”جيئي لطيف“
244 عرس شريف جي
ادبي ڪانفرنس جو احوال
پروانو ڀٽي
لاکيڻي لطيف جي سالانه ميلي جي تقريبات تي لکندي منهنجو ذهن گهٽ
۾ گهٽ 38 سال پوئتي هليو وڃي ٿو ۽ آءٌ پاڻ کي انهن
محفلن ۽ مجلسن ۾ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڏسي رهيو
آهيان، جن محفلن ۽ مجلسن ۾ سنڌ جا نامور عالم،
اديب ۽ فنڪار اچي گڏ ٿيندا هئا. اندازو اٿم ته سال
51 ــ 1950ع جي ڳالهه آهي. تن ڏينهن ۾ قومي
شاهراهه کان درگاهه تائين ويندڙ رستو اڃا نه ٺهيو
هو. مٽيءَ ايتري ته اڏامندي هئي، جو زائرين جا
چهرا اڇا ٿي ويندا هئا. هن وقت جتي آڊيٽوريم ٺهيل
آهي، اهو هڪ دڙو هوندو هو، جتي تنبو ۽ قناتون هڻي
ويهڻ جو انتظام ڪيو ويندو هو. پرائمري اسڪول جي
عمارت ڀرسان ميدان تنبو لڳڻ ڪري، ”ميدان عرفات“ جو
نظارو پيش ٿي ڪيو ۽ انهن ننڍڙن تنبوئن ۾ سنڌ جا
نامور عالم ۽ اديب هيٺ پٽ تي وڇايل تڏن تي آرام به
ڪندا هئا ته علمي ڪچهريون به.
اڄ به انهن ڪچهرين ۾ مرحوم آغا تاج محمد جا ٽهڪ، مرحوم سيد
ميران محمد شاهه جا دانشورانا گفتا، مرحوم سرشار
عقيلي جا نماڻائيءَ وارا ٻول، محترم عبدالله چنا
جي صلاحن ۽ مشورن وارا جملا، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم خليل جا شاگردن کي هدايتن وارا لفظ، مرحوم
الله بخش نظاماڻيءَ جا معصومانا انداز ۾ ڪارڪنن کي
ڏنل دڙڪا، ڪنن ۾ گونججي رهيا آهن ۽ آءٌ ائين پيو
ڀانيان ته ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اڄ به جڏهن ڀٽ تي
ڀيرو ڪندو آهيان، تڏهن انهيءَ طرف ضرور نظر ڪندو
آهيان، جتي ڪنهن زماني ۾ آديسين جا آستانا هوندا
هئا.
اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
وقت ڪنهن جو به انتظار نٿو ڪري. وقت جي وير ڪيترن کي پاڻ سان گڏ
کڻي وئي ۽ پويان صرف يادگيريون رهجي ويون، جيڪي
دلين تي نقش آهن.
ادبي ڪانفرنس، عرس جي تقريبات جو اهم حصو شروع کان ئي رهيو آهي.
ڏاڍيون سٺيون ۽ علمي تحريرون ۽ تقريرون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ
لاءِ ملنديون هيون، ڏاڏا نور ڀريا چهرا لطيفي لات
کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪاوشون کڻي ايندا هئا ۽
داد حاصل ڪندا هئا.
61ـــ1960ع ڌاري ادبي ڪانفرنس کي پنڊال مان ڪڍي لائبريري هال ۾
آندو ويو، جتي اها ڪانفرنس محض رسم بنجي رهجي وئي
۽ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جو گڏيل تعداد 30 ــ40 کان مٿي
نه رهيو.
خدا ڀلو ڪري حيدرآباد جي اڳوڻي ڪمشنر جناب علي محمد شيخ جو،
جنهن انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي پنهنجن دوستن ۽
ساٿين اڳيان ادبي ڪانفرنس واري شمع کي ٻارڻ جو عزم
ظاهر ڪيو ۽ ائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محترم
حميد سنڌي، محترم عبدالحميد آخوند ۽ ٻين جي ڪوششن
سان هي مندل هڪ مرتبو وري مچي ويو.
گذريل 5 ـــ 6 سالن کان محترم حميد سنڌي جنهن جفاڪشيءَ سان هن
ڪانفرنس جي ڪنوينر ٿيڻ جو حق ادا ڪيو آهي، ان کي
ڪوبه فراموش نٿو ڪري سگهي. سڄيءَ سنڌ مان توڙي
پاڪستان جي ٻين صوبن مان هڪ سئو کان وڌيڪ اديبن ۽
شاعرن کي گڏڪرڻ، سندن سارسنڀال لهڻ، ٽهل ٽڪور ڪرڻ،
لاڏ ڪوڏ برداشت ڪرڻ، ايترو آسان نه آهي جيترو عام
طرح محسوس ڪيو ويندو آهي.
مون کي به ٻين ڪيترن ئي بزرگن ۽ دوستن جيان اها سعادت حاصل آهي
ته 50 ـــ 1951ع کان وٺي اڄ تائين مون اهي
ڪانفرنسون ۽ ادبي اجتماع پئي ڏٺا آهن. ڪارڪن ٿي هٿ
ڌورايا آهن ۽ خدمت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ عرس جي ٻين
تقريبات تي سرڪار رنگ به هوندي آهي، پر ادبي
ڪانفرنس هميشہ ادبي معيار تي ئي رهي آهي ۽ ان جي
صدارت لاءِ پڻ سنڌي زبان ۽ تعليم جي ڪنهن ماهر ۽
نامور، اسڪالر کي دعوت ڏئي گهرايو ويندو آهي. هن
سال عرس جون تقريبات 27 ـــ28 ـــ 29 سيپٽمبر
1988ع تي هلي پوريون ٿيون.
افتتاحي تقريب
27 ــ سيپٽمبر تي صبح جو ثقافتي مرڪز جو پنڊال ماڻهن سان ڀرجي
چڪو هو. اعلان اه ٿيل هو ته سنڌ جو گورنر رٽائرڊ
جسٽس قديرالدين احمد خان مهمان جي حيثيت ۾ شريڪ
ٿيندو، پر صاحب موصوف طبيعت جي ناسازي ۽ ناچاقي
سبب پهچي نه سگهيو، پر پنهنجي طرفان سنڌ جي هڪ
تڏهوڪي وزير محترم رحيم بخش سومري کي موڪليائين،
جنهن اچي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي
حاضري ڀري ۽ چادر چاڙهي عرس جي تقريبات جو افتتاح
ڪيو.
ان موقعي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي چيئرمين ۽ حيدرآباد جي
ڪمشنر مسٽر سالڪ نذير احمد سپاسنامون پيش ڪندي
ثقافتي مرڪز جي ڪوشش ۽ ڪاوشن جو ذڪر ڪيو.
هن صاحب ٻڌايو ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان هر سال جيان هن سال
به ڪيترن ئي ڪتابن کي شايع ڪرايو ويو آهي، جيڪي
سنڌي زبان ۽ ادب ۾ لازوال حيثيت رکندا.
ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري محترم عبدالحميد آخوند، جيڪو ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري پڻ آهي، ان
به انهيءَ جو اعلان ڪيو ته سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن
جي همت افزائي لاءِ حڪومت طرفان ڪافي ڪوششون
ٿينديون رهيون آهن. فنڪارن لاءِ لطيف ايوارڊ گذريل
ڪيترن سالن کان ڏنو پيو وڃي. اهڙي ريت اديبن ۽
شاعرن لاءِ هن سال کان ”گورنر ايوارڊ“ ڏنو ويندو،
جنهن جي رقم 10 هزار رپيا رکي وئي آهي ـــ جناب
عبدالحميد آخوند صاحب جي انهيءَ اعلان جي ڪمشنر
صاحب واکاڻ ۽ آجيان ڪئي ۽ جناب حميد آخوند توڙي
جناب حميد سنڌي جي ڪوشش کي ساراهيو ويو.
خاص مهمان محترم رحيم بخش سومري انهيءَ موقعي تي سنڌ جي گورنر
جي لکيل تقرير پڙهي ٻڌائي.
ان موقعي تي ٻن ڪتابن ”آهوئي صحرا“ ۽ ”سر ڪاموڏ“ جي تقريب
رونمائي پڻ ٿي. ”آهوئي صحرا“ سنڌ جي نامور شاعر
جناب نياز همايوني طرفان قاضي قادن جي بيتن جو
اردو ترجمو آهي ۽ ”سر ڪاموڏ“ ادبي ڪانفرنس جو
ڪنوينر، نامور تعليمي ماهر محترم حميد سنڌي جو
ترتيب ڏنل ڪتاب آهي جنهن ۾ گذريل سال ادبي ڪانفرنس
جي موقعي تي پڙهيل مقالا ۽ شعر شايع ٿيل آهن.
