سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :7

وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي، ڪجهه سالن کانپوءِ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر مقرر ٿيس. حنيف صديقي گذاري ويو. هڪ ڏينهن پٽس شفيع مون سان يونيورسٽيءَ جي آفيس ۾ ملڻ آيو ۽ مون کان ڪا مدد گهريائين. مون چيس ته ”راشدي صاحب اڄ ڪلهه ڀٽي صاحب جو صلاحڪار آهي. اسلام آباد ۾ آهي. ساڻس به صلاح ڪجي.“

چيائين ته ”منهنجي  ڀيڻ اسلام آباد وٽس ويئي هئي. پورا پندرهن ڏينهن وٽس ئي ٽڪيل هئي. پر راشدي صاحب منهن ڪونه ڏنس.“

جڏهن سربستو احوال ٻڌايائين ته مان ڏک ۾ ويڙهجي ويس. حنيف صديقيءَ جي گهر ۾ دعوت جو منظر ۽ سندس سڪ ڀريا سڏڙا ياد آيا: ”علي محمد شاهه، او علي محمد شاهه !“

*          *          *          *

سنڌ نيورسٽيءَ واري زماني ۾ ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مان به راشدي صاحب جي سڀاءُ جو ڪجهه اندازو ٿيو. مون انهن ڏينهن ۾ ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئي. وقت بوقت ڪي دلچسپ قصا آئنده جي ياد گيريءَ لاءِ لکندو رهندو هئس. انهيءَ ڊائريءَ مان ان دور جو لکيل هڪ واقعو هت نقل ڪريان ٿو:

”ڪالهه صبح غلام نبي ميمڻ (اڳوڻو وزير قانون، مغربي پاڪستان) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي داخلا لاءِ مون سان ملڻ آيو . ان سلسلي ۾ ٻه چار دفعا اڳ پڻ مون وٽ آيو آهي. معاملي ۾ ڪو اٽڪاءُ آهي.هر دفعي ساڻس سٺي ڪچهري ٿيندي آهي. هن ڀيري ٻڌايائين ته ايوب خان جي دور ۾ جڏهن پاڻ ون يونٽ حڪومت ۾ وزير قانون هو، تڏهن راشدي صاحب سان اهوطئي ٿيو هو ته هو حڪومت جي حمايت ۾ اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندو ۽ موٽ ۾ کيس ماهيانو پندرهن سو رپيا معاوضو، گلبرگ ۾ بنگلو ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪار ملندي .هن چيو ته انهيءَ خرچ پکي جو سڄو بار ڪراچيءَ جي هڪ سيٺ تي رکيو ويوهو،، جنهن جا نواب ڪالا باغ سان گهرا مراسم هئا. (هت مان انهيءَ سيٺ جو نالو ڄاڻي ٻجهي ڪونه ٿو لکان).

غلام نبي ميمڻ صاحب ٻڌايو ته راشدي صاحب جا مضمون ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ته ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ڇپيا هئا. هڪ مضمون سندس (غلام نبيءَ) جي نالي ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ فاطمه جناح جي مخالفت ڪيل هئي. جا صدر محمد ايوب خان سان چونڊن ۾ بيٺي هئي. ان ۾ پاڪستان جي ’هڪ اهم شخصيت‘ پنهنجي هٿ سان هي اکر وڌايا هئا ته ’محترم فاطمه جناح کان پڇيو وڃي ته هن پاڻ قائد اعظم يادگار (مقبري) جوڙائڻ لاءِ ڪل ڪيتري امداد ڏني آهي؟‘ مضمون جي اشاعت بعد اردو پريس ۾ ان جي مخالفت ٿي، ته صدر ايوب خان بيزار ٿي چيو ته ’راشدي صاحب جا مضمون سندس لاءِ چڱي ڳالهه نه آهن؛ سو انهن کي بند ڪيو وڃي‘.

ميمڻ صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو ، ته ڪن ڏينهن ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور ويو هوس. راشدي صاحب فلئٽيز هوٽل ۾ ٽڪيل هو. مان ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ڪمري ۾ ڪونه هو. ڪو ٽائپيسٽ هڪ انگريزي آرٽيڪل ٽائيپ ڪري رهيو هو. راشدي صاحب ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب وٺي آيو هو. مان سندس انتظار ۾ اهي ڪتاب ويهي ڏسڻ لڳس، ته ايتري ۾ پاڻ به اچي ويو. پر، جيئن ئي مون تي نظر پيس ته کيڪارڻ بدران چڙمان چيائين تهwhat are you doing here?’

