”... سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل
ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کُلن، تاريخي
مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي؛ سنڌ منجهان
سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن؛ سنڌ کان
ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي،
تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري، ان کي يڪجاء ڪجي.
ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به
اصل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ، ڪو آسان ڪم يا سولو
مسئلو نه آهي. خصوصاً سنڌي قوم، جنهن جا اصول،
عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقطه نظر ۽ مسئلن متعلق
جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي
فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري، ڪا صحيح
تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت
آهي.
جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. سنڌ
جي مفصل ۽ مستند تاريخ جي طلب ڪرڻ آءُ ڀانيان ٿو
ته زيادتي آهي پهرين ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي.
هي وقت آهي جڏهن اسان کي انفرادي طرح نه، بلڪ
اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ جي جذبي سان مواد
ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهرين اسباب گڏ
ڪرڻو پوندو آهي، اوساري کي اُسارڻ پوءِ جو ڪم
آهي...“
_سيد حسام الدين راشدي
مقالا
”...تعليمي سلسلي ۾ جا هڪ تشويشناڪ ڳالهه آهي سا هيءَ ته پوين
ٽيهن سالن کان وٺي سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جا نه فقط
معيار گهٽجي ويا آهن بلڪ بنياد لُڏي ويا آهن: يعني
ته ملڪ ۾ عام تعليمي انحطاط سان گڏ خاص طرح سنڌي
پرائمري اسڪولن جو نظام ۽ انتظام هن عرصي ۾ زوال
پذير پئي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي
ته ان طرف فوري طور توجهه ڏنو وڃي. سنڌ ۾ تعليمي
نظام جي سڌاري جي شروعات پرائمري تعليم جي سڌارن
سان وڌيڪ مؤثر نموني ۾ ٿي سگهي ٿي، ۽ وقت آيو آهي
جو سرڪاري طور ان سلسلي ۾ هڪ تحقيقي ڪاميٽي قائم
ڪئي وڃي جيڪا ٻين مسئلن سان گڏ خاص طرح ٻهراڙيءَ ۾
پرائمري تعليم جي زوال کي روڪڻ لاءِ ضروري سفار
شون ڪري. پر هرڪا ڳالهه فقط سرڪاري طور تي سنڀالي
نٿي سگهجي: ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته غير
سرڪاري سطح تي پڻ سماجي ۽ ادبي تنظيمن طرفان
سنڌيءَ ۾ پڙهائي جي ڪرندڙ معيار تي غور ڪيو وڃي،
نتيجي خيز مڪالما ۽ مباحثا منعقد ڪرايا وڃن، ضروري
سفارشون مرتب ڪيون وڃن، ۽ پڻ سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
مناسب اُپاءُ ورتا وڃن. ان کان سواءِ تعليمي نظام
جي هر سطح تي سنڌي پڙهائيندڙ استادن تي سندن پيشه
ورانه جوابداري جي ناتي سان پڻ خاص ذميواري عائد
ٿئي ٿي ته هو سنڌيءَ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيارن کي
روڪڻ جي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪن. پرائمري سطح تي
سنڌي پڙهائيندڙ اُستاد ۽ اُستادياڻي ڄڻ سنڌي
ٻوليءَ جا ’ابو امان‘ آهن، ۽ مٿين سطحن تي تعليم
ڏيندڙ استاد سنڌي ٻوليءَ جا ’معمار‘ آهن. ملڪ جي
تعليمي نظام ۾ پنهنجي مقام پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي
جي صحيح معنيٰ ۾ خذمت ڪرڻ کان سواءِ، سندن عزت ۽
عظمت به انهيءَ ۾ آهي ته هو پنهنجي لياقت کي
وڌائين ۽ هلندڙ وقت کي غنيمت ڄاڻي وڏيءَ محنت سان
