فياض چند ڪليري
سڀ دِشائون
انڌيون آھن
ٽرين جي لڳل بريڪ ۽ چيڪاٽن تي ھن جي اک کلي ٿي پوي. ھو اکيون
مھٽي دريءَ مان ٻاھرنگاھه اڇلي ٿو.
”نوابشاھه جنڪشن …….!“
بورڊ تي نظر پوندي ئي ھو تڪڙ ۾ اُٿي، برٿ تي رکيل ٽريولنگ بيگ
کڻي، ڪلھي ۾ لٽڪائيندي، لاھور ويندڙ پنجابي فيملي
جي بزرگ جو ٿورائتو ٿيندي کيس مھرباني چوي ٿو،
جنھن کيس حيدرآباد کان نوابشاھه تائين پنھنجي
رزروڊ سيٽ تي ويھڻ جي اجازت ڏني ھئي.
سڄي ڏينھن جي مشيني لائيف واري روٽين کان پاڻ ڇڏائي، منجھند جو
چئين بجي جڏھن ھو ٽرين ۾ سوار ٿيو ھو، تڏھن کيس
محسوس ٿيو ھوته جيڪڏھن ھُن نوابشاھه تائين بيھي
سفر ڪيو، ته پڪ سان بيٺي بيٺي کيس ننڊ اچي ويندي ۽
ڦان ڪري ڪنھن مسافر جي مٿان ڊھي پوندو. سيٽ تي
ويھڻ کان پوءِ، نوابشاھه پھچڻ تائين، ھو ننڊ ئي
ڪندو آيو ھو. شرٽ کي جينز جي پينٽ ۾ ترتيب سان
وجھندي ھو ٽرين مان لھي ٿو.
ھو جڏھن ھڪ نظر پري پري تائين ويندڙ پور وڇوٽ پٽڙين تي وجھي ٿو،
تڏھن کيس پنھنجي زندگي ۽ وجود تي انھن پور وڇوٽ
پٽڙين جھڙو گمان ٿئي ٿو. ڊسمبر مھيني جي آخري
سانوري ۽ ٿڌڙي شام جو، پنھنجي ماضيءَ جي شھر ۾
ايندي، ڪجھه لمحن لاءِ پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي محسوس
ٿو ڪري، ڄڻ ھو غلطيءَ سان ڪنھن غلط اسٽيشن تي لھي
پيوھجي. گذريل سالن جي بي ترتيب وڇوٽيءَ، سندس
وجود ۽ ھن شھر جي وچ ۾ ڪيڏا نه خيال پيدا ڪري ڇڏيا
آھن. ڪڏھن اھوئي شھر ھن جي جنون ۽ جذبن جي پناھه
گاھه بڻيل ھو. ڪڏھن انھيءَ شھر جي ھوائن ۾ ھُن
پنھنجي لاءِ پيار جي خوشبو محسوس ڪئي ھئي. ھن
شھرجون ڪيئي اڪيليون ڪنڊون ھُن جي اڪيلائيءَ جون
ساٿي رھيون ھيون. ڪڏھن اھوئي شھر ۽ اِھائي اسٽيشن
ھوندي ھئي جڏھن ھو راتين جودير دير تائين پنھنجي
دوستن سان بي مقصد رُلندي نه ٿڪجندو ھيو. ھِن ئي
اسٽيشن جي پراڻي پليٽ فارم تي بيٺل اڪيلي سرنھن جي
وڻ ھيٺان ٺھيل سيمنٽيڊ بئينچ تي ويھي، ھن ڪيتريون
ئي اڪيليون راتيون، اداسيءَ سان شيئر ڪندي ۽ ڪلرڊ
سگريٽ ڇڪندي گذاري ڇڏيون ھيون. اڄ سڀ ڪجھه ساڳيو
ھوندي، ھرشيءِ منجھان اوپرائپ جي برف سندس وجود کي
ڏڪائي رھي آھي. اسٽيشن تي ڪجھه دير پسار ڪرڻ کان
پوءِ، ھو پليٽ فارم تان لھي گول چڪري ڏانھن رُخ
رکي ٿو. سندس ڀرسان ھڪ رڪشي وارو رڪشو آھستي ڪندي
چوي ٿو.
”اچو صاحب! ڪيڏانھن وڃڻو آھي.“
ھو رڪشي واري کي ڪنڌ جي نھڪار سان جواب ڏيئي اڳتي وڌي ٿو وڃي.
رڪشي واري جي ”ڪيڏانھن وڃڻ“ واري ڳالھه کيس ٻيھر
اداسيءَ جي آنچل ۾ ويڙھي ٿي ڇڏي. پورا پنج سال
پنھنجي شھر، پنھنجي گهر ۽ پنھنجي دوستن يارن کان
بنھه منقطع ٿي گذارڻ کان پوءِ اڄ جڏھن ھُو موٽيو
آھي ته محسوس ٿو ڪري ته؛ ڄڻ وقت جي ٻوڏ ۾ سندس سڀ
ڪجھه لڙھي ويو …... رشتا، ناتا، محبتون، نفرتون ….
ڪجھه به باقي نه بچيو ھيو ھُن لاءِ …..زندگيءَ جا
اٺاويھه سال ھڪ جپسي ماڻھوءَ جيان ڏسائن ۽ سائن
بورڊن کان بي نياز ۽ بي پرواھه ٿي گذارڻ کان پوءِ،
ڪڏھن ڪڏھن کيس اھو احساس اڻ تراشيل ھيري جيان اندر
کي وڍ ڏيڻ لڳندو اٿس ۽ ڄڻ ھو انھيءَ تير وانگر
آھي، جيڪو ڪمان مان ته بلڪل صحيح ٽارگيٽ تي لڳڻ
لاءِ نڪتو ھجي، پر ھڪ لمحي جي ڪنھن حصي جي بي
ڌيانيءَ کيس نشاني تان ٿيڙي ڇڏيو ھجي.
شھر ۾ معمول کان وڌيڪ پوليس ڏسي، ڪنھن غير روايتي واقعي يا
حادثي جو گمان ٿئيس ٿو. چوڙي بازار واري چونڪ تان
گذرندي، ڀرسان بيٺل سپاھين جي ميڙ ڏانھن اکين سان
گڏ سندس ڪن به متوجھه ٿين ٿا.