”مان اهي اکر ٻڌي، هڪو ٻڪو ٿي ويس ! پريشانيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ چيم ته ’منهنجو سرڪاري ڪم پورو ٿي ويو. واپس پئي ويس. چيم ته اوهان کان موڪلائيندو وڃان.‘

هوٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسڻ لڳو. پنهنجي چُڪ محسوس ڪري، نرمانيءَ سان چيائين ته ’ڪيئن‘ ڪتاب وڻيئي؟‘

 مون موقعي جو فائدو وٺي کيس چيو ته ’سٺا آهن. چڱو ڀلا، مان هلان ٿو،‘ ان واقعي کان پوءِ مون کي ڪيترائي ڏينهن ارمان رهيو، ته مان وٽس ويس ڇو؟

ٿورو ڏينهن بعد غلام نبي ميمڻ جي نالي ۾ ’پاڪستان ٽائيمس‘ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿيو، جنهن ۾ صدر ايوب خان جي حمايت ۽ فاطمه جناح جي مخالفت هئي. مون کي ميمڻ صاحب جي ڳالهه ٻڌي خيال آيو ته لاشڪ ته اهائي آرٽيڪل فلئٽيز ۾ ٽائيپ ٿي رهي هئي ۽ راشدي صاحب کي انديشو ٿيوته متان مون اها ڏسي ورتي هجي !

 صدر ايوب خان ۽ محترم فاطمه جناح جي چونڊن واري زماني ۾ راشدي صاحب پنهنجي نالي م جيڪو اخباري ڪالم لکندو هو، ان ۾ فاطمه جناح جي حمايت ڪئي هئائين. جڏهن محترمه جي شڪست ٿي، ته مان وٽس ويٺو هئس. ٿڌو ساهه ڀري چيائين: ’ڪلر ٻاريئي ڪانه، ڪَيئي جٺ جوئر سان؛

سنڌ يونيورسٽي

ڄامشورو سنڌ

28-12-1978ع

*          *          *          *

راشدي صاحب سنڌ جي هڪ قداور سخصيت آهي، پر منهنجو خيال آهي ته پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ جن اخلاقي قدرن جو ذڪر ڪيو اٿس. تن تي وقت آئي، پاڻ به ثابت قدم ڪو نه رهيو آهي. ان معاملي ۾ سنڌ جي ڏاهن ۾ ، راشدي صاحب اڪيلو مثال ڪونهي. مون کي گهڻا تڻا اهڙا برک ماڻهو اکين اڳيان تري اچن ٿا، جن ۾ قول ۽ فعل جي مطابقت ڪانهي ؛ سو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انسان جو فعل شايد حالتن جي طالبع رهي ٿو. ساڳيو ماڻهو هڪڙين حالتن هيٺ هڪ ڳالهه جي تبليغ ڪري ٿو، پر جڏهن ٻين حالتن هيٺ آهي ته انهيءَ ڳالهه جي برعڪس عمل ڪري ٿو. جيڪڏهن کيس موٽي اڳئين ماحول ۾ اچڻو پوي، ته شايد وري پراڻي ڳالهه ڪري. اهڙيءَ حالت ۾ نيڪ ۽ بد جو معيار مقرر ڪري ڇڏڻ ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکي، هميشه لاءِ چڱو يا برو قرار ڏئي ڇڏڻ، درست نه ٿيندو.

*          *          *          *

هر انسان پنهنجي ماحول جي پيداوار آهي. ليڪن، راشدي صاحب جهڙا غير معمولي ماڻهو نه فقط ماحول کان متاثر ٿيندا آهن، پر ان کي پاڻ متاثر ڪندا آهن. سائين حسام الدين شاهه هڪ دفعي مون کي چيو هو ته ”علي محمد شاهه جهڙن ماڻهن جي سوچ ڌرتيءَ ۾ زلزلا آڻيندي آهي.“

راشدي صاحب کي جڳ جهان کان نرالا ۽ غير معمولي ماڻهو ڏاڍا وڻندا هئا، مثلاً سيد جمن شاهه حقائي، حافظ مبارڪ علي شاهه (نابينا)،  نانگو شاهه وغيره.

