تنوير عباسي
اونهاري جا هائيڪو
لتاڙيندي گپ قلفي وارو نيٺ
آئي جو مارڪيٽ مان گهلي گاڏو ٻي بجي
کِکيءَ هاڻي ڌپ بيٺو وڃي وڻ هيٺ
گرمي گهٽ مکيون ساوڻ ـــ رات ننڍي
آرايون کنهندي چيئين تون جي ياد اچي وئين
کجيون ڄاڻ پڪيون ڪيڏي پئي اينگهي
جون ۾ پڄرن انگ ڪوئل جي ڪُو ڪُو
سنڌڙي انب ۽ کارڪون ۽ هن نٽهڻ اُس ۾
هيءُ سونهري رنگ گدري جي خوشبو.
پرين جو پاڙو
گهٽي گهٽي ڄڻ ڪاڪ آ
ڳالهائڻ ٻاڙو.
امداد حسيني
پنهنجي پريت ڪهاڻي
تنهنجي منهنجي
منهنجي تنهنجي
پنهنجي پريت ڪهاڻي
نئين نڪور به ايڏي آهي
جيڏي آهه پُراڻي
تون ۽ آءٌ اُهيئي ساڳيا، ساڳيو سمنڊ ڪنارو
اڄ به اُهو ئي نيلي نڀ تي، چمڪي شام جو تارو
سڪ وندن لئي ساڳي آهي
اڄ ۽ ڪالهه، سڀاڻي... تنهنجي منهنجي...
جُوٺي جڳ ۾ سچي سڪ جي، ريت ته رهڻي آهي
پاڻ هجون نه هجون دنيا ۾، پريت ته رهڻي آهي
دنيا رهي يا نه رهي
پريت جي ناهه پُڄاڻي... تنهنجي منهنجي...
تاج بلوچ
پهرين پيار جو نوحو
بس مان لهندي جو نظر پئي توتي!
سونهن تنهنجيءَ جا سڀئي رنگ سڄڻ
منهنجي نيڻن جي افق تي چمڪيا
دل جي ويراني ۾ جگنو ۽ ستارا مرڪيا
وڻ جي هر شاخ سان ڄڻ کيڏ ڪندي
دل جي سنڌوءَ تي لٿو چنڊ هجي
منهنجي هستي کي نئين جوت ملي
درد ادراڪ جي منزل تي رسيو
روح جي زخم جو هر کنڊُ لٿو
منهنجي بينور نگاهن کي نئين سونهن ملي
رنگ ۽ نور جي جلون سان ٻُري پيو سنسار
جيئن تتل ڀونءَ تي برسات وسي
جيئن گهنگار کي بخشش جي بشارت پهچي
جيئن ميران جي ڪٽوري جا سمورا ڳوڙها
پاڻ وٽوئي ڇڏي سڀ ڏوڪي
جيئن ’ماٺيڻي‘ هجي ماڻي محبت پنهنجي
جيئن ’ديدار‘ جي در تي ڪا ’مرادان‘ پهچي
جيئن ’مظهر‘ جي محبت جون اميدون جاڳن
بس مان لهندي جو نظر پئي توتي‘
پنهنجي مجبور محبت جي ملڻ جو ٿيو احساس وري
ڄڻ خزائن ۾ ڦٽا ڦول هجن
دل جي پوپٽ جا سڀئي رنگ وري
تنهنجي معصوم تِرين تي مهڪيا
ساري ماحول ۾ خوشبو جو ٿيو ڄڻ واسو!
بس مان لهندي جو نظر پئي توتي!