پڙهائين، ته جيئن وڏي لياقت وارا شاگرد پيدا ٿين
جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻ رکن ۽ پڻ
خذمت ڪن. گذريل ساڍن چئن سون سالن تائين، سنڌيءَ ۾
تعليم ڏيڻ توڙي سنڌيءَ ذريعي استعمال ٿيڻ واري
شاندار تاريخ جي باوجود، موجوده وقت ۾ سنڌيءَ ۾
تعليمي مسئلو هڪ نهايت نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جنهن
ڏانهن فوري طور ڀرپور توجهه نه ڏنو ويو ته سنڌي
زبان جي آئنده اوسر ۽ اهميت تي وڏو اثر پوندو...“
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاهه جي رسالي ۾ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جو ڪلام، نئين
تحقيق جي روشني ۾
جڏهن کان وٺي فقيرن ’شاهه جي ڪلام جا مجموعا‘ گڏ ڪيا ۽ لکيا
تڏهن کان وٺي شاهه جو پنهنجو ڪلام توڙي ٻين جو
ڪلام ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل ٿيو. شاهه جا رسالا
ڪيئن بنيا، ان موضوع تي ’شاهه جو ڪلام‘ معياري متن
جلد پهرين جي مقدمي ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. غور
سان ڏسبو ته ڪلام جي انهن مڙني مجموعن ۾ جن کي
’شاهه جا رسالا‘ سڏجي ٿو، شاهه صاحب جي حاضري
وارين سالڪانه محفلن جي جهلڪ نظر اچي ٿي: يعني ته
انهن ۾ شاهه صاحب جي پنهنجي ڪلام سان گڏو گڏ اڳين
عارفن توڙي ڪن همعصر درويشن جي ڪلام جي جنس ملي
ٿي. موجوده ’شاهه جي رسالن‘ ۾ شامل ڪلام جي ذخيري
جي نوعيت، خود انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي ته شاهه
صاحب جي حاضري وارين محفلن ۾ جيڪي بيت ۽ وايون،
دوها ۽ ڳاهون پڙهيون ويون تن کي حاضريءَ جي فقيرن
۽ ٻين معتقدن ڄڻ ”حضرت شاهه صاحب جي ملفوظات“ طور
لکيو؛ البت هر لکندڙ موقعي به موقعي جيڪي کيس پلئه
پيو سوئي قلمبند ڪيو. اهي ملفو ظاتي ذخيرا‘ شاهه
جي ڪلام جا ’اوائلي مجموعا‘ هئا، جيڪي بعد ۾
’رسالي‘ جي جدا جدا صورتن ۾ مرتب ٿيا.
شاهه جي رسالي ۾ ٻاهريون ڪلام:
موجوده ’شاهه جا رسالا‘ شاهه جي ’حاضري جي ڪلام‘ وارا ڪشڪول
آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي پنهنجن بيتن ۽ واين کان
سواءِ ٻين درويشن جي ڪلام جي ’پنج ڪڻي‘ پڻ شامل
آهي. سنڌ جي صوفين درويشن قاضي قادن، شاهه ڪريم،
شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ ٻين جا بيت
توڙي هند جي سَنتن ساڌن نانڪ، ڪبير، سمن، دادو ۽
ٻين جا دوها، يا وري سنائي، رومي ۽ حافظ جهڙن
عارفن جو فارسي ڪلام جيڪو رسالي ۾ شامل آهي سو
گهڻو ڪري اهو آهي جيڪو يا شاهه صاحب پاڻ فقيرن آڏو
پڙهيو، يا ڪن ٻين سالڪن سندس آڏو پڙهيو.
اوائلي دور ۾ رسالي جا ڪي لکندڙ ۽ لکائيندڙ وڌيڪ ڄاڻ وارا ۽
ذميوار هئا جو جڏهن ڪو ٻاهريون ڪلام رسالي ۾ درج
ڪندا هئا ته اهڙو حوالو ڏيندا هئا. مثلا ’برٽش
ميوزم‘ (لنڊن) ۾ محفوظ رسالي (ط) کي جڏهن لکيو ويو
ته جن سُرن ۾ تمر فقير يا ڪن ٻين جا بيت هئا ته
انهن لاءِ ڪاتب جدا عنوان ڏيئي لکيو ته:
_”سو پورب ۽ رامڪلي تمر فقير عليـﮧ الرحمـﺔ جو چيل“
_”سر ڪاريهل تمر فقير جو چيل“
_”سر سورٺ ڪنهن ٻئي جو چيل“
البت ان اوائلي دور ۾ به سڀني ڪاتبن ائين ڪونه ڪيو. ان بعد جيئن
پوءِ تيئن، ”وچئين“ ۽ ”پوئين“ دور ۾ ته سوين
ٻاهريان بيت ۽ سُرن جا سُر بنا نالي مختلف رسالن ۾
درج ڪيا ويا: يعني ته شاهه جي پنهنجي توڙي سندس
حاضري واري ڪلام جي ’شروعاتي مجموعن‘ کان پوءِ به
انهيءَ ذخيري ۾ جيئن پوءِ تيئن هر دور جي رسالن ۾
بيتن ۽ واين جو اضافو ٿيندو رهيو. مثلا اوائلي دور
جي رسالي ٺ_1 ۾ ارڙهن سؤ بيت ۽ چوهتر وايون آهن.