هڪ ڏينهن ڪراچيءَ مان فون تي راشدي صاحب جو پيغام  پهتو ته منهنجي دادوءُ واري فارم لاءَ ٺانگي شاهه کان کجين جي چڪين جي پڇا ڪري، جواب ڏي. مان تن ڏينهن ۾ بورڊ ۾ هوندو هئس. نانگي شاهه جي جاءِ جي پڇا ڪري، ڦليليءَ جي پاسي ۾، سندس اوتاري تي پهتس. وڻڪار ۽ ٿڌڪار ڪاڻ وڏا وڏا وڻ رکي، جهنگل ۾ منگل ڪري ڇڏيو هئائين پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي. سڀ وڻ اڳتي هلي، ڪلر جي ڪري، سُڪي ٺوٺ ٿي ويا. سائين نانگو شاهه سُڪا ٿڙ ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو.

راشدي صاحب جي ڪري مون سان ڏاڍي قرب سان مليو. کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون ۽ ڌوڌ پتي چانهه اچي اڳيان رکيائين. دلچسپ قصا ٻڌايائين ۽ چيائين ته سڄو هندستان ۽ برما پيادل گهمي آيو آهيان، پيرن فقيرن جون وڏيون درگاهون ڀيٽيون اٿم.

مون ساڻس ڳالهه ڪڍي ته فلاڻي بزرگ لاءِ چون ٿا ته ”ماڻهن سان هٿ ڪونه ملائي.“

چيائين ته ” اسان فقيرن ماڻهن جو ڪم ئي خلق جا ميرا هٿ ڌوئڻ آهي. اها روش ته چڱي ڳالهه ڪانه آهي.“

نانگو ان ڪري ڪوٺيندا هئس جو هميشه گوڏ ۾ هوندو هو. مٿو، پير ۽ بت اگهاڙو. هيڪر بخار ٿيس. وڏيءَ عمر وارو هو. مون کي خبر پيئي ته کانئس پڇڻ ويس. چيائين ته جڏهن به بخار ٿيندو اٿم، ته وهندڙ پاڻيءَ جي ڪَسيءَ ۾ وڃي ٻه چار ڪلاڪ ليٺي پوندو آهيان. چاق ٿي موٽندو آهيان.

راشدي صاحب وڏي تعظيم ڪندو هو، بلڪ کيس نقد نذر نياز به پيش ڪندو هو. راشدي صاحب وٽس ايندو هو ته کيس پنهنجن هٿن سان ٻوڙ ماني پڇائي کارائيندو هو.

راشدي صاحب جي ابتڙ، سائين حسام الدين شاهه کي وري اهڙا ماڻهو اصل ڪونه وڻندا هئا، سندس دوستي اڪثر ڪري عالمن ۽ دانشورن سان هوندي هئي.

*          *          *          *

هڪ دفعي سائين جي. ايم. سيد ڳالهه ڪئي ته جيڪو ماڻهو راشدي صاحب کان پوءِ چين ۾ پاڪستان جو سفير ٿيو تنهن سندس سروس رڪارڊ جي تعريف ڪئي. ليڪن، ڪجهه سال پوءِ مان پان 1982ع ۾، اديبن جي هڪ سرڪاري وفد ۾ چين گهمڻ ويس ته پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ اعليٰ عملدار انهيءَ راءِ جي تائيد ڪانه ڪئي. ٿي سگهي ٿو ته هو غلط هجي. کيس راشدي صاحب جي ڪم ۽ ڪارنامن جي صحيح خبر نه هجي.

ماڻهو جڏهن هي جهان ڇڏي وڃن ٿا، تڏهن سندس باري  ۾ ڪير به ڪابه ڳالهه ڪري سگهي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ جي تصديق ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مولوي محمد صديق نالي سنڌي ادبي بورڊ ۾ منهنجو رفيق هوندو هو. تاريخ جا نالي سان چڙ هوندي هيس. چي، ”سائين! ماڻهو منهن تي ويٺا ڪوڙ هڻن. اوهان وري سالن ۽ ايامن جا داستان پڙهي، پيا اجايا سجايا نتيجا ڪڍو.“ مولوي صاحب جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن هو. سا الڳ ڳالهه آهي . سچ کي سڃاڻڻ ڏکي ڳالهه آهي. مجاز ۽ حقيقت جون سردون انڊلٺ جي  رنگن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ مليل آهن.ڏاها چوندا آهن ته حقيقت جي  چهري تي، ستر هزار نور جا ۽ ستر هزار ظلمت جا پردا پيل آهن. هڪ هٽاءِ ته هزارين سامهون اچن ٿا.