محترم حميد سنڌي هن کان اڳ سر ليلا چنيسر ۽ سر گهاتو پڻ مرتب
ڪري چڪو آهي. جن ڪتابن کي سنڌ جي علمي حلقن ۾
پذيرائي حاصل ٿي آهي.
محترم سومرو صاحب نهايت سٺي موڊ ۾ هو. ان کلندي چيو ته ”بابا،
مولانا صاحب (قاسمي صاحب) ته اسان جي ڳوٺ جو آهي.
اسان جا پراڻا ۽ قديمي تعلقات آهن. رباني ۽ نياز
صاحب سان به نهايت گهاٽي واسطيداري آهي.“ حميد
صاحب ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته ”هي ته منهنجو
ڀائٽيو آهي. سندس والد صاحب (مرحوم) سيٺ محمد
اسماعيل ميمڻ، اسان جو پراڻو يار ۽ ساٿاري هو.“ هن
تقريب کان اڳ دستور موجب راڳ رهاڻ ٿي، جنهن ۾ سنڌ
جي نامور فنڪارن پڻ حصو ورتو. جلال چانڊيي ان
موقعي تي وزير صاحب کي ڳوٺ تائين بجلي پهچائڻ جي
واسطي درخواست ڏني، جيڪا سومري صاحب انهيءَ وقت
واسطيدار عملدارن کي انهيءَ حڪم سان ڏني ته هڪ
مهيني اندر جلال جي ڳوٺ کي روشنيءَ سان منور ڪيو
وڃي. ڳوٺ ۾ بجلي جي لڳڻ جو ٻڌي جلال به موڊ ۾ اچي
ويو ۽ ٻه ڪافيون نهايت سٺي انداز ۾ ٻڌايائين.
هن تقريب جي اختتام بعد دوستن ۽ احبابن جو قافلو لائبريري هال
طرف روانو ٿيو، جتي مهمانن لاءِ چاءِ وغيره جو
بندوبست ڪيل هو.
ميوزيم
هال طرف هلندي هلندي آءٌ ڀر واري ميوزيم ۾ هليو آيس، جتي سنڌ جو
مشهور مصور ظفر ڪاظمي فن ڏسندڙن کان داد ۽ تحسين
حاصل ڪري رهيو هو. نوري ڄام تماچي، مومل راڻو،
سهڻي ۽ سسئي جي لباس مان هٿ جي ٺاهيل بوٽن کي اهڙو
ته سينگاريو ويو هو جو ائين پيو ڀانئجي ته سسئي جا
وار هوا ۾ لڏن پيا، سهڻي وچ سير ۾ لهرن ۾ لڙهندي
پئي وڃي، مومل چوپڙ راند ڪندي، دل جي راند هارائي
حيران ويٺي آهي ته نوري شاهه سائينءَ جي هن بيت جي
عڪاسي پئي ڪري ته
هيٺ جر مٿي مڃر پاسي ۾ وڻراه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچي جو ساءُ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
بهرحال انهيءَ ديدار کان پوءِ ڀر واري هال ۾ پهتس، جتي شاهه
صاحب جو دنبور ۽ ٻيا ڪيترائي قلمي نسخا ديدار درشن
واسطي رکيل آهن.
ادبي ڪانفرنس
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته ادبي ڪانفرنس جو سلسلو ته 1950ع
کان ئي شروع ٿي چڪو هو، جڏهن آغا تاج محمد خان
شاهه لطيف ميموريل سوسائٽي جو سيڪريٽري هوندو هو.
سندس تقرير جا هي لفظ اڄ به ڪنن ۾ ٻُرن پيا:
اقبال ٿو چوي:
سمندر سي ملي پياسي ڪلو شبنم
بخيلي هي يه رزاقي نهين هي
۽ لطيف سائين ٿو فرمائي ته:
ڏمريو تان ڏي، پرچي ته پاٽ ڀري
جنگ جکري کي، ٻئي چڱايون چت ۾
هي اهو وقت هو، جڏهن لطيف سائينءَ جي ڪلام سان ٻين صوفي ۽ نامور
شاعرن جي ڀيٽ به موضوع سخن هوندو هو. جيئن شاهه ۽
رومي، شاهه ۽ اقبال، شاهه ۽ سچل وغيره وغيره. ان
وقت جي ادبي ڪانفرنسن جون سڪون هاڻي ٿيندڙ ادبي
ڪانفرنس يقيناً لاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هاڻي به هر بار
هتي اديبن ۽ عالمن جو ميڙو ٿيندو آهي. سال گذرڻ
بعد وري ٻئي سال جو انتظار ڪندا آهن.
گذريل چند سالن کان ادبي ڪانفرنس جو سمورو انتظام سائين حميد
سنڌي جي حوالي آهي، جنهن کي يقيني طور تي اهو
اعزاز حاصل اهي ته هن سنڌ جي سڀني مڪتبه فڪر سان
تعلق رکندڙ اديبن ۽ عالمن کي هڪ هنڌ تي گڏ ڪرڻ جي
ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. اگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سيد علي مير شاهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا جهڙا
نامور عالم ۽ اديب به شريڪ ٿين ٿا ته ڊاڪٽر تنوير
عباسي، رشيد ڀٽي، نياز همايوني، آغا سليم ۽ خواجه
سليم جهڙن باشعور اديبن جو تعاون پڻ کيس حاصل پئي
رهيو آهي.
سنڌ ۾ عام طرح هي ميلا نهايت وڏي تزڪ ۽ احتشام سان ملهايا ويندا
آهن ۽ انهن مان هرهڪ ميلي تي ادبي ڪانفرنس جو پڻ
اهتمام ٿيل هوندو آهي.
حضرت قلندر شهباز جي ميلي جي موقعي تي سال 1960ع ڌاري ادبي
ڪانفرنس جو رواج پيو ۽ اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي
ته ان جو سهرو مرحوم سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ ڊپٽي
ڪمشنر دادو جي سر تي هو، جنهن سڄي سنڌ مان چونڊ
اديبن ۽ عالمن کي دعوت ڏئي قلندرانه محفل جو بنياد
وڌو هو. سيٺ صاحب مرحوم جي نسبت سان ائين کڻي چئجي
ته پورن 25 سالن کان پوءِ سندس ئي لائق فرزند حميد
سنڌي ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس جو بنياد موجوده
ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ محترم الله بخش سومري
وڌو، جيڪو ان وقت خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انڊر
ٽريننگ هو.
بهرحال مون ذڪر پئي ڪيو ته لطيفي ادبي ڪانفرنس جي منڊل گذريل 5
ـــ 7 سالن کان جيڪو رنگ مچايو آهي، اهو روزانو
وڌندو پيو وڃي.
28 ــ سيپٽمبر تي صبح جو ئي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اديبن جي آمد
شروع ٿي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي ٻه ايئرڪنڊيشنڊ بسون
اديبن سان ڀرجي روانيون ٿيون.
ادبي ڪانفرنس جون ٻه نشستون مقرر ڪيون ويون هيون، جنهن مان
پهرئين نشست جي صدارت نامور ماهر تعليم، مهراڻ
يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر ۽ هاڻوڪي
وفاقي سيڪريٽري تعليم محترم ايس ــ ايم ــ قريشي
کي ڪرڻي هئي، جيڪو پڻ اسلام آباد کان ڀٽ شاهه پهچي
چڪو هو.
ڀٽ شاهه جي ريسٽ هائوس کان اديبن ۽ شاعرن جو قافلو جن جي اڳواڻي
محترم ايڇ ــ ايم ــ خوجه، ڊاڪٽر ايس ــ ايم ــ
قريشي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻيا اديب ڪري
رهيا هئا، پيرين پنڌ گلن جي چادر کڻي درگاهه تي
پهتو ۽ بارگاهه لطيف ۾ پنهنجي سر کي عقيدت سان
جهڪائي نذرانه گل پيش ڪيا.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگهائيو.
۽ ائين محبت ۽ پيار، قرب ۽ سڪ وارن جو هي قافلو درگاهه تان
حاضري ڀري وري به پيرين پنڌ آڊيٽوريم ڏانهن روانو
ٿيو، جتي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيل هو.
سائين قيرشي صاحب جي اسٽيج تي مٿي اچڻ سان ڪارروائي تلاوت قرآن
مجيد سان شروع ٿي ۽ سڀ کان اڳ نامور دانشور سيد
علي مير شاهه تقرير ڪئي.
هر سال جيان هن سال پڻ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهندڙ مقالن لاءِ موضوع
مقرر ٿيل هوا، جن مان هڪ: سر ڏهر جو مطالعو، ٻيو:
شاهه، بحيثيت عوامي شاعر ۽ ٽيون: ساهه، انسانيت جو
علمبردار، هوا.
