حاجي هدايت الله خان، شاهه شجاع جي طرفان گوسڙ جي جو عملدار هو.
هن کي جڏهن اها خبر پيئي ته چند سوارن سان گڏ مري
جي مقابلي لاءِ آيو. هن پهريائين عالم خان کي
هدايت ڪئي ته هو فتني فساد کان باز اچي وڃي، ليڪن
عالم خان مري هن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ فتني ۽
فساد جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو. توڙي جو عالم خان وٽ
گهڻو لشڪر هو ۽ هن وٽ ٿورو لشڪر هو، تڏهن به هن
ميدان جنگ کان منهن نه موڙيو ۽ مقابلي لاءِ آيو ۽
نهايت ثابت قدمي ۽ استقلال سان عالم خان جي لشڪر
جو مقابلو ڪيو. اتفاق سان بندوق جي هڪ گولي عالم
خان کي لڳي ۽ هو مارجي ويو، جنهن ڪري هن جو پٽ
جهان خان پنهنجي پيءُ جي مارجڻ ڪري غضبناڪ ٿي جنگ
جي ميدان ۾ آيو ۽ مست هاٿي وانگر هن حاجي هدايت
الله کي بندوق جي وار سان قتل ڪيو. سردار جي مارجڻ
سان سندس فوج ڀڄي ويئي. جهان خان مري، حاجي هدايت
الله جو سر وڍي جهنڊي تي بلد ڪيو ۽ بيرحمي سان هن
جي وڍيل سرکي ٺوڪرون هنيائين ۽ سندس ڏاڙهي تي
ٿُڪيو. جوش ۾ اچڻ ڪري بادشاهه جي انتقام کي هُو
ڀُلجي ويو هو.
شجاع الملڪ ۽ سندس اميرن کي جڏهن هدايت الله خان جي قتل جي خبر
پيئي ته هو غضبنا ڪ ٿي ويا، تنهنڪري شاهه شجاع،
سمندر خان کي ٽي هزار سوار ۽ پياده فوج ۽ ست توپ
بردار ٻيڙيون ڏيئي حڪم ڪيو ته خيرپور جي ميرن اسان
جي عزت جي ڪابه پرواهه نه ڪئي آهي، تنهنڪري اسان
مجبور آهيون، انهي ڪري اوهان خيرپوري ميرن جي
مقابلي ۾ وڃو ۽ همت ۽ شجاعت سان مقابلو ڪريو.
هوڏانهن وري خيرپور جي ميرن کي نواب عالم خان مري جي مارجي وڃڻ
جي خبر پيئي ته انهن ۾ به انتقام وٺڻ جي باهه ڀڙڪي
اُٿي، بلوچ سردارن جو هڪ ٽولو، جيڪو محبت خان مري،
ڌڱاڻو خان مري، جلال خان مري، جلباڻي ۽ با ڪراڻي
قبيلن جي ماڻهن تي مشتمل هو، انهي کان علاوه مير
رستم خان ۽ سيد ميان غلام مرتضيٰ شاهه به انهي ۾
شامل هئا. هي سڀ مير علي مراد خان جي اجازت سان
بدلي وٺڻ خاطر اهڙي شان سان روهڙي پهتا جو مٿي تي
پاتل سندن ٽالپوري ٽوپيون ٽيڏيون هيون ۽ سندن مُڇن
کي تاءُ ڏنل هو. انهن درياءَ ٽپي سکر پهچي، ماڻهن
تي اهڙا ظلم ڪيا جيڪي لکڻ کان ٻاهر آهن.
سيد ڪاظم شاهه اُن وقت خيرپور ۾ ترسيل هو. هن فساد کي ٽارڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ شاهه شجاع ۽ خيرپور جي ميرن ۾ صلح ۽
اتحاد لاءِ به ڪوشش ڪئي، ليڪن ناڪام ويو. آخرڪار
هن خيرپور جي ميرن سان مشوروڪيو ته هو خيرپور ۾
ترسي يا هليو وڃي، ليڪن خيرپور جي ميرن، حيدرآباد
جي ميرن جي خوف کان هن کي چيو ته انهي معاملي ۾
اسان توکي ڪجهه به نٿا چئي سگهون، تنهنجي پنهنجي
مرضي تي منحصر آهي ته خيرپور ۾ ترسو يا وڃو. سيد
ڪاظم شاهه اڃان انهي سوچ ويچار ۾ هو ته حيدرآباد
جي ميرن طرفان خط اچي پهتس، جنهن ۾ لکيل هو ته
معلوم ٿئي ٿو ته خيرپور جي ميرن جا مزيدار کاڌا
توکي خيرپور کان نڪرڻ نٿا ڏين. هاڻي تون جلدي ۾
لاڙڪاڻي ۾ بهادرخان کوکر سان وڃي مل.