حقيقت الائي ڪيئن آهي، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ پيرعلي محمد راشديءَ جهڙا غير معمولي ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا آهن. هو انهيءَ ئي سنڌ جي مٽيءَ ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي ماڻهوءَ جي هيانءَ کي ماندو ڪندڙ اُس، ڌوڙ ڪانو. ڪتي ،اَڪَ، ڪنديءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. تعليم نصيب ڪانه ٿيس. جيسين ڏاڏو حيات هيس، تيسين ڳوٺ ۽ ڪوٽ جي اجهي ۽ اوٽ مزو ڏنس، پوءِ ’اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي‘ جي اصول تي عمل ڪيائين، ڳوٺ ڇڏي شهرن جي واٽ ورتائين: سفر جي راهه پاڻ گهڙيائين: همسفرن جو جيڪو مشاهدو ماڻيائين، ان جي آڌار تي ماڻهن کي ٽن حصن ۾ ورهايائين: هڪڙا چاڪر، ٻيا چوڪر ۽ ٽيان چل ڪسته زن. سنڌ جي بي پهچ، بي يارو مددگار ۽ مظلوم ماڻهوءَ سان کيس پيار هو ۽ سندس دادرسيءَ لاءِ دل ڪر ڪندي هيس. جڏهن سنڌ ۾ روينيو وزير هو، تڏهن هڪڙي ڪتابڙي ڇپائي ورهايائين، ته سنڌ ۾ آباديءَ لائق هيتري ساري زمين آهي، جنهن تي مُٺ جيترن ماڻهن جو قبضو آهي؛ ٻئي طرف لکين هاري بيروزگار آهن، وٽن ٻئيءَ جو هڪ جريب به ڪونهي . اها چوپڙي ان ڪري ڇپائي هئاسين، جو جاگيرداريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سانبا ها ڪري رهيو هو. چوپڙيءَ ۾ هڪ بکايل ٻڪريءَ جي تصوير ڏنل هئي، جا ڪنهن وڻ مان سائو پنڙو پٽڻ لاءِ کُر کڻي بيٺي هئي.

تصوير ڏسي مون ائين ڀانيو ته مظلوم سنڌ به سک جو ساهه پٽڻ لاءِ صدين کان ائين اڀي پيرين بيٺي آهي. ’ڀيڄ پٽائي‘ ۽ ’جهولي لعل‘ جا نعرا هڻندي خلق جي نڙي به سڪي وئي آهي . واهوندا ڪڏهن ورندا؟ ڪينجهر ڪڏهن کٿوري ٿيندي؟ ڀٽائيءَ جي دعا ڪڏهن اگهامندي؟

جاگيرداري ختم ڪرڻ جو خيال کيس وزارت جي خمار ڪري ڪونه آيو. هو سچيءَ دل سان پاڻ کي سنڌ جي عوام سان وابسته سمجهندو هو ۽ ايوان اقتدار ۾ پير پائڻ کان ڪئين ورهيه اڳ ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ ”Story of the sufferings of Sindh“ نالي هڪڙو ڪتابڙو لکيو هئائين. جو خانبهادر کهڙي جي  نالي ۾ شايع ٿيو هو. راشدي صاحب سنڌ جي بيدرد ۽ بيرحم معاشري کي بدلائڻ جو عزم ڪري اُٿيو هو. وزير هو ته هيڪر سکر ۾ ليوڪس پارڪ وٽ ڀت تي وڃي ويٺو. غريب جا ولر رشوتي ڪامورن جي آفيسن ڏانهن ويندا ڏسي، واڪا ڪرڻ لڳو: ”اڙي هيڏي اچو. ايڏانهن پاڻ ڦُرائڻ نه وڃو.“

پر، عبدالڪريم گدائيءَ جي لفظن ۾ ”سنڌڙيءَ جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي !“ سنڌ جي ڀوتارن جا پرڪار، ڪلدار جي زور تي اڳئين کان  به اتبرو تي ويا. سنڌ جا ڏکيا بکيا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن سورن ۾ ويڙهبا ويا.

*          *          *          *

راشدي صاحب پنهنجيءَ انفرادي زندگيءَ ۾ تاڃي پيٽي سنڌي هو. سيم سان ڀريل جتيون، ٽوپيون، ململ جا پٽڪا ۽ ٺٽي جون لونگيون پائيندو هو. ڪِريون_اي (Craven_A) بدران پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو. انگريزي طرز تي ڪانٽن ڇُرين بدران سنڌي نموني ۾ هٿن سان ماني کائيندو هو. متيرن جو آچار، سرنهن جو ساڳ، ڪڪڙ جو پلاءُ، تتر جو ٻوڙ ۽ پڪل تلور کي بهشت جون نعمتون ڀائيندو هو. شراب ڪباب کي ڪڏهن به ويجهو ڪونه ويو. اجتماعي ليول تي، غريبن ۾ اٻوجهن کي سڏ ۾ سڏ ته ڏيئي ڪونه سگهيو، پر انفرادي ليول تي سنڌ سان لنوءُ لائيون آيو. قدرت سندس ساههُ سنڌ سان سان سنهيءَ سئيءَ سان سبي ڇڏيو هو.