سيد علي مير شاهه سر ڏهر تي ڳالهايو ۽ لطيفي فقيرن جي ٽولي شاهه
سائين جو ڪلام سر ڏهر مان بيتن ڏيڻ ۽ وائي ڳائي
ٻڌايون. محفل وجد ۾ اچي وئي ۽ ان بعد واري واري
سان اديب ۽ شاعر، مرد توڙي خواتين ايندا ويا ۽
پنهنجا علمي شاهڪار پيش ڪندا ويا. جنهن بعد قريشي
صاحب علمي ۽ ادبي مسئلن تي دل کولي ڳالهايو ۽ ادبي
ڪانفرنس جي ڪوششن کي ساراهيو. 2 بجي تائين هيءَ
نشست هلي، جنهن بعد سڀني مهمانن کي لائبريري هال ۾
ماني کارائي وئي.
ٻي نشست، جنهن جي صدارت پاڪستان جي مشهور اديب ۽ پاڪستان اڪيڊمي
آف ليٽرس جي چيئرمين جناب پروفيسر پريشان خٽڪ کي
ڪرڻي هئي، جيڪو به پنهنجن رفيقن نامور پنجابي شاعر
سيد ضمير جعفري، سنڌي اديب محترم غلام رباني آگرو
ڊئريڪٽر جنرل اڪيڊمي ۽ سيد حسين شاهه راشدي، بلوچي
اديب جناب عزيز محمد بگٽي ۽ ڪراچيءَ جي دانشور
جناب مظهر يوسف سان پهچي چڪو هو.
ٻنهي نشستن ۾ جن اديبن مقالا پڙهيا ۽ شرڪت ڪئي، تن ۾ ڊاڪٽر اياز
قادري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو،
پروفيسر مير محمد ڀيو، ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، حافظ
ارشد انڍڙ، ف. م لاشاري، غلام نبي سڌايو، شيخ محمد
اسماعيل، پروفيسر زيب ڀٽي، الهڏنو سومرو، عابد
لغاري، محمد خان مجيدي، ميوو خان موج، سرائي امداد
علي، مولوي عبداللطيف سڪندري، ولي محمد طاهرزادو،
محمد حسين ڪاشف، پروفيسر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر قمر
واحد، ثريا سوز ڏيپلائي، رضيه شيخ، نذير ناز، حاجي
عنايت الله زنگيجو، اسد الله شاهه بخاري، مولانا
غلام مصطفيٰ دادوي، نفيس احمد ناشاد، غلام رباني
آگرو، حسين شاهه راشدي، مقبول سومرو، حافظ غلام
قادر چنه، مراد علي راهمون، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو،
خواجه سليم، نياز همايوني، منظور نقوي، ڊاڪٽر
غلام حسين پٺاڻ، شعبان بخت، خالد اطهر، حبيب الله
صديقي، حبيب الله جمالي، مولانا رحيم بخش قمر،
ممتاز مرزا، اسد جمال پلي ۽ نون لکندڙن مان
ڪيترائي دوست ۽ ساٿي ادبي ڪانفرنس ۾ موجود هئا.
ادبي ڪانفرنس جي ڪنوينر محترم حميد سنڌي، ادبي ڪانفرنس جي پهرين
توڙي ٻي نشست جي موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته هن
خطي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ان جا ماڻهو
ايترائي قديم ۽ پراڻن قدرن جا سنڀاليندڙ آهن. هن
چيو ته لطيف منهنجي نظر ۾ انهن شخصيتن جو اڳواڻ
آهي، جيڪي قومن جي جياپي سان تعلق رکن ٿيون. سندس
ڪلام سندس شخصيت جو نقش آهي. هن چيو ته لطيف جي
فڪر ئي اسان جي ذهن کي رستو ڏيکاريو ۽ ذهن کي سنڌو
درياهه جي موجن واري رواني ڏيکاري.
مهمان خصوصي ڊاڪٽر ايس ــ ايم ـــ قريشي توڙي محترم پريشان خٽڪ
پنهنجن تقريرن ۾ اهو زور ڏنو ته لطيف سائين جي
پيغام ۽ ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي ته
سندس ترجما شايع ڪرايا وڃن.
محترم پريشان خٽڪ اعلان ڪيو ته سر ڏهر يا ٻن ٻين عنوانن تي جيڪي
مقالا هن سال ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويا آهن، انهن
جو اردو ۾ ترجمو ڪرائي ڪتاب شايع ڪيو ويندو. هن
اعلان جو اديبن طرفان ڀرپور نموني ۾ خيرمقدم ڪيو
ويو. هن تقريب جي هڪ روايت هي به رهي ته سنڌ جي
سوکڙي اجرڪ نه صرف خاص مهمانن کي پارائي وئي، پر
هر پڙهندڙ ۽ شريڪ ٿيندڙ اديب ۽ شاعر کي به پاکر
طور ڏني وئي.
آخري تقريب
29 ــ سيپٽمبر تي آخري تقريب هئي، ان ڪري انهيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ صبح جو سوير ڀٽ شاهه پهچي وياسين.
سنڌ جو تڏهوڪو نگران وزير اعليٰ جناب اختر علي جي ــ قاضي هن
تقريب جو خاص مهمان هو. دستور موجب حيدرآباد جي
ڪمشنر محترم سالڪ نذير تقرير ڪئي، جيڪا واقعي
حيران ۽ دل خوش ڪندڙ ئي، ڇاڪاڻ ته سندس تقرير
سنڌيءَ ۾ هئي، جيڪا هن نهايت سٺي انداز ۽ پيرايه ۾
پڙهي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جناب حميد آخوند جي
مرحبائي تقرير بعد وڏي وزير تقرير ڪئي ۽ حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت
پيش ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته ميلي تي
زائرين کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ فنڪارن توڙي
اديبن جي ڀرپور سارسنڀال لڌي وڃي.
انهيءَ موقعي تي لطيف ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب سال
1988ع لاءِ لطيف ايوارڊ مشهور عوامي فنڪار ۽ شاعر
حسين بخش خادم کي ڏنو ويو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي
استاد فنڪار محمد جمن لاءِ خصوصي ايوارڊ جو اعلان
ڪري کيس وڏي وزير سان ملايو ويو. استاد محمد جمن
کي ڏسي موسيقي سان چاهه رکندڙ ڪيترن ئي دوستن جي
اکين ۾ پاڻي اچي ويو ته وقت جي بي رحم هٿن کيس
ڪيترو نه مجبور، معذور ۽ ڪمزور بنائي ڇڏيو آهي.
سدائين مرڪندڙ ۽ کلندڙ محمد جمن، اڄ صرف هڏن جو
پڃرو ۽ ضعيف نظر اچي رهيو هو. محمد جمن لاءِ سنڌ
حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو ته سندس علاج تي ايندڙ
خرچ حڪومت برداشت ڪندي.
انهيءَ موقعي تي ٻن ڪتابن ”سر ڪاموڏ“ ۽ ”وساريان نه وسرن“ جي
رونمائي به ٿي. سر ڪاموڏ محترم حميد سنڌيءَ جو
ترتيب ڏنل ڪتاب آهي ۽ ”وساريان نه وسرن“ محترم
ممتاز مرزا جو تاثراتي ڪتاب آهي، جيڪو هن سنڌ جي
مشهور مرحوم فنڪارن جي ياد ۾ سندن زندگي جو احوال
تاثراتي انداز ۾ لکي شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب به
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان شايع ڪرايو ويو هو.
گورنر ايوارڊ ڏيڻ کان اڳ ميلي جي نمائش ۾ مختلف
کاتن طرفان لڳايل شاندار اسٽالن جي واسطيدار
آفيسرن کي انعام به ڏنا ويا ۽ ان بعد گورنر ايوارڊ
جو اعلان ڪيو ويو.
گورنر ايوارڊ انگريزيءَ ۾ لکيل تحقيقي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ تي
محترمہ ڊاڪٽر درشهوار سيد کي ڏنو ويو. هن پاڻ اچي
پنهنجو انعام حاصل ڪيو. شاهه جي مقالات جي تحقيقي
جي سلسلي ۾ ٻيا انعام به ڏنا ويا. پهريون انعام
چار هزار. شاهه جي ڪلام ۾ تصوف“ واري عنوان هيٺ
مقالي تي ڏنو ويو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي استاد
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جو لکيل هو. ٻيو انعام ”شاهه
جي سورمي“ تي مشهور شاعر، اديب ۽ شاهه جي ڪلام جي
پارکو سيد منظور نقوي حاصل ڪيو. اهڙيءَ ريت اردو
زبان ۾ بهترين مضمون لکڻ تي ڪراچيءَ جي پروفيسر
آفاق صديقي کي ڏنو ويو. هن سال ڏنل ”سر ڏهر“ تي
بهترين مقالا لکڻ تي پهريون انعام مشهور اديب محمد
حسين ڪاشف ۽ ٻيو انعام جيڪب آباد ڪاليج جي استاد
غلام نبي سڌايو کي ڏنو ويو، جن پاڻ اچي اهي انعام
حاصل ڪيا. حقيقت ۾ اديبن جي همت افزائي جي لاءِ
جيڪي به انعام جاري ڪيا ويا هئا، تن لاءِ جس لهڻي
محترم حميد آخون، جنهن پنهنجي کاتي طرفان هر طرف
ڪوشش وٺي هيءُ انعام جاري ڪرايا. اميد آهي ته هي
سلسلو جاري رهندو.
