سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (4)

 

صفحو :16

 آخر ۾ بردي جي خوبصورت نظم ”ٿوري ڳالهه“ جون آخري ڪجهه سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو، ان ڪري به ته اهو نظم ’بردي‘ جي واتان ٻڌل به اٿم ۽ هينئر به ائين ٿو لڳي ته ’بردو‘ منهنجي آڏو ويٺو هجي ۽ نظم ٻڌائي رهيو هجي:

اکجو جهمڪو

چوڙيءَ ڇمڪو

کاڏيءَ هٿڙا

مينديءَ رتڙا

ٿڌڙا ٿڌڙا، ڪئنرا مٺڙا،

لائي، منهنجي سر جو سائين

چانديءَ جهڙي

سُر ۾ چوندو

”ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو، تون ته صفا ڪو موڳو آهين!“

 

ــ امداد حسيني

(”بوندون بس نه ڪن“ جو مهاڳ)

هڪ تعلق

چوٽيهه سال اڳ، 1954ع جي ڳالهه آهي.

مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ دوستن سان گڏجي ”ادا“ رسالو ڪڍندو هوس. نه تجربو، نه ڏوڪڙ نه وري رهائي رسائي. الله جو نالو وٺي ڪاهي پيا هئاسين، ڪُنَ ۾! محمد وارث جي هڪ معمولي پريس هوندي هئي، مونو آباد، نوابشاهه ۾، جنهن مان هو ”پڪار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍندو هو. ان سان ٻارهن آنا في صفحي جي حساب سان طئي ٿيو هو ته ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي. ڪاغذ چندو ڪري جمع ڪندا هئاسين. رسالو ڇپجي ويندو هو ته سڀئي دوست گڏجي وڪڻڻ نڪري پوندا هئاسين. شايد سنڌي قوميت، ٻولي ۽ ادب جي سجاڳيءَ جو پهريون پرچو هو، جنهن کي هاڻي سواءِ چند حساس نقادن جي سڀني وساري ڇڏيو آهي، پر رڪارڊ کي درست ڪرڻ خاطر ۽ آئيندي جي محقق کي دڳ لائڻ خاطر ضروري آهي ته اهو عرض ڪندو هلان ته هن معمولي رسالي سنڌي ادب کي امر جليل، آغا سليم، نظر سنڌي، گل محمد چنا، نور عباسي، بردو سنڌي، معصوم قاضي ۽ ليکڪ سميت ٻيا ڪيترائي اديب روشناس ڪرايا.

ان شام اسان وارث پريس ۾ پروف ڏسي رهيا هئاسين جو ٻه نوجوان اچي ٻاهر پيل بينچ تي ويٺا. ٻاهر نڪتس ته گل محمد چيو، ”هن کي سڃاڻين؟“

چيم: نه.

چيائين: هيءُ اٿئي غزل جو بادشاهه نظر سنڌي ۽ هيءُ ٻيو اٿئي گيتن جو شهنشاهه بردو سنڌي.

کين گهوري ڏٺم. نظم سنهڙو، سيڪڙو، سانورو، قداور ۽ ڪجهه قدر غصيلو نوجوان نظر آيو. بردو ان جي برعڪس قد جو هلڪو، بدن ۾ ڀريل، رنگ جو اڇو، طبيعت ۾ ملائم، نهٺو ۽ نماڻو پئي ڏٺو:

گل چيو: اسان جي پرچي لاءِ ڪجهه شعر کڻي آيا آهن.

ٻنهي پنهنجا ڪلام وڌائي کڻي هٿ ۾ ڏٺم.

اگر ٻنهي جي موتيءَ داڻا، اهڙا سهڻا جو سمجهيم ته شايد ڇپيل آهن. شعر پڙهيم. نظر ۾ هوڏ، للڪار ۽ ويڙهڪاند جو تاثر هو. بردي ۾ نهٺائي، نماڻي ۽ عاجزي سمايل هئي.