پڪي سنڌي راڳ جو عاشق هو. جڏهن وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات هو، ته خانداني گوين جي سرپرستي ڪندو هو. منيلا ۾ سفير هوندو هو، ته ٻه سنڌي ڪافيون ڳائي، رڪارڊ ڪرائي، سائين حسام الدين شاهه کي ڪراچيءَ موڪليو هئاهين. سندس آواز ۾ ڏاڍو سوز هو. هڪ ڪافيءَ جي ڪن ڪن اکرن جو پڙلاءِ اڃا ڪنن تي پوندو اٿم. ڪڏهن ڪڏهن اداس هوندو آهيان، ته ازخود سندس ڪافيءَ جا اکر چپن تي ايندا آهن:

سَمجههُ سياڻا، سوڍل يــار سياڻا،

                سوڍل يارَ سياڻا،

پر سنڌ سان ايڏي عشق هوندي به جڏهن ’ون يونٽ‘ جهڙي ڪني ڪم ۾ هٿ وڌائين، ته سندس سڄيءَ عمر جي دوست سائين جي .ايم.سيد کي به اها فتويٰ ڏيڻي پيئي ته ”کهڙي کي اهو گناهه بخشي سگهجي ٿو، راشديءَ کي نه“.

مون جڏهن به ان معاملي تي غور ڪيو آهي ته ائين محسوس ڪيو اٿم ته دنيا جا جيڪي به وڌا ماڻهو ٿي گذريا آهن، تن ۾ هڪ انگ نمايان آهي. اهو هي ته سندس ’انا‘ ڏاڍي اڀريل هوندي آهي. جڏهن به هو ڪو ارادو ڪندا آهن ته ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪانه ڪندا آهن. پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري، وڃي پار پوندا آهن.

ڪراچيءَ ۾، منهنجي ٻڍڙي دوست، نارٿ ويسٽرن هوٽل جي مالڪ ، آغا يوسف سان سندس ننڍي ڀاءُ ڳالهه ڪئي، ته ترڪيءَ ۾ مصطفيَ ڪمال ۽ انور پاشا ٻنهي سان دوستي هيم، جڏهن ٻنهي ۾ اختلاف ٿيو ته سندس ڪو ٽيون دوست مصطفيٰ ڪمال کي سمجهائڻ ويو ته من ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٺهي وڃن. مصطفيٰ ڪمال ساڻس وڏي قرب سان مليو. ڳالهه ٻڌائينس. ڪافي پياريائينس، جڏهن اهو دوست ساڻس ڀاڪر پائي، موڪلائي روانو ٿيو ۽ دروازي وٽ پهتو، ته پٺيان مصطفيٰ ڪمال  کيس پستول سان شوٽ ڪيو. غريب اتي ئي دم ڏنو.

مصطفيٰ ڪمال جي ٻي ڳالهه  اها ڪيائين ته جنگ جي هڪ محاذ تي ترڪ فوجن کي سخت مقابلو هو. ڪمانڊر پيغام موڪليو ته مصطفيٰ ڪمال پاڻ محاد تي نه ايندو، ته ترڪن کي شڪست ملندي، مصطفيٰ ڪمال کي ان وقت گڙدي جو سخت سور هو. ۽ مڇيءَ وانگر ڦٿڪي رهيو هو، پر جيئن ئي پيغام مليس. ته فوجي يونيفارم ۽ گهوڙو طلب ڪيائين. سورا ٿي محاذ تي پهتو. کيس ڏسي، ترڪ فوجن ۾ بجليءَ وانگر جوش جي لهر ڊوڙي ويئي. موت جي پرواهه ڪونه ڪيائون. دشمن تي قهري حملو ڪيائون ۽ کيس سخت شڪست ڏنائون. ڪاميابي ڄڻ ته مصطفيٰ ڪمال جي منهن تي لکيل هئي. رڳو سندس اچڻ جي دير هئي.