”يار! ھي سياستدان به وڏا ظالم آھن …… سياسي جلسن، جلوسن ۽ دورن
تي ته اسان جون ننڊون ڦٽائن، پر سندس مرڻن پرڻن جي
چوڪيداريءَ جو ٺيڪو به اسان جي ڳچيءَ ۾ ”سپاھين جي
وچ ۾ بيٺل جمعدار، بيزاريءَ وچان سگريٽ جو دونھون
ھوا ۾ اڇليندي، ٽيڙي اک سان چوڙين بازار مان
گذرندڙ عورتن کي ھوسي نگاھن سان ڏسندي چوي ٿو.
”ڪيڏو بدلجي ويو آھي سڀڪجھه“ ، لياقت مارڪيٽ مان لنگهندي، رياض
ھوٽل ڏانھن وک وڌائيندي، ماڻھن جي انبوھه ۾ خيال
جو ڪوماڻل گلاب ڦِٽو ٿو ڪري. روڊ تي ڪيولين جيان
قطارون ڪري ھلندڙ ماڻھو، سندس خيال کان بي خيال
روٽين ۾ مشغول. مارڪيٽ ۾ پنج سال اڳ وارا شوز،
جيولري، اليڪٽرانڪس ۽ ميوزڪ سينٽرز بنھه بدلجي ويا
آھن. مارڪيٽ ۾ دڪانن اڳيان بيٺل سيڪنڊ ڪوائلٽي جي
جوتن ۽ ريڊيميڊ ڪپڙن جي ريڙھين ۾ اڳي کان واڌ آيل
……. دوڪانن تي ويٺل ماڻھن جا چھرا به بدليل ..
اوپرا ۽ نوان….!
رياض ھوٽل ۾ داخل ٿي، ڪائونٽر تي ٽريولنگ بيگ رکي، واش بيسن مان
ھٿ منھن ڌوئي، ڪائونٽر تي رکيل ٽوال سان چھرو ۽ ھٿ
اگهندي، ھوٽل جو اڇاترو جائزو وٺي ٿو. ھڪ ٻن
ٽيبلون کان سواءِ سموريون ٽيبلون ماڻھن سان
گهيريل. رش ۽ گوڙ محسوس ڪندي، ھو ٽريولينگ بيگ
کڻي، ھوٽل جي مٿئين پورشن ڏانھن وڌي وڃي ٿو.
”ھوٽل به ڪيڏي بدلجي ويئي آھي، اڳ کان وڌيڪ ويل ڊيڪوريٽيڊ ۽ صاف
سٿري … “ خيال سندس ”ڪالھه ۽ اڄ“ جي مشاھدي جون
ڪڙيون ملائي ٿو.
”صاحب ! حڪم ڪيو ….“ ڳڀرو بيرو ٽيبل تي زور سان جڳ گلاس رکندي
کانئس روايتي انداز ۾ پڇيو.
”اڄ شھر ۾ چپي چپي تي پوليس بيٺل آھي.خير ته آھي نه …“ بيرو
آرڊر ٻڌڻ بدران کانئس اوپري سوال پچڻ تي ، کيس
مشڪوڪ نگاھه سان ڏسندي، ڪلھي تي رکيل ڳاڙھي ڪپڙي
سان ميز اگهندي پنھنجي محدود ڄاڻ کي وائکو ڪري ٿو.
”صاحب ! اڄ ڪنھن وزير جي ڌيءَ جي شادي، ھن شھر جي ڊي .سي. صاحب
سان پيئي ٿئي، انھيءَ ڪري شايدپوليس گشت ۾ واڌارو
ڪيو ويو آھي.“ ھو جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري، چپن
تي آڻڻ کان پھريان، بيري کي ڪڙڪ چانھن ۽ بسڪٽس آڻڻ
جو آرڊر ڏئي ٿو.
”شادي ... ھي شادي به وڏن ماڻھن لاءِ عجيب تماشو آھي …ڄڻ ڪو
پبلڪ انٽرٽينمنٽ شو … ڏيکاءَ … مصنوعيت ۽ مڪاريءَ
جو شو….“ شاديءَ بابت سوچيندي ھو پنج سال پوئتي
ھليو وڃي ٿو. اھو شاديءَ جو معاملوئي ھيو جنھن تي
اڄ کان ٺيڪ پنج سال پھريان، ھو گهر وارن سان اٽڪي
پيو ھو …۽ انھيءَ اٽڪاءَ جي شدت تي ھُن پنھنجي گهر
کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. کيس اھو گهر ياد
ٿو اچي _ زيتون، نازبوءَ، انار، موتئي ۽ ديسي ٻٻر
جو مسڪن گهر... اهو ٻٻر جو وڻ، جنهن جي هيٺان
سانوڻيءَ جي چڀندڙ پوياڙين ۾ ڪرسيءَ تي ويهي، هن
لطيف ۽ سچل جي رسالن جي تلاوت ڪئي هئي ...نازبوءَ
جي ٻوٽن ڀر سان دير دير تائين بيهي هن هڳاءَ سان
ڀرپور زندگي جا جاڳندي خواب ڏٺا هيا...ان ئي گهر
جون گونگيون ديواريون هن جي محرومين، ڏکن ۽ پيڙائن
جون گونگيون گواهه هيون. ان ئي گهر جي هڪ اداس،
اڪيلي ۽ خاموش ڪمري ۾ زيرو جو بلب ٻاري هن پٺاڻي
خان، استاد جمن، عابده خانم ۽ جگجيت چترا جا ٽريجڪ
سانگس ٻڌندي پاڻ پرچائڻ جون هزارين ڪوششون ڪيون
هيون.کيس 1990ع جي آخري رات جا ڏند ڏڪائيندڙ لمحا
ياد اچن ٿا...سڄي رات دوستن سان نيوييئر جو جشن
ملهائيندي زهر جهڙي ڪڙي ۽ بي رنگ زندگيءَ ۾ امرتا
۽ رنگ ڀرڻ لاءِ اندر ۾ پيگ اوتڻ کان پوءِ عصر ويل
جڏهن گهر پهتو هيو، تڏهن سندس ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ کيس
دير تائين سندس ڇڙواڳي، بي پرواهي ۽ لوفرائي جو
احساس ڏيارڻ لاءِ لفظن جا تير ۽ ڀالا اڇلائينديون
رهيون هيون. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ شاديءَ جو معاملو
به ڇڙي پيو هو.
