنهن قوم ۽ خطي جي فن، تهذيب ۽ تمدن توڙي علم
ادب جو مطالعو اچي وڃي ٿو. زبان جي مدد سان قومي
تشخص جي تعمير ۽ نشونما ٿيندي آهي.
ثقافت مان مراد صرف فنون لطيفه، فن تعمير، تهذيب و تمدن جو
مطالعو نه آهي، پر ثقافت جي مطالعي ۾ ڪنهن قوم جي
ٻولي ۽ علم ادب جو مطالعو پڻ شامل آهي ڇو ته ٻولي
۽ علم ادب جي اٿاهه ۽ بي انت بحر ۾ ئي،قوم جي
سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جا تهه
ويڙهيل هوندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب، دراصل سنڌي ثقافت جو بي پايان بحر آهي،
انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو شخص/ ماهر چاهي ته سنڌي
ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو ڪري ته بيشڪ سنڌ جي
ميوزيئمن، قديم آثارن مان مليل مواد، فن تعميرات
مان واقف ٿيڻ لاءِ مڪلي، سونڊا، روهڙي، سيوهڻ جو
سير بيشڪ ڪري، پر سنڌ جي ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر جي
ارتقا، تخيل جي پرواز، سنڌي سماج جي قدرن ۽ سنڌ ۾
انسان ذات جي اڀياس لاءِ هن کي سنڌي ادب جو اڀياس
به ڪرڻو پوندو. هن کي لطيف، سچل، سامي، سانگي،
قليچ، شاهه عنايت، بلڪ پيراڻي ڀنڀري، وتائي فقير
کان سواءِ سنڌ جي جديد ادب، ڪهاڻين، ناولن، گيتن،
دوهن، وائين ۽ نظمن جو اڀياس به ڪرڻو پوندو، مطلب
ته سنڌ جي سماجي، معاشرتي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو عڪس
۽ جهلڪ نظر ايندي. ٻولي ثقافت جي دائري اندر سماجي
گروهن جي خيالات، تصورات، اظهار، سوچ ويچار ۽ ذهني
ارتقا جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿي (12). حاصل مطلب ته
ثقافت ڪنهن قوم جي سماجي ۽ معاشرتي زندگي، نظرين،
اعتقادن، اخلاقي لاڙن ۽ قدرن جي آئينه دار آهي،
جنهن جي جهلڪ ٻوليءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿي (13). ٻين
لفظن ۾ هيئن چئبو ته ڪنهن به قوم جي ثقافتي تاريخ،
ان قوم جي پوري سماجي تاريخ جو عڪس ۽ نچوڙ اهي.
اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته پهرئين انسان (انسان اول) پنهنجي
معاشري جي تڪميل زبان جي مدد سان ڪئي. زبان کان
سواءِ اها تڪميل انهيءَ ڪري به ممڪن نه هئي جو
انسان ۽ معاشري جو وجود هڪ ٻئي جي وجود تي انحصار
ڪري ٿو؛ انهيءَ ڪري زندگي گذارڻ جي عمل لاءِ هن
(انسان) جتن ڪيا، اصول واضح ڪيا، جيڪي اڳتي هلي،
انساني معاشري ۽ ثقافت جي تخليق جا جز بڻيا. پوءِ
جيئن جيئن انساني ارتقا ۾ تيزي ايندي ويئي، تيئن
تيئن زبان ان جو سهارو بڻجندي ويئي، تان جو ثقافت
۽ زبان هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بنجي ويا.
علم الانسان جي ماهرن جو خيال آهي ته انساني ارتقا جو نظريو
دراصل اُن معاشري ۽ ثقافت جي ابتدا ۽ ارتقا جو
نظريو آهي. ڪنهن تهذيب ۽ تمدن جي نشونما جو مطالعو
دراصل اُن تهذيب ۽ تمدن ۾ مروج ۽ مستعمل زبان جي
ترقيءَ جو تاريخي مطالعو آهي.
زبان انساني معاشري ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جو واحد وسيلو ۽ ذريعو
آهي، يعني زبان کان سواءِ انساني زندگي ۽ معاشري
جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. تهذيب ۽ تمدن جو خالق
معاشرو ئي هوندو آهي، پر زبان معاشري لاءِ آئيني
مثل هوندي آهي، جنهن جي اندر ان تهذيب، تمدن ۽
معاشري جو عڪس نمايان نظر ايندو آهي (14).