”ادا“ جي پهريئن پرچي ۾ ٻنهي جا ڪلام ڇپيا ته واهه واهه ٿي وئي.

ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هر هفتي ملاقاتون ٿينديون هيون. نظر سنڌي جلد ئي ٽي. بيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ گذاري ويو، البت بردي جو ساٿ اوستائين سلامت رهيو جيستائين مان نواب شاهه کان هميشہ لاءِ موڪلائي هليو نه آيس. اها 1958ع جي ڳالهه آهي.

اٽڪل ٽيهه سال پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو سندس فون آيو. وقت جي دز اسان جي وجود کي لٽي چڪي هئي. پوءِ به خبر ناهي ڇو بردي جو آواز ماضيءَ مان ائين اڀريو ڄڻ ڪلهه ئي جدا ٿيا هئاسين. ٿڪل، بيمار، ۽ التجا واري لهجي ۾ چيائين: سڃاڻين ٿو؟

چيم: ڇا ٿو چوين بردا؟ پنهنجا رشتا به ڪي وسارڻ جهڙا آهن؟

چيائين: ڏاڍو بيمار آهيان. شايد نه پچان.

چيم: دل نه لاهه.

چيائين: اقبال جي پارت اٿئي. منهنجو پٽ انجنيئر آهي. نوڪري وٺائي ڏينس.

چيم: رک الله تي، سڀ سڻائي ٿيندي.

ياد آيم ته جڏهن سندس پهريون ڪتاب ”اکڙيون مينگهه ملهار“ ڇپيو هو ته ٻين سان گڏ رائٽرز گلڊ به کيس بهترين ڪتاب جو انعام مبلغ پنج سو روپيه ڏنو هو. ان کان جلد ئي پوءِ سندس پياري گهر واري فوت ٿي وئي هئي. بردو اهو ڌڪ سهي نه سگهيو هو ۽ بيمار ٿي پيو هو. ننڍڙا ٻار، سندن نيپاج ۽ پڙهائي لکائي، سندس سر تي سوار ٿي پيا هئا. هن پنهنجا روايتي گيت لکڻ ڇڏي ڏنا هئا ۽ ٻارن لاءِ شاعري شروع ڪئي هئائين. بردي جو اهو دور به عجيب هو.

ٻي شادي ڪيائين، پر ٻارڙن جو پيار پل لاءِ به نه ورهايائين.

اقبال مون وٽ آيو ته پيءُ جهڙي ڏِک ڏنائين. چيومانس: بابا، نوڪري تون ڳول، سفارش ڪرڻ منهنجو ڪم.

چيائين: بابا سخت بيمار آهي، بچڻ جي اميد ناهي.

چيم: دل نه لاهه.

پر ڏٺم ته جهڙي پيار سان بردي ننڍي هوندي پاليو هو، اولاد پڻ سندس اوتروئي خيال پئي رکيو.

پي. آءِ. اي. ۾ انجينئرن جون جايون خالي هيون، انٽرويو پئي ٿيا. وقت جي چيف منسٽر جو عملدار سفارشين جي لسٽ کڻي اڳ ئي انٽرويو بورڊ ۾ پهچي چڪو هو.

کيس چيم: سنڌي اديب جو پٽ اٿئي، پارت هجئي.

چيائين: وڏي وزير جا ماڻهو کڻائڻا آهن.

چيم: ان جي في ته غريب ڀري ڪونه سگهندا.

چيائين: پوءِ خير هجئي. زر ڦينڪ ته عشق ٺهه ڦهه.

ڪم ڪونه ٿيو.

بردي جو وري فون آيو، چيائين: اٿڻ جهڙو ڪونه آهيان پنڌي ٿو اچي پاڙي مان ڳالهايان.

چيم: مون کي شرمسار نه ڪر.