سال گذريو وڃن، اهي تقريبون ۽ اهي گڏجاڻيون نٿيون وسرن. اهڙيءَ
ريت اِهي يادگار گڏجاڻيون پڻ پوريون ٿيون ۽ ”وري
ايندڙ سال ملاقات ٿيندي“، ”انشاءِ الله“ چوندا
هڪٻي کان موڪلائڻ لڳا.
اسان جي ادبي گڏجاڻين ۾ ڪيترن دوستن جي کوٽ محسوس ٿيندي رهي
آهي، جيڪي اسان کان جدا ٿي وڃي رب سائينءَ جي حضور
۾ پهتا. انهن ۾ جتي رشيد ڀٽيءَ جهڙو يار، پيارو
انسان ۽ اديب آهي، اتي پروفيسر عبدالعلي قلباڻي
جهڙو لطيفي لات جو ڄاڻو، لطيف سائينءَ جو منعتقد ۽
نامور استاد به آهي. سندن جدائي کي سڀني دوستن
محسوس ڪيو ۽ سندن مغفرت لاءِ دعائو گهريون.
تبصرا
(نوان سنڌي ڪتاب)
سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ
از: ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو؛ صفحا 701، ملهه 140 رپيا.
ناشر: انشٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، سال 1988ع.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو پنهنجي جنم کان ڪري، سنڌي علم ۽
ادب جي بي مثال خدمت ۾ مصروف رهيو آهي. هن شعبي
مختلف عنوانن تي پ. ايڇ. ڊي مقالن کان ڪري، هلندڙ
سال ۾ منعقد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس
تائين، سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ گهڻائي جتن ڪيا
اهن. انڪري سنڌي شبعي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مڙني
درستي توڙي تحقيقي ادارن ۾ مکيه مرتبو حاصل آهي.
هي شعبو سال 1986ع تائين مختلف عالمن پاران ڪيل
تحقيق جي نتيجي ۾ پي. ايڇ. ڊي واسطي 25 مقالا قبول
ڪري چڪي آهي، جن مان ڪجهه ڇپجي مقبوليت حاصل ڪري
چڪا آهن. هي سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ مذڪوره شعبي
۾ سال 1983ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري واسطي پيش ڪيو ويو
هو. هيءُ مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي
رهبريءَ هي، سنڌ جي ڄاتل سڃاتل اديب محترم عزيز
الرحمان ٻگهئي صاحب تيار ڪيو. ٻگهيو صاحب پريس
انفرميشن ڊپارتمينٽ ۾ ڊئريڪٽر آهي، انڪري هن عنوان
تي ڪم ڪرڻ ۾ سندس دلچسپي قدرتي امر آهي. هن ڪتاب
کان علاوه به مصنف جي ڪترن ئي علمي تحريرن جو
ذخيرو موجود آهي.
سنڌ اندر صحافت جي تاريخ ڪافي قديم آهي. ارڙهين صديءَ ۾ هتي
صحافت، وقائع نويسيءَ جي روپ ۾ موجود هئي. ان ڏس ۾
بلگرامي ساداتن جا نالا وڏي وقعت رکن ٿا. انگريزن
جي دور ۾ جڏهن متفقته رسم الخط وجود ۾ آئي، درسي
ڪتاب سنڌيءَ ۾ تحرير ٿا، پريس جو وجود قائم ٿيو،
تڏهن سنڌي صحافت جو سلو به نروار ٿيڻلڳو. ابتدا ۾
فارسي ۽ انگريزي ۽ پوءِ سنڌي صحافت جو بنياد پيو.
اڳتي هلي فارسي صحافت گم ٿي ۽ ان جي جاءِ سنڌي
صحافت والاري. سنڌي صحافت پهريائين سرڪاري سرپستي
قبول ڪئي ۽ پوءِ سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي سنڌ سڀا
جي گود ۾ اچي پناهه ورتائين. هتان ئي سنڌي صحافت
آزاديءَ جو ساهه کنيو، پنهنجي دامن کي سڄي صوبي
تائين پکيڙيو، مختلف شهرن اندر پنهنجا خاطو مقرر
ڪيا، آفيسر شاهيءَ جي آپيشاهيءَ تي ڦٽڪار ڪئي،
ڪارن قانون خلاف آواز اٿاريو، رشوت جي راڱڻ تي قلم
ڪاهيو ۽ سنڌي عوام کي سياسي توڙي سماجي سجاڳيءَ تي
راغب ڪيو. سنڌ سڀا، سنڌي اخبار ”سڌار“ کان علاوه
انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائمس“ (ابتدائي نالا ـــ
سنڌين، سنڌ نيوز ۽ بيڪن ــ
Beacon)
به هلائيندي هئي. ساڌو هيرانند ۽ اين گپتا
سلسليوار ٻنهي اخبارن جا مدير رهيا. هتان ئي صحيح
معنيٰ ۾ سنڌي صحافت جي سنجيده تاريخ شرو ٿئي ٿي.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ڪل چوڏهن
بابن تي پکڙيل آهي. بابت پهريون صحافت جي اصليت
بابت لکيل آهي، جڏهن ته ٻئي بابت ۾ وقائع نگاريءَ
کي صحافت جي پيڙهه تسليم ڪندي، صحافيءَ کي مورخ
سان شناس ڪيو ويو آهي. ٽيون باب سنڌ جي صحافت جي
ابتدا ۽ اوسر تي لکندي، ان زماني جو ذڪر اسان جي
صحافت جي پهرئين دور تحت ڪيو ويو آهي. مصنف جي
سٽاءَ موجب هن دور جي پڄاڻي 1910ع ۾ ٿي. ان دور ۾
صحافتي ڪيفيت بابت بڌايو ويو آهي ته هندو مسلمانن
جي اخباري توڙي ڪتابي زبان هڪ جهڙي هوندي هئي ۽ هڪ
رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکي ويندي هئي. (ص 30) هن بابت ۾ سنڌي
صحافت جي اوسر جي متعقل مختلف رخن تي ڀرپرو روشني
وڌي وئي آهي. بابت پنجون اوائلي دور جي صحافين جي
خدمتن ۽ سوانح سان گڏ، سندن لکڻين جي احوال تي
منبي آهي. هن باب ۾ يارهن صحافين جي خدمتن ۽ سوانح
سان گڏ، سندن لکڻين جي احوال تي مبني آهي. هن بابت
۾ يارهن صحافين جي خدمتن ۽ سوانح سان گڏ، سندن
لکڻين جي احوال تي مبني آهي. هن بابت ۾ يارهن
صحافين جو ذڪر ٿيو آهي. پهريون احوال مرزا مخلص
عليءَ جو ۽ آخري اسم مولانا دين محمد وفائيءَ جو
ملي ٿو. هن بابت ۾ تاريخي ترتيب جي لحاظ کان ٿيل
ڪوتاهين جو خود مصنف کي به احساس ٿيو ڏسجي ٿو (ص
134، حاشيو). بهتر ائين ٿئي ها ته مولانا وفائي يا
شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب جو ذڪر ورندڙ بابتن ۾ ڪجي
ها، ڇو ته انهن بزرگن ٻئي دور ۾ ئي صحافتي خدمتون
سرانجام ڏنيون. بلبل کان اڳ ساڌو هيارنند جو احوال
اچن گهربو هو ۽ خود اين گپتا جي سرسري ۽ جداگانه
تذڪرو ٿيڻ ضرور هو. هي بابت ڪافي دلچسپ آهي، ڇو ته
ان جي اصل تحريرن کي شامل ڪري، گويا ان دور جي سنڌ
جي سچي تصوير کي پڙهندڙن آڏو آندو ويو آهي. مثال
طور شيخ سنڌيءَ جو هڪ اقتباس هن ريت ڏنل آهي: ”سنڌ
غوطا کائي غرق ٿي رهي آهي. پاڻي مٿي کان چڙهي ويو
آهي. ان کي ٻڏڻ کان جنهن نه بچايو، غريب سنڌڙي ۽
سنڌين کي مغلوب ٿيڻ کان نه بچايو، تنهن لاءِ قلندر
جي دل مان زندگي خواه موت ۾ ڪهڙي دعا نڪري
سگهندي.“ (ص 148)
ان بعد تبصري هيٺ آيل ڪتاب ۾ سنڌي صحافت جي ٻئي دور جو ذڪر ملي
ٿو. هي دور مصنف جي سٽاءِ موجب 1911ع کان شروع ٿي،
1947ع تي ختم ٿئي ٿو. ڪتاب جو وڏو حصو، هن دور جي
مطالعي تي صرف ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪل ڇهن بابت
(پنجين کان ڏهين تائين) تي مشتمل آهي. بابت پنجون
اخبارن، رسالن ۽ مخرانن جي تاريخ ڏئي ٿو. ڇهون
بابت هندو پريس ۽ ستون باب مسلم پريس کي مرڪوز ڪري
ٿو. اٺون باب سنڌي صحافت ۽ وطني تحريڪ جي لاڳاپن
جو احاطو ڪري ٿو. نائون باب سنڌي پريس جي مختلف
پهلوئن کي اجاگر ڪري ٿو، جڏهن ته ڏهين باب ۾ سنڌي
ساهت جي ترقيءَ ۽ سنڌي پريس جي ڪردار بابت اڀياس
ڪيو ويو آهي. هي باب مختلف حصن تي مشتمل آهي ۽
لاشعوري طرح ان ۾ ٽئين دور جي صحافتي مامرن ۽
مخزنن کي پڻ قلمبند ڪيو ويو آهي. هي ڀاڱو سڄي ڪتاب
۾ مواد توڙي هيئت جي لهاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.