آءٌ مدهوش ٿي تو ڏانهن وڌيس
دوست احباب تڪيندا ئي رهيا
ٻانهن کان پڪڙي جهليندا ئي رهيا
آءٌ پر نئين احساس جي ساهس سان
تيز کان تيز ٻرانگهون پائي
پيار پنهنجي ڏي وڌڻ جي ٿو ڪيان
ڪا وڏي ڪار اچي وچ ۾ پئي ٿي ڪاهي
سارا احساس ويا دل ۾ ئي لٽجي دٻجي
چاندني روح جي پاتال ۾ مڌم ٿي وئي
کڙکٻيتو نه ستارو ٿو رهي
نه جياپي جو سهارو ٿو رهي
ڌنڌا اکين ۾ لهي آيو ايئن
صبح جي وقت جيئن
ماڪ شهتوت جي پن تي پوي پوءِ وري
سج اڀرڻ سان ٿئي جا دونهون
تيئن دوهانٽجي آهيان مان ويو
روح ۽ جسم جا وکريل ٽوٽا
آءٌ ميڙي نه سگهيو آهيان اڃان
آءٌ آهيان به نه آهيان ڪاٿي
بس مان لهندي جو نظر پئي توتي.
عنايت بلوچ
سَچَ جي سوڀ
(فلسطيني رياست جي ٺهڻ تي)
روح ۾ ڪنڊا چڀيل
دل جي هرهڪ تار مان
مغموم سُرَ آلاپجن
ڪنهن ڦئون هي روڳ چنبڙائي ڇڏيو
وحشتن جو قافلو مونڏي وڌيو
مان ته ڏيهن جو ڏکايل هان اڳي
ايتري سگهه ناهي مون ۾ جو نوان صدما سهان
پاپ نگريءَ جي پُڙن ۾ پيو سدائين پيسجان
ڪيئن ڪيان
ڪاڏي وڃان.
هو ”شتيلا“، ”صابره“ ڪئمپون ته ڏس
جن ۾ ڪيئي لاڏلا لحظي اندر ڪُسجي ويا
رات هڪڙيءَ ۾ هزارين بيگناهه
ظلم جي خوني هٿن ۾ ڪيئن نه سي قتلام ٿيا
غاصبن وحشي درندن جي هٿان.
ماءُ جي جهوليءَ منجهان معصومڙا
ٿڃ پيئندي کيڏندي چيريا ويا
هيانءَ ڏاريندڙ هتي هاڃا ٿيا
پوءِ به آ خاموش انساني ضمير!
بي ضميريءَ کان به جو بيحد برو
ٻير ٻٻرن کان ڀلا ڇو ٿا گهُرو
هُو، جي
”انساني حقن جا چئمپئن“
هي اٿوَ راڪاسَ انساني لبادن جي اندر.
امن جي پيغام سان تن جا پنا ڪارا ڪيل،
خُونَ سان پر هٿَ اُنهن جا ئي رڱيل،
سي مهذب قوم جا آهن امين
جيڪي ڪارنهن جو چُٽو تهذيب تي.
ظُلم جو پر انت اچڻو آ ضرور
هو ڏسو،
اوڀر طرف،
رات جي ڪاراڻ مان، ڏس پرهه پاکون پئي ڪڍي
روشنيءَ ۽ آس جا نروار ڪرڻا ٿي پيا.
هُو ڏسو!
مظلوم ۽ مجبور چهرا ٻهڪندا وڌندا وڃن.
بي ڊپا ۽ بي ڌڙڪ
ظالمن جي انت آڻڻ لاءِ ڌوڪيندا وڃن.
ڏاڍَ ۽ ڏهڪاوَ جا
هي ڪوٽ ڪنگرا ڪاڪ جا،
ڌُو ڪري ڌرتيءَ مٿان ڪِرندا ضرور
جنهن ۾ هيبتناڪ وحشي ۽ درندا
ذلتن جي موت ۾ مرندا ضرور
گونجندا نعرا محبت پيار جا
امن جا، حيوانيت جي هار جا
سوڀَ ٿيندي نيٺ هِت ”انسان“ جي.
مخدوم محمد امين فهيم
تعلق آهي اهڙو ئي نظر جو ناز وارن سان،
ٿئي ٿو ربط جهڙيءَ طرح لهرن جو ڪنارن سان.