چيائين: ٻيو ڪنهن کي چوان؟

اقبال آيو، چيائين: بابا هاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان بس ٿي ويو آهي، چند ڏينهن جو مهمان آهي.

ياد آيم ته بردي سان شام پئي ملهائي سين. شعر جي پالوٽ لائي ڏني هئائين. جهڙو هوس ٻوليءَ تي عبور، اهڙي هئس رواني. درياهه شاهه جيان وٽ سٽ کائيندو، اڇلون ڏيندو، ڌوڪيندو ڌڌڪار ڪندو پئي ويو.

نور عباسيءَ چرچي ۾ چيس: ٻيلي اسان جي حال تي رحم ڪر. چوين ته کڻي آڻ مڃون.

بردي ساڳئي ئي نماڻائيءَ سان چيو: نُور، سڄي حياتي اسان به تو کي برداشت ڪيو آهي، اڄ منهنجو وارو آهي. اڄ ماٺ نه ڪندس.

اهو بردو هاڻي ماٺ ٿي ويو هو.

ان کان پوءِ هُو عرصي تائين بنان ڳالهائڻ، بنان چرڻ پرڻ جي بستري تي خاموش پئي ٿي زندهه رهيو. ڪنهن به سندس خاص سار نه لڌي. ڪنهن به اهو نه سوچيو ته اهو شخص جيڪو اڄ موت جو منتظر آهي، سو سنڌي ادب جي چند انهن اهم محسنن مان هڪ آهي جنهن انوقت ”سنڌ“ کي لبيڪ چيو هو، جڏهن قهري ڪوٽ اڏجي رهيا هئا ۽ زنجير ٺپجي تيار ٿي چڪا هئا.

محمد رمضان لاشاري ”بردو“ ٿيوئي ان لاءِ هيو ته ڌرتيءَ ماءُ کي ”جيءُ جيءُ جيجل، جيءُ جيءُ جيجل“ چئي ڳر لڳائي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي.

هن جو غم اونهو ۽ عميق هو پر هن جو سنڌڙيءَ لاءِ پيار ان کان به وڌيڪ گهرو هو. سندس سوچ تي سادا سودا ڪکائون گهر، انهن ۾ رهندڙ ميرا سيرا غريب ماڻهو ڇانيل هوندا هئا، جن جو ظاهر اڻ وڻندڙ پر دليون سون ورنيون. هو شاعر هو، عميق انساني اڌمن جو. روز مره جي روسامي ۽ پرچاءَ جو. هارين جي پورهئي جي پگهر جو. چانڊوڪين راتين ۾ لڏندڙ لامن جو، گورين جو گج تي تجلا ڏيندڙ ٽِڪَ جو.

اڄ اهو ”بردو“ ڪجهه به نه هو.

بستري داخل، بي سمجهه، بي جان انسان هو، جو موت جو منتظر هو.

۽ پوءِ اهو انتظار به ختم ٿي ويو.

”بردو“ گذاري ويو

هن سان گڏ سندس سڀ تعلق، رشتا، ناتا به ختم ٿي ويا.

صرف هڪ ناتو، هڪ رشتو، هڪ تعلق باقي بچيو آهي ۽ شايد هُو پيدا ئي ان تعلق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. اهو تعلق، اڄ، سڀان ۽ ان کان پوءِ صدين تائين قائم رهندو.

اهو تعلق آهي ـــ ـــ ”پيار“ جو.

محبت جو،

سچائيءَ جو،

سوڀيا جو،

قرب جو ــ!

شل منهنجو دوست ان ناتي ساڻ اَمَرُ رهي!

 

ـــ قمر شهباز

  

هڏڪيءَ هير نه آهي...

 

ان ڏينهن، جڏهن ٽي. وي. جي مخزن پروگرام ۾، بردي سنڌي صاحب جي نئين ڪتاب تي دوستن گفتگو پئي ڪئي ته بردي جو فڪري توڙي جسماني اعتبار کان ڳرو وجود اکين آڏو گهمي ويو. گوتم جيان گنڀير ۽ خاموش بردو،ڪنهن ڊگهي ۽ گهاٽي بڙ جيان ڳوڙهو ۽ مهربان.