پر پوئين دور جي رسالن ۾ بيتن جي تعداد کي وڌائي
پنجن هزارن تائين ۽ واين جي عدد کي وڌائي ذري گهٽ
چئن سون تائين پهچايو ويو. انهيءَ صورتحال جي
مدنظر، نه فقط شاهه جي نالي وارن بيتن ۽ واين کي
وڏي ويچار سان پرکڻو آهي پر ’رسالي ۾ شامل ٻئي
ڪلام‘ کي پڻ صحيح طور تي سڃاڻڻو آهي.
گذريل ٽيهن سالن کان وٺي ’شاهه جي رسالي‘ تي تحقيق هلندڙ آهي،
جيڪا ڏهن جلدن ۾ پوري ٿيندي. هن وقت تائين پهريون،
ٻيون، ٽيون ۽ ڇهون جلد شايع ٿي چڪا آهن، ۽ ڏهين
جلدي تي ڪم پورو ٿي چڪو آهي ۽ اهو عنقريب شايع
ٿيندو. هيءُ ڏهون جلد سڄو ’رسالي جي ڪلام‘ بابت
آهي، يعني اهو ڪلام جيڪو ’شاه جي رسالي‘ ۾ ته آهي
پر شاهه صاحب کان سواءِ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جو چيل
آهي، ’شاه جي رسالي‘ مان مراد اهي سڀ رسالا آهن،
جيڪي قلمي يا ڇاپي صورت ۾ موجود آهن ۽ هن تحقيق
دوران دستياب ٿيا آهن، جيتوڻيڪ هلندڙ تحقيقي رٿا
دوران گهڻا ڪي پورا يا اڻپورا قلمي توڙي ڇاپي
رسالا مطالعي هيٺ آيا آهن پر انهن مان ستيتاليهه
قلمي رسالا ۽ ڏهه ڇاپي رسالا خاص طور تي ڀيٽيا ويا
آهن، ۽ اعليٰ تنقيدي معيارن جي روشني ۾ رسالي جي
ٻئي ڪلام کي شاهه جي پنهنجي ڪلام کان جدا ڪيو ويو
آهي ۽ ان کي هڪ جدا جلد ڏهين ۾ سُر وار ترتيب ڏيئي
رکيو ويو آهي.
شاهه جي رسالي ۾ شامل ٻئي ڪلام تي گهڻي وقت کان وٺي غور پئي ٿيو
آهي، پر ان سلسلي ۾ ٻن بنيادي سوالن جو جواب پورو
تسلي بخش ملي نه سگهيو آهي: يعني ته ڪل ڪيترن ٻين
شاعرن جو ڪلام رسالي ۾ شامل آهي ۽ اهو ڪيتري تعداد
۾ آهي. موجوده ڏهن جلدن واري تحقيقي رٿا هيٺ،
جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو آهي، انهن مسئلن کي
نبيريو ويو آهي. هن کان اڳ رسالي جي ڪن سرن بابت
معلوم هو ته انهن ۾ ڪي بيت ڪن ٻين شاعرن جا چيل
آهن. موجوده تحقيق ۾ رسالي جي سڀني سرن کي مطالعي
هيٺ آندو ويو آهي، ۽ هر سر ۾ شامل ٻاهرين بيتن يا
واين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. اڳ شاعرن جي نالن بابت
به ڪا يقيني راءِ قائم ڪيل ڪانه هئي ۽ عام تحريرن
۾ ڪن ٿورن ساڳين شاعرن جا نالا وري وري پئي آندا
ويا.
موجوده تحقيق دوران، اعلي ادبي تنقيدي معيارن جي ڀيٽ ۽ پرکا سان
اها تصديق ٿي چڪي آهي ته شاهه جي رسالي جي جملي
مکيه ۽ معتبر قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾، ڪم از ڪم اٺهٺ
(68) سالڪن ۽ شاعرن جا چيل اندازاً 2180 بيت ۽ 140
وايون شامل آهن.