ڊاڪٽر جميل جانبي پنهنجي ڪتاب پاڪستاني ڪلچر ۾ لکي ٿو:
”زبان جيئن ته هڪ سماجي فعل آهي، ان ڪري معاشري جو پورو ڪلچر
زبان جي اندر ئي پنهنجو مواد جوڙي ٿو. زبان جي
ذريعي سان اُن زبان جي ڳالهائيندڙن جي مزاج ۾
مطابقت پيدا ٿئي ٿي ۽ فڪر ۽ عمل جو اشتراڪ ۽
تهذيبي يڪجهتيءَ جو عمل پيدا ٿئي ٿو. اهوئي سبب
آهي جو هڪ زبان جا ڳالهائيندڙ ڪنهن ٻيءَ زبان جي
ڳالهائيندڙن جي مقابلي ۾ ڪلچر جي هر سطح تي هڪ ٻئي
جي زياده قريب هوندا آهن. مشترڪ زبان جي ذريعي
معاشري ۾ پنهنجي اجتماعي ۽ قومي وجود جو شعور پيدا
ٿيندو آهي (15).
جانبي صاحب اڳتي لکي ٿو:
”جيئن مون عرض ڪيو آهي ته ڪلچر زبان ۾ ظاهر ٿيندو آهي، انڪري
زبان، ڪلچر جي هڪ اهم ترين علامت آهي. جهڙو ڪلچر
هوندو، تهڙي زبان هوندي، جهڙي زبان هوندي، تهڙو
ڪلچر هوندو. زنده زبان معاشري جي تقاضائن جي ڪري
وجود ۾ ايندي آهي ۽ خيالن توڙي احساسن جي هڪ اهڙي
نظام کي جنم ڏيندي آهي، جنهن جي ذريعي زبان جو
تعلق معاشري جي مختلف طبقن سان يڪسان ٿيندو آهي“
(16).
حاصل ڪلام ته معاشري ۾ هڪ جهڙين طبعي حالتن اندر زندگي گذاريندڙ
انساني گروهن کي هڪ ئي تهذيب ۽ تمدن جي ڏوريءَ ۾
موتين وانگر مڙهڻ ۽ پوئڻ جو ڪم زبان ئي سرانجام
ڏيندي آهي. انهيءَ لحاظ سان ڪنهن ثقافت کي پنهنجي
معاشري جو عڪس چئبو ته زبان کي وري ان معاشري جي
روشني تصور ڪرڻو پوندو.
جيئن عرض ڪيو ويو آهي ته زبان ۽ ثقافت جو پاڻ ۾ گهاٽو ۽ گهرو
سنٻنڌ آهي. علم الانسان ۽ لسانيات جي ماهرن جو
گڏيل خيال آهي ته انساني ارتقا جي باري ۾ مڪمل
معلومات تڏهن حاصل ٿي سگهندي آهي، جڏهن زبان ۽
ثقافت جي ڪارڪردگيءَ ۽ عمل جو جائزو ورتو ويندو
آهي.
لسانيات جي تحقيق جو عرق،علم الانسان جي تجربن جو تجزيو، ساري
معاشرتي علمن جو اختصار ۽ انساني معاشري جي
پيداوار ثقافت آهي، ليڪن ان جي برعڪس زبان انسان
جي وجود سان منسلڪ آهي. اهڙيءَ طرح انساني وجود کي
زبان جي وجود کان جلدا ڪري نٿو سگهجي. بلڪ اهو
(انساني وجود)، ان سان گڏوگڏ سفر ڪندو رهيو آهي.
ثقافت کي زبان ئي پروان چڙهايو ويو، انهيءَ لحاظ
سان ڪنهن به ملڪ ۽ قومو جي ثقافت جو مطالعو، ان
قوم ۽ ملڪ جي زبان، تهذيب ۽ تمدن توڙي معاشري جو
مطالعو تسليم ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي ثقافت جو مطالعو صرف آثار قديمه جو مطالعو نه آهي. يا
صرف فن تعميرات، ڪئليگرافي، اجرڪ سازي، ڇُر، ڪاشي
۽ جنڊيءَ جي ڪم جو اڀياس نه آهي، پر سنڌ جي ثقافت
جو مطالعو سنڌي زبان جو مطالعو پڻ آهي. سنڌ جي
ثقافت، سنڌي زبان جي مرهونِ منت آهي. سنڌي ثقافت
جي پرچار لاءِ سنڌي زبان هڪ اهم ذريعو ۽ وسيلو
آهي. سنڌي ثقافت جو مطالعو شاهه لطيف، سچل، سامي،
شاهه عنايت، سانگي، قليچ ۽ جديد علم ادب جو مطالعو
آهي.
اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به قوم جي ثقافتي تاريخ، اُن قوم
جي پوري سماجي ۽ لساني تاريخ جو عڪس ۽ نچوڙ آهي،
ڇاڪاڻ جو سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي سڀني پهلوئن،
جزن، ڀاڱن ۽ نقطن جو رڪارڊ ٻولي ئي هوندي آهي،
انڪري هيئن چئبو ته ثقافت ۽ ٻوليءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو
۽ گهرو تعلق آهي.
سنڌي ٻولي ئي سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو عڪس
پيش ڪري ٿي. هن (سنڌي ٻولي) ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن
جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي، اها جهلڪ يا اهو عڪس سنڌي
ٻوليءَ جي علم ادب وسيلي پسي سگهجي ٿو. سنڌي
ٻوليءَ جو علم ادب ـــ معياري توڙي لوڪ ادب ـــ
سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو هڪ ناياب ۽ بي مثال سرمايو
آهي. هن ادب جي مدد سان سنڌ جي هر خطي جي ماڻهن جي
ثقافتي، تهذيبي، تمدني ۽ معاشرتي زندگيءَ جو
مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مذڪور مطالعي سان هتي جي
ماڻهن جي مخصوص روايتن، ذهني لارن، سماجي قدرن ۽
قومي مزاج جو پتو پوي ٿو.
سنڌ جي علم ادب ۾ مختلف خطن جي مخصوص ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي.
ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جي روزانه زندگيءَ جو روح رچيل
هوندو آهي. سنڌي ثقافت جا سمورا پهلو، سنڌي مزاج
جون مڙيئي مهارتون، سنڌي ادب ۽ موضوع جي طور ڪم
آندل آهن (17).
حاصل مطلب ته ٻوليءَ ۾ لکيل توڙي صدري ادب جي مطالعي مان ڪنهن
قوم، ڪنهن ملڪ، ڪنهن معاشري، ڪنهن تهذيب ۽ تمدن،
ماڻهن جي ذهني، فڪري ارتقا ۽ تخيل جي گوناگون
پهلوئن جو پتو پوندو آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به قوم
جي ٻوليءَ جو مطالعو معنيٰ ان قوم، ان ملڪ، ان ملڪ
جي ماڻهن، معاشري، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو مطالعو.
هن دعويٰ جي دليل لاءِ جيڪڏهن ادب جي ڌار ڌار صنفن
مان مثال ڏيئي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هڪ
ڪتاب ٺهي پوندو، هن مقالي جي منشا نه آهي.
ببليو گرافي
(1) Potter, Simeon, “Language in Modern World”
Harrel Wastson, Ltd: 1960, p. 24.
(2) Ibid
۽ پڻ ڏسو: ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1987ع،
246.
(3) Sorley, H, T., “Shah Abdul Latif of Bhit”
London, 1940.
(4) Ibid.
(5) Ref 1.
(6) الله داد ٻوهيو، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ڄام
شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1978ع، ص 133.
(7) ڏسو سماهي مهراڻ 1-1986ع، ص ص 75-76.
(8) Firth, J. R., “The Tongues of Men and Speech”
London, Oxford Universty Press, 1964, p. 19.
(9) Lenneberg, Eric, “Biological Foundations of Language” New
York, John C. Willey & Sons, INC, 1976.
(10) Ibid.
(11) غلام علي الانا، ”ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر“، مقالو، سماهي
مهراڻ 1-1986ع.
(12) Horold Rugg & Williams Withers, “Social Foundations of
Education” Second Edition, Prentice Hall INC,
USA.
(13) Hornby, S, and Others, “The Advanced Learners
Dictionrary of English”London,
Oxford Universtity Press, 1963, p. 238.
(14) Robert A. Hall (Jr), “Linguistics & Your Language” New
York, Anchor Books, Double day & company, INC,
1960, p. 121.
(15) جميل جانبي، ڊاڪٽر: ”پاڪستاني ڪلچر“، طبع سوم، اسلام آباد،
نئشنل بوڪ فائونڊيسن، 1985ع، ص 185.
(16) ايضاً.
(17) غلام علي الانا: ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄام
شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1978ع. ۽ پڻ ڏسو:
”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، حوالو ڏنو ويو، ص 247. |