هڏڪيءَ هير نه آهي مون کي،

هيڪر ڪنهن ته سنڀاريو هوندو.

سوچيو هوم ته هينئر حيدرآباد مان وقت ڪڍي لائين پار نواب شاهه جو چڪر هڻبو ۽ گيتن جي خوشبيوءَ سان، پنهنجي وجود کي واسي اچبو... پر... پر...

جديد سنڌي ادب ۽ اديبن جا محسن، پير صاحب حسام الدين راشدي، گرامي صاحب، چاچو گدائي صاحب، ادب ۽ اديبن کي ڇورو ڇنو ڪري ويا ــ الطاف عباسي گذاري ويو... ڏاڍو رناسين. نسيم کرل ۽ ماڻڪ پنهنجي ئي جوڙيل ڪائنات جي طلسم جو کاڄ ٿي ويا، ماتم ڪيوسين. بنهه ٿورا ڏانهن! اهڙيءَ ريت ترقي پسند لڏي جا ڪيئي ستارا چپ چپات ۾، ادب جي افق تان گم ٿيندا ويا... اسان انهن لاءِ ڪجهه ڏينهن رنو، پٽيو ۽ پوءِ ساڳي روايتي بي حسيءَ واري خاموشي. اڄ تائين ڪنهن کي به گڏيل طيرقي سان ياد نه ڪيو ويو آهي.... ڪالهوڪي ڳالهه آهي، رشيد ڀٽيءَ جهڙي مڻيادار مڙس کي دفنائي، بدن تان ڪاريون ڪفنيون به نه لاٿيون هيونسين ته سنڌي گيت جو بادشاهه ۽ منهنجو پاريچو، مٺو مائٽ، محمد رمضان لاشاري، جيڪو سنڌي ادب ۾ ”بردي سنڌي“ جي نالي سان مشهور هو، اهو کُڙيون گَهي گَهي گذاري ويو. شاباس آهي محترم استاد غلام رباني آگري صاحب کي، جيڪو 1983ع کان وٺي بيمار بردي لاءِ لاڳيتو معقول سرڪاري مالي مدد ذريعي سار سنڀارل لهندو رهيو... پر بردو گذاري ويو، ٻين جيان... هاڻ واري اسان جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون برسي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن وجود آگميو رهندو ۽ پوءِ وري ساڳي حالت رهندي.