”رسالي جو ڪلام“: بيتن ۽ واين جو تعدا سر ڪلياڻ کان وٺي آخري
سر بسنت تائين، مختلف رسالن ۾ شامل سڀني سرن هيٺ
شاهه جي پنهنجي ڪلام کان سواءِ باقي ٻيو ڪلام جنهن
کي ڏهين جلد ۾ جمع ڪيو ويو آهي، تنهن جو تخمينو
هيٺينءَ طرح آهي:
سُر ڪلياڻ32 بيت 5 وايون سُرڏهر 59 بيت
سُر يمن 98 بيت 2 وايون سُر آبري 74 بيت 11وايون
سُر کنڀات 39 بيت 2 وايون سُر معذور 52 بيت 6وايون
سُربروو73 بيت 6 وايون سُر ديسي 140 بيت 7 وايون
سُر سري راڳ 48 بيت 5 وايون سُر ڪوهياري 72 بيت 7 وايون
سُر سامونڊي 29 بيت 5 وايون سُر حسيني 126 بيت 23
وايون
سُر گهاتو 14 بيت 1 وائي سسئي: تمرجو ڪلام 27بيت
2 وايون
سُر کاهوڙي 19 بيت 1 وائي سسئي: ٽيهه 29 بيت
اکري
سُر ڪاپائتي 21 بيت سُرليلان 45 بيت
سُر بلاول 38 بيت سُر راڻو 56 بيت 1 وائي
سُر پرڀاتي 23 بيت سُر ڪاموڏ 29 بيت
سُر ڪارايل 59 بيت1 وائي سُر سورٺ 71 بيت4 وايون
سُر رپ 2 بيت 3 وايون سُر سارنگ 50 بيت 5 وايون
سُر پورپ 8بيت 3 وايون سُر ڪيڏارو 88 بيت 6 وايون
سُر رامڪلي 222 بيت 11وايون سُرڌنا سري 86 بيت 6 وايون
سُر آسا 112 بيت 4 وايون شينه بسنت 39 بيت
سُر مارئي 191 بيت 10 وايون سربسنت 160 بيت 1 وائي
سُر سهڻي 1.3 بيت 5 وايون
مٿئين تفصيل مطابق رُسالي جي ڪلام‘ جي سڄي ذخيري ۾ اندازا ٻه
هزار ۽ هڪ سوُ اسي بيت ۽ هڪ سوُ چاليهه وايون شامل
آهن. بيتن ۽ واين جي انهيءَ ذخيري کان سواءِ باقي
ٻئي سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ فارسي ڪلام جو وچور
هيٺئين طرح آهي:
سُر ڪاپائتي: مت 22 منظوم بند
سُر ڍول مارئي 22 بيت 2 وايون
سُر هير رانجهو 35 بيت 12 وايون
سُر بيراگ هندي 156 بيت 9 وايون
فارسي ڪلام ۾ حمد، غزل، مثنوي ۽ بيت شامل آهن.