ڪڏهن هيئن ڪونه ٿيو آهي جو گل دامن ۾ اٽڪي پئي،
مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.
شبِ فرقت ۾ هي رُئندا رهيا، هُو تڙپندا رهيا،
ڪئي رشڪِ قمر ڪهڙي نه تارن ۽ ستان سان.
نه گل ۾ بُو نه رنگيني، جي هُو ناهي ته ڪجهه ناهي،
طبيعت ڪئن لڳي آخر بهارن سان، نظارن سان.
عجب جهڙو ٿئي ٿو رشتهء تقدير دنيا ۾،
تعلق ٿئي خزان سان ٿو، محبت ٿئي بهارن سان.
گذاري رات ساري عاشقن بيگانگيءَ ۾ ئي،
نه ساقي آيو محفل ۾، نه اڀريو چنڊ تارن سان.
گلِ خوشرنگ آخر پنهنجي فطرت تي ئي خوش ٿيندو،
اهو سوچي مان پنهنجو گهر سجايان ويٺو خارن سان.
ڪنڊن جي قرب تان صدقي، خزان ۾ پڻ جهليئون دامن،
اهي ئي وقتِ مشڪل ٿا نباهن درد وارن سان.
”فهيم“ آهي محبـّـت جو اثر ميدانِ الفت ۾،
زمين جي خاڪ هوندي، گڏ رهون ٿا ماهپارن سان.
”محبوب“ سروري
ڇو ٿا جئري ڪيو جدا سائين!
مون کي ماريو نه هيئن، مٺا سائين!
ڇا وفا آهه، ڇا جفا سائين، ڪهڙا ليکا وري ڪبا سائين!
آسرو آ اوهان ۾ ايڏو وڏو، جيڏا آهيو اوهين وڏا سائين!
اڄ حڪيمن به هٿ ڪڍي ڇڏيا، لادوا جي ڪيو دوا سائين!
جن مٺن سان مٺا اٿئو کاڌا، گڏ ڪڙا تن سان کائبا سائين!
توکي آئون به ٿو وڻان يا نه؟ اڄ ته ڀلجي تون ڪر ڪا ”ها“ سائين!
منهنجي قسمت جو آهه ڏوهه سڄڻ، توکي ڏوراپا ڇا ڏبا سائين!
اچ! وڇايا مون نيڻ راهن ۾، مرحبا سائين، مرحبا سائين!
نزع ۾ آهه منهنجي شمعِ حيات، سا اجهامي ٿي بس اجها، سائين!
آهه ”محبوب“ جو هي خوب غزل،
واهوا سائين! واهوا سائين!
انور هالائي
مظهرِ نورِ خدا ڪعبي ۾ آهه،
مالڪِ ارض و سما ڪعبي ۾ آهه.
عبديت جون لذتون ڪهڙيون چوان، جذبئهِ ڪرب و بلا ڪعبي ۾ آهه.
ڪلمئهِ توحيد آ ورد زبان، ذڪر هرسو لاالا ڪعبي ۾ آهه.
عشق ۾ آ جذبئهِ عجزو نياز، حسنِ شانِ ڪبريا ڪعبي ۾ آهه.
هوش ڪنهن کي ڪونه آيو ڪنهن گهڙي، حق جو گويا لقا ڪعبي ۾ آهه.
سجده سجده ۾ سڪونِ لازوال، لذّتِ حمد و ثنا ڪعبي ۾ آهه.
بس رڳو ڪوئي کڻي دستِ دعا، مائل ڪرم و عطا ڪعبي ۾ آهه.
برڪتن جو نور آهي چؤطرف، صاحبِ قدر و قضا ڪعبي ۾ آهه.
روبرو ٿيا بنده ۽ بنده نواز، روح پرور ماجرا ڪعبي ۾ آهه.
زندگي جي ڪسوٽي ”انور“ اڳيان،
ابتدا تا انتها ڪعبي ۾ آهه.