بردو منهنجو بزرگ هو... پر هن ڪڏهن به بزرگي نه ڏيکاري... سدائين جيڏو سرتو ٿي پيش ايندو رهيو... چوندو هو ”سڀ ٿا دانهون ڪن ٿا ته تون سڀني سان وڙهين ٿو، ڏاڙهين ٿو... ڳاريال مشهور آهين... پر مون کي ويساهه نٿو اچي.“ هن کي ويساهه به ڪيئن اچي ها، مان به ته ماڻهوءَ کي ڏسي، ان سان اهڙو ورتاءُ ڪندو آهيان... مون کان ٻچاپڙائي ۽ منافقت نه پڄندي آهي ۽ ڪوبه منفاق منهنجي سازشن کان نه بچي سگهندو آهي ۽ نه ڀڄي سگهندو. مون ڪراچيءَ ۾ 83-1982ع ڌاري نئين جاءِ جوڙائي. ٻڌائين ته ڀڄندو آيو مبارڪن ۽ محبتن جا ڦول کڻي. قربائتي انداز ۾ چيائين، ”اکڙيون مينگهه ملهار“ ناياب ٿي چڪو آهي، تنهنجا هٿ ڊگها آهن،ان کي ٻيهر چپرائڻ جو انتظار ڪر نهَ؟“ کن پلڪ ۾ اچي ”اکيون مينگهه ملهار“  جون فلمون ڏيکاريون مانس ته وائڙو ٿي ويو ۽ خوش به ڏاڍو ٿيو. چيائين، ”فلاڻي صاحب کي مون واري ڪتاب ڇپرائڻ جو ڏاڍو شوق آهي، اهي فلمون ان کي ڏيئي ڇڏ.“ انهيءَ صاحب کي نياپا اماڻيم، نه آيو نه آيو... پوءِ 1985 ۾، جڏهن هڪ حادثي ۾ لڳاتار هڪ سال تائين بستري داخل ٿيس ته اهو صاحب مون کي پڇڻ آيو. بردي جي ڳالهه نڪتي ته مون ”اکڙيون مينگهه ملهار“ جون سموريون فلمون، نئين Layout سوڌو ڊمي حوالي ڪئي مانس... پر اڄ تائين اهو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي... سال کن بيماريءَ کان پوءِ 1985ع جي آخري ڌاري مون کي حيدرآباد ۾ اچڻو پيو. بردي کي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ ويجهو هوندي به نه ملي سگهيس... ۽ ان ڏينهن جڏهن بردي جو لاش گهر آندو ويو هو، تڏهن ٽي. وي جي مخزن پروگرام ۾ بردي جي نئين ڪتاب ”بوندون بس نه ڪن“ تي تبصرو هلي رهيو هو.... بردو سٺي شاعريءَ سان گڏ ڀلو ماڻهو هو. هن ٻچن جي پرورش لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي ۽ بيمار هوندي به تخليقي عمل جاري رکندو آيو ۽ هڪ ڏينهن سڀني کي روئندي ڇڏي ويو... بردو خاموش طبع ۽ حليم سڀاءَ وارو فنڪار هو ۽ گذاري به چپ چپات ۾ ويو... روئڻ بدران اسان سنڌي ادبين کي گهرجي ته ڪو اهڙو اپاءَ ڪريون جو آئيندي ٻيا ڪيئي تخليقڪار ائين گمناميءَ جي گشي ۾ گذاري نه وڃن...

گذاري ويلن لاءِ اسان کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن جا هو حقدار آهن ـــ پر ان سان گڏوگڏ ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، بدر قريشي، سائل آزاد، برڪت علي آزاد، ميوو خان موج، ساجد سرشاري ۽ ٻيا اسان جي توجهه ۽ دوست نوازيءَ سان منتظر آهن... جيڪي گذاري ويا، تن کي ته نه بچائي سگهياسين، پر ڇا جيڪي مئي حالت ۾ آهن، انهن لاءِ ته ڪجهه ڪري سگهون ٿا؟ ڳوڙهن ڳاڙڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه لڙڪ بچائي رکون ۽ همٿ کان ڪم وٺي انهن لاءِ من ۾ قياس ڌاري ڪي اپاءَ وٺون... ڪو منهن مٿي ڪري ڇڏيون... ڪا مهل ملهايون...                              ـــ تاج بلوچ

بردي جي ياد ۾

اڳ چوندا هئا ته وقت گزرندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي، پر هاڻي وَرههَ به ساعتن جي صورت ۾ وهامي وڃن ٿا. ڪو سُڌ سماءُ ئي نٿو رهي. ڪيتريون ڪچهريون، مورن سان محفلون ۽ يارن سان روح رچنديون رهاڻيون، توڙي جو سال ٿي ويا، پر پوءِ به دل ۽ دماغ تي بنهه تازون توانيون پيون لڳن.

ٻالپڻي جو دؤر، ننڍپڻ، جواني، ۽ هاڻي پٺتي قدم صفا ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه پئي لڳي. اکيون ٻوٽيان ٿو ته ان اڻ وسرندڙ مشاعري جي محفل ذهن جي اسڪرين تي صفا چٽي ڏسڻ ۾ پئي اچيم جتي بردو سنڌي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجي جڳ مشهور نظم پيو پڙهي.