سنڌي صحافت هلندڙ چاليهه سالن ۾ ڪيئي ڏيهي توڙي
پرڏيهي لاها چاڙها ڏٺا، انهن کي قلمبند ڪيو ۽ انهن
۾ پاڻ به پنهنجي وجود آهر ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ته
بهرحال هن پوري عرصي ۾ پرآشوب دور مان گذري پار
پئي. فراقيوارانه سياست هتان جي سماج ۽ ساهت توڙي
مڪاني حالتن کي ايترو اثرانداز ڪيو، جو آخرڪار
سنڌي هندن کي سنڌ مان ٽپڙ ٻڌڻا پيا. خلافت تحريڪ،
مارشل لا، آزاد سنڌ جا جمهوري تجربا ۽ آخرڪار
پاڪستان جو قيام ـــ هيءُ سڀ معاملا ۽ مامرا هن
عرصي ۾ ٿي گذريا ۽ انهن جي ڪري خود سنڌي صحافت جا
ٻه محاذ ٿي ويا. جنهن کي عزيز الرحمان صاحب هندو
پريس ۽ مسلم پريس بابن تحت بحث هيٺ آندو آهي. جدا
جدا اخبارن ۽ رسالن مان همعصر واقعن بابت، ادارتي
نوٽ ۽ رايا هوبهو نقل ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا
آهن، جنهن سبب ان دور جي صحافت سان گڏ سنڌي سماج ۾
آيل اوسر ۽ تبديلين جي جهلڪ پڻ پڙهندڙ کي ملي وڃي
ٿي. ملڪي تحريڪن جي ڏس ۾ ڪيل تحقيق ۾ هجرت تحريڪ ۽
سنڌ اندر مارشل لا جي ڏاڍ ۽ ڏمر کي پڻ جاءِ ڏجي ها
ته ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ها. هن دور ۾
سنڌي صحافت داخلي مامرن کان علاوه خارجي اثرات جي
پوري پوري نرغي ۾ ڏسجي ٿي. سکر ۾ راشدي برادران
طرفان ايڊٽ ڪيل ”سنڌي زميندار“ ۽ ”ستاره سنڌ“
اخبارون، بلاشبہ مولانا ظفر علي خان جي ”زميندار“
۽ مولانا غلام رسول مهر جي ادارتي نوٽس ۽ تحريرن
کان فيضياب ٿيل هيون. اهڙو ذڪر ٻنهي ڀائرن پنهنجي
تحريرن ۾ ڪيل يادگيرين ۾ پڻ ڪيو آهي. تبصري هيٺ
آيل ڪتاب جي فاضل مصنف کي ان ڏس ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ
گهربي هئي
[1]. بهرحال هن چوڻ ۾
ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻئي دور جو صحافتي جائزو
هن سڄي ڪتاب جي جان آهي.
آخري چار باب (يارهين کان چوڏهين تائين)، سنڌي صحافت جي ٽئين
دور تي پکڙيل آهن. هي دور پاڪستان ۾ سنڌي صحافت جي
اوسر جي مطالعي تي مبني آهي. هنن چئن بابن ۾
پاڪستان کان پوءِ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ مخزنن جي
تاريخ ڏيڻ سان گڏ، انهن مسئلن جي به نشاندهي ڪئي
وئي آهي. جن سان سنڌي پريس کي منهن ڏيڻُ پيو يا جن
بابت اسان جي اخبارن کي مضبوط موقف سان جنگ رکڻي
پئي. ڪراچيءَ جي علحدگي، ون يونٽ، اقتصادي
ناانصافيون، ڪوڙا ڪليم، ڊوميسائيل، ڪوٽا سسٽم،
نوڪريون، سنڌي زبان ۽ اردو پريس جي روش ـــ اهڙا
عنوان آهن، جن تي هلندڙ دور جي سنڌي صحافت کي
پنهنجي مس ۽ ورقن جو وڏو حصو ڏيڻو پيو آهي. تيرهين
باب ۾ سنڌي پريس جي حالت ۽ ترقي ۽ آخري باب ۾
هندستان ۾ سنڌي پريس جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي
هن آخري حصي جو اڀياس ظاهر ڪري ٿو ته ڪتاب کي
انتهائي عجلت ۾ پورو ڪيو ويو آحي. هونئن ته هي حصو
پڙهندي ڪافي ڪوتاهيون کٽڪن ٿيون، پر هڪ اهم حقيقت
جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهربو هو، سا آهي 1975ع ۾
هڪ ڌڪ سان سنڌي زبان جي سؤ ڪتابن 11 رسالن ۽ 11
پريسن تي بندش واري صورتحال! ان عمل ۾ جناب طارق
اشرف ته متعدد ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، ليڪن بزر
اديب، دانشور ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم به
پابند سلاسل ٿيو ۽ متعدد پريسون به سيل مهر ڪيون
ويون. سنڌي صحافت جي تاريخ جو هي ڀيانڪ، اونداهو ۽
اهم بابت، ڪنهن به ريت ڪتاب مان گم ٿيڻ نه کپندو
هو. سنڌي ادب، پريس ۽ اشاعت، اڄ سوڌو ان حادثي جي
صدمي مان نڪري نه سگهيو آهي. ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي
ببليوگرافي آندل آهي ۽ ان بعد سڄي تحقيق جو اختصار
ڏنل آهي. آخر ۾ سورهن صفحن تي مشتمل ڀلنامو شامل
ڪري، هن ڪتاب کي توڙ تي پڄايو ويو آهي.
هيل تائين سنڌي صحافت متعلق ڪوبه ٺوس مطالعو نه ڪيو ويو آهي.
ايڪڙ ٻيڪڙ مضمونن کان علاوه جن مصفن سرسري طرح هن
عنوان تي لکيو آهي، انهن ۾ محترم ڪريم بخش خالد،
عزيز شيخ صاحب ۽ ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جا نالا
قابِل ذڪر آهن. عزيز الرحمان صاحب ان ڏس ۾ تحقيق
ڪندي، ڪيئي ذخيرن، ماخذن ۽ مضمونن کان مدد وٺندي،
هڪ صديءَ جي اخباري بيانن کي پڻ اٿلايو آهي.
اهڙيءَ ريت پاڻ سنڌي صحافت جي هڪ معتبر جائزي پيش
ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي. سنڌ صحافت جي
سنجيده مطالعي لاءِ ڪتاب اندر ذڪر ڪيل ٽنهي دورن
تي الڳ الڳ تحقيق ڪرڻ، هڪ صديءَ جي سنڌي صحافين ۽
ڪن ناليرين اخبارن جو جدا جدا اڀياس ڪندي، پڻ
ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي شعبه صحافت تي وڏي ذميداري عائد
ٿئي ٿي. سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ بابت تبصري
هيٺ آيل ڪتاب ۾ سواءِ متعدد اشتباهن، ڪوتاهين ۽
اوڻاين جي، مجموعي طرح سان قابل تعريف تحقيق،
ترتيب ۽ تدوين کان ڪم ورتو ويو آهي، جنهن لاءِ
محترم ٻگهيو صاحب، سنڌي شعبو ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي مبارڪباد جا مستحق آهن. هن صديءَ جي
اخباري جائزي ۾ اصل اقتباس شامل ڪرڻ سان ڪتاب جي
وقعت ته وڌي آهي، پر ان سان گڏ سنڌي صحافت جي سورن
واري سفر جي به چٽيءَ ريت نساندهي ٿئي ٿي. مثال
طور شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم، سنڌي مسلمانن جي
غفلت تي ماتم ڪندي لکيو ته: سنڌ جا مسلمانو! سنڌ ۾
توهان جي هندو ڀائرن جي آدمشماري 27 سيڪڙو آهي ۽
انهن جون انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ۾ ڏهه روزانيون
اخبارون آهن. مسلمانن جي آدمشماري 73 سيڪڙو آهي،
پر مسلم قوم جي روزاني اخبار فقط الوحيد آهي. ڇا
مسلمانن جي قومي غيرت اها ڳالهه برداشت ڪندي ته
انهيءَ اخبار کي به بند ڪيو وڃي. (ص ص 183-184)
ليڪن اهو وقت به اچي ويو جو ”الوحيد“ کي بند ڪيو
ويو. روزانه مهراڻ ان تي تبصرو ڪندي لکيو: الوحيد
جو بند ٿيڻ هڪ وڏو حادثو آهي، جنهن تي جيترو رنج
ڪجي اوترو گهٽ آهي... دراصل الوحيد جو نيلام سنڌ
جي عزت جو نيلام آهي. ڇا ڪوبه اهڙو شخص سنڌ ۾
موجود ڪونهي، جيڪو ان نيلام مان الوحيد کي بچائي
سگهي؟ ليڪن اهو نيلام ٿي چڪو. ڪنهن جو؟ ”الوحيد“
جو. اهو فيصلو ته تاريخ ڪندي.