چنگيز خان جي زندگيءَ ۾ پڙهيم ته ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪيائين. سپاهين کي پاڻي به نه ڏنائين. سندس گهوڙيسوار سپاهي واءُ مينهن ڪندا ٿي ويا. هڪ سپاهي اڃ کان بيحال ٿي، چيلهه مان خنجر ڪڍي گهوڙي جي ران ۾ هنيو. رت ڦوهاري وانگر نڪتو. لپ ڀري اڃ لاٿائين ۽ وري گهوڙي کي چهبڪ هڻي. تيز ڪري، لشڪر سان گڏ پنهنجو سفر جاري رکيائين.

راشدي صاحب جي سنگدليءَ جا به ڪيئي داستان ٻڌا اٿم. ڪي خود کانئس، ڪي سائين حسام الدين شاهه کان، ڪي پيرزادي عبدالستار کان، ڪي حاجي مولا بخش سومري کان، ڪي رحيم بخش سومري کان ته ڪي ٻين کان.

سندس سخاوت، درياءُ دليءَ ۽ دلنوازيءَ جا به اهڙائي داستان ٻڌا اٿم. غير معمولي ذهين ماڻهو هو. قدرتي انصاف جو قائل ڪو نه هو. انسانن جي جزا ۽ سزا لاءِ قدرت کي قصوروار ڪونه سمجهندو هو. عمل ۽ رد عمل ۾ ويساهه رکندو هو. قدرت کيس ذهانت سان گڏ محنت جي نعمت سان به نوازيو هو. آسمان مان ’من وسلويٰ جي نازل  ٿيڻ جي توقع ڪانه رکندو هو. پنهنجي پتيءَ جو ڪم ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيئي، نتيجي لاءِ قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪندو هو.

”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾  قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ اخلاقي قدرن ۽ قدرتي انصاف جي موضوع تي گفتگو ڪئي اٿس. ان ۾ سندس پنهنجي سڀاءُ جو اولڙو به نظر اچي ٿو. سنڌي زبان ۾ ورلي ڪي اهل قلم هوندا، جن جي نگاهه راشدي صاحب وانگر انساني سوچ جي بنيادي فڪري سرچشمن رائين پهتي هوندي. راشدي صاحب ۾ ابن خلدون، هابس، لاڪ ۽ روسو جهڙن عظيم مفڪرن واريون صلاحيتون هيون، پر، زندگيءَ جي بنيادي مسئلن جي تهه تائين ڪونه ويو. ڳالهه ڇيڙي، ان کي سرسري نموني ۾ سماپت ڪري ڇڏيندو هو. شايد ان ڪري، جو پاڻ زندگيءَ جي معاملن کي ’آئيڊيلسٽ‘(idealist) انداز سان ڏسڻ ، بدران ’پريڪٽيڪل‘(practical) فقطه نگاهه کان پر کيندو هو. هيڪر ڪراچيءَ مان مون کي پيغام موڪليائين. ته ’مانيءَ جو بندوبست ڪر؛ هوٽل ۾ ڏينهن ٺاري، دادو هليا وينداسين. مون ڳوري ماني ڪرائي هئي. کائي سمهي پيو. گرميءَ جي مهل هئي. شام جو ننڊ مان اٿيو ته دادوءَ وڃڻ جو ارادو بدلايائين ۽ مون کان پڇيائين ته : ڪاڏي گهمڻ هلون؟“ مون سوچي چيو ته ”سائين علامه قاضي صاحب وٽ هلون.“ فورا جواب ڏنائين ته انهيءَ وٽ پنهنجو وقت ڪير وڃائيندو.“ جڏهن علامه صاحب وفات ڪي ته مٿس جنگ اخبار ۾ اهڙو ته مضمون لکيائين ، جو سائين جويي صاحب انهيءَ مضمون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو، ۽ نوٽ هنيو ته“ هن مضمون مون کي بار بار روئاريو.“

سائين جي ايم، سيد. سندس سوچ جو تجزيو ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو هو ته ”راشدي صاحب اسان وانگر آئيڊيلسٽ ڪونه هو، عملي سياستدانن وانگر سوچيندو هو.“

مان ڀايان ٿو ته هن اهي نتيجا گهڻي قدر سنجيده ڪتابن پڙهڻ وسيلي ڪڍيا هئا. مون وٽس تاريخ جو هڪ ڪتاب ڏٺو، جيڪو يورپ جي ڪنهن فوجي جرنيل جي حياتيءَ تي هو. مٿس پنهنجيءَ بيگم ممتاز راشديءَ جونالو لکي، هيٺان لکيو هئائينس:.