انهي حڪم پهچڻ تي سيد ڪاظم شاهه تيار ٿي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ روانو
ٿيو. توڙي جواِهو حڪم کيس پسند ڪونه هو، هي پنهنجي
نوجوان حاڪمن جي عقل تي افسوس ڪرڻ لڳو. ليڪن حڪم
جي تعميل ڪرڻ لاءِ به مجبور هو. هن پهرئين منزل
ٽنڊي لقمان خان ۾ ڪئي. هن کي هِتي انهي رات عالم
خان مري جي مارجي وڃڻ جي خبر پيئي. خيرپور جو سارو
شهر آه و بڪا سان گرم هو. شهر جي بازارين ۾ بلوچن
جي ڊڪ ڊوڙ شروع هئي. بلوچ هي نعرو هڻي رهيا هئا ته
اسان به جلدي ائين ڪنداسين ۽ شاهه شجاع کي نه
ڇڏينداسين.
انهي ڪري ڪاظم شاهه پنهنجو سفر ملتوي ڪري، انهي خبر جي تصديق
ڪرڻ لاءِ واپس خيرپور آيو ۽ مير رستم خان سان
ملاقات ڪري کيس پڇيائينس ته جڏهن سکر ۾ اها گڙٻڙ
ٿي رهي آهي ته پوءِ انهي صورت ۾ منهنجو لاڙڪاڻي
وڃڻ ڪيئن ممڪن آهي. رستم خان کيس ڪوبه جواب ڪونه
ڏنو، تنهنڪري سيد ڪاظم شاهه پنهنجي ڀاءُ تقي شاهه
سان گڏ سکر ڏانهن روانو ٿيو. تقي شاهه روڪڻ جي
گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن هي نه رُڪيو ۽ روهڙي ڏانهن
روانو ٿي ويو. اڃان شهر کان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين
ته ماڻهو عالم خان جو جنازو کنيو پيا اچن. ڪاظم
شاهه انهي کي پنهنجي لاءِ سٺو سنوڻ نه سمجهيو. هڪ
شال جنازي تي وڌائين ۽ پوءِ روهڙي اچي پهتو ۽ بنا
ڪنهن دير جي درياءُ ٽپي ساٿين سميت سکر آيو.
کرڙي جي جنگ خيرپور جي ميرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ لڳي. شاهه شجاع
پنهنجي لشڪر جو سپه سالار سمندر خان کي مقرر ڪيو.
سوار ۽ پيادي لشڪر جو تعداد ٽي هزار هو ۽ ان سان
گڏ ست توپ بردار ٻيڙيون به هيون. هي لشڪر شڪارپور
کان روزانو ٽي چار ڪوهن جون منزلون ڪندو ستن اٺن
ڏينهن ۾ جعفرآباد اچي پهتو.
ميرن جو لشڪر جيڪو وڏي تعداد ۾ هو، سو دشمن جي گهات ۾ لڪي اچي
لال واهه ۾ ويٺو، جيڪو سکر جي ڀرسان آهي.
سمندرخان ميرن جي جنگ واري طريقي کان واقف هو، سو
سکر واري سڙڪ کان بلڪل نه هٽيو. هن ميرن جي لشڪر
کان اڌ ڪوهه تي پنهنجو لشڪر اچي بيهاريو ۽ پنهنجو
جهندو وڻ مٿان اچي هنيو.اُتي ٿورو لشڪر ڇڏي جنگ جو
طبل وڄايائين ۽ پوءِ پاڻ واقف ڪارن جي مدد سان
ڪجهه سوارن ۽ پيادن ۽ ٻن توپن سان نهايت ئي خفيه
نموني آدم شاهه جي ٽڪري تي اچي چڙهيو ۽ اوچتو ميرن
جي لشڪرتي حملو ڪري ڏنائين. ميرن جو لشڪر درياءُ
جي ڪناري سان غافل ٿيو ويٺوهو. هن جو خيال هو ته
انهي طرف حملو ڪو نه ٿيندو حملو اوڏانهن ٿيندو
جيڏانهن افغانين جو جهنڊو وڻ تي لڳل هو ۽ جيڏانهن
جنگ جا طبل وڄي رهيا هئا. ليڪن اچانڪ آدم، شاه جي
ٽڪري تان حملي ٿيڻ ۽ توپن جي آواز ٻڌڻ سان ميرن جو
لشڪر پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هنن انهي طرف کان
بچاءُ جو ڪوبه بندوبست ڪونه ڪيو هو، تنهنڪري هنن
جلدي ۾ بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ جي آدم شاهه جي ٽڪري
جو رُخ ڪيو.