”سرمد!زيبوءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي...سکئي گهر جي آهي. پڙهيل ڳڙهيل
آهي...وڏي ڳالهه ته سڳي ماروٽ اٿئي...انهن پاڻ
توتي راضپو ڏيکاريو آهي...مامهين چيو ٿي ته نوڪري
به وٺرائي ڏيندو مانس ...تون ڪيسين ائين رستن جي
ڌوڙ اڏائيندو وتندين...“ان رات وت کان وڌيڪ پي وڃڻ
سبب هو ماءُ ۽ ڀيڻ کي سمجهائي نه سگهيوهيو ته
”شادي چار قل پڙهي مٿو ٽڪرائڻ جي رسم جو ئي رڳو
نالو نه آهي...نه ئي شادي هڪ پلنگ تي سمهي ٻارن جي
لانگ لڳائڻ جي مشق جو نالو آهي. هي ته سڄي زندگي
جي غير مشروط ارپنا ۽ نڀاءُ جو نالو آهي. هڪ ٻئي
کي سمجهڻ، محسوس ڪرڻ ۽ قدر ڪرڻ جي نازڪ رشتي جو
نالو آهي“هن ڪڏهن به نٿي چاهيو ته هو سڄي زندگي
مامي جو ڏنل خيرات تي تڳندو رهي ۽ سندس اڳيان
هميشه چشم شرمنده رهي. هو ان پل ماءُ ۽ ڀيڻ کي رڳو
ايترو چئي سگهيو هو.
” امان مان هنيئر شادي ڪرڻ جو پوزيشن ۾ ناهيان... هرون ڀرون ڇو
ٿا تنگ ڪريو...“
سندس ماءُ ڏک ۽ ڪاوڙ جي شدت مان ٽٽندڙ لهجي ۾ چيو هيو”تنگ اسان
ٿا ڪريون يا تو. اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي... نه
کٽين نه ڪمائين...ماڻهن جا تو جيترا ڇوڪرا، سڄي
گهر جو بار کنيو بيٺا آهن. هڪڙو موقعو مليو اٿئي.
اهو به هٿان پيو وڃائين. فوزيءَ وڃي پنهنجو گهر
وسايو ۽ تون اڃا الائي ڪهڙي ڪرشمي جو اوسيئڙي ۾
ويٺو آهين“ ماءُ سان گڏ ڀيڻ به همنوا ٿي هئي
” پاڻ کي وڏو جينيس ٿو سمجين..هونءَناڪام شخص...“ ماءُ ڀيڻ جو
ڪڙن ڪسارن جملن سندس وقتي مدهوشي به وڃائي ڇڏي هئي
۽ پوءِ هو دير تائين وهاڻي ۾ منهن لڪائي روئندو
رهيو ۽ صبح جو سويل ئي ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواِءِ
گهران نڪري پيو هيو. بي نشان منزل ڏانهن ۽ اڄ پنجن
سالن کان پوءِ موٽيو آهي. وقت موٽائڻ لاءِ پنهنجو
پاڻ موٽائڻ لاءِ...بيري جو قدمن جو آواز کيس هوٽل
۾ واپس موٽائي ٿو. چانهه جي سپ ڀريندي، هن جا ڪن،
دريءَ مان ايندڙ ميوزڪ سينٽر تي هلندڙ تيز آواز
گاني ڏانهن ڇڪجي ٿا وڃن.
”ڪني ڪني جاڻان هي بلو دي گهر...“
پاپ گاني ۽ تيز ميوزڪ جي پسمنظر ۾ کيس المياتي احساس محسوس ٿين
ٿا. شايد انهيءَ ڪري جو هن ئي شهر جو ڪنهن گهٽيءَ
جي ڪنهن خوبصورت گهر ۾ هن جي خوابن جي هڪ بلو
رهندي آهي. پر ان ڏانهن ويندڙ سڀني رستن تي هن
لاءِ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ ”ممنوع“ علائقي جا سائين بورڊ
لڳل آهن.
هاڻ ته هو به ٻن ٻارن جو ماءُ ٿي وئي هوندي“ کيس اها جنوني
ڇوڪري ياد ٿي اچي، جنهن هن جي ڪاٽن جو بنا ڪلف وڳي
جهڙي گهنج گهنج زندگي کي پنهنجي هٿن جي نرميءُ ۽
چپن جي گرمي سان پريس ڪيو هو ۽ کيس ”هجڻ“ جي احساس
کان آشنا ڪرايو هيو. هارر موويز جي شوقين ۽ سڄو
ڏينهن چيوگم چٻائيندڙ فوزي، هن جي زندگيءَ جي بي
رنگ ۽ خالي ڪئنواس ۾ خوبصورت خوابن جا انيڪ اڻمٽ
نقش چٽيا هيا. فوزي اڪثر کيس چوندي هئي”سرو! مان
چاهيان ٿي ته تنهنجي زندگيءَ جي سمورين محرومين ۽
تخلين کي چيوگم جي رس جيان چوسي ڇڏيان. تو وٽ ڪا
به محرومي ڪوبه ڏک باقي نه رهي....“
انهن ڏينهن ۾ هو ڏاڍو خوش رهندو هو. زمين تي سندس پير ئي نه
کپندا هيا...ٽانگي تي ڪاليج ويندي، فوزي کيس ڏسي،
جڏهن پنهنجي ڀر سان ويٺل ڇوڪرين سان سرگوشيون ڪندي
معنيٰ خيز مرڪون ماحول ۾ وکيريندي هئي ته ان لمحي
هو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن انگريزي فلم جو وانڊرر عاشق
محسوس ڪندي ٽڙي پوندو هو.