اک ڦَري ٿي،

مونجهه مري ٿي،

آس نماڻجھي خير گُهري ٿي،

اڄ ڪو ايندو،

اوڏو ٿيندو،

اوڏو ٿيندو، پُٺ ٿپيندو،

آٿت ڏيندو،

سُورَ سليندو،

وجهي ڳيراٽي، گڏجي ويهندو،

۽ هينئن چوَندو،

”ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو، تون ته بنهه ڪو موڳو آهين.“

ساڳي محفل ۾ دل جي پردي تي هي شاعر پڻ نظر اچن پيا: شمشير الحيدري، بشير مورياڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، تاج بلوچ، قمر شهباز، علي محمد مجروح، محمد حسن ساز، ڊاڪٽر نواز علي شوق، محمد جمن هالو، عبدالعزيز بيدل ۽ سائل آزاد.

هن يادگار مشاعري جي محفل جو اهتمام 1973ع ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اسٽوڊيوز ۾ ڪيو ويو هو، هر شاعر پنهنجو پاڻ ملهايو هو، پر بردي سنڌي جي مٿي بيان ڪيل نظم مشاعري جو سينگار هئي. ڇا ته بردي کي ڀرپور داد مليو هو، سندس نظم تي، ڇا نه ’واهه واهه‘ ٿي هئي، خبر ناهي ته هر مصرع کي ڪيترا ڀيرا نه کانئس ٻيهر پڙهايو ويو هو.

اسٽوڊيوز ۾ مشاعري جي محفل پوري ٿيڻ بعد سڀئي شاعر حضرات قرب جا قدم ڀري منهنجي ڪمري ۾ آيا. چانهن جو دؤر هليو. سڀني شاعرن جي فرمائش ٿي ته بردي کان ڪجهه ٻُڌجي. ڏاڍو گُسائڻ ۽ لنوائڻ جي ڪيائين، پر اسان سندس هڪ به نه ٻُڌي. نيٺ هڪ شرط تي وڌيڪ شعر ٻُڌائڻ تي راضي ٿيو ته جيڪڏهن ٻيا به ٻُڌائيندا ته پوءِ هو به ٻڌائيندو.

منهنجي ڪمري ۾ غير رسمي مشاعرو ٻيهر شروع ٿيو ۽ سڀني دوستن پنهنجون پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. بردي به پنهنجون ڪافيون، وايون ۽ هڪ غزل ٻڌائي هر شاعر کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو.

ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي منعقد ڪيل مشاعري جون محفلون ياد ڪري اڃا به دوست ڪڏهن ڪڏهن پيا چوندا آهن ته ”يار ڪڏهن ٿو بدلي ڪرائين ڪراچي ته من اسٽيشن تي ساڳيا رنگ رچن، اڳي واريون محفلون مچن، ڪي مشاعرا ٿين، شاعر ۽ اديب گڏجن ۽ ڪي روح رهاڻيون ٿين.“ توڙي جو هاڻي به ڪراچي اسٽيشن تان ڏاڍا سُٺا ۽ ٻُڌڻ جهڙا پورگرام نشر ٿين پيا، پر دوستن کي ڪير سمجهائي جيڪي روز پيا چون ته مشاعرا يا ته نه پيا ٿين، پر جي ٿين پيا ته اُهو معاري ڪونهي، جيڪو اڳ هوندو هو. بهرحال ڳاله کي ورجائڻ جو مقصد فقط هي آهي ته اُها مشاعري جي محفل صفا نٿي وسري، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل ناميارن شاعرن سان گڏ بردي جي نظم اڃا تائين ذهن جي پردي تي ايتري تازي آهي، جيتري صبح جي ٿڌڙي ٿڌڙي هير ۽ تازن گلن جي خوشبوءِ.