ميرن جي لشڪر ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه نهايت ئي بهادر ۽ شجاع شخص
هو. هي اسلحي سان آراسته ٿي پنهنجي دوستن سان گڏ
ميدان جنگ ڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجن دوستن کي چوڻ
لڳو ته هو ٽڪري تي موجود چند افغانن کي ختم ڪري،
ڪامياب ٿي جلدي واپس اچي ويندو. سيد ڪاظم شاهه
جڏهن ڏٺو ته جڏهن سندس دوست بغير ڪنهن سوچڻ ۽
سمجهڻ جي ميدان جنگ ڏانهن وڃي رهيو آهي ته کيس
ڏاڍو افسوس ٿيو. ڇاڪاڻ ته هن کي شاهه شجاع جي لشڪر
جي طاقت جي ڄاڻ هئي، ليڪن ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ نه
وري اُن وقت اهڙو موقعو به هو، جو هُو هن جي گهوڙي
جي لغام پڪڙي کيس روڪي سگهي. آخرڪار دوست کي ويندو
ڏسي هي به اوڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿيو ۽ هي شعر پڙهڻ
لڳو.
سخن درست بگويم، نمي تواند ديد
ڪه مي خورند حريفان ومن نظاره ڪنم،
هي به گهوڙي تي چڙهي پنهنجي دوست سان گڏ ميدان جنگ ڏانهن روانو
ٿي ويو ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه کان به اڳ ۾ وڌي
پنهنجي شجاعت جا جوهر ڏيکارڻ لڳو. شاهه شجاع جي
چند سپاهين کي موت جي منهن ۾ وجهي پاڻ به گولي لڳڻ
ڪري قتل ٿي ويو. اُن کان پوءِ سيد غلام مرتضيٰ
شاهه اگهاڙي ترار هٿ ۾ کڻي اڃان ڪنهن جي مقابل به
نه ٿيو ته اوچتو کيس هڪ گولي لڳي۽ زمين تي ڪري
پيو. مرڻ وقت ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو ته افسوس جو
مرڻ کان اڳ ۾ هڪ غدار سان به مقابلو نه ڪري سگهيس
شاهه شجاع جو هڪ سپاهي اڳتي وڌي هن جو سر قلم ڪيو
۽ جسم تان قيمتي لباس ۽ هٿيار لاهي کڻي ويو.هن کان
پوءِ حيدرآبادي ميرن جي وزير جو خاص ملازم ”دريا
خان نظاماڻي“ ميدان ۾ آيو ته سمندر خان جو ڀائٽيو
گهوڙو ڊوڙائي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن کي ختم ڪري
ڇڏيو ۽ سندس ترار به کڻي ويو. ان کان پوءِ جهان
خان مري پنجاهه سٺ بلوچن سان گڏ هڪٻئي جا پاڻ پلوُ
ٻڌي ميدان ۾ آيو ته جيئن سڀ گڏجي دشمن جو بهادري
سان مقابلو ڪن. هنن شجاع جي ڪيترن ئي سپاهين کي
موت ڏانهن اُماڻيو. سڀ نهايت ئي بهادري ۽ شجاعت
سان وڙهڻ لڳا. جنگ جو ميدان گرم هو ته بلوچ غلطي
ڪري گهوڙن تان لهي پيا ۽ پيادا ٿي اگهاڙيون
تراريون هٿ ۾ کڻي ٽڪري ڏانهن وڌڻ لڳا. شاهه شجاع
جي سپاهين هنن کي ٽڪري ڏانهن ايندو ڏسي بندوقن ۽
تيرن جي بارش شروع ڪري ڏني، جنهنڪري ڪيترائي بلوچ
مارجي ويا.
هوڏانهن وزير فتح محمد غوري، مير رستم خان ۽ محبت خان مري، جيڪي
لالا واهه ۾ لڪل هئا، هنن پنهنجي لشڪر جو سڌ سماءُ
به ڪونه لڌو ته ڪٿي ۽ ڪيئن وڙهي رهيا آهن.
شاهه شجاع الملڪ جي لشڪر جا سوار سڀ خراساني هئا ۽ پيادا پٺاڻ ۽
هندستاني هئا، هي سڀ هٿيار بند هئا. شجاع جي
سپاهين بلوچ مقتولن جا سوني ۽ چاندي جا زيور به
لاهي ورتا ۽ جنهن به بلوچ سپاهي کي قتل ڪندا هئا
ته بيدردي سان اُن جو سر وڍي جو لاش کي زمين تي
اڇلائيندا هئا.