ـــ غلام محمد لاکو
CIVILIZATION THROUGH THE AGES
تڪميل جي آرزو انسان جي ازلي هيجان آهي. تڪميل جي
اها آس، ڪامل ۽ اڪمل بنجڻ جو اهو جذبو، هن کي هر
هنڌ همه وقت مصروف رکندو اچي ٿو ۽ ان بيڪران ۽
بيقرار مصروفيت جا ٻئي تعميري توڙي تخريبي پهلو
تاريخ جي دفترن جي زينت رهندا آيا آهن. ٻين لفظن ۾
انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي پوري روداد سندس انهي ئي
همه گير هيجان جو معروضي عڪس آهي. انهيءَ ئي
تهذيبي گردشن ۽ تمدني ارتقا جي تبديلين جي ذڪر تي
اهو ڪتاب مشتمل آهي. اهو مواد جيڪو اسان جي واجب
الاحترام مصنفه مدر ايلسا قاضي جي هن ڪتاب ۾
سهيڙيل آهي، اهو ذڪر انسان جي ذوق فڪر جو به آهي ۽
ذوق عمل جو به. سندس بلندين جو به ته پستين جو به،
هن جي زوال جي آثار جو به ته عروج جي ڪسوٽن جوبه.
محترمه ايلسا قاضي ان داستان کي هڪ خاص زاويه کان ڏٺو ۽ بيان
ڪيو آهي. هڪ عالمگير خيرسگالي، امن ۽ عافيت،
انساني مساوات ۽ بين الاقوامي عدل ۽ ميزان، تخليقي
شعرو۽ جمالياتي وجدان کي انساني جمعيت لاءِ نصب
العين قرار ڏئي ان ساري سفر ۽ جدوجهد جي نسبت
اسلام جي همه گير پيغام سان ڳنڍي آهي ۽ ان جي
تسلسل کي ڪيترن ئي جڳ مشهور مفڪرن، شاعرن، انصاف
پسند حڪمرانن ۽ قديم توڙي جديد دانشورن، ۽ خدا ترس
سياستدانن جي نيتن ۽ سيرتن ۾ روان دوان محسوس ڪيو
آهي. اسان جي معزز مصنفه جي نظر اسلام جي فڪر ۽
قدر، ان جي نظري ۽ عملي مظاهر ۽ ڪردار ڪنهن خاص
زامين ۽ مخصوص ملڪ ۽ معاشري تائين محدود ناهن. بلڪ
هو ان کي آفاقي منصوبو ٿي قرار ڏئي ۽ ان کي هڪ ئي
وحدت ۽ ڪليي ۾ سميٽي پوءِ ان جي نزول ۽ وضول جا
زماني ۽ مڪاني مرحلا وقت ۽ حالتن جي نزاڪتن ۽
حڪمتن مطابق ٿي ورڇي. اهڙِءَ طرح پوري انساني
قيادت، اطاعت ۽ هدايت جي سلسلي جا لوازمات هڪڙي
مربوط ارتقائي منصوبي ۾ پئي ان کي مشرق ۽ مغرب،
جنوب ۽ شمال جي الڳ الڳ انساني آباديءَ جي سماجي
تقاضائن، عمراني ۽ وجداني ضرورتن جي پر منظر ۾ ٿي
پيش ڪري، لهاذا سندس هن تحقيقي پيشڪش ۾ انسان
پنهنجي علائقي، رسمي عقيدي، رنگ، نسل ۽ زبان جي
اختلاف ۽ اقرار جي باوجود قدرت جي ان ازلي اسڪيم
جي دعوت جي جامع صفحات ۽ متحرڪ اثرات کي قبول ڪندو
۽ اڳتي وڌندو نظر اچي ٿو ۽ انهن اختلافن هوندي به
مشترڪه انساني قدرن ۽ آفاقي معيارن جي ڪشش کيس
وحدت ۽ محبت جي دائري ۾ سميٽينڊي رهي ٿي. لهاذا
تاريخ جو اهو ازلي روح ۽ ان جي حرارت پوري انسان
ذات کي واحد نصيب العين ڏانهن متوجهه ڪندا رهيا
آهن ۽ منجهس عالمي اتحاد جو احساس جاڳائي رهيا
آهن. انهيءَ ڪري ئي مغرب ۽ مشرق جا مسيهي ۽
مسلمان، قبل مسيح جا يوناني ۽ ايراني، هندستان جي
مختلف تهذيبن ۽ نظرين جا حامي، گوتم جا پوئلڳ، چين
۽ ماورا چين جي پراچين ۽ قديم فڪر ۽ هنر جا ارباب
۽ اصحاب تاريخ جي ڪيترن دورن ۾ هڪٻئي سان امن ۽
احترام جا پيچ پائيندا رهيا آهن ۽ هڪٻئي ڏانهن خير
سگاليءَ جا سفير موڪيلندا رهيا.
اسپين جو عبدالرحمان ثالث ۽ هندستان جو اڪبر (اعظم) محترمه
ايلسا قاضي جي خيال ۾ زبان ۽ ثقافت جي ايڏي ساري
فرق ۽ اختلاف ۽ مڪاني فاصلي جي باوجود مروت،
مساوات ۽ انسان جي باهمي تعلقات جي آفاقيت کي
ساڳيو مان ڏين ٿا ۽ حسب حل ان جو فيض ۽ اجر ماڻين
ٿا. ساڳئي وقت مدر ايلسا قاضي اهو به ٻڌائي ٿي ته
انسان تاريخ جا، تاريخ جي هدايت ۽ حڪمت جا سبق
سکندو ۽ وري وري انهن کي وساريندو به آيو آهي، مگر
قدرت جو ازلي آواز به وري وري سندس ڪنن ۾ مختلف
زمانن ۽ مختلف زبانن ۾ گونجندو آيو آهي ۽ کيس سندس
شرافت، يگانگت ۽ خلاقيت جي جوهرن کان آگاهه رکندو
آيو آهي، اهڙوئي هڪ تاثر جو واقعاتي عڪس مرحومه
ايلسا قاضي پنهنجي ڪتاب جي بابن
Paradise Lost
۽
Paradise
۾ پيش ڪيو آهي ته ڪيئن انسان محبت، مروت، رواداري،
معرفت ۽ مساوات جا آفاقي درس سکي پنهنجا تهذيبي
معياير بلند ڪيا ۽ ڪو ڪيترو زمانو تنهنجو فيض
چؤطرف ڪنهن نسلي، لساني ۽ جغرافيائي فرق ۽ امتياز
کان سواءِ محض انساني بنيادن تي جاري ۽ ساري رهيو
۽ وري دفعتا آدم جي اولاد تي سندس سفلي جبلت ۽ پست
جذبن جو وحشتناڪ غلبو ۽ قبضو ٿي ويو ۽هن پنهنجي
ڪردار جي اشرف معيارن تان يڪايڪ سفاڪيت ۽ بربريت
جي پستن ڏانهن موٽ کاڌي! انساني قدرن جي پامائي جو
اهو منظر به دنيا جي اسٽيج تي دهرائبو رهيو آهي،
مگر دنيا جي ٻين ڪيترن مثبت سوچ رکندڙ اعليٰ سطحي
دانشورن، مفڪرن، اديبن ۽ عارفن وانگر انسان جي
ايلسا به نااميد ناهي ۽ عافيت ۽ سلامتي جي آرزومند
آهي ۽ انسان جي ارتقائي نصب العين جي اعليٰ ترين
منصب ڏانهن آسائتي اک کڻي نهارڻ جو نه رڳ حوصلو
رکي ٿي، پر ان کي پڙهندڙن ڏانهن به منتقل ڪري ٿي.
اها ڪنهن تاريخي ۽ عمراني مسودي ۾ دستاويز جي سڀ
کان وڏي خوبي آهي جا ماڻهوءَ جي مثبت جذبي ۽ نيڪ
نيتيءَ کي بيدار ۽ متحرڪ رکي سگهي. هي ڪتاب
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪيو آيه ۽ ان جي قيمت
00ـــ75 رپيا آهي.
ـــ حيدر علي لغاري
بڙ جو ڇانو اڳي کان گهاٽي
”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ شيخ اياز جي دلاويز ۽ فڪر انگيز
شعرن جو چوڏهون ۽ گذريل پنجن سالن ۾ شايع ٿيندڙ
سندس اٺون مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ شعرن جي چونڊ
کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر حصي جي آڏو اهڃاڻي چترن
سان ان حصي جي ابتدا ڪئي وئي آهي.ئ انهن چترن جي
آڌار تي، هڪ حصي کان ٻئي حصي ڏانهن ويندي، اياز
صاهب جي آدرش، پيغام، پنهنجيءَ پوريءَ سگهه سان،
پنهنجي جڪڙ ۾ جڪڙي به ٿو ۽ اِمپريس به ڪري ٿو.
اياز صاحب جي سموري فڪر ۽ فن جو جائزو ۽ اوک ڊوک
ڪو سڄاڻ نقاد ۽ ڪو سڄاڻ پڙهندڙ ئي ڪري سگهي ٿو.
مان هن مجموعي جي حوالي سان رڳو ان نتيجي تي پهتو
آهيان ته اياز صاحب جي شاعري، پنهنجي
Conclusion
ڏانهن تيزي سان وڌندي پئي اچي. هتي لفظ
ڪَڪڪِليويَن لکڻ مان منهنجا ٻه مفهوم آهن ـــ
پهريون مفهوم هي، جنهن لاءِ بار بار اياز صاحب اِن
حسرت جو اظهار ڪندو رهيو آهي ته ڪاش! مان پنهنجي
زندگي4 ۾ ئي پنهنجي شاعريءَ کي ڪنهن منطقي نتيجي
تي پهچائي وڃان. ان ڏس ۾ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ
کي ڪهڙي منطقي نتيجي تائين پهچائڻ چاهي ٿو، اُن جو
تفسير ۽ جواب اسان جي مانواري سائينءَ محمد
ابراهيم جويي صاحب جو لکيل مهاڳن ۾ هڪيو تڪيو آهي
(۽ صحيح معنيٰ ۾ اياز صاحب ۽ سندس فڪر جي اُڏام کي
ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي، ته ’جويي صاحب‘ جا مهاڳ گائيد
به ڪن ٿا، ۽ دوربينيءَ جو به ڪم ڏين ٿا) اياز صاحب
جي شاعريءَ جو، پننهجي ’ڪنڪليوين‘ ڏانهن تيزيءَ
سان وڌڻ جو، نمبر ٻيو مفهوم هي ٻڌائڻ چايهان ٿو،
ته ڄمار جي 65 هين سال شروع ٿيڻ سان، اياز صاحب جي
شعرن جي بيڪ گرائونڊ ۾ ڊيٿ ٽيونز جي خاطري ڀريا
سائرن شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪنڪليوين هيءُ آهي، ته هن
مجموعي جي ڳچ سارن نظمن ۾، هن باقاعده زندگيءَ کي
الوداع چوڻ شروع ڪري ڏنجو آهي. باوجود ان جي ته هر
نئون صبح ۽ روشن سج هن جي ڏات ۽ فڪر لاءِ نئين
انرجي، نئين هٻڪار مهيا ڪري پيو، ان جو احساس خود
اياز صاحب کي به آهي. ان جو ثبوت وٺو، ته موت جي
ڀوَ کي پٺن پويان ڪري، پنهنجي شاعراڻي سگهه،
مجموعي جي صورت ۾ سهيڙي، هو ان جو نالو تجويز ڪري
ٿو: ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي.“ (زور ڪنهن تي
ٿيو؟ ” اڳي کان گهاٽيءَ“ تي.)
سچ پچ ته، رايو ته اسان جو به اهوئي ساڳيو آهي. جيتوڻيڪ بڙ ۾
هاڻ ڏار آهن، ڇڊا پاڊا، پر جيڪي به آهن، ڇانو
گهاٽي لايون بيٺا آهن. انهيءَ بڙ جي ڇانو ۾ ڪجهه
گهڙين لاءِ اکيون پوري... هاڻي اکيون کوليون. سال
1961ع ۾ انهيءَ سال جي پهرين جون تي، اياز صاحب،
جويي صاحب ڏانهن پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو... ”مان
فقط اهو ٿو سوچيان ته پيرسنيءَ ۾ فڪر جي پختگي ۽
گهرائي ته ملي ٿي، پر جذبات جي تازگي نٿي ملي.“
اجهو هاڻي سال 1988ع آهي. اياز جي زندگيءَ جو
پنجهٺون سال، پيرسنيءَ جو سال. اياز صاحب جو
پنهنجي ڀرپور جواني ۾ سرجيل ڪلام. ’ڀؤنر ڀري آڪاش‘
کان وٺي ’وڄون وسڻ آئيون‘ تائين ۽ هاڻوڪن مجموعن
مان ’رڻ تي رم جهم‘ کان وٺي ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان
گهاٽيءَ“ تائين. ڏسو ته اياز جي لهجي ۾ جيڪا
لائوڊنيس، بغاوت ۽ جذباتيت اڳ هئي، هاڻي اها
مڌرتا، گنڀيرتا ۽ ماٺار ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
هاڻوڪو سڄو ڪلام جهڙو چانڊوڪي رات ۾ درياءَ جو
سُڪوت. سياست کان پوءِ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻيو وڏو
حصو جيڪو هاڻي واضح نظر اچڻ لڳو آهي، اهو جنهن
هستيءَ بابت آهي، اها آهي ’عورت‘:
شامَ جي دوشالي ۾
دور ڄامشوري کان
تون اچي رهي آهين.
*
ڪيئي سال ٿيا، مون توکي
اڄ ڏٺو آهي رستي تي
تون ته، اڳي جيئن آهين پياري
ديدَ پئي ڄڻ گلدستي تي.
سکر ۾، سج روز شيخ اياز جي پيشاني جي سڌَ ۾ لهي، چڙهي ٿو ۽ هو
مسلسل، لڳاتار لکندو رهي ٿو. زنگي جا سڀ ميلا،
جهميلا، سڀ مصروفيتون، هو پٺيان ڇڏي
آيو آهي، ۽ صرف لکڻ ڏانهن ذميوار آهي، ۽ ان سبب
ڪري هو چوڏهن شعري مجموعا ڏيڻ کان سواءِ، هزارين
نثر ۽ نظم جا، نوان صفحا به تيار ڪري چڪو آهي.
اياز صاحب جو هاڻوڪو ايڏو ادبي سرمايو ۽ سندس شخصي
زندگيءَ کي ويجهي کان ڏسڻ پسڻ کانپوءِ، پتو پيو ته
ڪنهن شاعر لاءِ تنهائي ڪيڏي نه سازگار ثابت ٿيندي
آهي.
”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، مجموعو اياز صاحب پنهنجي پياري
دوست مرحوم رشيد ڀٽيءَ کي ارپيو آهي. اياز صاحب هن
مجموعي کان اڳ به پنهنجو ڪو مجموعو، زندهه رشيد
ڀٽيءَ جي نالي ارپي سگهيو پئي! پر سوچيان پيو:
ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب ارپائڻ لاءِ مري وڃڻ به ڪيڏو نه
ضروري ٿي پوندي آهي.‘ مجموعي جي ٽائٽل تي اياز
صاحب جي رنگين تصوير موجود آهي:
”منهنجو منهن جهونو ٿي ويو آ
تنهنجي لاءِ نهاريندي
وَر وَر آڳ اُڀاريندي
پرههُ اڃان ته نه پورو ٿيو آ
اچڻو آهه بنسبت اڃا
سيءَ سياٽي انت اڃان.“
بئڪ ٽائٽل تي، اياز صاحب جي تازو ڇپيل ڪتابن جو وچور ڄاڻايل
آهي. مجموعي لاءِ خوبصورت چتر ۽ گرافڪس، فتاح
هاليپوٽي جي محنت جو ڦل آهن. نيو فيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد پاران ڇپرايل هن مجموعي جو
ملهه آهي: ٽيهه رپيا.
ـــ نصير مرزا
جِت جُرُ وهي ٿو جال
سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کي ڪنهن تعارف جي ضرورت ڪونه آهي. هر قسم
جي پڙهندڙن وٽ الطاف شيخ سفرنامن جي حوالن سان
ايترو مصروف آهي جو هن جي دوستن ۽ مائٽن جي به هر
پڙهندڙن کي پروڙ آهي ۽ ڪيترا اسان جهڙا الطاف شيخ
سان معمولي واقفيت رکندڙ به ڪٿي پاڻ وڻائڻ لاءِ هن
کي پنهنجو دوست چواڻي قدر وڌائي سگهن ٿا. الطاف
شيخ جي سفرنامي جي فن ۾ اها حيثيت آهي جيڪا سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ امر جليل ۽ شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي اهي.
الطاف شيخ جي هن وقت تائين لکيل سفرنامن ۾ اهو احساس آيو آيه ته
پاڻ به گهمندو وتي ٿو، تنهنڪري پڙهندڙ جي گهمڻ
واري خواهش جو به پورائو ڪندو رهي ٿو. گهڻي کاڌي
کان گهڻو ڏٺو ڀلو جي مصداق اکين ۽ دل ٻنهي جون
گرهجون پوريون ڪندو رهي ٿو. پر هن ”جت جر وهي ٿو
جال“ ڪتاب ۾ الطاف هڪ مڪمل تحقيق ڪندڙ جي روپ ۾
نظر آيو آهي، جيڪو پنهنجو گهر ڇڏي ٿو ته به ڪتابن
۽ معلومات جت تلاش ۾، نه آواره گردي لاءِ. سندس
اهو روپ به يقيناً سنڌي ادب جي سنجيده پڙهندڙن ۾
وڏو مقام حاصل ڪندو. هن ملائيشيا ۾ ڪجهه سال رهڻ
کان پوءِ ملائيشيا جي باري ۾ اتان جي سياست،
معيشت، تاريخ ۽ ثقافت متعلق تحقيق ڪري جيڪا
معلومات ڏني آهي، اها ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ رهندڙ
ڪيترن ئي عالمن ۽ تاريخ دانن کي به ڪونه آهي. هاڻي
دل ٿي چئي ته الطاف ملائيشيا مان نڪري سنڌ اچي
وسائي ۽ اڳئي تحقيقي جذبي سان سنڌ جي مسئلن ۽
تاريخي اهڃاڻن ۽ آثارن بابت تحقيق ڪري.
جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته الطاف ڪٿي به ڪنهن به ملڪ ۾ رهندي
يا سمونڊ ۾ هلندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي
مسئلن کي ڪونه وساريو آهي.
موجوده ڪتاب ۾ الطاف ٻي معلومات کان علاوه ملاين ٻوليءَ جي باري
۾ به ايتري ڄاڻ ڏني آهي، جو ڪوبه نئون ماڻهو رڳو
اهي ڏنل لفظ ۽ جملا ياد ڪري آسانيءَ سان ملائيشيا
جي ماڻهن سان سندن ٻوليءَ ۾ پنهنجو مفهوم سمجهائي
۽ انهن کي سمجهي سگهي ٿو. هونئن به بقول هڪ دوست
جي ته مون به گهڻا ملڪ گهميا آهن، پر هر ملڪ وڃڻ
کان اڳ معلوم ڪندو آهيان ته هن بابت الطاف ڪجهه
لکيو هجي ته اهو ساڻ کڻي وڃان، جيڪو حقيقت ۾ سفر
جي سمر کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.
ملائيشيا جي ماڻهن کي به هر نئين آزاد ٿيل ملڪ وانگر ساڳيا
مسئلا درپيش آهن. مثال طور فاتحن جا مقامي ماڻهن
بابت غلط رمارڪ ۽ غلط نفسياتي تجزيا. مختلف تاريخي
جڳهن، تفريح گاهن ۽ رستن جي نالن جي تبديلي، فاتحن
جي رسمن ۽ روايتن کي فرمانبردار غلامن وانگر
پنهنجو ڪرڻ وغيره.
الطاف شيخ ملائيشيا جي شهرن ۾ جڏهن مختلف ملڪن جي ماڻهن مثال
طور چيني، جپاني ۽ هندستاني ماڻهن سان ملي ٿو ته
انهن جي مسئلن جو ذڪر ڪندي پنهنجي مسئلن جو ذڪر ۽
تجزيو ڪري ٿو. ڪوالالمپور شهر ۾ جڏهن هڪ فوٽوگرافر
چيني عورت جپان وڃي ڪجهه وقت اتي ڪمائڻ لاءِ پهچي
ٿي ته الطاف کيس ٻڌائي ٿو ته جپاني توهان چينين
کان به وڌيڪ سياڻا آهن، هو ڪنهن به ڌارئي کي اتي
رهي ڪمائڻ نٿا ڏين. تنهن تي چيني عورت ورائيندي
چئيس ٿي ته. ”اسان ته پاڙي جي ملڪ انڊونيشيا جي
ماڻهن کي به پاڻ وٽ رهڻ نٿا ڏيون، جيتوڻيڪ سندن
مذهب ساڳيو آهي، زبان ساڳي آهي، ڪلچر ساڳيو آهي.“
جنهن تي الطاف پڇيس ٿو ته، تنهن جي معنيٰ ته اسان
پاڪستاني بيوقوف آهيون. چيني عورت وراڻيس ٿي ته
”اهو آءٌ ڇو چوان، پنهنجو پاڻ کان پڇو ته بهارين
کي پاڻ وٽ گهرائي ڇا هڙ حاصل ٿيو اٿانوَ؟ بنگالي
لڪيو وڃن هندستان ته اهي کين هڪ ڏينهن به نٿا
رهائين، ڦريو گهريو اهي به پاڪستان ۾. برما کان
ماڻهو ڀڄن ته اهي به پاڪستان ۾، ايران کان ڀڄن ته
اهي به پاڪستان ۾. هاڻي ته انڊونيشيا جا به
ڪيترائي بيروزگار پاڪستان وڃڻ جو سوچي رهيا آهن.“
هڪ ڌارئي عورت جو ڪيڏو نه سچو مشاهدو پيش ڪيو اٿس.
اهي الطاف جا وڏا ڪارناما آهن جو مختلف ڪردارن کان
اهڙيون حقيقتون بيان ڪرائي ٿو، جيڪي پاڪستان ۾
رهندڙ مستقل مفاد جي سيني ۾ تير وانگر چڀي وڃڻ
جهڙيون آهن.
هن ڪتاب جي مختلف بابن ۾ الطاف ڪوالالمپور جي بيهڪ، اندرين
سونهن، شهر جي قدامت ۽ جديد طرز تعمير ۽ فن کان
روشناس ڪرايو آهي ته ڪوالالمپور جي آسپاس تفريح
گاهن، باغن، چڙيا گهرن ۽ ٻيٽن جي سونهن ۽ نالن
مٽائڻ واري روايت جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌي ماڻهن جي
ايمانداري ۽ واپاري طبيعت، سچائي ۽ اخلاق جي پڻ
گلوب سلڪ اسٽور ۾ ڪم ڪندڙ ڪردارن جي حوالي سان
واکاڻ ڪئي اٿس. تاريخي ڳالهيون، يادگار ڏينهن ۽
سالن بابت گهڻي ڄاڻ ڏني اٿس. پاڪستان جي سياسي
ماڻهن جي ملائيشيا ۾ جيڪا عزت (خاص ڪري ذوالفقار
علي ڀٽي ۽ مولانا مودودي) آهي، ان بابت پڻ هن ڄاڻ
ڏني آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هتان جا ماڻهو پاڪستان جي
حالتن کان چڱيءَ طرح واقف آهن. ملائيشيا جي تعليم
بابت ڄاڻ ۽ معيار کان علاوه سائنسي جوڙجڪ ۽ مذهبي
عقيدن بابت الطاف گهڻي ڄاڻ ڏني آهي. انگريز بيٺڪي
راڄ بابت ڄاڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۽ سازشن جو ذڪر ڪيو
اٿس.
پاڪستان جي سفارتخاني جي طور طريقن ۽ رهائش پذير ماڻهن جي روين
جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿس.
مطلب ته هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جي تاريخ، سياست ۽ معاشيات جي
مطالعي جو ذوق رکندڙن لاءِ مواد سان گڏ گهمڻ ڦرڻ
وارن سياحن لاءِ گهمڻ ڦرڻ، ڏسڻ ۽ واپرائڻ لاءِ
ڪيترن تاريخي هنڌن ۽ کاڌن بابت مڪمل ڄاڻ آيل آهي.
”جت جر وهي ٿو جال“ ملائيشيا جي تاريخ سان گڏوگڏ ٽوئرسٽ گائيڊ
پڻ آهي، جنهن لاءِ الطاف جَسَ لهڻي.
هي ڪتاب نيو فيلڊس حيدرآباد جو هڪ سئو نائون نمبر
ڪتاب آهي. نيو فيلڊس ٿوري عرصي ۾ سنڌي علم ادب جي
جيڪا خدمت ڪئي آهي، اها ڪيترن ئي سرڪاري ادارن کان
مٿڀري آهي. شل سندن اهو جذبو بقرار رهي ۽ سنڌي ادب
کي اهڙا ڪيترائي ڪتاب ڏئي مالا مال ڪندو رهي.
|