ٻئي ڏينهن کيس ٻڌايو ته ”خانبهادر کهڙي واري مضمون
۾ اوهان لکيو آهي ته جنرل ايوب يورو ۾ هو ته کيس
خيال آيو ته ملڪ جي مسئلن، خاص ڪري اوڀر پاڪستان
جي هل هنگامي جو حل اهو آهي ته ’ون يونٽ‘ ٺاهي
پنهنجي صوبن کي پئرٽي (برابريءَ) جي بنياد تي
هلائجي. گويا ، پڙهندڙن کي اوهان اهو تاثر ڏيڻ
گهرو ٿا ته ’ون يونٽ‘ ٺاهڻ ۾ الف يا ب جو ڏوهه
ڪونه هو. اهو ته فوج جي تڏهن هو ڪي ڪمانڊر انچيف
جو خيال هو. ون يونٽ جو مثال هاڻي انهيءَ ناجائز ۽
مئل ٻار جي آهي.جنهن جو پيءُ ڪو ٺائڻ لاءِ ڪو به
تيار ڪونهي. هن وقت به ملڪ ۾ فوج جي حڪومت آهي.
متان اها اوهان جي ڳالهه جو ڪو منفي اثر وٺي.“
راشدي صاحب منهنجي راءِ ٻڌي وسامي ڳويو. رازداريءَ ۾ چيائين ته:
”هاڻي هيئن ڪر، جو ڪتاب مان کهڙي وارو مضمون ڪڍي
ڇڏ. ان جي جاءِ تي مان ٻيو مواد موڪليان ٿو. اهو
وجهي. وچ وارا سمورا خالي صفحا پورا ڪري ڇڏ. کهڙي
وارو مضمون ٽئين جلد ۾ وجهبو. تيسين هيءَ فوجي
حڪومت ئي ڪانه رهندي.“
مان حيدرآباد موٽي آيس، ٻئي جلد جا پروف ناشاد پڙهندو هو. کيس
راشدي صاحب دي موڪليم . موٽي آيو. ته چيائين ته
”سائين خانبهادر کهڙو صاحب ته ڏاڍو ڪو عجيب ماڻهو
آهي !“
مون چيو: ”خير؟“
چيائين ته ”راشدي وٽ ويس. چيائين ته: بابا، ڇا ڪريان! خنبهادر
کهڙو ڪالهه لاڙڪاڻي مان پراڻن ڪاغذن سان ڀريل ڪاٺ
جون ڪيئي پيٽيون کڻائي آيو آهي، ته هي سمورا احوال
منهنجي مضمون ۾ وجهه، سولاچار آهيان، کهڙي صاحب
وارا مضمون وجهو. کهڙي صاحب وارا مضمون ڪتاب جي
تئين جلد ۾ پوندو.“
مون چيو ته“ ادا، ڪتاب لکندڙ راشدي صاحب آهي، جيڪا سندس مرضي
هجي، ائين ڪجي.“
هوڏانهن، راشدي صاحب ڪو کهڙي صاحب کي ڏاڍا سبز باغ ڏيکا ريا هئا
ته ” خانبهادر ! مون توتي اهڙو ته شاندار مضمون
لکيو آهي، جو تنهنجي دامن تان ون يونٽ جو داغ ڌوئي
پوئي، توکي تاريخ جي جي صفحن ۾ اڇو اجرو ڪري
بيهاريو اٿم،“ سو، کهڙو صاحب ٻئي جلد ڇپجڻ جو شدت
سان انتظار ڪري رهيو هو.
ٻيو جلد شايع ٿيو. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمن سائين شاهه محمد
شاهه، سنڌي ادبي بورڊ جي ريسٽ هائوس ۾ رهندو هو.
ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويل هو. اتان مون کي فون
ڪيائين ته: ”سائين، منهنجن جي هنيل آهي، پر الڪي
جي ڳالهه ڪانهي. الله ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. مون
معاملو درست ڪري ڇڏيو آهي؟“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي. ٻئي ڏينهن شاهه صاحب
حيدرآباد موٽي آيو ته چيائين ته ”خانبهادر کهڙي وٽ
ويو ويو هوس. ڳالهين مٿي ڳالهيون نڪتيون. پڇائين
ته ”شاهه صاحب، اهو رباني ڪير آهي“
مون چيو ته : ”سائين، ڇو؟“
چيائين ته ”راشدي پنهنجي ڪتاب جي جلد ۾ مون تي ڏاڍو ڪو شاندار
مضمون لکيو هو، پر ڪالهه آيو، سو ڳالهين ڪندي اها
ڳالهه ڪيائين ته رُباني نالي بورڊ ۾ ڪو عملدار
آهي، تنهن اوهان وارو مضمون ڪتاب مان ڪڍي اڇلائي
ڦٽو ڪيو آهي. هاڻي ته ان ڳالهه جو علاج اهو ئي آهي
ته اوهان وري ڪنهن وڏي فوجي آفيسر کي چئي، کيس
بورڊ مان ڪڍائي ڇڏيو. ملڪ ۾ مارشل لا آهي، ڪنهن کي
خبر ئي ڪانه پوندي.“
سائين شاهه محمد شاهه جي ڳالهه ٻڌي اول ته مان ته وائڙو ٿي ويس
! منهنجو اهو ڏينهن ائين گذريو، جيئن ڪو ماڻهو
پنڪين ۾ هجي، ڪا ڳالهه نه وڻي. جيئن جيئن وقت
گذرندو ويو، تئين ڏک ۾ ٻڏندو ويس. دل ۾ چيم ته
”راشدي صاحب ۽ سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شا هه
جي ڪيڏي نه خدمت ڪئي اٿم. ان ڳالهه جي کيس ذري
پرزي جي خبر آهي. خود سندس ڪتاب ڇاپڻ ۾ جيڪا محنت
ڪئي اٿم، تنهن کان به پوريءَ طرح واقف آهي. مون کي
ان جو عيوض اهو ڏيئي رهيو آهي؟“
جڏهن مان سول لائينس جي بنگلو نمبر3۽ بورڊ جي آفيس ۾ رهندو هوس
ته راشدي صاحب ڪراچيءَ کان دادوءَ ايندي ويندي
ڏوپهرو مون وٽ ڪندو هو ۽ ڏينهن ٺاري اڳتي ويندوهو.
نوڪرن جي اٽالي سان گڏ، ٻه ٽي ڪتا پڻ ساڻ هوندا
هئس. بورڊ جون آفيسون شهر مان کڄي ڄامشوري ۾ آيون،
ته اها رسم ۽ ريت قائم ڪيائين. مان وس آهر سندس
خدمت ڪندو هئس. هڪ دفعي مان ڪراچيءَ ويل هئس. پاڻ
اوچتو اچي منزل انداز ٿيو، منهنجي ننڍي ڀاءُ شبير
فون تي اطلاع ڏنو. مون کيس هدايت ڪئي پر سندس خدمت
۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجي. شبير لنچ جو خاطر خواهه
انتظام ڪيو ۽ موڪلائڻ مهل کيس بامبي بيڪريءَ جا
درجن ڪيڪ پيش ڪيا. اهو ڏسي چيائين ته ، ”بابا، تو
ته ڪِيسُ ڪيو آهي. ايڏو خرچ !“
مسئلي تي سوچي سوچي رات جو خط لکيم، جيڪو منهنجو هڪ اعتماد وارو
ماڻهو ڪراچيءَ روانو ٿيو. موٽي احوال ڪيائين ته،
”سائين حسام الدين شاهه راشديءَ جي جاءِ تي خط
ڏنم. رات جو لارينس روڊ تان راشدي صاحب جي بيگم
صاحبه کي سڏيائون. مان ٻاهر هئس، پر ڀانيان ٿو ته
اوهان جو خط سائين حسام الدين شاهه کيس ڏيکاريو.“
بيگم ممتاز اعليَ تعليم يا فته خاتون آهي. مون تي هڪ اهڙو ٿورو
ڪيائين، جو عمر ڀر ياد رهندو. ڪنهن زماني ۾ گڙدي
جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئس. منهنجو مٿس ڪوبه حق ڪونه
هو، پر راشدي خاندان جي لاڳاپي ڪري، وڏي توجهه سان
ڪراچيءَ ۾ منهنجو علاج ڪرايائين. سندس اهو احسان
دل تي نقش ٿي ويو. اڳتي هلي اهڙا ٻيا به ڀلائيءَ
جا پير کنيائين، مثلاً مون کي پٽ ڄائو ته اسلام
آباد مان، سنڌ جي دستور موجب، ٻارڙي لاءِ ڪپڙن جو
وڳو وٺي، تحفي طور، هوائي جهاز رستي حيدرآباد
موڪليائين. ڳالهه آهي ماڻهوءَ جي اخلاق جي . ماڻهو
اخلاق جي وسيلي ئي ٻئي انسان کي پنهنجو مطيع ڪري
سگهي ٿو . مون سان جيڪي پير ڀريائين، سي منهنجن
اوسي پاسي وارن دوستن کا به ڪو نه پڳا. سو، کانئس
متاثر ٿيس. پاڻ به جيڪو هلڪو سلڪو ڪم چوندي هئي،
سو فورا ڪري ڇڏيندو هوس، سو، سمجهيم ته شايد
منهنجو خط ٻڌي، کيس به اُلڪو ٿيو هوندو، ته عجب
ڪونهي.