بهادر سردارن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ميرن جو لشڪر گهٻرائجي ويو ۽
درياءُ رستي ڀڄڻ جو فيصلو ڪيائون. اها خبر جڏهن
مير مبارڪ ۽ مير جنگي خان کي پيئي ته هنن ملاحن کي
حڪم ڏنو ته ٻيڙيون گهاٽ کان پري ڪيو وڃن ته جيئن
سندسن لشڪر ڀڄي ٻيڙين ۾ چڙهي درياءَ پار نه اچي
سگهي. جنهن ڪري ميرن جو لشڪر ٻن مصيبتن ۾ مبتلا ٿي
ويو. هڪ طرف سمندر خان جو لشڪر سندن تعاقب ۾ هو ته
ٻئي طرف وري درياءَ تي ٻيڙين نه هجڻ ڪري سندن جان
بچائڻ جو رستو بند هو. انهي ڪري ميرن جو لشڪر جنگ
جي باهه کان گهٻرائجي، پاڻ کي بچائڻ لاءِ درياءَ
ٽپ ڏيڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته پٺيان افغاني سپاهين جون
ترارون هنن لاءِ موت جو پيغام هيون جنهنڪري گهڻن
بلوچن درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي موت کي ترجيح ڏني، هنن
جا هوش ۽ حواس ايتري قدي گُم هئا جو درياءَ ۾ هجڻ
جي باوجود پاڻي پاڻي پڪاري رهيا هئا، يعني پاڻي ۾
هجڻ جي باوجود به کين پاڻي نظر نٿي آيو. ڪجهه بلوچ
ملاحن جي خوشامد ڪرڻ لڳا ته جيئن هو کين درياءُ
پار ٽپائين ۽ ڪجهه وري گهوڙن جو پُڇ پڪڙي درياءَ
ٽپڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. مگر وچ درياءَ ۾ ٻڏندا ويا.
مطلب ته ميرن جي لشڪر ۾ افراتفري هئي. ميرن مبارڪ
خان ۽ مير جنگي خان کي جڏهن يقين ٿي ويو ته سندن
لشڪر هاڻي پٺاڻن جو مقابلو نه ڪري سگهندو ۽ بيهي
نه سگهندو، تڏهن ملاحن کي چيائون ته لشڪر کي ٻيڙين
ذريعي پار ٽپائين.
بعد ۾ ميرن جو ٿورو ٻيو لشڪر به نواب احمد خان لغاري سان گڏ،
جيڪو سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو دوست هو، درياءَ ٽپي
کرڙي ۾ پهتو ۽ پنهنجي قتل ٿيل ماڻهن کي ڏسي افسوس
جا هٿ مهٽڻ لڳو.
هوڏانهن فتح محمد غوري ۽ محبت خان مري شڪست کان پوءِ لالا واهه
مان نڪري، خوف کان لڪندا وڏي مشڪل سان درياءَ
تائين پهتا ۽ پوءِ ٻيڙي ۾ سوار ٿي روهڙي آيا.
سمندر خان پنهنجي فتح مندي تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي فتح جا
جهنڊا هڻي وڏي آواز سان چوڻ لڳو ته ميدان جنگ
دشمنن کان صاف ٿي چڪو آهي، اگر اڃان به ڪنهن کي
همت آهي ته مقابلي لاءِ نڪري اچي،اسان حاضر آهيون،
هي گوءِ هي ميدان ليڪن انهي جي رجز سان ڪنهن کي
به مقابلي جي همت نه ٿي. سمندر خان فتح کان پوءِ
شڪارپور پهتو ۽ شاهه شجاع جي سلامي ڀري، مال غنيمت
سان ڀريل هاٿي سندس سامهون پيش ڪيا.شاهه شجاع به
هن کي انعام اڪرام ۽ خلعت سان نوازيو.
شجاع الملڪ جي سپاهين به بلوچن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ انهن جي مال
۽ دولت سان خوب هٿ رڱيا. زربفت ۽ ڪيمخواب جون
ٽالپري ٽوپيون مٿي تي ٽيڏيون رکي ۽ ڪاشان جو
چادرون ۽ لاڙ جون رنگين لويون. پنهنجي ڪُلهن تي
رکي ۽ چاندي ۽ سوني جڙاؤ دار ترارون پنهنجي ڪلهن ۾
لٽڪائي دف وڄائي بلوچن جو مذاق ڪري رهيا هئا.