ان کان پوءِ به بردي سان ڪيئي ڀيرا ملاقات ٿي. مهرباني ڪري پيو ڀيرو ڪندو هو. هميشه مون سان سرائڪي ۾ پيو ڳالهايئندو هو. ان ڪري هر دفعي ڪانه ڪا ڪافي، گيت يا غزل سنڌي سان گڏ سرائڪي زبان ۾ پڻ منهنجي لاءِ ضرور آڻيندو هو.

هڪ دفعي ويٺي ويٺي ٻه چار بند ٻڌايائين، جيڪي مون کانئس لکرائي ورتا.

روُح رُلو ٿيون اکيون آليون، توکي مهر نه پئي

بردي جي دل سورن ساڙي، پئي اڏامي رئي،

جيئڻ جاڙ ته ٿيندو پوءِ جي هاڻ وِٿي ڪا پئي

ڪرڻي ڀرڻي آهي جاني، اڃا به ويل نه وئي

متان ٿئي پسُ توسان اهڙي جا تو مون سان ڪئي

هي جڳ فاني، جوڀن جواني، ڏينهڙا چار اٿئي

آءُ ته گڏجي گهاريون، ماريون ديوُ غمن جو ٻئي

اڃا به ويلَ نه وئي او پيارا، اڃا به ويل نه وئي.

هڪ دفعي مون وٽ هٿين خالي پهتو. جڏهن کيس چيم ته ڪجهه ٻڌاءِ ته ورانيائين ”عنايت! اڄ ڪجهه به نه آندو اٿم. معافي.“ مون کيس چيو، ”اڳتي جيڪڏهن بغير ڪنهن سوکڙي (شعر) جي منهنجي آفيس ۾ گهڙيو آهين....“

کلندي وراڻيائين، ”حاضر، جيڪو مٺڙي عنايت دا حڪم.“

بردو بيمار ٿيو. زور پئي اخبارن ۾ پڙهيوسين ته بردو سخت بيمار آهي، روز پئي سنڀرياسين ته سندس مزاج پرسي ڪري اچجي. پر حيف هجي پنهنجي حال تي ۽ حيدرآباد جي مسلسل ابتڙ حالتن تي جو دل ۾ بردي سان ملڻ جي گهڻي تانگهه جي باوجود به نه وڃي سگهيس ۽ آخر اهو ارمان رهجي ويو ته هن جهان ڇڏڻ کان اڳ، بردي سان ميل ملاقي نه ٿي سگهيس! افسوس، صد افسوس!

 

ـــ عنايت بلوچ

 اُجرن جذبن جو شاعر

 

هڪ سٺي ۽ ڪامياب شاعر جو ڪمال ئي اهو آهي ته سندس ڪا سٽ پڙهي، پڙهندڙ پنهنجي ماضيءَ جي ڳلين ۾ اهڙو ته وڃائجي وڃي، جو کيس ڪجهه دير موٽڻ ئي مشڪل لڳي. ۽ بردو سنڌي بيشڪ اهڙو ڪامياب ۽ اهم شاعر آهي. سندس شاعريءَ نه رڳو ٻوليءَ جي لحاظ کان، پر موضوع جي لحاظ کان پڻ ڀوري مينهن جي ٿيڻن مان نڪتل تازن گوهن جهڙي لج پنهنجي ماحول مان ڪوريل آهي. شاعر جيسين انسان جي اندروني احساسن کي لفظن جي لاٽونءَ تي ويڙهي، زوم سان پڙهندڙ جي سيني تي هڻي ٽڪ نٿو ٻڌرائي، اوسين سندس شاعري ٺلهن لفظن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ۽ بردي جي شاعري پڙهندي پڙهندي جتي پنهنجي ٻوليءَ جا ماکي لارا جهڙا لفظ پڙهي، نئين سگهه محسوس ڪري ٿو، اتي نيون تشبيهون پڙهي ڪي کن ٻوڙاٽجي به وڃي ٿو، جيئن:

وهم اندر ۾ ”ٽاهڙ ڌڻ“، جيئن. خيال تنهنجا کوڙائين جيئن ”جهاز“ هئي. يا هڪ سٽ ۾ نيڻن جي وسڻ کي ”ڍري مينهن“ سان ڀيٽڻ. ساڳي ريت احساس کي ايڏي ڀرپور نموني ڪاڳر تي چٽڻ ته:

لڏي کائو لامارا، ٽوڙيون عرش جا تارا.