رُسالي ۾ شامل ٻين شاعرن جو ڪلام‘: جدا جدا رسالن ۾، شاهه جي
بيتن ۽ واين سان گڏ جن ٻين شاعرن جا بيت ۽ وايون
شامل آهن تن سڀني ۾ شاعرن جا نالا ڏنل ناهن. اڳئين
دستور موجب جيتوڻيڪ شاعر ڪن بيتن ۾ پنهنجا نالا
وجهندا هئا، پر ڪوبه شاعر هر بيت ۾ پنهنجو نالو
ڪونه وجهندو هو. ’رسالي جي ڪلام‘ ۾ اڪثر بيت اهڙا
آهن. جن ۾ شاعرن جا نالا ڏنل ناهن: انهيءَ ڪري چئي
نٿو سگهجي ته اهي ڪهڙن شاعرن چيا. ٻيو ته وقت گذرڻ
سان ڪن بيتن جي اصل شاعرن جا نالا بدلجي ويا: ڪن
بيتن ۾ اهو بي خبري ۽ اڻ ڄاڻائي سببان ٿيو. پر
شاهه صاحب جي وقت کان پوءِ ڪن ٿوري ڄاڻ وارن فقيرن
ڪن بيتن ۾ ڄاڻي ٻجهي نالن کي بدلايو. جدا جدا
رسالن ۾ ڪيترائي اهڙا بيت آهن، جن ۾ ’لطيف‘ جو
نالو آندل آهي جيڪي شاهه صاحب جا نٿا لڳن. ڪن ٻين
۾ اصلوڪو نالو مثائي ”سيد“ يا ”لطيف“ يا
عبداللطيف“ جو نالو وڌو ويو آهي. مثلاَ سر سهڻي ۾
هڪ بيت آهي جيڪو اصل ۾ محمود فقير جو چيل هو ته:
”مونکي سڪ محمود چئي، محبت منجهه مران“
پر پوءِ ڪنهن فقير ان سٽ کي بدلائي پڙهيو ته:
”مونکي سڪ سيد چئي محبت منجهه مران“
ڪنهن رسالن ۾ هيءَ بيت اهي بدليل پڙهڻي سان لکيو ويو پر ڪن ۾
’محمود‘ جي نالي سان موجود هو جنهن ڪري درستي ٿي
سگهي. باوجود اهڙين تبديلين جي، ’رسالي جي ڪلام‘ ۾
ڪافي اهڙا بيت آهن جن ۾ اصل شاعرن جا نالا موجود
آهن. نالن وارن انهن بيتن سان ڪي لاڳيتا بيت اهڙا
آهن جن جي لفظن جي سٽاء ۽ اسلوب بيان مان سڃاڻي
سگهجي ٿو ته اهي به انهن نالن وارن شاعرن جا ئي
چيل آهن. جن شاعرن جا نالا يا جن جا چيل بيت جدا
جدا رسالن ۾ موجود آهن تن جي نالن جي الف_بي وار
پَٽِي هيٺ ڏجي ٿي. بيتن جا نمبر، جلد ڏهين ۾ ڏنل
متن جي فصلن مطابق آهن،
احسان. ٽي بيت، سر ڪيڏارو فصل _2 بيت 3 ۽ فصل _ 4 بيت _ 5. ڏنا
سري فصل _ 3 بيت 13
احمد. هڪ وائي. سريمن فصل_4
اسحاق آهنگر. هڪ بيت. سر يمن فصل _2 بيت
اشرف. هڪ وائي. سر بروو فصل _ 1
ايوب. هڪ بيت. سر آبري فصل _4 بيت 2.
بِلاول. اٺ بيت. سر بروو فصل_3 بيت نمبر 2 ۽ نمبر 3. سرڪارايل،
فصل _1 بيت 1، فصل _ 3 بيت 16. سر ڌنا سري، فصل_ 3
بيت 4، بيت 14، بيت 15، بيت 38.
بلند. هڪ وائي سر سارنگ فصل _4.
تُلسي داس. بيت سر بيرانگ فصل _2.
تماچي. هڪ بيت، سر بلاول، فصل _2.بيت 12
تمر. سر ڪارايل جي آخر ۾ ’از گفتار تمر فقير16 بيت: سر حسيني
کان پوءِ 27 بيت ٻه وايون؛ سر رامڪلي فصل _1 بيت.
1 ۽ بيت 18 (؟)؛ فصل _8 بيت نمبر _1 کان نمبر 47
تائين؛ هڪ وائي سارنگ فصل _ 4.
جبير=
زُبير.
جوڻيجو. هڪ بيت. سر سارنگ فصل _2 بيت_6.
حاجي محمد سمو ڪاتب (؟) سر حسيني فصل _7 بيت نمبر 5، نمبر6 ،
نمبر 7.
مقدمو:
حاجي محمد سمو ڪاتب (؟) سر حسيني فصل _7 نمبر 5، نمبر6، نمبت 7،
نمبر 8، ۽ فصل _ 8 بيت نمبر _4.
حافظ پنيو. ڪاپائتي مت جا 22 منظوم بند.
حبيب (شاهه حبيب ؟). ٽي بيت. سر ڌنا سري فصل _ 4 بيت نمبر 2،3 ۽
4.
حڪيم. هڪ بيت. سرڪا پائتي فصل _1 بيت 12.
خاڪو. هڪ بيت، سر بروو فصل _ 4 بت 11.