هن جنگ ۾ بلوچن جا ڪيترائي بهادر ۽ ناميارا فرد قتل ٿي ويا،
جنهن ڪري بلوچن جي گهر گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو ۽
روڄ راڙي جو بلند آواز اچڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جو
عزيز قتل ٿي ويو هو ته ڪنهن جو وري ڀاءُ قتل ٿي
چڪو هو. هر بلوچ مٿي اگهاڙو هو، پڳ لٿل هُين. کين
ڪارو لباس پاتل هو، گريبان چاڪ ٿيل هو ۽ مٿي ۾ مٽي
پيل هئي. مرد ’ ياحسي ياحسين‘ ڪري رهيا هئا ۽
عورتون پار ڪڍي روئي رهيون هيون ته ’هئي هئي جوان
هو، جنگ جو پهلوان هو‘، وغيره.
هوڏانهن حيدرآباد جا مير شڪست جو ٻڌي بيقرار ٿي ويا ۽ اسلحو گڏ
ڪري جنگ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويا. جنگي تيارين
ڪرڻ بعد شجاع الملڪ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد
مان طوفان وانگر روانو ٿي لاڙڪاڻي ۾ اچي منزل
انداز ٿيا. خيرپور جي ميرن جو لشڪر به هتي اچي
ساڻن گڏيو.
جڏهن شاهه شجاع کي ميرن جي انهن جنگي تيارين جي خبر پيئي ته هي
به چار هزار سوارن ۽ پيادن جو لشڪر گڏ ڪري ۽ اُٺ
توب بردار ٻيڙيون ساڻ کڻي باغ شهزاد کان روانو ٿي
شڪارپور سان لڳ باغ شاهي ۾ اچي ترسيو.
مير لاڙڪاڻي مان روانو ٿي درياءَ جي ڪناري سان منزلون ڪندا
مدئجي ۾ اچي پهتا ۽ ڪجهه ٻيڙيون به پاڻ سان گڏ
آندائون ته جيئن خدانخواسته شڪست جو موقعي تي ڪم
اچي سگهن.·
مدئجي ۾ پهچڻ کان پوءِ ميرن شجاع سان لکپڙهه شروع ڪئي ۽ پير
نظام الدين ۽ پير محي الدين سرهندي کي پنهنجو قاصد
ڪري شاهه شجاع ڏانهن روانو ڪيائون. انهن پيرن،
ميرن طرفان شاهه شجاع کي صلح جي تلقين ڪئي،
تنهنڪري شاهه شجاع پيرن جو چيو مڃي شريف خان ضبط
بيگي ۽ قاضي احمد حسن کي ميرن ڏانهن موڪليو. ميرن
پنهنجي حڪمت عملي تحت شڪوه شڪايت جي ڪجهه ڳالهين
ڪرڻ کان پوءِ خلوص ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيون ۽
پنهنجي طرفان صلح صفائي جو يقين ڏيارڻ لاءِ بهادر
خان کوکر کي شاهه شجاع ڏانهن روانو ڪيو. بهادر خان
کوکر جا سمندر خان سان بيحد دوستانه تعلقات هئا،
تنهنڪري هي سمندر خان جي توسط سان شاهه شجاع وٽ
پهتو. بهادر خان حُسن تدبير سان ميرن طرفان شاهه
شجاع کي انهي ڳالهه تي راضي ڪيو ته مير، شاهه شجاع
کي بار برداري لاءِ پنج سو اُٺ ۽ چار لک روپيا
نقد خرچ لاءِ ۽ هڪ لک روپيا ساليانو ڏن ڏيندا ۽
بهادر خان کوکر هڪ سوُ سوارن جي دستي سان قندار
تائين شاهه شجاع سان گڏ رهندو. انهي صُلح نامي کان
پوءِ شاهه شجاع اُٺ ۽ نقد وٺي خراسان روانو ٿي ويو
۽ مير صاحبان حيدرآباد ۽ خيرپور روانا ٿي ويا.(32)
جنگ ۾ شريڪ سنڌي قبيلا ۽ ماڻهو:
عطا محمد حامي جي لکڻ موجب هن جنگ ۾ ٽالپرن طرفان ڪيترائي بلوچ
۽ سماٽ قبيلا شامل ٿيا، جهڙوڪ مري، چانڊيا، رند،
جسڪاڻي، چانگ، جانوري، بگٽي، ٽالپر ۽ سيد وغيره.
منشي عطا محمد جي لکڻ مطابق جلباڻي ۽ باقراڻي به
شامل هئا.