‘this also can happen to the warriors of the world’

مائٽن سندس نالو علي محمد رکيو هو، ۽ پاڻ پنهنجي اولاد جا جيڪي نالا رکيائين، سي سندس حسن ذوق سان گڏ سندس عقيدي جا آئينه دار آهن. اخلاقي قدرن جي شڪست کي مڃڻ، ۽ آئيڊيلسٽ نه هجڻ جي باوجود، راشدي صاحب توحانيت جو قائل هو. مون کيس ڪڏهن به نماز يا تسبيح پڙهندي ته ڪونه ڏٺو، پر هڪ دفعي جڏهن کانئس روحانيت بابت سوال ڪيم. ته مون کان جواب ۾ پڇيائين:”تون ايٽم بم جي جي قوت کي مڃين ٿو؟“

”هائو“

”چڱو، مان توکي ايٽم بم جو نسخو آڻي ڏيان ۽ مسالو به موجود ڪري ڏيان، ته ايٽم بم ٺاهي سگهندين؟“

”نه“مون جواب ڏنو.

هن چيو ته ”روحانيت جو مثال به ائين آهي. اها ڳالهه به تنهنجي ۽ منهنجي سمجهه کان گهڻو مٿي آهي. پر حقيقت آهي.“

 ٻئي دفعي مون سندس گهر ۾ کانئس نماز پڙهڻ لاءِ مصلو گهريو. نماز پڙهي بس ڪيم، ته مون کي چيائين ته مان توکي هڪ وظيفو ڏسيان، اهو پڙهي ڇڏيندو ڪر. قرآن ڪريم جا ڪي الفاظ هئا. قرآن ته سڄو ئي نور آهي، پر مان نماز جو قائل آهيان، سو سندس صلاح تي عمل ڪونه ڪيم. ائين سمجيهم ته شايد پاڻ پنهنجيءَ پر ۾ شايد اهو وظيفو پڙهندو آهي.

ليڪن، انهن خيالن ۽ عقيدن جي باوجود، پاڻ تاريخ جي واقعن جو نتيجو ڪڍڻ ۾ بيباڪ هوندو هو. هڪ دفعي مولانا قاسميءَ ۽ مون سان ڪچهري ڪندي. چين جي سوشلسٽ اڳواڻن جي ڏاڍي تعريف ڪيائين. مون ساڻس اختلاف ڪندي چيو ته ”مائوءَ جي گهر واريءَ جو ڪهڙو حشر ڪيائون؟“

اهو ٻڌي، مون کي ٺهه ٺهه جواب ڏنائين ته ” تو وارا پاڻ ۾ ڪونه وڙهيا هئا؟“

*          *          *          *

راشدي صاحب کي سياسي معاملن جو وڌو شعور هو.هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”سنڌ جاماڻهو ان ڏينهن کان ڊڄن، جڏهن سندن دشمن، منجهن ڦوٽ وجهڻ لاءِ ٻروچ ۽ سماٽ جو سوال اٿا ريندا. ”تازو اسلام آباد ۾ سنڌ جي هڪ اعليٰ پوليس عملدار سان ڪچهري ڪندي اها ڳالهه  ڪيم. چيائين ته: “راشدي صاحب وڏو دورانديشن انسان هو.“

راشدي صاحب موج ۾ هوندو هو ته پوءِ سندس ڪچهري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي. هڪ دفعي مان ۽ اسدالله شاهه حسيني، سرڪاري ڪم سان اسلام آباد ۾ هئاسين. اسان کي رات جي مانيءَ تي گهر سڏيائين. ماني کائڻ کان پوءِ ڪچهري شروع ٿي. الائي ڪهڙو ريچڪ آيس، سواچي ٿو اسدالله شاهه سان چرچا شروع ڪري. جيترو مون کي قرب ڏنائين، اوترو ئي اسدالله شاهه کي پٽايائين، پر، سندس مذاق نهايت شگفته ۽ شائسته هئي.

ڀٽي صاحٻ جي بادشاهيءَ ۾ جڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ مشير هو، تڏهن ڪنهن شخص مون سان ڳالهه ڪئي ته ”راشدي صاحب دلي طرح خوش ڪونه آهي.“ سا ته خدا کي خبر. پر، انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ موقعي تي مون کي چيائين ته ”هي جلاوطنيءَ جاڏينهن به گذري ويندا.“

ٻئي دفعي مون کي ٻڌايائين ته جڏهن وفاقي وزارت تان استعفيٰ ڏني هئم. تڏهن استعفيٰ لکي، پنو پادر ۾ وجهي کڻي ويو هوس. جڏهن ڪاري صاحب سان مليس، ته پادر مان استعفيٰ ڪڍي. سندس سامهون ميز تي رکيم.