خواجه محمد مان لواروي، 14 بيت. سر ڪلياڻ فصل _ 2 بيت نمبر 3،
نمبر 5 ۽ نمبر 7. سر يمن فصل _1 بيت 10. سر آبري
فصل _ 5 بيت 7، فصل _ 6 بيت _2 سُر حسيني فصل _ 3،
بيت 12، سر رامڪلي فصل_ 3 بيت نمبر 2 ۽ بيت 19،
فصل _ 5 بيت نمبر 7 ۽ نمبر12 . سرآسا فصل _ 1 بيت
نمبر 7، نمبر 8 ۽ نمبر 9.
دادو.هڪ بيت سر بيراڳ هندي بيت نمبر 5.
ڏتو. هڪ بيت . سر بسنت، بيت نمبر 2.
راضي شاهه. هڪ بيت. سر سهڻي فصل _5 بيت 11.
راول. ٽي بيت. سرڌناسري فصل _ 2 بيت نمبر 5. نمبر 7 ۽ نمبر 8.
رنگريز. هڪ بيت . سر ليلان فصل _ 4 بيت 8.
روحل. هڪ بيت. سر رامڪلي، فصل _5 بيت نمبر_9.
زبير _(جُبير). هڪ وائي، سر حسيني فصل _ 12.
سائينداد. هڪ بيت .سر آبري. فصل_6،بيت 7.
سليمان.هڪ بيت. سر راڻو. فصل _1 بيت 5.
سَمن. هڪ بيت. سر ڪلياڻ، ف_2نمبر 13.
سيد عبداللطيف قادري. 3 بيت. سر ڌنا سري فصل _3 بيت نمبر 2،
نمبر3 ۽ نمبر 4.
شاهه حبيب (حبيب؟). هڪ بيت. سر ديسي فصل _4 بيت 14.
شاهه حُسين. ڇهه وايون. سر رامڪلي. وائي فصل _ 8؛ سر سورٺ، وائي
فصل _ 2 ؛ سر ڌنا سري، فصل _2 وائي نمبر1، نمبر 2
نمبر3 ۽ نمبر 4.
شاهه عنات. ميين شاهه عنات جا هيٺئين تفصيل موجب اٺٽيهه بيت ۽
ٽي وايون.
سر يمن فصل 3 بيت 23؛ سر سر کنڀات فصل _6 بيت نمبر 7 نمبر 8،
نمبر 10 ۽ نمبر 11؛ سر سريراڳ فصل _ 1 بيت نمبر 11
نمبر 12 نمبر 13 نمبر 15؛ فصل _ 2 بيت 5؛ سي
سامونڊي فصل _ 2 بيت 3؛ سر کنڀات فصل _3 بيت 11.
سرڪاپائتي فصل _1 بيت 9؛ سر بلاول فصل 2 يت 3؛ سر
پر ڀاتي فصل 1 بيت 11؛ سر آبري فصل 2 بيت نمبر 1 ۽
نمبر 2؛ سر معذور فصل _1 بيت نمبر 1 ۽ وائي. سر
ديسي فصل _2 بيت 14، فصل 4 بيت 14 فصل _5 بيت 14؛
سر حسيني فصل 4 بيت نمبر 1؛ سر راڻو فصل 2 بيت 2:
سر سورٺ فصل 3 بيت 6؛ سر رامڪلي فصل 3 نمبر 11
نمبر 13 نمبر 15؛ فصل_5 بيت 22؛ سر سهڻي فصل 4 جي
وائي. فصل 7 بيت نمبر 1؛ سرمارئي فصل _1 بيت نمبر
5 نمبر 12، فصل 6 جي وائي؛ بيت 4، فصل 3 بيت نمبر
_ 5 نمبر 6 ۽ نمبر 8، سو ڌنا سري فصل 2 بيت نمبر 1
۽ نمبر 2.
شاهه ڪريم. ميين شاهه ڪريم جا هيٺئين تفصيل موجب ٽيتاليهه بيت.