آندل فقير ماڇي، پنهنجن بيتن ۾ هن جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙ قبيلن جو
ذڪر هن طرح ڪيو آهي.
”مري،نظاماڻي نامزد کورکاڻي بوزدار
بگٽي، رند بلوچ، بروهي، کوسا شاهي شمار.“
آندل فقير جي بيتن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپري لشڪر ۾ گل
حسن خان مري، غلام علي شاهه، نورشاهه، سيد خيرمحمد
شاهه، فقير محمد خان، سوڀو خان، آلودو خان، الهيار
خان ۽ سيد حيدر شاهه جهڙا سنڌي سپوت به شامل هئا.
جلال خان ۽ ابراهيم خان به موجود هئا. ڪرم خان،
مسلم شاهه ۽ سنجر شاهه به شامل هئا. ليڪن پاڻ
ملهائي نه سگهيا.
مير رستم خان ٽالپر والي رياست خيرپور سنڌ، مير زنگي خان (جنگي
خان ٽالپر)، مير مبارڪ خان ٽالپر، وزير فتح محمد
غوري، باغوخان چانگ، محبت خان مري، جلال خان مري،
ڌڱاڻو خان مري، سيد تقي شاهه (برادر سيد ڪاظم شاهه
)، بهادر خان ۽ فضل خان رند، ڪيهر خان رند، غلام
علي بگٽي ۽ صوڀو خان چانڊيو به هن جنگ م شريڪ هئا
۽ زنده رهيا يعني موت کان بچي ويا.
دريا خان جسڪاڻي، نصير خان جسڪاڻي، چاڪر خان جسڪاڻي، گل حسن خان
مري، جهان خان مري، سيد آغا ڪاظم شاهه، دريا خان
نظاماڻي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري، سيد اسماعيل
شاهه، سيد دائم شاهه، سوائي خان رند محمد خان
چانڊيو، گل علي ۽ شفاعت علي خان چانڊيو به ٽالپري
لشڪر ۾ شامل هئا ۽ شهيد ٿي ويا.
مثنوي”شاهنامه ٽالپوران“ مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿين غازين ۽
شهيدن کان سواءِ سيد ابوالحسن (سيد ڪاظم علي شاهه
جو چاچو)، سردار هاشم خاصخيلي ۽ پهلوان بهادر
(خدمتگار) به ٽالپري فوج ۾ شامل هئا ۽ بهادري سان
وڙهندي شهيد ٿي ويا. (33)
کرڙي جي جنگ ۾ محققن جا تبصرا:
هن جنگ جي واقعات پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته مير عالم خان
مري جي بيگناهه ۽ المناڪ شهادت جي بدلو وٺڻ ۽ سنڌ
ڌرتي تان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سنڌين جو لشڪر نهايت
ئي بيتاب هو، جنهنڪري زياده جوش ۾ اچي هوش وڃائي
ويٺا. بلوچ سردار جوش سان گڏ هوش کان به ڪم وٺن
ها ته جيڪر ايڏي وڏي لشڪر هوندي، پٺاڻن جي ٿوري
لشڪر کان شڪست نه کائين ها ۽ يقيناً سندن فتح به
ٿئي ها ۽کرڙي جو اهو المناڪ حادثو به شايد اهڙي
خطرناڪ صورت ۾ پيش نه اچي ها.
ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ لکي ٿوته ”منشي عطا محمد خود ترين افغان
هو انهي ڪري پنهنجي عبارت آرائي سان ويهي سنڌ جي
طرف جي ڪوتاهي ۽ افغانن جي سرسي جو سمان چٽيو اٿس.
افغان مؤلف ۽ منشي وطن جي حب جي بي پناهه جذبي ۽
سنڌ جي سورهين جي قومي غيرت ۽ مردانگي جو پورو
اندازو نه ڪري سگهيو آهي. دنيا ۾ اهڙي سورهيائي جا
ڪي ٿورا مثال ٿا ملن. سنڌ جا پهلوان ٿورا هئا، مگر
اُن هوندي به جانين بچائڻ جي ڪٿ ئي ڪانه ڪيائيون ۽
مرد ٿي منهن ڏيئي موت سان مقابلو ڪيائون، تنهنڪري
ئي ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جو مصنف به مڃي ٿو ته
ميان غلام مرتضيٰ شاهه، عاليجاهه سيد محمد ڪاظم
شاهه، عالم خان مري ۽ شجاعت نشان جهان خان مري
جهڙا دلير ۽ بهادر مڙس هن جنگ ۾ ائين مرڻ جا ڪين
هئا، پر تقدير ائين هئي.“ (34)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته، ”هن ويچاري (عطا محمد
منشي) کي اها خبر ڪانه هئي ته سنڌجا سورهيه،
ساڻيهه جي سڪ ۾ سر جو سودو سهانگو سمجهندا آهن.
اُن سلسلي ۾ هو نه ڪنهن مصلحت کان ڪم وٺندا آهن ۽
نه ڪا سود يبازي ڪندا آهن. تاريخ جا ورق ورائبا ته
سنڌي لشڪر جي هن سورهيائي ۽ دليري جهڙا ڪي ٿورا
مثال ملندا. سنڌ جي لشڪر نه سربچاءُ جي ڪوشش ڪئي
نه پير پوئتي هٽايائون. مُڙس ٿي منهن ڏنائون ۽ موت
سان مقابلو ڪري سر ڏيئي سرها ٿيا.“(35)
مولانا اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو ته، “ صاحب تازه نواءِ معارڪ
شاهه شجاع جو منشي هو، تنهنڪري هن مبالغي کان ۽
جانبداري کان ڪم ورتو آهي.“ (36)
سنڌي لشڪر جي شڪست جا سبب:
1: سنڌ جي حڪمرانن جنگ لاءِ لشڪر ته وڏو مهيا ڪيو، ليڪن اُن جي
سٽاءُ ۽ اسلحي ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ نه وري
ميدان جنگ جو مناسب انتخاب ڪيو ۽ نه جنگ هلندي
دوران پنهنجي لشڪر جي ڪا سار سنڀال به لڌائون.
سنڌي لشڪر جا مهندار يعني ڪمانڊر جوش ۽ جذبي سان
ته وڙهيا، ليڪن عقل کي بلڪل استعمال نه ڪيو. دشمن
جي لشڪر وٽ توبون ۽ بندوقون هُيون ۽ سنڌين وٽ صرف
ترارون ۽ چند بندوقون هيون، تنهنڪري سنڌي لشڪر جا
زياده تر ماڻهو دشمن جي توبن ۽ بندوقن جو لُقمو
بڻجي ويا. حالانڪه دشمن جي مقابلي ۾ سنڌ جي
حڪمرانن وٽ وڏي تعداد ۾ توبون ۽ بندوقون موجود
هيون ۽ پنهنجي ملڪ ي سرحدن اندر به اُنهن کي
استعمال ۾ نه آڻي سگهيا. اها سندن لاغرضي ۽
بيپرواهي هئي. جنهن ڪري سندس لشڪر جو وڌ کان وڌ
نقصان ٿيو.
2 دشمن موقعي جي مناسبت سان ميدان جنگ جو صحيح انتخاب ڪيو ۽
جنگي چال مطابق پنهنجي لشڪر ۽ توبن کي هڪ ٽڪري جي
چوٽي تي آڻي لڪائي بيهاريو ۽ اُن جي مقابلي ۾ سنڌي
لشڪر دشمن جي سامهون بلڪل هيٺائين تي دشمن جي توبن
۽ بندوقن جي زد ۾ هو. انهي موقعي تي سنڌي جرنيلن
کي گهربو هو ته پنهنجي لشڪر کي في الحال دشمن جي
مار کان پري هٽائي ڇڏين ها. ليڪن اُن جي اُبتڙ
سنڌي لشڪر جي مهندارن جوش ۾ اچي اُٻهرائي ڪري،
ترارون هٿ ۾ ڪري، گهوڙن تان لهي دشمن کي مارڻ لاءِ
وڌڻ لڳا ۽ ٽڪري تي چڙهڻ لڳا ته اهڙو غنيمت وارو
موقعو ڏسي انهن مٿان توبن ۽ بندوقن جا منهن کولي
ڇڏيا ۽ مٿان ئي ترارين جا وار لڳا. جنهن ڪري
گهڻائي سنڌي سپه سالار ۽ ٻيا ماڻهو شهيد ٿي ويا.
3.دشمن وٽ جنگي چال مطابق جاسوسي جو پورو پورو بندوبست هو. دشمن
جي جاسوسن ذريعي سنڌي لشڪر جي چُر پُر تي هر هر
نظر هئي ۽ اُن جي مدنظر ئي حملي جي ترڪيب سوچيندا
هئا. اُن جي باوجود بلوچن کي افغانن جي چرپر ۽
حملي جي اڳواٽ ڪابه معلومات نه پئي ملي سگهي،
ڇاڪاڻ ته هنن اهڙي معلومات وٺڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه
ڪئي هئي ۽ نه وري هنن کي جنگي چال مطابق جا سوسي
جي اهميت جي ڪا خبر به هئي.