”هارر موويز ڏسندڙ ۽ سڄو ڏينهن چيوگم چٻائيندڙ اها چنچل ڇوڪري
ڪاليج ۾ ڇوڪرين کي اقتصاديات جهڙو
complicated
سبجيڪٽ ڪيئن پڙهائيندي هوندي.“ کيس ڪجهه وقت اڳ
پياري دوست سارنگ جو ڏانهنس لکيل خط جو ٽڪرو ياد
ٿو اچي.
” هو ته ڪاليج گرلز کي به هارر موڳيز جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي
ٽائيم پاس ڪندي هوندي.“ کيس فوزيءَ جو اها ديرينه
خواهش ياد ٿي اچي. جنهن جو هوءَ اڪثر مخصوص انداز
ڪريزي ٿيندي اظهار ڪندي هئي، منهنجي دل چوندي آهي
ته مان هالي ووڊ جي ڪنهن هارر موويءَ ۾ ڪنهن
خطرناڪ جنڙيءَ جو رول پلي ڪيان. ماڻهن جو ڳاڙهو
ڳاڙهو گرم گرم رت پيئان_“ ائين چوندي هوءَ بنهه
فلمي جنڙيءَ واري انداز ۾ مٿس الرون ڪندي هئي، ۽
پوءِ دير تائين رت پيئڻ جي بدران، هو ٻئي هڪٻئي جا
گرم گرم ساه پيئندا رهندا هئا. هوائن جهڙيون
هلڪيون ۽ بادلن جهڙيون اجريون ڳالهيون ڪندڙ فوزي
پنهنجي ئي دشمن جان ثابت ٿيندي. چمين جي ڏي وٺ جو
مقابلو ڪندي هنن مان ڪنهن به تصور ئي نه ڪيو هو.
”Fozy! you were so crazy.“
چانهن جي سرڪ ڀريندي ، هو پنهنجي ساءِ ڀڻڪي ٿو ۽
ٿڌو ساهه ڀريندي ٻيهر دريءَ کان ٻاهر نظر اڇلي ٿو.
سندس نظرگهٽيءَ مان پنڌ ڪندي، ليفٽ ڪارنر تي وڃي
بيهي ٿي رهي. ”ان ڪارنر تي هاڻي ڀاڳو جو گتو هوندو
الائي نه... هن کي اهي سڀ راتيون ياد ٿيون اچن،
جڏهن هو برف جهڙڻ ٺرندڙ لمحن ۾، جيڪٽ جي کيسن ۾
ٺري ويندڙ هٿن کي لڪائيندي ضراب ۽ مراد سان گڏ،
موٽر سائيڪلن تي رف ڊرائيونگ ڪندي پي. ايم. سي
گرلس هاسٽل،نرسنگ هاسٽل ۽ مريم روڊ جي علائقي جي
سنهڙين گهٽين جو طواف ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ اچي ڀاڳو
گريٽ جي گتي تي پڙاءُ ڪندا هئا. واٽ ون وسڪيءَ جون
بوتلون وٺي شهر جي ويران ۽اڪيلن رستن تي ٽهڪن جا
پڙاڏا ۽ هوڪرا ڇڏي ڪنهن نه ڪنهن دوست جي گهران
پاڻي ءَ جو ڪولر کڻي، شهر جي اڌ ٺهيل اسٽيڊيم جي
ڏاڪڻين جي هيٺيان اوٽ ۾ ويهي، مچ ٻاري، رات جي بي
چين روح کي راحت بخشيندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽي چار
پيگ هڻي وڃڻ کان پوءِ به پاڻ کي هوائون ۾ اڏامندي
محسوس نه ڪندا هئا ته رات جو اڍائين، ٽين بجي ڀاڳو
گريٽ جي گهر تي چڙهائي ڪندا هئا. سندس لوهي دروازو
زور زور سان کڙڪائي، سندس ننڊ ڦٽائي، کيس رام ۽
هنومان جا واسطا وجهي کائنس ”مال“ وٺي سنسان ۽
خالي ٿي ويل روڊن تي موٽر سائيڪلن تي ويهي، بوتلن
جا ڍڪڻ کولي، نجو ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندا هيا ۽ زور زور
سان کلندا هيا...پر اندر ۾ سڀ روئيندا هئا....“
”ڪيڏا نه سچا ۽ خوبصورت هيا اُهي سڀ لمحا، مصنوعيت ۽ منافقت کان
بي نياز لمحا...“ هو ماضيءَ جي مدهوش لمحن جي لمس
کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڳنڀير ٿي وڃي ٿو. سندس
نظر پنهنجي رائيٽ سائيڊ تي ويٺل چئن نوجوانن تي
پوي ٿي، جيڪي جذباتي ۽ محويت واري انداز ۾ ڪنهن
مسئلي تي بحث ڪري رهيا هئا. هيٺ گهٽيءَ ۾ ميوزڪ
سينٽر تي هلندڙ تيز آواز ڪيسٽ جڏهن خاموش ٿئي ٿي
ته کيس نوجوانن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. چئني
نوجوانن مان سڀني کان سينئر ۽ بظاهر دانشور محسوس
ڪرائيندڙ نوجون، ٽن نوجوانن کي سمجهائي رهيو هو:
”ڪامريڊ! اها اقتدار هوس رکندڙ ۽ برساتي ڏيڏرن واري سياسي مزاج
رکندڙ گهڙ عقل ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي ڊپلوميٽڪ
پلاننگ هوندي آهي، ڇو ته اهي پنهنجي اونداهي آئندي
کان خوفزده هوندا آهن. حال ۾ ڪيل عوامي ويساهه
گهاتين ۽ حرامپائين سبب، مستقبل ۾ اقتدار جي ملندڙ
ڪرسيءَ کان اڳواٽ ئي مايوس هوندا آهن، انهيءَ ڪري
اهڙا وڏا ۽ ننڍا وزير پنهنجن وزارتن دوران، بيورو
ڪريسيءَ کي ٽريپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن
ايندڙ ڏکين ڏينهن ۾ سندن واهر ٿي سگهي“ سندس ڳالهه
غور سان، ٻڌي، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندڙ نوجوانن مان هڪ
ڳالهه کوليندي چوي ٿو: ”ڪامريڊ! آءُ تو سان سهمت
آهيان، پنهنجي شهر ۾ اڄوڪي ٿيندڙ وزير جي جي ڌيءَ
جي شادي، ڊي. سي. سان به انهيءَ ئي پلاننگ جي ڪڙي
آهي“ٽيون نوجوان به پنهنجو تجويز شامل ڪري ٿو.
”ساڳئي وزير جي وڏي ڌيءَ جي شادي به ته ڪجهه مهينا اڳ هتان جي
تازو سي.ايس.ايس پاس ڪندڙ ڇوڪري سان ٿي هئي۽ ٻڌو
اٿئون وزير صاحب پنهنجي وزارت جو پورو فائدو وٺندي
پنهنجي نياڻي کي انفارميشن گروپ مان پروموٽ ڪري،
کيس ايس.ڊي .ايم جي سيٽ ڏياري آهي.“ چوٿون نوجوان
چشمو ٺاهيندي، مخصوص انداز ۾ انگريزي جملو اڇلي
ٿو.
”…And it is called democratic and fair politics...“
نوجوانن جون آدرشي ۽ معصوم ڳالهيون ٻڌي ، سرمد کان ٿڌو ساهه
ڀرجي ٿو وڃي.
ساڳي هوٽل، ساڳيون ڪرسيون، ٽيبل، ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا آدرش
رڳو ڳالهيون ڪندڙ جا چهرا ۽ نالا مٽيل، خيال ٻيهر
سندس ماضيءَ جي پلئه کي حال جي هٿ ۾ ڏئي ٿو. ڪڏهن
هو پنهنجن دوستن سان گڏ ڪلاڪن جا ڪلاڪ چانهه جي
ڪوپ تي ڪميونزم، سوشلزم، ڪالونائيزيشن، شائونزم،
مذهب، ادب، فلسفي ۽ انيڪ موضوعن تي ڊگها ڊگها بحث
ڪندو هو. سارنگ، سڄڻ، مسعود، ضراب، اهي سڀ به ته
سماجي تبديلي، طبقاتي نظام جي خاتمي ۽ اجتماعي
مفادن جون ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن نظرياتي
اختلافن سبب ڳاڙهي ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ ٿڌي پاڻيءَ
جا گلاس ڀي ٿڌا ٿيندا هئا.
”واقعي ... نظريا سڀ ناسي آهن.“ کيس ڪنهن ڏاهي جو قول ياد اچي
ٿو. سماجي تبديلن ۽ اجتماعي مفادن جون دعوائون
ڪندڙ سندس سمورا دوست، اڄ پنهنجي ذات جي دائرن ۾
قيد ٿي ويا آهن! سارنگ وزيرن جي شان ۾ اخباري
قصيدا لکي، ڪامورڪي ڪرسي حاصل ڪئي. ماروئڙن ۽
جهانگيئڙن جي زندگيءَ کي سڌارڻ جا خواب ڏسندڙ سڄڻ
ڪنهن ايجنسيءَ جو خابرو ٿي ويو...سماجي براين ۽
هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي حق ۾ شاعري ڪندڙ مسعود
پنڌ به تر جي سياسي اڳواڻن جي اوطاقن تائين وڃي
کٽن ٿا. سڀ ڪجهه بدلجي ويو، نه بدليو ته رڳو هو
پاڻ ۽ سندس سوچ نه بدلي! سارنگ کيس ڪنهن خط ۾ لکيو
هيو:
“تون الائي ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهين... دوست! هي دور نظرياتي
آدرشي ۽ سماجي تبديلن جا خواب ڏسڻ جو دؤر
ناهي...پاڻ ته هيل تائين اجايوڪامريڊن جي رڌل
ستيءَ ۾ ٻڌل هياسين، هي دور ته
Practical approach
۽
Self projection
جو دور آهي. ڪيئن به ڪهڙي طريقي سان پنهنجو سماجي
رتبو بنائجي...مون کي تو جهڙي ٽيلينٽيڊ دوست تي
ڏاڍو افسوس آهي. تون ته سي. ايس. ايس جي ڪئليبر جو
ماڻهو آهين. تو کي اها ٽن هزارن جي اخباري سب
ايڊيٽري زندگيءَ ۾ ڇا ڏيندي.اهو سوچ ت تون پنهنجي
اهڙي اخبار ڪئين ۽ ڪهڙي نموني ڪڍي ٿو سگهين.“
جنهن ڏينهن کيس سارنگ جو خط مليو هو، ان رات هو دير تائين
حيدرآباد جي روڊن تي اڪيلو، اٻاڻڪو رلندو رهيو هو،
روئيندو رهيو هو. انيڪ راتيون زندگيءَ جون
محروميون شيئر ڪندڙ، ڳراٽڙيون پائي، دير دير تائين
روئيندڙ سارنگ جا اهڙا اوپرا ۽ سخت جملا پڙهي هن
کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو.
بيري جي قدمن جو آوا ز کيس ٻيهر هوٽل ۾ واپس آڻي ٿو . هو ڪرسي
تان اٿي، ٽريولنگ بيگ ڪلهي ۾ لٽڪائي،ڳرن قدمن سان
ڏاڪڻ تان لهي، ڪائونٽر تي پيمنٽ ڪري، هوٽل مان
نڪري ٿو اچي. اسٽيشن روڊ تي ميوزڪ سينٽرن جي
لاڳيتن دڪانن تان، مختلف قسمن جا آواز ڪنن کي
ٻوڙي ڪرڻ جي سازش محسوس ٿينس ٿا.
گول چڪرو پار ڪري هو مسجد روڊ تي ڏانهن رُخ رکي ٿو. هلندي هلندي
سندس قدم روڊ جي ساڄي پاسي سلام ڀائيءَ جي ادبي
بوڪ اسٽال تي رڪجي ٿا وڃن.
اسٽال جي سائيڊ کان رکيل اسٽول تي بلب جي روشني ۾ ننڍي قد ۽
چهري تي ماتا جي نشانن وارو سلام ڀائي ويٺل نظر
اچيس ٿو، سرمد دل ۾ پل لاءِ آسيس ۾ محسوس ڪري ٿو.
گهڻي دير کان پوءِ هن کي ڪو شناسا ماڻهو نظر آيو
هو. اهي به ڏينهن هئا، جڏهن هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ
پنهنجن دوستن سان هن اسٽال تي بيهي مفت ۾ اخبارون
۽ رسالا پڙهندو هو، اوڌر تي سلام کان رسالا وٺندو
هو ۽ پوءِ مهينن جا مهينا کيس رڙائي رڙائي قسطن ۾
پئسا ادا ڪندو هو. روڊ ڪراس ڪري هو اسٽال جي ڀر
سان بيهي اڄوڪيون اخبارون اٿلائي پٿلائي ۽ ٽيڙي اک
سان سلام ڀائي ڏانهن نهاري ٿو. سلام ڀائي مٿس هڪ
اڇاتري نظر وجهي، رجسٽر تي حساب لکڻ ۾ مصروف ٿي
وڃي ٿو. سلام ڀائي جي اهڙي اوپري رويي تي پل لاءِ
هو اندر ۾ ڏک محسوس ڪري ٿو، ۽ ٻيهر اخبارون
اٿلائيندي، هروڀرو به گلو صاف ڪري ٿو، پر سلام
ڀائي لکڻ ۾ مصروف...
اخبارون جائتيون رکي هو اڳتي وڌي ٿووڃي . معاذ دواخاني واري چوڪ
کان سول اسپتال ڏانهن مڙي ٿو. چوڪ تي رڪشي وارن جي
ميڙ کي ڏسي سندس قدم ميڙ ڏانهن وڌن ٿا.
”يار هي پوليس وارا به صفا ڀوڪ آهن...شادي وزير جي ڌي جي سا به
ڇيڙي واري هاءِ اسڪول ۾ ، هروڀرو سڀئي روڊ بلاڪ
ڪيو بيٺا آهن. صبح کان ڪيتريون سواريون هٿان نڪري
ويون آهن...“
نوجوان ۽ جذباتي رڪشي ڊرائيور جي ڳالهه ٻڌي، هڪ اڌڙوٽ عمر جو
حوالي ڊرائيور پنهنجي ڏاهپ ظاهر ڪندي نه ٺهندڙ
پهاڪو ٿو ورجائي ”بس ابا وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا.“
هو رڪشي ڊرائيور جو بحث اڌ ۾ ڇڏي، سول اسپتال روڊ ڏانهن وڌي ٿو.
اسپتال جي مين گيٽ وٽ پهچندي ازخود هن جا قدم
اسپتال ڏانهن کڄي ٿا وڃن،. هو اي بلاڪ ڪي آڏو
بلڊنگ ڪان مقابلو ڪندڙ بيد مشڪ جي وڻ هيٺان بيهي
ماحول جو جائزو وٺي ٿر. وايو منڊل ۾ هاڻ اونده
ڇائنجي ويئي هئي. بلاڪن ٻاهران مريضن جا وارث،
لاوارثن جيان ڀت جي پاڙ ۾ هنڌ وڇايو مٿان سوڙيون
وجهيو آسمان جا تارا ڳڻي رهي هئا. هو بيد مشڪ جي
وڻ کي ٽيڪ ڏيئي اي بلاڪ جي دروازي جي ٻاهرين
ڏاڪڻين تي ٻن پاڇولن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو
....پر وقت جي اونده سڀني پاڇولن کي غائب ڪري
ڇڏيو. ڪا به شي ڪالهه جي گواهي نٿي ڏئي.
هو رڳو پنهنجن ڪنن ۾ پنهنجي دوست ضراب جا آٿٿ ڀريا لفظ هوائن
مان ايندي محسوس ڪري ٿو، جيڪي هن کيس هنن ئي ڏاڪڻن
تي ويهي ڀاڪرن ۾ ڀريندي پرچائيندي چيا هئا....
”سرمد سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. فوزيه کي ڪجهه به نه ٿيندو. تنهنجو پيار
کيس مرڻ ڏيندو ڇا ۽ ادي به ته ڊاڪٽر آهي. تون
Relax
....ٿي...ٻارن وانگر روئبو آهي ڇا....“
هو آواز جي اڻچٽن پڙاڏن کي محسوس ڪندي ڏاڪڻين جي انهي ڏاڪي کي
غور سان ڏسڻ لڳي ٿو، جنهن تي ويهي هن زندگي جي
ايذائيندڙ رات گذاري هئي.... پر ڪو به ڏاڪو ، سندس
”ڪالهه“ جي هڪڙي پل جي موجودگي جي گواهي ڏيئي نٿو
سگهي. ڪجهه دير اتي خاموش بيهڻ کان پوءِ هو هڪ سرد
آه ٿڌي ٿيندڙ رات کي ارپي، بلاڪ جون ڏاڪڻيون
چڙهيندي، سرجيڪل نمبر 2 ۾ پهچي ٿو. اسپتال جي
ڪاريڊور ۾ موت جهڙي خاموشي ڇانيل. پري کان مريضن
جي چنگهڻ جو آواز خاموشي کي اوچتو ٽوڙيندڙ. هو
پروفيسرن جا ڪمرا ڪراس ڪندو ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي روم
ٻاهران وائڙن جيان بيهي ٿو رهي. پل لاءِ محسوس ٿو
ڪري ڄڻ سندس وجود ۾ ڪنهن برف جي ڪرين اوتي ڇڏي
هجي....نرڙ تي هٿ رکندي کيس آلاڻ محسوس ٿي
ٿئي....سڄو وجود ڪنبڻ لڳيس ٿو....”ڪمرو ته ساڳيو
ئي آهي....ديواريون به ساڳيون آهن...فرنيچر به
ساڳيو آهي....خاموشي به ساڳئ آهي....باقي ڇا مٽيو
آهي ....ڪجهه ته ضرور مٽجي ويو آهي....“
خيال ذهن ۾ سُين جيان چڀنس ٿا. هو ڊاڪٽرس آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو.
کيس موڳو، وائڙو وائڙو ۽ ڪبندي ڏسي ڊيوٽي تي
موجود ڊاڪٽر همدرديءَ وچان پڇيس ٿو: ”ڇا ڳالهه
آهي.....اوهان جي طبيعت ٺيڪ نٿي لڳي ...پليز اندر
اچو...ويهو....آءُ اوهان جو ٽيمپريچر ڏسان ٿو“
”نه دوست آءُ بلڪل ٺيڪ آهيان....مان هت ڪجهه ڳولڻ آيو آهيان“.هو
ڊاڪٽر جي بئڪ سائيڊ کان
Sleeping room
ڏانهن نظر وجهندي چوي ٿو . ڊاڪٽر سندس لهجي ۾ بي
ترتيبي محسوس ڪندي کائنس ڌيرج سان پڇي ٿو ”اوهان
کي ڇا جي تلاش آهي؟ڪنهن کي ٿا ڳوليو ؟“
”ڊاڪٽر صاحب! هن ڪمري ۾ منهنجي هڪ رات وڃائجي ويئي آهي“
”ڇا مطلب؟ هي ته اسان جو
Sleeping room
آهي...ڏسو اوهان کي غلطفهمي ٿي آهي”. ڊاڪٽرن کيس
پيرن کان مٿي تائين جانچيندي چوي ٿو. هو ڪرسي تان
اٿي ڊاڪٽر جي ڀر سان ايندي ٽٽندڙ لهجي ۾ چوي ٿو.
”ڊاڪٽر! هن ڪمري ۾ هڪ اونداهي رات جي رومال ۾
منهنجي انتظار جا ايذائيندڙ لمحا ....ڪجهه
سڏڪا۽ڪجهه خواب وڃائجي وياهئا...متان مونکي اهي
لڀي پون.“هو ائين چئي ڪمري ڏانهن وڌي ٿو
وڃي...ڪمري ۾ داخل ٿيندي کيس محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اندر
آڪسيجن جي شديد کوٽ هجي...سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو
هجيس....
”ڏسو دوست! هي ڊاڪٽرن جو پرسنل روم آهي، پليز! توهان ٻاهر اچو.
توهان جي دماغ تي شايد بخار چڙهي ويو آهي آءُتوهان
کي
Treatment
ڏيان ٿو....اچو...ٻاهر اچو....“
ڊاڪٽر سندس ڪلهي تي هٿ رکندي کيس سمجهائڻ واري نوع ۾ چوي ٿو.
”سر! I am alright
ڏسو! مون کي ڪا به غلط فهمي نه ٿي آهي، اوهان شايد
نوان آهيو ۽ زخم ڏاڍا پراڻا آهن.“
“Please, try to understand my feeling and leave
me alone for a while”.
هو پنهنجي ڪلهي ۾ لٽڪندڙ بيگ کي لاهي بيڊ تي اڇلي پنهنجي وجود
کي ڪرسي تي ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر سندس اکين مان ظاهر ٿيندڙ گهم جي شدت کي محسوس ڪندي
Ok alright
چئي ٻاهر هليو ٿو اچي.
هن جون گهميل نظرون سڄي ڪمري جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون. هر شي ساڳي
هئي....ساڳيو بيڊ، ساڳي الماري، ساڳيون دريون، رڳو
بيڊ تي وڇايل چادر تي اهي پيلا ۽ زهريلا داغ نه
هئا، جيڪي ڊاڪٽر
Stomach wash
ڪندي فوزيه جي نازڪ وجود مان نلين وسيلي ڪڍيا
هئا... محسوس ٿو ڪري، ڄڻ سندس اکين ۾ سُيون چڀي
رهيون آهن.
ڪمري ۾ ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي اڇي روشني کيس زهر لڳي ٿي. هو اٿي
ٽيوب لائيٽ آف ڪري ڪرسيءَ تي ويهندي، اکيون پوري
ٿو ڇڏي. اکين مان وهندڙ ڳوڙڻ جي ڌارا ۾ لڙهندي هو
پنج سال پوئتي هليو ٿو وڃي. هڪ اهڙي سرد رات ڇڏي
فوزي پنهنجي والدين پاران مڙهيل شادي واري فيصلي
جو احتجاج ڪندي گهر ۾ موجود سموريون
Expired
دوائون ۽ هاءِ ڊوز ٽرنڪولائيزرس کائي پاڻ کي مارڻ
جي ڪوشش ڪئي هئي. تڏهن فوزي جي ڀيڻ کيس اڌ مئي
حالت ۾ سرمد جي گهر کڻي آئي هئي.
”سنڀاليو پنهنجيءَ کي کيس مرڻ جو ڏاڍو شوق آهي...“هو فوزيءَ جي
اهڙي حالت ڏسي پريشانيءَ جي جهنگل ۾ ڀٽڪڻ لڳو هو.
سندس اکين آڏو اوندهه ڇائنجي ويئي هئي.لمحي لاءِ
سوچيو هئائين ته پاڻ به بجليءَ ۾ هٿ وجهي يا پسٽل
سان شوٽ ڪري، هن ذليل زندگي ۽ ذليل سماج کان هميشه
هميشه جي لاءِ مڪتي ماڻي، پر ٻئي لمحي ان عمل کي
بزدلي ڄاڻي ، هو فوزيءَکي اسپتال کڻائي آيو هو. هن
ئي وارڊ ۾ سندس ڊاڪٽر ڀيڻ ڊيوٽيءَ تي هئي. ان لمحي
سندس دوست ضراب به اچي ويو هو، جنهن پل ڊاڪٽر
فوزييءَ جي نڪ ۽ وات ۾ نليون وجهي، سندس نازڪ وجود
مان زهر ڪڍي رهيا هيا، تڏهن سندس دل ۾ آيو هئس ته
انهن ڊاڪٽرن کي شوٽ ڪري ڇڏي جيڪي سندس روح کي
ايذائي رهيا آهن. ضراب کيس آٿت ڏئي، ڪمري مان زوري
وٺي ، هيٺ ڏاڪڻين تي اچي ويهاريو هو. ان رات
جيڪڏهن ضراب ساڻس گڏ نه هجي ها ته هو پاڻ کي
اسپتال جي ڇت تان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏي ها، پر اهو ضراب
ئي هو جنهن انهن نازڪ لمحن ۾ کيس سهارو ڏنو، آٿت
ڏنو ۽ سندس ڏک ونڊيو هو. ان رات جو هڪ هڪ پل هن
جي دل تي مڱ ڏريندو رهيو هو. اُن رات هن زندگي ۽
موت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ جنگ جي تباهڪاريءَ کي اکين
سان ڏٺو هو. ان رات هن کي پنهنجي اگهاڙي مٿي مٿان
ڪنهن به آسمان جي ڇانوَ جو احساس نه ٿيو هو۽ پيار
جو نفيس احساس فوزيءَ جي نازڪ وجود ۾ لڳل نلين ۾
ڦٿڪندي، تڙپندي ۽ دانهيندي، محسوس ٿيوهو. اسٽمڪ
واش ٿيڻ کان پوءِ جڏهن فوزي نارمل ٿي هئي ته ضراب
سرمد کي ڳراٽڙي ۾ ڀري، ڏاڪڻين تان مٿي ويندي پيار
مان چيوهو.
”ڏس! جاني تنهنجي فوزيءَکي تنهنجي ديوانگيءَ بچائي ڇڏيو ”You
are winner and death is defeated “ان پل هن ڀانيو هو ڄڻ هو ان رات آسمان جي بلندين تي پرواز
ڪندڙ جهاز ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيندو ۽ ڪري پوندو، پر
زندگي کيس ٻيهر پنهنجي نرم ٻانهن ۾ جهپي ورتو هيو.
ڪمري ۾ سندس داخلا کان پوءِ ڊاڪٽر ۽ فوزي جي ڀيڻ
ڪمري مان ٻاهر هليا ويا. سرمد ڏڪندڙ هٿن سان ڪمري
جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنبندڙ وجود
کي گهلي اچي فوزيءَ جي بيڊ مٿان بيٺو.فوزي آبشار
هاريندڙ اکيون ٻوٽي ڇڏيون۽ هن الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾
لڙهندي فوزيءَ جي سورج مکي جهڙن پيلن ڳلن تي ٻنهي
هٿن سان ماتم ڪيو ھو ۽ فوزي آبشار ھاريندڙ اکيون
ٻوٽيندي پنھنجو پاڻ کي ڏھين محرم جي ڏھاڙي وانگر
امام جي پڙ ۾ بيٺل محسوس ڪيوھو ۽ پوءِ ڪيتري دير
تائين اُھي ئي ھٿ ھو زور زور سان ديوارن تي ھڻندو
رھيو ھو. ڪمرو ڪيتري ئي دير تائين فوزيءَ جي سڏڪن
۽ ديوارن تي پوندڙ ھن جي ھٿن جي پڙاڏن سان گونجندو
رھيو ھو. سرمد جڏھن ديوارن سان ھٿ ٽڪرائيندي
ٽڪرائيندي بي حال ٿي ويو ھو، تڏھن بيڊ تي بيوس
سُتل فوزيءَ جي آلي ٿي ويل چھري جي بلڪل ويجھو
اچي، سندس وات مان نڪرندڙ سڏڪن جي گرميءَ کي شعلي
جيان پنھنجي چھري تي محسوس ڪندي پنھنجو ڳاڙھو ۽
سڄي ويل ھٿ فوزيءَ جي نازڪ ڪنڌ ۾ وجھي جھٽڪي سان
پاڻ ڏانھن ڇڪي، سندس ڦڙڪندڙ چپن تي پنھنجا خشڪ چپ
پوري شدت سان ڀيڪوڙي ڇڏيا ھئا. ڪائنات ڪجھه لمحن
لاءِ ٻن جسمن ۾ موجود ديوانن روحن جي زد ۾ اچي وئي
ھئي. دنيا ۾ موجود شيطاني قوتن پنھنجي گريبان ۾
جھاتي پائيندي، چند لمحن لاءِ اکيون جھڪائي ڇڏيون
ھيون. سرمند جي دل ۾ آيو ھو ته ڪاش! ھنن ٻنھيءَ جا
ساھه، ان پل جي ڇاڻي ۾ ھميشه جي لاءِ فلٽريٽ ٿي
وڃن. پر ائين نه ٿيڻو ھيو! ٻن ساھن جي الڳ ٿيڻ کان
پوءِ سرمد فوزيءَ جي اکين ۾ پاڻ ٻوڙيندي، ڀرندڙ
لھجي ۾ چيو ھو.
”تون! پنھنجو پاڻ کي سمجھين ڇا ٿي؟ انارڪلي .....؟
تو ڇا سمجھيو ھوته تون ھاءِ ڊوز ٽرنڪولائيزر ۽
ايڪسپائرڊ دوائون کائي اڪيلي اڪيلي پاڻ آجي ٿي
ويندين .....۽ جيڪي گڏ جيئڻ مرڻ جا، روئڻ کلڻ جا
وعدا ڪياسين، انھن جون سنگهرون ٽوڙي سگهندينءَ
فوزي! تون ته ماڻھن جي رت پيئڻ جو جنون کڻي جيئدڙ
ڇوڪري ھئينءَ ۽ اڄ پاڻ پنھنجو .... تو اھو سڀڪجھه
سٺو نه ڪيو. ايترو جلدي سرنڊر ڪرڻ ....“ فوزيءَ جا
وڌندڙ سڏڪا، ھُن جي چپن تي چُپ جي ايلفي ھڻي ٿا
ڇڏين. سڏڪن جي سرگرم کي ٽوڙيندي فوزي ڪائنات جيڏو
پيار پنھنجي اکين ۾ اوتيندي ڀرندڙ لھجي ۾ چيو ھو.
”مان ...ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيس....منھنجي رورل
ڪلچرڊ مائينڊ والدين مون کي ڍڳي ، ٻڪري سمجھي زوري
ڪنھن ڪِلي سان ٻڌڻ ٿي چاھيو....۽ مان جيڪا تنھنجي
نالي جو ورد ڪندي نه ٿڪجندي آھيان، ننڊ ۾ ۽ جاڳ ۾
تنھنجي ڀاڪرن ۾ ھوندي آھيان. ”How
can I “سڏڪن جو ٽٽل
تسلسل ٻيهر جڙيو. |