[ڪعبت الله شريف ۾ 12-8-87ع تي لکيل]
عبدالقيوم صائب
رات ائين ئي گذري ويندي
انگ ٿيندا آرا ٿيندا، سهڻا سان سهارا ٿيندا.
رات ائين ئي گذري ويندي.
قرب ڪچهروين مچنديون وينديون، پيارا ويتر پيارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
جوڀن جرڪي جلوا ڏيندو، موچارا مہ پيارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
چوٽا تيل چنبيليا ڏسبا، سرها سڀ دل وارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
ڳاڙهيون شالو، ڳاڙها ڳلڙا، دائم جيءَ جيارا ٿيندا.
رات ائين ئي گذري ويندي.
چنڊ جيان جيئن مکڙا کڙندا، روشن تيئن سڀ چارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
دهل، دماما ۽ شرنايون، سهڻا وڄت جا وارا ٿيندا
رات ائين ئي گذري ويندي.
سنڱ سياپا اڀري ايندا، گيتن جا گونجارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
ڪيئي رٺل پڻ پرچي پوندا، سهنجا مشڪل هارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
پرت جون ٻوليون چوڌر ٻُرنديون، سڪ جا سانوڻ سيارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
ياد ونين کي پنهنجي ايندي، يادن جا به سهارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
سيجون پڻ سينگاريون وينديون، جن تي نينهن نظارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
سک جون سيجون ماڻيندي ڪئين، ٻارن جا ٻيجار ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
بادل وسند، کنوڻيون ڪرنديون، وس وارا ويچارا ٿيندا.
رات ائين ئي گذري ويندي.
صبح سويري سڀڪو ويندو، موٽ ۾ سڀ موچارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
هيج مان هرڪو جهومي اٿندو، ليڪن رنج هچارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
وره وڇوڙو ٿيندي صائب، لڙڪ لڙي نيسارا ٿيندا،
رات ائين ئي گذري ويندي.
استاد بخاري
غزل
شهر ساري ۾ اٿي عامَ ويو هاڻ هَورَ ۾،
هو جو مجبور آ، استاد جو منظورِ نظر آ.
ديد کي دل ڏَسِي ڪا ڳالهه لِڪائي ڪَنَ ۾،
ديد، مُرڪي چيو: اڳم ئي هي گهر گهر کي خبر آ.
عشق پٿرّ کي به لڳندو ته رِجي ئي پوندو،
ڇو ته مشتاق رنو آهي ۽ معشوق، پگهر آ،
تون ٿو درياهه ٿي اٿلين، مان ٿو طوفان لڳان،
توتي، مون تي هي چڙهي چوٽ جواني جو اثر آ.
هي جو ”استاد“ آ برباد به آباد ٿو ڏسجي،
جنهن جو هر زور جهُري پيو مگر پيار امر آ.
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
نظم
وجهي ٿو برڪتون قادر ڪَڻن ۾،
رتيون ماسا وڃي پهچن مَڻَن ۾.
اُڀا بيهن، سڙن اُس ۾، جهلن ڌڪ، ڏين ميوا، ڏسو همـّـت وڻن ۾.
ٿيا ڇڙواڳ ڏاڍا ڏيهه اندر، بگهڙ ڪاهي پوَن ٿا ڄڻ ڌَڻن ۾.
ڇَسا ۽ ڇُرڙ، ڇيڻي ڀور ماڻهو، وڇوڙا ٿا وجهن گهر گهر گهڻنِ ۾.
زبان مان لفظَ نڪتل ڪين موٽن، ڏُڌل جو کير ڪيئن پوندو ٿڻن ۾،
جهُڪي ڇِت پَوندي رکندي بارُ جهٽ پٽ، وڇوٽي، جي گهڻي ڇڏبي کَڻَن
۾.
ڇڏيندو، حُسنَ جو ڪيئن عشقُ پاسو، ازل کان دوستي هِن ٻن ڄڻن ۾.