سرڪلياڻ فصل_1 بيت نمبر 2۽ نمبر 4 ؛ فصل_ 2 بيت نمبر _ 1 نمبر
2. 10 نمبر 11 ۽ نمبر 12 سر يمن، فصل _1 بيت 11،
فصل _2 بيت نمبر 9، نمبر 18، فصل _3 بيت نمبر 12،
نمبر 14 ۽ نمبر 15، سرکنڀات فصل _2 بيت 11، فصل _3
بيت 5؛ سر گهاتو بيت نمبر 7 نمبر 10 نمبر 11 ۽
نمبر14 ؛ سرکا هوڙي بيت نمبر 3 ۽ نمبر9؛ سر،
ڪاپائتي فصل _1 بيت 11 سر پرڀاتي بيت نمبر 16 نمبر
2 ۽ نمبر 21؛ سرڪا رايل فصل _ 2 بيت 9؛ سر آبري
فصل _ 1 بيت 4؛ سر حسيني فصل _ 2 بيت _ 1؛ سررپ
بيت نمبر 1۽ نمبر 2؛ سر رامڪلي فصل _5 بيت 12؛ سر
مارئي فصل _ 2 بيت _ 6؛ سر آسا فصل _1 بيت 4، فصل
_2 بيت _2، فصل _3 بيت نمبر 1 نمبر 2 نمبر 4،
نمبر 5 نمبر 7 نمبر 13 فصل _4 بيت نمبر 1 ۽ نمبر
8، فصل _ 5 بيت 3 ۽ فصل _6 بيت_1.
مقدمو:
شاهه لطيف الله قادري. چار بيت: سر رامڪلي فصل_ 3 بيت نمبر 1
نمبر 10 نمبر 12 ۽ نمبر 14.
صادق. هڪ بيت. سربسنت بيت 16.
صمد. هڪ بيت. سر ڌناسري، فصل_2 بيت نمبر.8.
شرفا. ٽي بيت سر بيراڳ هندي.
صالح. هڪ بيت سر ڌنا سري. فصل_4 بيت 26.
طالب. ٽي بيت. سر راڻو فصل_7 بيت1، سررامڪلي فصل _7 بيت 17، سر
سهڻي فصل _3 بيت9.
طيب. هڪ بيت. سر بلاول فصل_ 1 بيت 1.
عبدالله. هڪ وائي سر سارنگ فصل_ 2
عزيز. هڪ بيت. سر سورٺ فصل _4 بيت 5.
عطا. ٽي بيت، سر يمن، فصل _4 بيت9؛ سر بلاول فصل_4 بيت نمبر 1 ۽
نمبر2.
عمر. هڪ بيت. سر يمن فصل_2 بيت3.
عيسو. ڇهه بيت. سر يمن فصل_2 بيت 2؛ سر ديسي فصل_ 2 بيت نمبر 3
نمبر 4 نمبر6 ۽ نمبر 7؛ سُر سارنگ فصل_1 بيت 8.
ڦُل ڪوراڙ. هڪ بيت. سر مارئي فصل _ 7 بيت 5.
قاسم. هڪ بيت، سر سري راڳ فصل _ 1 بيت 18.
قاضي قادن. قاضي قادن جا هيٺئين تفصيل موجب چوويهه بيت.
سر ڪلياڻ فصل_1 بيت نمبر 1؛ فصل _4 بيت نمبر 3(غالبا). سر يمن
فصل _2 بيت نمبر 8 ۽ نمبر 9 فصل _3 بيت نمبر 2،
نمبر 13 ۽ نمبر 18 ۽ نمبر 19 سر کنڀات، فصل _2 بيت
4 سر بروو، فصل _2 بيت نمبر 15، سرگهاتو. فصل _1
بيت نمبر 1، سرڪاپائتي. بيت نمبر 8 سرڪارايل. فصل
_2 بيت نمبر 14. سرآبري. فصل_6 بيت 5 سر معذور.
فصل_5 بيت 6.۽ 7 سر آسا. فصل _2 بيت نمبر1 ۽ 6؛
فصل _3 بيت 6؛ فصل_4 بيت نمبر 4 ۽ نمبر 5۽ فصل_5
بيت نمبر 2 نمبر 4 نمبر 8 نمبر 9. فصل _7 بيت نمبر
5 نمبر 6.
قطب (قطب شاهه). ٽي بيت. سر سامونڊي فصل_ 2 بيت 8؛ سر بلاول
فصل_ 6 نمبر1؛ رامڪلي فصل_5 بيت 6.
قيصر. هڪ بيت، سر سارنگ فصل_3 بيت نمبر1.
ڪالو. سر بيراڳ هندي 2 بيت.
ڪاهو. سر بيراڳ هندي 2 بيت.