هڪ دفعي لنڊن ۾ انگلستان جي راڻيءَ سان ڪا ملاقات مقرر ٿيس. اعليٰ درجي جي انگريزي لباس هوندي به هوائي جهاز رستي، سنڌ مان پراڻي طرز جي زريءَ سان ڀريل ميراڻي ٽوپي گهرايائين، جا ملاقات مهل پائي ويو.

*          *          *          *

اسلام آباد ۾ مولانا ڪوثر نيازي منهنجي پاڙي ۾ رهندو هو. مون سان گهرو گهاٽو هو.ڪنهن زماني ۾ پاڻ ڀٽي صاحب جو وزير هو ۽ راشدي صاحب مشير. هڪ دفعي مون کانئس راشدي صاحب بابت راءِ پڇي. چيائين ته ”راشدي صاحب جيڏين اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو، ايڏيون سازگار حالتون کيس ڪونه مليون.“

اهڙي ئي ٻئي ڳالهه ملتان جي مخدوم ، محترم سجاد حسين قريشي صاحب ڪئي. مون سان قرب اٿس. پاڻ تڏهن پنجاب جو گورنر هو ۽ مان وٽس لاهور جي گورنر هائوس ۾ ٽڪيل هئس. مخدوم صاحب فرمايو ته: ”پير علي محمد راشدي نيپولين بوناپارٽ جي ليول جو ماڻهو هو. پر ، سندس پُٺ مضبوط ڪانه هئي. ننڍي صوبي جو ماڻهو ٿي پيو.“

*          *          *          *

مون راشدي صاحب کي پويون دفعو تڏهن ڏٺو،جڏهن اسپتال مان اڌ رنگي جي هلڪي عارضي کان  پوءِ صحتياب تي نڪتو هو. پنهنجي وڏي فرزند حسين شاهه جي گهر ٽڪيل هو، جنهن جي آڳُر جو هڪ حصو ڇٻرآهي ۽ ٻيو سيمنٽ جي پلاسٽر سان ڍڪيل آهي. اتي، تڙڪي تي، ڪرسي وجهي ويٺو هو. سياري جي مند ۽ صبح جي مهل هئي. مون کي ڏسي، ڪنڌ مٿي کنيائين، کيڪاريائين. ۽ ضعيف آواز ۾ چيائين: ”ويهه .“

پاسي ۾ ٻه ٽي خالي ڪرسيون پيون هيون، مان هڪڙيءَ تي ويٺس. ڏٺم ته بيماريءَ ڪري، ڳري هلڪو ٿي ويو هو. ڄڻ ته جسم ۾ سگهه ئي ڪانه رهي هئس. ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ به وٽس ڪو ماڻهو ڪونه هو. اڪيلو ئي اڪيلو رهي نانءُ الله جو. ڪا دير مڪمل سناٽو هو . پوءِ ڪنهن مهل، وڻ ۾ ٿورو کڙڪو ٿيو. مون ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو. ڪجهه ڪونه هو. شايد، ڪو پکي اڏاڻو هوندو. وڻ جي لام لڏي رهي هئي.

راشدي صاحب بهر صورت اهوئي خاموش رهيو. هڪ اڪيلي ۽ اداس انسان وانگر، سيمنٽ جي سخت ۽ بي مهر فرش ڏانهن تڪيندو رهيو. ڪنهن اونهي ويچار ۾ هو. اهو منظر ڏسي، مان ماٺڙي ڪري، ادب ۽ احترام سان، آهستي آهستي ڪرسيءَ تان اٿيس ته متان سندس خيال ۾ خلل پوي. هورڙيان وکون کڻندو، گهر جي دروازي مان ٻاهر نڪتس. روڊ تي اڃا ماڻهن جي اچ وڃ شروع ڪانه ٿي هئي. صبح جي مهل هئي. هڪڙي بنگلي جي اڳيان، پنجابي چوڪيدار، ڳڙاڪو تماڪ وارو حقو ڇڪي رهيو هو، ۽ ڏاڍي مٺي، پر، سوز ڀرئي آواز ۾ هاڪاري صوفي شاعر، سلطان باهوءَ جي ڪافيءَ جي هڪ سٽ وري وري ڳائي رهيو هو:

تاڙي مار نه باهو

اسان آپ اُڏڻ هاري هون

تاڙي مار نه باهو

اسان آپ اُڏڻ  هاري هون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com