4. دشمن جنگي چال مطابق دوکي ۽ ٺڳي کان به ڪم ورتو. پنهنجو
جهنڊو ميدان جنگ کان گهڻو پري هڪ وڻ تي دوکي ڏيڻ
لاءِ لڳائي ڇڏايائون ته جيئن سندس دشمن جهنڊو ڏسي
اهو سمجهي ته دشمن جو لشڪر به انهي هنڌ موجود آهي
۽ جنگ جو طبل به ٻئي هنڌ وڄايائون ته جيئن سندن
دشمن جو خيال انهي هنڌ ڏانهن ٿئي ۽ لشڪر وري پري
ٻئي هنڌ لڪ چوري ۾ هڪ ٽڪري تي بيهاري ڇڏيائون.
سنڌي سورهيه دشمن جي انهي چال کي بلڪل نه سمجهي
سگهيا ۽ جوش کان دشمن جي جهنڊي ڏانهن ۽ طبل وڄڻ
واري ميدان ڏانهن ڪاهيندا پئي ويا ته رستي ۾ ئي
ٽڪري تي مٿي بيٺل دشمن جي لشڪر توبن، بندوقن ۽
تلوارن سان اوچتو حملو ڪري ڏنو، تنهنڪري سنڌي لشڪر
جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. سنڌي لشڪر جامهندار ۽
ٻيا ماڻهو وطن جي جذبي سان ته سرشار هئا ۽ بهادري
۽ شجاعت ۾ به بي مثال هئا، ليڪن دشمن جي سياسي ۽
فني جنگي چالن کان بلڪل واقف ڪونه هئا.
5. سنڌي لشڪر جو زياده نقصان مير مبارڪ ۽ مير زنگي جي ناعاقبت
انديشي ڪري ٿيو. هُو لشڪر جي سپه سالار ۽ مهندار
هئڻ جي باوجود لشڪر ۽ ميدان جنگ کان گهڻو پري
روهڙي ۾ آرام سان ويٺا رهيا ۽ لشڪر جي لڏائڻ دوران
ڪابه سار سنڀال نه ڪيائون ۽ اُن جي ابتڙ ملاحن کي
حڪم ڪري ڇڏيائون ته سندن لشڪر کي ڪنهن به وقت ٻيڙي
۾ چاڙهي دريا پار نه آندو وڃي. حالانڪه وقت سر ۽
مصيبت جي وقت ۾ جان بچائڻ خاطر ڀڄڻ ڪم به وريامن
جو هوندو آهي. انهن ٻنهي جي لاپرواهي ۽ حُڪم ڪري
ملاحن شڪست کاڌل سنڌي لشڪر جي ماڻهن کي ٻيڙي ۾
چڙهڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت ملاحن اُنهن جي حڪم
جي ڪري ٻيڙيون گهاٽ کان گهڻو پري ڪري ڇڏيون هيون،
تنهنڪري به سنڌين جي لشڪر جا گهڻا ماڻهو دشمن جي
ترارين جا بک بڻجي ويا ۽ ڪيترا وري درياءَ ۾ ٻڏي
مئا.
شاهه شجاع چوٿون دفعو سنڌ ۾:
کرڙيءَ جي جنگ کان پوءِ شاهه شجاع قنڌار هليو ويو. اُتان جي
سردارن ۽ امير دوست محمد خان هٿان شڪست کائي
لڌيانه ڏانهن وڃڻ لاءِ واپس وريو. پهريائين گنجابه
پهتو ۽ پوءِ سبي ۾ پهتو، جتي سمندر خان بيمار ٿي
پيو ۽ مري ويو. شاهه شجاع منزلون ڪندو روجهاڻ
پهتو.شڪارپور جي ناظم سيد محمد تقي شاهه (برادر
محمد ڪاظم شاهه) کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن بدلي
وٺڻ خاطر شڪارپور مان لشڪر وٺي روجهاڻ روانو ٿيو.
جڏهن جاڳڻ ڳوٺ پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته شاهه شجاع
اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي روانو ٿي چڪو آهي، تنهنڪري، تقي
شاهه به تعاقب ۾ لاڙڪاڻي جو رُخ ڪيو، ليڪن رستي ۾
ئي سندس لشڪر سردي ۽ بک وگهي مرڻ لڳو. تقي شاهه ۽
سندس لشڪر اڌ رات جو لاڙڪاڻي پهتو، ليڪن پاڻ ۾
مقابلي جي طاقت نه ساري واپس شڪارپور وريو.
|