ڪبير. سر بيراڳ هندي 19 بيت.
کٽي. وائي سر سري راڳ فصل_1.
گرهوڙي صاحب.
مخدوم عندالرحيم گرهوڙي جا هيٺيئن تفصيل موجب
تيرهن بيت:
سريمن فصل_2 بيت 16، سر ڪا رايل فصل_1 بيت 9 ۽ فصل_2 بيت 4، سر
رامڪلي فصل_2 بيت نمبر 3 نمبر 4 نمبر 5 ۽ نمبر 17،
سر آسا فصل _1 بيت. 1، فصل _ 2 بيت 12 ۽ فصل _5
بيت نمبر 6 نمبر 10 نمبر 11 فصل _7 بيت 18.
گُلو. پنج بيت. سر سورٺ فصل_1 بيت نمبر 8 بيت کان نمبر 12
تائين.
لاکو. هڪ بيت. سر بسنت بيت 9.
لاکو لطف الله. هڪ بيت. سر سهڻي. فصل _ 4 بيت 2.
لطف الله. ٻه بيت. سر ليلان فصل _ 4 بيت 15.
لکمير. هڪ بيت. سر سارنگ فصل _4 بيت نمبر 1.
لوريڙ. هڪ بيت، سر سهڻي فصل _4 بيت 2.
مائي گنگا وساڻ. سر ڌناسري، فصل _4 ٻه بيت . 3 _31.
محمود. هڪ وائي ٽي بيت. وائي سر آبري فصل _ 5؛ سر سهڻي فصل _ 9
بيت نمبر 1؛ سرڌنا سري فصل _3 بيت نمبر 1 ۽ نمبر
11.
مخدوم نوح رح. هڪ بيت. سر آسا فصل _2 بيت 13.
ميمڻ. هڪ وائي سر رپ.
ميون. ٻه بيت. سر سارنگ فصل_ 2 بيت. 1، سر ڌنا سري فصل _ 4 بيت
5
نانڪ. سر بيراڳ هندي 3 بيت
وڏل شاهه. هڪ بيت. سر ڌنا سري فصل_3 بيت 3.
هلال. هڪ بيت. سر بروو فصل _ 3 بيت 3.
مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيو ته جدا جدا رسالن ۾،
شاهه صاحب جي پنهنجي ڪلام کان سواءِ ٻين اٺهٺ
شاعرن جو ڪلام موجود آهي. انهن مان ٻارهن تيرهن
اُهي شاعر آهن، جن جو ڪلام فارسي، سرائڪي، پنجابي
يا هندي ۾ آهي. فارسي ڪلام جي ذخيري ۾ حڪيم سنائي
جي چيل حمد، مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي جا
اشعار، محي الدين جو غزل، حافظ ۽ ڪن ٻين جا بيت
شامل آهن. اهي سڀ بلند پائي جا عارف شاعر هئا.،
فقيرن شاهه حسين جيڪو لاهور ۾ مدفون آهي، تنهن جي
نالي سان ڇهه قافيون (وايون) موجود آهن. ازان
سواءِ ڏهن فقيرن ۽ ساڌو سنتن (ڪبير، نانڪ، دادو،
سمن، هلال، شرفا، احمد، تلسي، ڪاهو، ڪالو) جا
هندي_ اردو دوها سر بيراڳ هندي ۾ شامل آهن، البت
سمن جوهندي بيت سر يمن هيٺ ڏنل آهي. ان کان سواءِ
ٽي هندي بيت سر سارنگ ۾ آيا آهن. ڪن ٻين سُرن هيٺ
به هندي_ اردو ۾ چيل موسيقي جي نوعيت جا ٻول ۽ نظم
موجود آهي جن ۾ شاعرن جانالا ڏنل ناهن. سر هير
رانجهو جيڪو معياري سرائڪي زبان ۾ چيل آهي سو
نورنگ (لغاري؟) نالي شاعر جو آهي جيڪو ديري غازي
خان طرف جو هو. انهن کان سواءِ رسالي جي ڪلام‘ ۾
بنا نالي بيتن ۽ واين جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي
جن بابت چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪهڙن شاعرن چيا.
البت انهن جي ٻولي ۽ اسلوب بيان مان ايترو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو ته اهي شاهه صاحب کان اڳ يا پوءِ
چيا ويا. |