اي ”آصف“ سي وسارڻ سان نه وسريا، ٻَڌل ها، ٻول، جن سان ٻنڌڻن ۾.
محسن ڪڪڙائي
وائي
آيل ڪريان ڪيئن،
ويٺي ورهيه لنگهي ويا.
مون سان ’جيڏو‘ ويو ڪري، جاڙ به جاڙن جيئن،
ويٺي ورهيه لنگهي ويا.
سوچيان، لوچيان، من ملي، جاني هونءَ نه هيئن،
ويٺي ورهيه لنگهي ويا.
جان جان ڳوليان ڳوٺ ۾، تات تکي ٿئي تيئن،
ويٺي ورهيه لنگهي ويا.
اچي، پوءِ جيئن جيئن چوي، آءٌ ڪريان ايئن،
ويٺي ورهيه لنگهي ويا.
آثم ناٿن شاهي
جهڙي سونهن سچي، تهڙي مون به رَچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
پير وڌائي پيار مان، ڏني ڏات اچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
پاڻي نورا نينهن جا، جهمر ناچ نچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
هلڪي هلڪي لهر مان، ٿي وئي موج ـــ مچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
ڪنول ڪلا کي ڏنا، ڪِرِ ۾ پاڻ پچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
آئي آخر مون ڳري، بگهڙن کان بچي، رچنا ـــ
آڌيءَ رات جو.
احمد خان مدهوش
غزل
جهان سارو حباب وانگر
اِها حياتي آ خواب وانگر
اچن ٿا ڪيئي، وڃن ٿا ڪيئي، رهي زمانو ٿو باب وانگر.
هتي فنا ٿيا هزار چهرا، حسين تنهنجي شباب وانگر.
لحد ۾ ويڙهي مهانڊو سُمهندين، سوا گهڙي رَههَ ڪتاب وانگر.
عمل جو ڦندو اُڇل جهان تي، ڪمال ڪر بُو تراب وانگر.
مرين ته مَرُ اهڙو جو، لبن تي، هُجن ئي مُرڪُون گلاب وانگر.
حسد جي آتش ۾ پاڻ ساڙي، ڪڙهي نه مر تون ڪباب وانگر.
نه وجهه ڳچيءَ ۾ گلا جو گانگهو، نه ٿي ڪنهن لئه عذاب وانگر.
صدقتن لئه نه ٺاهه مقتل، نه ڪات کڻ تون قصاب وانگر.
ڪڏهن به هرگز لڪي نه سگهنديون، حقيقتون آفتراب وانگر.
هتي به ٿيندو حساب آهي، خدا جي يوم الحساب وانگر.
سڄڻ جي دم سان هَلاءِ دم کي، رَڳُون وڄائي رباب ونگر.
جي ڳالهه مدهوش جي مڃين تون، ته ڄاڻ دنيا سحاب وانگر.
امير بخاري
مولا! توکي پارت منهنجي پيار جي،
هِن پاسي ئي ڦير طبيعت جي.
روئي روئي، سڀئي ڳوڙها، کُٽي ويا، اکين جي ائين صورت، جيئن
نادار جي.
منهنجي ڄڀ وڍيندا ان جي ڳڻتي ناهه، سگهه هٿن ۾ ڀي آهي اظهار جي.
مهل مهل جي ڳالهه ٿئي ٿي جدا جدا، نہ نہ آهي جاءِ ڳِڌي، اقرار
جي.
سهڻا سائين ڪاوڙ ايڏي ناهه چڱي، آءُ اچي ڪر دلجوئي بيمار جي.
هتڙي آهه اڪيلي، هِي دل ويڳاڻي، هن کي جهوريو، پنهنجي پيار جي.
ڏاها ڏاهپ وارا ڏيندا ڏَسَ رهيا، هن چريائي وَٽِ ور تي انڪار
جي.
پيار جي بدلي، پيار ”بخاري“ پيو گهري، ڇو ٿا نٽايو؟ ڳالهه ته آ
وهنوار جي.