سامايل نينگرين جي خوشيءَ ۽ مستيءَ جو جيڪو عڪس بردي مٿين سٽ ۾ چٽيو آهي، سچ ته ان کان وڌ ڀرپور انداز به نٿو چٽي سگهجي، جو پينگهه جي لوڏ کي عرش تائين پهچندي محسوس ڪري سگهجي. حقيقت ۾ عرش تائين اها پينگهه جي نه پر پينگهه ۾ لڏندڙ جي اندر جي جذبي جي آهي. اهڙي ريت سندس هڪ ٻي سٽ آهي، جنهن ۾ شاعر جو من ڪنهن بي داغ شيشي وانگر پسي سگهجي ٿو:

مرڪيو من ۽ ريڌو روح، تو ڳل لاتو پنڙا ڳل

مٿين سٽ پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته شاعر جو من بلڪل انگور جي داڻي وانگر هوندو آهي، جنهن کي پيار جي ٻن ٻولن سان به ڦيهي سگهجي ٿو. جتي بردي سنڌيءَ اهڙا ڪونئرا ۽ خوبصورت جذبن سان ڀرپور شعر چٽيا آهن، اتي سندس شعرو جي جاڳرتا جو هڪ مثال هي به آهي....

ڀائر ڄاڻي ڀاڪر پائي، اڄ تائين ڳل لاتوسين

تن کان موٽ ۾ نفرت نعرا، واهه جو بدلو پاتوسين

سچ ته بردو سنڌي، سنڌي شاعريءَ جو اهڙو گلدستو آهي، جنهن ۾ سمورن رنگن جا گل پنهنجن سمورن سگهارن رنگن سان چٽاپٽا ظاهر ظهور نظر اچن ٿا.

 

ـــ طارق عالم.

هاءِ! بردو سنڌي...

محروم چاچي محمد رمضان لاشاري، بردي سنڌيءَ سان ننڍڙي کان والد صاحب جي ڪري ڏيٺ ويٺ هئي، ۽ ساڻس عملي ۽ ادبي شناسائي هئي.

گذريل ستن سالن کان نوابشاهه ۾ رهڻ ڪري تمام گهڻي ويجهائپ رهي. وڏڙن واري نظر رکي ٻچن وارو پيار ڏيندو هو، ان ڪري ميل ملاقات گهڻي رهي. تمام نيڪ دل ۽ حساس طبيعت جو مالڪ هو. ننڍڙي نوڪريءَ جو رٽائرڊ ملازم ۽ زمين جي ٻن ـــ ٽن ٻارن جو مالڪ، جنهن جي ڪمائي به گهڻي ڀاڱي ٻين جي حوالي، تنهن هوندي به پٽن کي پڙهائي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بنائڻ سندس ئي همت جو ڪم هو. تمام ماٺيڻو، قربائتو، ڪچهريءَ جو مور، علم و ادب جي سٺي ڄاڻ، نواب شاهه جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ بهرو وٺندڙ، سڀ سان نيازمندي هيس. ست سال گڏ رهي کانئس گهڻو ڪجهه پرايوسين.

بردي صاحب جي جدائي نه صرف سندس اولاد ۽ عزيزن کي محسوس ٿيندي، پر ساڳيءَ طرح سندس دوست به هن کي وساري نٿا سگهن. دعا آهي ته خدا تعاليٰ کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس پوين کي صبر ڏي. آمين.

ـــ خضر حيات قاضي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com