ڏينهن ٻن کان پوءِ ڪراچيءَ مان بيگم راشدي صاحبه جي فون آئي:
”تون ڪراچيءَ اچين ته سڌو اسان وٽ اچجانءِ.“ پاڻ
ڳلهائي بس ڪيائين ته راشدي صاحب جو ڪڙڪو ٻڌم :
”بابا، اهو شام محمد شاهه ڪير آهي، جيڪو غلط
فهميون ڦهلائيندو ٿو وتي؟“
سچ کي هڪ عجيب خوشبو ٿئي ٿي. راشدي صاحب جي فون مون تي ڪوبه اثر
ڪونه ٿيو. پر، سيد شاهه محمد شاهه جي ڳالهه ۾ سچ
جي سرهاڻ هئي.
ڪراچيءَ ويس ته سڌو خانبهادر کهڙي وٽ هليو ويس. وڏي قرب ۽ شفقت
سان مليو. بورڊ جا حال احوال ورتائين. مون سندس
مضمون جو ذڪر ڪيو، ته ڳالهه لنوائي ويو. لئمبرڪ جي
ڪتابن جو ذڪر ڪڍيائين. جڏهن ٻيهر مضمون جو ذڪر ڪيم
۽ کيس ٻڌايم ته راشدي صاحب ته هيئن چئي پاڻ اسان
کان ڪتاب مان اوهان تي لکيل مضمون ڪڍايو آهي ته
مُرڪڻ لڳو. مون کيس قائل ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو دليل ڏنو
ته چيائين ته ”بابا، مان راشدي صاحب جون اٽڪلون
گهڻو سڃاڻان. تون ڪابه ڳڻتي نه ڪر. رڳو هيترو
ٻڌاءِ ته ٽئين جلد ۾ مون وارو مضمون ايندو؟“
مون چيو ته: ”سائين حڪم ڪيو، ته مان اڄ ئي ٻئي جلد کي ڦاڙائي،
ان ۾ اهو مضمون وجهان.“
کلي چيائين ته: ”نه، اهڙو ڪم نه ڪجانءِ بس جڏهن ٽيون جلد ڇپجي
ته ان ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“
سندس اخلاق ۽ اخلاص مون کي ڏاڍو متاٽر ڪيو. کهڙي جو نالو ٻڌي،
ماڻهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا هئا. مهاجر کيس سنڌ جو
فولادي انسان ڪوٺيندا هئا. پر انهيءَ ڏينهن مون
مکڻ ماکيءَ جهڙو مٺو انسان ڏٺو.
مان سندس بنگلي تان سڌو راشدي صاحب جي بنگلي تي ويس. اڪيلوئي
اڪيلو ويٺو هو.
”ڇا پيئندين؟“
”ڪجهه ڪونه.“
”ماني کائيندين؟“
”نه.“ مون کيس تکائيءَ سان چيو : ”مان آيو آهيان.هاڻي ڦاهي تي
چاڙهيو !“
”بابا، ڪير ڪونه ٿو ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهي ! ٻڌاءِ ته سيون_ اپ
پيئندين يا چاءِ؟“
مون کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ ماٺ ڪري اٿي هليو آيس. وقت هر زخم
جو علاج آهي. زمانو گذري ويو؛ زخم ڇٽي ويو؛ پر دل
تي داغ رهجي ويو. ان موقعي کان پوءِ راشدي صاحب
منهنجي لاءِ ساڳيو اڳيون شخص ڪونه رهيو.
* * * *
سندس ڪتاب جو ثيون جلد ڇپجڻ شروع ٿيو ته مون ان مان هٿ ڪڍي
ڇڏيو. ميان الله بچايو بورڊ جي پريس جو مئنيجر هو.
اشراف ماڻهو هو. کيس ڏٽو ڏنائين. ته ڪتاب ڇپيو ته
توکي سونو قلم انعام ۾ ڏيندس‘ ، پر، مون کي جيڪا
فون ڪيائين، تنهن ۾ کيس جيڪي لقب لاتائين، سي لکڻ
کان عاجز آهيان. هڪ دفعي ٽئين جلد جي پروفن ۾ ڪا
دير پئي. مولانا قاسمي بورڊ جو چيئرمن ته هو، پر
دين جو عالم به هو. مون کي خط ۾ لکيائين ته
”مولانا پنهنجي سونهاريءَ جو خير گهري، ته پروفن ۾
دير نه وجهي“، چيئرمن جو پروفن سان ڪهڙو واسطو؟
هونئن به مولوي صاحب جهڙي اشراف انسان لاءِ اهڙا
ڏکيا اکر ڪير ڪڍندو ؟ مون کي رحيم بخش سومري جو
قول ياد اچي ويو ته ”راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو
آهي.“
”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٽن جلدن جي ڇپائيءَ دوران راشدي صاحب
جي سڀاءَ جاجيڪي تجربا ٿيا، سي هاڻي وسري ويا اٿم،
پر هڪڙو اڃا ياد اