سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :25

ان سلسلي ۾ اسان سنڌ سرڪار کي خاص طرح سان اپيل ڪنداسين ته سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ بورڊ کي دل کولي مالي امداد ڏني وڃي، ڇو ته ادارو ھاڻي صحيح معنيٰ ۾ ”سلامت ھٿن“ ۾ محفوظ آھي ۽ اھوئي اداري جي ترقيءَ لاءِ فيصله ڪُن مرحلو آھي.بنا لشڪر خزاني جي ڪابه مملڪت ھلي ڪا نه سگهندي آھي. بورڊ جي مالي حالت تمام خراب آھي. بورڊ جا مخلص ۽ ايماندار نوان سربراه جيستائين بورڊ جي پنھنجن وسيلن مان آمدنيءَ جا انتظام ڪن، تيستائين گهٽ ۾ گهٽ ڪروڙ رپيا خصوصي گرانٽ بورڊ کي موڪلي وڃي. ساڳيءَ طرح اسان اھا به استدعا ڪنداسين ته (ھن دؤر ۾) موجوده چاليھه لک روپيا سالانه گرانٽ گهٽ آھي. سنڌ سرڪار تي ادب جي حوالي سان اھو فرض بنجي ٿو ته بورڊ جي سالانه گرانٽ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ڪروڙ روپيا ڪئي وڃي.

محمد ابراھيم جويي ۽ غلام رباني آگري جي اچڻ سان ادبي بورڊ جي واڌاري ۽ بھبوديءَ لاءِ ھڪ اھڙو بندوبست ٿي چڪو آھي، جنھن کي ”يقين“ جي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو. اھي ٻيئي بزرگ ھن دؤر جا قليچ بيگ، ھن دور جا علامه قاضي ۽ ھن دور جا دائود پوٽا آھن، جن جي سربراھي خود سنڌ وارن لاءِ عزت ۽ فخر جو باعث آھي. سنڌ سرڪارکي روايتي بي ڌياني ڇڏي، سنجيدگيءَ سان پنھنجيءَ ٻولي ۽ ادب بابت مٿين ٻنھي شخصيتن جي  معرفت سنڌ جي ھن علمي ۽ ادبي ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ کپي. آخر ۾ اسان غلام رباني آگري کي جس ڏيڻ کان سواءِ رھي نٿا سگهون، جو پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرمن واري منصب ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر واري اعليٰ عھدي تي رھڻ کان پوءِ پاڻ انھيءَ اداري جي اعزازي سيڪريٽريءَ وارو عھدو قبول ڪيو اٿن، جنھن کي پاڻ پنھنجي جواني ڏيئي رت ست سان تاتيو ھئائون.گڏوگڏ اسان کي منجھائنس اھا اميد پڻ آھي ته ھو ”ماضيءَ جي ڦورو سربراھن“ وانگر اداري جي ڀينگ ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ بجاءِ تعميري ۽ تخليقي روش جي پوئواري ڪندي پنھنجي مڪمل سچائي ۽ ديانتداريءَ سان سنڌي ادبي بورڊ جي عالمي ليول تي پکڙيل ساک کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

ھت اسان ان انديشي جو پڻ اظھار ڪريون ٿا ته جيڪڏھن سنڌي ادبي بورڊ جي واڌاري ۽ سڌاري وارو ڪم ھاڻوڪي دور ۾ به نه ٿي سگهيو، ته پوءِ شايد اھو ڪم تڏھن به نه ٿي سگهندو ۽ عالمي سطح تي مشھور سنڌي ادبي بورڊ تباھيءَ ۽ برباديءَ جي ورچڙھي، ڪنھن اھڙي ڪُنَ ۾ غرق ٿي ويندو، جتان جياپي وارو امڪان نه ھئڻ جي برابر ھوندو.

 

 

تڪڙي تبديلي وسيلي تباھي!

سنڌي ادبي بورڊ کي ھاڻ ھڪ ھنڌ ٽِڪڻ ڏيو

 

علمي، ادبي، تحقيقي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارا ڪنھن به قوم جي روشن مستقبل جا آئينه دار ھوندا آھن. انھن جي وسيلي ئي شعور ۽ جاڳرتا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو سجاڳ قومن ۾ ان قسم جي ادارن کي ھڪ خاص ويچار ھيٺ قائم ڪري، انھن کي ھڪ خاص سنجيده انداز سان ھلايو ويندو آھي.

اسان جي علمي ادبي ادارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ھڪ خاص منفرد اھميت حاصل آھي. ھن اداري اسان جي آڳاٽي شاندار ماضي، تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ قديم آثارن سان گڏ ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي آبياري ڪئي آھي، تنھن کان ملڪي ۽ پرڏيھي علمي حلقا خوب واقف آھن. سنڌي ادبي بورڊ، وقت جي نيڪنام ۽ دروانديش عالمن ۽ بزرگن ھڪ خاص سوچ ويچار سان قائم ڪيو ۽ ان کي ھڪ خاص نھج تي ھلايو. نتيجو اھو نڪتو جو ان پنھنجي قيام کان پوءِ ڏھاڪو کن سالن اندر بين الاقوامي تحقيقي ۽ علمي مرڪزن ۾ وڏي شھرت حاصل ڪئي ۽ سنڌ جو منھن مٿي ڪيو. اسان کي نظر اچي ٿو ته اھو سلسلو 1951ع کان شروع ٿيو ۽ 61_ 1962ع تائين بورڊ بين الاقوامي ادارن ۾ اھا فخر جوڳي جاءِ حاصل ڪري ورتي، جنھن کي اسان بورڊ جي ماضيءَ واري ساک قرار ڏيون ٿا ۽ ان جي بحاليءَ جي خواھش رکون ٿا. وقت جي باوقار ۽ سنجيده عالمن سائين جي ايم سيد، علامه قاضي، علامه دائود پوٽي، ميران محمد شاھه، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ شاھه، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  ۽ سندن ٻين ڪيترن ئي ساٿين ۽ رفيقن بورڊ جي ترقيءَ لاءِ جتي ٻيون ڪيتريون ئي سنجيده رٿائون جوڙيون، اتي انھن سوچي ويچاري، ڪي اھل ۽ قابل، ڏاھا ۽ ڄاڻو عالم مقرر ڪيا، جن کي جڏھن ورھين جا ورھيه ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا، تڏھن دنيا ڏٺو ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادب جي ”ترقي جي ضمانت، بنجي پيو.

       بورڊ جي خدمتگذارن ۾ ھونءَ ته ڪيترن ئي بزرگن جون محنتون شامل آھن پر انھن ۾ ٻه مخلص ۽ بي لوث خدمتگذار آفتاب ۽ ماھتاب ٿي چمڪيا: ھڪ جناب محمد ابراھيم جويو ۽ ٻيو جناب غلام رباني آگرو. ھنن ٻنھي عالمن بورڊ جي ترقيءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ خاص طرح سان ان صورت ۾ جڏھن انھن کي ورھيه جا ورھيه ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.

وري ھڪ دور اھڙو به آيو جو جڏھن انھن صاحبن جون خدمتون بورڊ کي حاصل ڪونه ھيون ته بورڊ ھوريان ھوريان پوئتي پوندو ويو ۽ ھڪ مرحلو اھڙو به آيو جو سنڌ جي ماڻھن کي اداري جي تباھي تي سرِعام چيخ و پڪار ڪرڻي پئي!

ھن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ڪھڙي صورتحال آھي، ان جي مالي پوزيشن ڪھڙي وڃي بيٺي آھي، ان جا مسئلا ڪھڙا آھن، اسان انھن نقطن جي اپٽار ڪرڻ ان ڪري ضروري ڪونه ٿا سمجھون ڇو ته سنڌ جا علمي حلقا ان کان ڪافي واقف آھن.

سنڌي ادب جي خوشقسمتي چئبي جو جناب محمد ابراھيم جويي جي چيئرمن مقرر ٿيڻ کان پوءِ سندس پراڻي ساٿي ۽ جاکوڙي رفيق، غلام رباني آگري ان جي سيڪريٽري وارو منصب قبول ڪيو آھي. غلام رباني آگرو ھڪ نامياري دانشور ۽ برک اديب ھئڻ سان گڏ بورڊ جي معاملن جو ڄاڻو ۽ انتظامي امور جو ماھر آھي. اڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرمن جي حيثيت ۾ به ھن صاحب ملڪي سطح تي ادب لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. ان طرح، سنڌ يونيورسٽي ۾ به پرو وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ خدمتون انجام ڏيئي چڪو آھي. ڪيترن ئي ادبي وفدن جي بين الاقومي ڪانفرنسن ۾ قيادت ڪري چڪو آهي ۽ بين الاقوامي ادبي حلقن سندس علمي خدمتن جو اعتراف ڪيو آھي.

اسان جي نظر ۾ بورڊ سان گڏ خود اھا جويي صاحب جي خوشقسمتي آھي، جو ان کي آگري صاحب جھڙي ايماندار ۽ جاکوڙي ساٿي حاصل ٿيو آھي. اسان کي يقين آھي ته اھي ٻيئي ساٿي ادبي بورڊ کي وري ساڳئي اڳوڻي اوج تي رسائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندا ۽ اھڙو سونھري موقعو به بورڊ کي وري ملڻ ممڪن ئي ڪونه آھي. خدا جي فضل سان جڏھن اھڙي مثبت ۽ سنجيده صورتحال پيدا ٿي آھي، تڏھن اسان صاحب اقتدار حلقن کان اميد رکڻ گهرون ٿا ته ھاڻي انھن ٻنھي عالمن کي ڪم ڪرڻ لاءِ وسيلا مھيا ڪري ڏيو ۽ بورڊ ۾ تڪڙين تبديلين واري ڪلچر جو مڪمل خاتمو اچڻ کپي. غير سنجيده تڪڙين تبديلين وسيلي بورڊ ماضي ۽ ماضي قريب ۾ ڪافي ڀوڳيو آھي، ايتريقدر جو سنڌ وارن جي ڄڻ ادبي بورڊ تان ارواح ئي کڄي ويو آھي. اسان جي خواھش آھي ته تڪڙين تبديلين واري عمل کي ھاڻي ٻُنجو اچڻ کپي ۽ بورڊ ھاڻي وڌيڪ اھڙن تجربن جو متحمل ٿي ڪونه ٿو سگهي. ان جوقعي تي اسان سنڌ سرڪار کي استدعا ڪنداسين ته سنڌي ادبي بورڊ جي سالانه گرانٽ وڌائي وڃي، ان کي نوان ڪمپيوٽر ۽ ڇپائي جا وسيلا ميسر ڪري ڏنا وڃن، جيئن ھي ادارو جويي صاحب ۽ رباني صاحب جي صلاحيتن سان اڳوڻو عروج ماڻي سگهي.( مير محمد ”ميرل“

لاشاري ھالا پراڻا).

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ جا ڀلا ڀاڳ

گذريل پنجن ستن سالن کان وٺي خاص طرح سان سنڌ جي ادبي حلقن ۾ اها شڪايت عام هئي ته اسان جا علمي، تحقيقي، تعليمي ۽ ثقافتي ادارا برباد ٿي رهيا آهن. انهن کي سنڀالڻ لاءِ ڪوبه مناسب انتظام ڪونه آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي يونيورسٽين سان گڏ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، سنڌ ثقافت کاتي جي سمورن ادارن، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي جي ڪارڪردگي کان شاڪي پئي رهيا آهن، جيڪا پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ حقيقت آهي.

انهن ادارن سان عوام جي شڪايت جي درستگي پنهنجي جاءِ تي، پر انهن ادارن جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي، تنهن ڏانهن ڪڏهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه ٿي ويو. پر، جيڪڏهن ڪنهن کي ان جي اصل حقيقتن جو علم هو به، ته اڄ ڪلهه واري مصلحت واري سياست جي پيش نظر لب ڪشائي لاءِ ڪو تيار ڪونه هو.

اسان جي نظر ۾ انهن ادارن جي تباهيءَ جي پٺيان ٻين ڪيترن ئي ضمني ۽ جزوي سببن سان گڏ اصل ۽ بنيادي سبب صحيح ماڻهن جو فقدان هو. بدقسمتيءَ سان انهن ادارن کي ويجهي ماضي ۾ صحيح ۽ ايماندار ماڻهو ڪونه ٿي مليا، جيڪي ادارن کي سنوارين ۽ سڌارين. سنڌي ادبي بورڊ سان اها ئي ويڌن ٿي جو سفارشن وسيلي جيڪي ماڻهو آيا، انهن کي بنيادي طرح سان اهو پتوئي ڪونه هو ته هن اداري جون روايتون ڪهڙيون آهن ۽ اڳين نيڪ نام بزرگن ڪهڙن ويچارن سان اداري کي هلايو ۽ ڪهڙن قدرن سان انهن جي آبياري ڪئي، نتيجو سڀني جي آڏو آهي!

سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿوته وقت جي هاڪارن ۽ علمي هستين پنهنجي غير معمولي جاکوڙ ۽ اخلاص، ايثار ۽ قرباني، محنت ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ان جو بنياد وڌو ۽ ڪم کي اڳيان وڌايو. اهڙين محترم ۽ معتبر شخصيتن ۾ سائين جي.ايم.سيد، عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه آءِ.آءِ. قاضي، ميران محمد شاهه، عثمان علي انصاري، لالچند امر ڏنومل، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جا نالا آفتاب عالمتاب وانگر روشن ۽ عيان آهن.

ان سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ غلام رباني آگري جو خصوصي ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جن ٻنهي بزرگن جي مسلسل محنت ۽ لاڳيتي ايثارسان سنڌي ادبي بورڊ کي چار چنڊ لڳا ۽ ان جي هاڪ جي علمي خوشبوءِ مغرب ۽ مشرق ۾ پهتي. اسان کي ياد اچي ٿو ته اهو سلسلو اسي واري ڏهاڪي تي منقطع ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هن اداري سان جيڪي تجربا ڪيا ويا، تن جو تفصيل نهايت ڏکوئيندڙ آهي، ان ڪري ان جي اپٽار ڪرڻ ۽ پراڻن زخمن کي کوٽڻ مناسب ڪونه آهي.

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ادبي بورڊ جي آبياري لاءِ هن وقت اول محمد ابراهيم جويي ذميواري پاڻ تي کنئي ۽ تازو بورڊ جي هڪ ٻئي معمار ۽ نامياري دانشور غلام رباني آگري اعزازي سيڪريٽريءَ جو منصب قبوليو آهي ۽ ڪم شورع ڪيو آهي. اسان جي نظر ۾ ادبي بورڊ جا ڀلا ڀاڳ چئبا جو ٻنهي ڄاڻو ۽ ماهرن، بورڊ کي سنڀالڻ لاءِ ذميواريون کنيون آهن. بورڊ جي حوالي سان ان مثالي ادبي جوڙي جو هڪ ڀيرو وري بورڊ م اچي ڪم سنڀالڻ هڪ معجزي کان گهٽ ڪونه آهي ۽ اسان ٻنهي هستين کي مبارڪ ڏيون ٿا.

محترم ابراهيم جويي جي لياقتن ۽ صلاحيتن جي اپٽار ڪرڻ کان اسان جو قلم قاصر آهي. سندن خدمت ۾ وڏي احترام ۽ عقيدت سان ايترو عرض ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون ته:

”جکرا جئين شال، تنهنجومندو ڪَنين نه سڻان!“

سندن وجود ۽ شخصيت ”آفتاب آمد دليل آفتاب“ جي مصداق آهي.

محترم غلام رباني آگري جي ايثار ۽ پنهنجي اداري سان محبت جو اهو عالم آهي جو پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرمين ۽ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر وارن ممتاز عهدن تي خدمتون بجا آڻڻ کان پوءِ هن صاحب سنڌجي هن عظيم اداري جي اعزازي سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪرڻ واري آڇ قبول ڪئي آهي. بورڊ سان محبت جو مثالن کان مٿي ٻيو ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟

مسٽر غلام رباني آگرو فقط ناميارو دانشور ئي ڪونه آهي، پر انتظامي معاملن جو ماهر، ادبي بورڊ جي تمام مسئلن کان واقف، بورڊ کي ترقي وٺائڻ لاءِ اسڪيمن جو ڄاڻو ۽ ذاتي طرح سان نهايت باغ و بهار شخصيت جو مالڪ آهي. قدرت کيس بي شمار صلاحيتن سان نوازيو آهي. اسان سندس وجود ادبي بورڊ جي ترقيءَ جو ضامن تصور ڪريون ٿا.

هن موقعي تي اسان ٻه نقطا بيان ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪونه ٿا سگهون، جن تي بورڊ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار آهي. اسان جي نظر ۾ ان تي پهرين فرصت ۾ ڌيان ڏنو وڃي، تڏهن ئي صحيح معنيٰ ۾ ادارو اڳتي وڌي سگهندو. پهريون ته ادبي بورڊ جي سموري عملي کي صلاح ڏينداسين ته انهن ٻنهي بزرگن سان دل کولي سهڪار ڪيو وڃي، ۽ اڄ ڪلهه جيئن هر اداري ۾ جائز، ناجائز، ضروري غير ضروري، ٿوري يا گهڻي سياست ڪاهي پئي آهي، تنهن کان اداري کي پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي ڇو ته سياست اهڙن ادارن لاءِ زهرِ قاتل جي حيثيت رکي ٿي. سياست لاءِ سياستدان ئي ڪافي آهن ۽ انهن جا ميدان الڳ آهن. هي هڪ محترم ۽ باوقار قومي ادارو آهي. هتي اهڙي پاڪائي سان اندر اچڻو آهي. جيئن مسجدن ۾ داخل ٿبو آهي. ملازمن جا ضرور مسئلا هوندا، پر انهن کي سمجهڻ کپي، ته انهن جي مسئلن کي جويي صاحب ۽ رباني صاحب کان وڌيڪ ڪير ٿو سمجهي سگهي ۽ حل ڪري؟ اسان کي معلوم آهي ته ماضيءَ ۾ ڪن ملازمن جي حوالي سان به اداري ڪافي ڀوڳيو آهي، تنهنڪري آئينده صحيح سوچ سان هلڻ اداري جي مفاد وٽان ٿيندو.

ٻيو نقطو اهو آهي ته سنڌ سرڪار کي کپي ته هاڻي ادبي بورڊ جي دل کولي مدد ڪري. بورڊ جي مالي حالت جي بدتريءَ جا تفصيل اخبارن ۾ ايندا رهيا آهن. خزاني کان سواءِ ڪم اڳتي ڪونه ٿيندو. سنڌ سرڪار کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ نهايت سنجيدگيءَ سان ويچار ڪرڻو پوندو.

اسان جي سنڌ سرڪار گذارش آهي ته بورڊ جي سالانه گرانٽ چاليهن لکن مان وڌائي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪروڙ ڪئي رپيا ڪئي وڃي ۽ ان طرح اڳوڻي وڏي وزير جا اعلان ڪيل سٺ لک رپيا بورڊ کي جاري ڪيا وڃن، جيئن هن اداري کي ان جا نوان سربراهه پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهن. ان طرح سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن تي به فرض عائد ٿئي ٿوته بورڊ جي ترقيءَ لاءِ سهڪار ڪن ۽ سرڪاري حلقن ۾ راءِ عامه جوڙين ۽ پنهنجو آواز پهچائين.

هتي اها ڳالهه ڪرڻ به مناسب سمجهان ٿو ته هن اداري کي وري پنهنجي اصل مقام تي پهچائڻ ۽ ان کي سنڌ جو هڪ وڏو بهترين علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارو بنائڻ محترم جويي صاحب ۽ آگري صاحب لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. اسان کي وڏيون اميدون آهن ته اهي صاحب ھن ذميواري کي پوري ڪرڻ ۾ سرخرو ٿيندا ۽ ڏکين حالتن منھن ڏئي ڪاميابيون ماڻيندا. _ علي بلوچ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ

سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ اڄ ڪلھه اھا خبر عام بحث جو موضوع آھي ته ملڪ جي ممتاز دانشور ۽ سنڌي اديب غلام رباني آگري کي سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جو عھدي تي مقرر ڪيو ويو آھي.

غلام رباني آگرو 1957ع کان 1984ع تائين بورڊ سان وابسته رھيو آھي. پنجويھن سالن جو عرصو تمام وڏو آھي. انھيءَ وسيع تجربي جي ڪري مرڪزي سرڪار موصوف کي بدلي ڪري اسلام آباد ۾ ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ اول ڊائريڪٽر، پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ آخرڪار چيئرمن جي اعليٰ عھدن تي مقرر ڪيو. ھن کان اڳ ۾ ڪوبه سنڌي اديب ۽ عالم انھيءَ منصب  تي مقرر ڪونه ٿيو ھو. موصوف انھيءَ حيثيت ۾ چين، ھندستان ۽ بنگلاديش ۾ سارڪ ملڪن ۽ بين الاقوامي ادبي تقريبن ۾ پاڪستاني وفدن جي قيادت ڪئي. اسلام آباد ۾ سندس آخري مصروفيت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر شپ ھئي، جيڪو ھڪ انتھائي اھم عھدو آھي، ڇو ته اھي ئي ميمبر سي . ايس . پي ڪلاس جا آفيسر چونڊيندا آھن.

سنڌي ادبي بورڊ جي اھا خوشبختي چئبي، جو آگري صاحب انھن اعليٰ عھدن کان پوءِ وري بورڊ جي سيڪريٽريءَ جو عھدو قبول ڪيو آھي ۽ اسان جي خيال موجب ھو ھاڻي پنھنجي انتھائي وسيع تجربي موجب بورڊ جو ڪم بھتر نموني ۾ ھلائي سگهندو.

ھن موقعي تي اھو ذڪرڪرڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌ سرڪار گذريل مھيني جناب محمد ابراھيم جويي کي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪري سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي حلقن جون دليون جيتي ورتيون آھن. جويو صاحب نه رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪان مان ھڪ شخصيت آھي، پر سڄيءَ سنڌ جي ھڪ مڃيل ۽ قابل احترام علمي شخصيت آھي، جنھن پيرانه ساليءَ جي باوجود اداري جي بھتريءَ لاءِ ان جي صدارتي قبولي آھي. اسان کيس آفرين ڏيون ٿا. بورڊ جي تازي فيصلي بعد ھاڻي اھا ڳالھه سون تي سھاڳي وانگر آھي ته سندس ئي ھڪ پُراڻو رفيق ۽ ساٿي آگرو صاحب، بورڊ جي معاملي کي درست ڪرڻ ۾ سندس ساٿ ڏيندو.

اسان کي پوري اميد آھي ته سنڌ جا اھي ٻئي نيڪ نام فرزند، جيڪي بورڊ جي اصل معمارن مان آھن، سي سنڌي جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ کي اڳي وانگر وري اوج تي پھچائيندا ۽ سڄي سنڌ جون دعائون حاصل ڪندا.

(16_ فيبروري 1997ع)

 

 

 

وڄائي واٽ ٿيا ......

(نور محمد سنڌي)

 

27سيپٽمبر 1996ع جي ڏينھن سنڌ ڌرتيءَ جو ھڪ عظيم سپوت، اديب، عالم، محقق ۽ مورخ مولوي محمد سنڌي ڪوٽڙي شھر جي ھڪ مقامي اسپتال ۾ حرڪت قلب بند ٿيڻ سبب ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 84 ورھيه ھئي. ھن صاحب ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا ھئا، جن مان چارڪتاب ”آسمان ڌرتي ۽ انسان“، ”تصوف جي تاريخ“، ”ماڻڪ مڻيادار“ ۽ ”ڪعبي جي تاريخ“ ڇپيل آھن ۽ اھڙائي ٻيا ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل آھن. ھو صاحب ماھوار ”ملير ڊائجيسٽ“ جو سرپرست پڻ رھي چڪو ھو ۽ انھيءَ رسالي جي مالي، اخلاقي ۽ تخليقي طور مدد به ڪندوھو ۽ ان کي سنڌي پڙھندڙن ۾ مقبوليت ڏيارڻ ۾ سندس علم، عقل ۽ ذھانت جو وڏو ھٿ ھوندو ھو.

ھو نه رڳو ھڪ عالم دين ھو پر ھڪ محب وطن سنڌي به ھو. ھن جو سنڌي قوم ۽ ڌرتيءَ سان عشق ھو. ھن جي ھرھڪ لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پسماندگيءَ ۽ قومي غلاميءَ تي نه رڳو رت جا ڳوڙھا ھاريل آھن پرقومي غلاميءَ جي خلاف جدوجھد جو جوش به ڏياريل آھي. ھو ڪوڙن ۽ ھٿ ٺوڪين ملن ۽ مولوين جي سخت خلاف ھو.

منھنجي ادب جي دنيا جي حوالي سان ساڻس واقفيت ته ”ملير ڊائجيسٽ“ جي دور کان وٺي ھئي، پر روبرو ملاقات چار پنج سال اڳ سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جي گهر ٿي ھئي ۽ پوءِ اُھي ڏينھن ۽ پڇاڙيءَ وارا ڏينھن، اسان جو ھڪ ٻئي سان ملڻ ۽ جلڻ ۽ محبت رھندي پئي آئي. آءُ اڪثر ڪري مھيني ڏيڍ ۾ ۽ خاص ڪري جڏھن نئين ”ساڃاھه“ ڇپجي ايندي ھئي ته وٽس ويندو ھوس. ٻه چار ڪلاڪ ساڻس ڪچھري ڪري ۽ ٻنپهرن جي ماني به ساڻس گڏجي کائي، پوءِ شام ڌاري موٽي ايندو ھوس. اھڙي طرح سائين محمد ابراھيم جويو به وقت بوقت وٽس ويندو رھندو ھو، جنھن جو پاڻ ڏاڍي اتساھه ۽ پاٻوھه سان ذڪر ڪندا ھئا. مولوي صاحب جي لکڻين ۾  ھڪ قسم جي رواني ھوندي ھئي. ھو پنھنجي لکڻين ۾ ٻين اديبن ۽ عالمن جا حوالا گهٽ ڏيندو ھو. جيڪو به لکندو ھو پنھنجي دل ۽ دماغ جي روشني مان لکندو ھو. آءُ جڏھن به وٽس ويندو ھوس ته کيس لکندي ئي ڏسندو ھوس. جيڪو ھو مون کي پڙھي به ٻڌائيندو ھو. پڇاڙيءَ ۾ جڏھن اڪثر سخت بيمار رھندو ھو ۽ لکي نه سگهندو ھو، تڏھن کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو ھو. پر پوءِ به ڏڪندڙ ھٿن سان ڏنگن ۽ ڦڏن اکرن ۾ به لکڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. کيس ماھوار ”ساڃاھه“ رسالي سان عشق جي حد تائين دلچسپي ھوندي ھئي. سندس دل جون مرادون ھيون ته ساڃاھه رسالي کي ڪيئن به ڪري ريگيولرٿيڻ کپي ۽ ٻيو سندس باقي رھيل ڪتاب ڇپجي وڃن. سندس خواھش ھئي ته ھو چاق ٿئي ته سڄي سنڌ ۾ ھلي وڃي ساڃاھه رسالي لاءِ ھڪ سوُ ساليانه ميمبر ڪري اچي. ھو اھڙو ذڪر به مون سان وقت بوقت ڪندو رھندو ھو ته خطن ۾ به اظھار ڪندو رھندو ھو پڇاڙيءَ تائين کيس بيمار اھڙي اجازت ڪانه ڏني.

 

خاڪي جويو

 

 ڏيھي، پر ڏيھي خبرون

 

اسپين ۾ پھرين بين الاقومي اديب ڪانگريس شروع ٿي ويئي آھي، جنھن جو موضوع اسپيني زبان ۽ ان جو ادب آھي. ڪانگريس جي افتتاحي اجلاس جي موقعي تي ھڪ ممتاز مغربي اديب ڪاميلو جوز سِيلا، چيو ته ”عنقريب دنيا ۾ فقط چار زبانو عالمي رابطي جو ذريعو وڃي رھنديون: ھڪ عربي، ٻي انگريزي، ٽين چيني ۽ چوٿين اسپين جي زبان.“ ھن چيو ته ”دنيا جي باقي ٻين سمورين زبانن جي حيثيت فقط علائقائي وڃي رھندي.“

ھن تصوير ۾ ڪاميلو جوزسِيلا، جنھن 1979ع ۾ ادب جو نوبل انعام کٽيو ۽ جبرئيل گارشيا مارڪيز، جنھن 1972ع ۾ اھو انعام حاصل ڪيو ھو، اسپين واريءَ انھيءَ ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ھال ۾ داخل ٿي رھيا آھن.

*     *     *     *

چين جي حڪومت اعلان ڪيو آھي ته قديم دنيا جي مشھور فاتح، چنگيز خان جو قُبو جلد ئي سڄيءَ دنيا جي سياحن، عالمن ۽ تاريخ نويسن لاءِ کوليو ويندو. گذريل سال، آمريڪا جي ھفتيوار رسالي ”ٽائيم“، چنگيز خان جي تصوير سرورق تي ڇاپي ھئي، ۽ اندر ھڪ تحقيقاتي مضمون ڏنو ھو، جنھن ۾ شڪايت ڪيل ھئي ته ”دنيا جي ماھرن کي پنجاھه ورھين جي جستجوءَ کان پوءِ به چنگيز خان جي قبي جو سراغ ملي نه سگهيو آھي. ان باري ۾ چين جي حڪومت ساڻن ڪنھن به قسم جو تعاون نٿي ڪري.“

چنگيز خان مغل ھو. سندس قبو منگوليا ۾ ھو، جتي چيني حڪومت ڪنھن کي به وڃڻ نٿي ڏنو، جو ان جي مرامت ڪرائي رھي ھئي. قبي جي مڪمل مرامت تي ڪروڙين ڊالرن خرچ ڪيو اٿس.

*     *     *     *

چين جي حڪومت اھو به اعلان ڪيو آھي ته نامور اڳواڻ، چيئرمن مائو جي مقبري کي اپريل جي پھرئين ھفتي کان مرامت لاءِ بند ڪيو ويندو. مقبري جي ٻاھران مڪمل مرامت ٿيندي، پر، اندر فقط ديوارن تي نئين گلڪاري ٿيندي.

گذريل ٽيھن ورھين کان پوءِ ھي پھريون دفعو آھي، جو مائوءَ جو مقبرو مرامت لاءِ بند ٿيندو. ٽيھن ورھين جي گذريل عرصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪروڙن ماڻھن سندس مقبري تي حاضري ڏني آھي. مقبري ۾ مائوءَ جو لاش، ڪيميائي دوائن جي عمل ذريعي، اھڙيءَ طرح محفوظ ڪري، شيشي جي تابوت ۾ رکيل آھي، جو ڄڻ ته ھُو زنده آھي. پر، گهَريءَ ننڊ ۾ آھي.

*     *     *     *

تازو ، چين جي دنيا ڀر مشھور شھر، ھانگ ڪانگ ۾، ھڪڙيءَ ڪُڪڙ ٽي آنا ڏنا، جن تي، گذريل مھيني ۾، چين ۾ ٿيل سج گرھڻ جون تصويرون آھن.

سنڌ ۾، قديم زماني کان ڏاھا ۽ وڏيءَ ڄمار جا ماڻھو، ڳورھارين (اميدوارين عورتن) کي سج ۽ چنڊ گرھڻ وقت، ٻاھر نڪرڻ کان منع ڪندا آھن.چوندا آھن ته ان جا اولاد تي جسماني طرح برا اثر پوندا. ھو لولالنگڙا ٿي پوندا.

چين ۾، اھو سج گرھڻ، نائين مارچ تي ٿيو ھو ۽ ان کان پوءِ، سُتت سائنسدانن کي اتي ”هيل باپ“ (HALE-BOPP) نالي، پڇڙ تازو به ڏسڻ ۾ آيو. سج گرهڻ ۽ ان سان گڏ پڇڙ تاري جي به ظاھر ٿيڻ جو اھڙو نظارو ھن صديءَ ۾ سائنسدانن کي فقط ٽي دفعا اڳ ۾ ڏسڻ ۾ آيو آھي: پھرين ڀيرو نومبر 1984ع ۾ ڪينيا ۾، ٻيو ڀيرو مئي 1982ع ڌاري مصر ۾، ۽ ٽيون مئي 1947ع ۾ برازيل ۾.

 

يورپ ۾، ڪنھن خاص واقعي ٿيڻ مھل، ھٿ مٿي کڻي، دل ۾ آس ڪندا آھن، ۽ ڀائيندا آھن ته اھا پوري ٿيندي. پڇڙ تاري جي ظاھرٿيڻ وقت اھڙي منظر جيءَ ھيءَ تصوير جرمنيءَ ۾ ورتل آھي.

پُڇڙ تاري جي ظاھر ٿيڻ کي چڱو سئوڻ نه سمجھيو ويندو آھي. اڳوڻي زماني ۾ وڏا وڏا اديب ۽ شاعر دنيا ۾ ان کي ڪن خوفناڪ حادثن ۽ بادشاھن جي ٽٽڻ سان تعبير ڪندا ھئا.شڪسپيئر جي ڪلام ۾ به اھڙو ذڪر موجود آھي.

ھن سال، ”ھيل باپ“ پڇڙ تاري جي ظاھر ٿيڻ سان آمريڪا ۾ سچ پچ ھڪ دردناڪ حادثو ٿي پيو. اتي، سائنس جي ايڏيءَ ترقيءَ ۽ ھنر ۽ ڪاريگري جي ڪمال جي باوجود، ڪيتريون اھڙيون جماعتون ۽ گروھه به آھن، جي ڪاري جادوءَ، ڏائڻين۽ وھم وسوسي وارين ڳالھين ۾ اعتقاد رکندا آھن. انھن مان ھڪڙي جماعت Heaven,s Gate (بھشتي دروازو)آھي، جنھن جي اڳواڻ پنھنجن پوئلڳن کي چيو ته ”ھيل باپ“ پڇڙ تاروجيڪو زمين وٽان لنگهڻ وارو آھي، تنھن جي گرد و غبار ۾.”خلائي جھاز“ آھي. انھيءَ ۾ سوار ٿبو، ته دنيا جي ڏکن سورن کان ڇوٽڪارو ملندو ۽ ماڻھو پنھنجي وجود جي ٻيءَ منزل يعني ڇوٽڪاري يا نرواڻ ۽ داخل ٿي ويندو.

اھو ٻڌي، چاليھارو کن پڙھيل نوجوان مردن ۽ زالن، پنھنجيءَ جماعت جي اڳواڻ جي ڳالھه تي اعتبار ڪيو. ”ڇوٽڪاري“ حاصل ڪرڻ جي شوق ۾، اول شراب پيتائون، پوءِ نشي آور دوائون گوريون ۽ ڪيپسول کاڌائون. آخر ۾، ھڪ ھڪ ڄڻو پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ ۾ گهڙيو، جنھن ۾ ڪٿان به اندر ھوا ڪانه ٿي آئي. منجھس سخت ٻوساٽ ھئي. نتيجو اھو نڪتو ته سمورا مرد ۽ زالون ٿيلھين ۾ ٻوساٽجي مري ويا. جڏھن ڳالھه ڦاٽي ۽ پوليس وڃي کين پلاسٽڪ جي ٿيلھين مان ٻاھر ڪڍيو، ته سندن جسمن جو رنگ واڱڻائي ٿي ويو ھو، ۽ ھيري جي شڪل وانگر سُڪي ٺوٺ ٿي ويا ھئا. _ اھو دردناڪ حادثو آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست ۾ ھڪ فئشنبل ۽ اميراڻي علائقي ۾ ٿيو.

سنڌ ۾،”ھيل باپ“ پڇڙ تارو، روزانو سج لھڻ کان ھڪ ڪلاڪ پوءِ ، آسمان ۾ اولھه طرف ظاھر ٿئي ٿو.

*     *     *     *

آمريڪا جي روزنامه ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ تازو ھڪ خبر ڇپي آھي ته دنيا جي پھرئين پھرئين رٿابنديءَ سان اڏيل شھر، ”موھن جي دڙي“ جا باقي بچيل آثار ڊھي ڍير ٿي رھيا آھن ۽ پاڪستان جي حڪومت ان جي بچاءَ لاءِ گهڻو ڪجھه ڪونه ٿي ڪري.

واشنگٽن پوسٽ جي نمائندي جو چوڻ آھي ته چار ھزار پنج سو ورھيه اڳ، سرن سان ٺھيل ھن شھر کي ڪلرکائي رھيو آھي. 1922ع ۾ کوٽائيءَ کان پوءِ جيڪي پھريان پھريان قديمي آثار ظاھر ٿيا ھئا، سي اڳيئي مٽيءَ جا ڍير ٿي ويا آھن.

ماھرن جو چوڻ آھي ته موھن جو دڙو دنيا جو پھريون پھريون رٿابنديءَ سان اڏيل شھر ھو. منجھس ماڻھن جي گذران جو سٺو طريقو رائج ھو. شھر ۾ سٺائيءَ صفائيءَ جو انتظام ھو ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪسيون ٺھيل ھيون.

_ ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com