رحيم بخش ”قمر“
گيت
سورج لهي آ سجدو ڪيڙو
سائينءَ سانجهي آندي يار!
پکي وڻن تي ڍَريا آهن، واهيرن تي وَريا آهن،
وڻ، وڻ تي ڪن لات اپار.
روشن چنڊ، ستارا چمڪن، نيڻن ٺار نظارا چمڪن،
جهرمر جهرمر جلويدار.
ماروئڙن جا مال به آيا، ڏوهن ڏهڻ لئي ٿانو سنباهيا،
وريا وٿاڻين ڌڻ ۽ ڌنار.
ڳوٺ، شهر ۽ گهر گهر روشن، جهنگ ۽ جر ۽ ٿر، بر روشن،
”قمر“ تون قلب ۾ ساجن سار.
سائينءَ سانجهي آندي يار!
عابد لغاري
ڀٽ ڌڻيؒ
ڀٽائي محبت، محبت ڀٽائي،
سچائي جي هرڪا حقيقت ڀٽائي.
وطن تي ٿي رحمت خدائي، ڀٽائي وطن جي آ عزت خدائي، ڀٽائي
وطن جي آ عظمت خدائي، ڀٽائي وطن جي آ غيرت خدائي، ڀٽائي
محبت جي صورت ۽ سيرت ڀٽائي.
ڀٽائي جو پيغام عرفان آهي، ڀٽائي جي بيتن ۾ قرآن آهي،
ڀٽائي حقيقت تي ايمان آهي، ڀٽائي جو محور مسلمان آهي،
ڀٽائي آ وحدت ۽ ڪثرت ڀٽائي.
ڀٽائي جي بيتن ۾ الهام آهي، ڀٽائي جي واين ۾ پيغام آهي،
ڀٽائي جي گيتن ۾ هڪ مام آهي، ڀٽائي محبت جو هڪ نام آهي،
عبادت، رياضت، هدايت ڀٽائي.
ڀٽائي جو هر لفظ سرهاڻ آهي، ڀٽائي جي حرفن جو ڪٿ ماڻ آهي،
ڀٽائي جي تشبيهه جو پاڻ آهي، هو لفظن جي موتين جو مهراڻ آهي،
فصاحت، بلاغت ۽ جدت ڀٽائي.
ڀٽائي آ هادي ۽ رهبر اسان جو، ڀٽائي آ ساٿي ۽ سرور اسان جو،
ڀٽائي آ ساقي ۽ ڪوثر اسان جو، ڀٽائي آ ”عابد“ ۽ پرور اسان جو،
ڀٽائي آ قربت ۽ رحمت خدائي،
سچائي جي هرڪا حقيقت ڀٽائي.
شعبان ”بخت“
سچ جو سوداگر
سچل سچو، سچ جو سوداگر، قرب ۾ ڪاڻ نه پائي وو،
ڪوبه نه آهي داغ دُوئيءَ جو، ور ور پيو ورجائي وو!
ڪوئي دڪائي درد جي دونهي، ڪوئي رڳو پيو رک سوري،
ڪوئي سکڻا سور پيو ساري، هيءَ پيو مچ مچائي وو؟
ڄاڻ ڪري اڻڄاڻ ٿئي ڪو، اڻ ڄاڻن جي ڄاڻ ڪري،
پر هيءَ پيارو، الله وارو، سڀ کي پيو سمجهائي وو!
رِيا رعايت، روا رکڻ کي، دُوئيءَ جو دولاب ڏسي،
حق حق اناالحق جو نعرو واڄٽ ڪيو وڄائي وو!
عقل پرستي موج نه مستي، عشق پرستي عين سرور،
مست الست پيو سرمستي سان ماڳ سڄو مهڪائي وو!
ڀاڳ ۽ بخت انهن جو جيڪي، ڪن ڏيئي پيا ڪيف لهن،
ديس درازا ۾ پيو دلبر، راز جو در ڪڙڪائي وو!
|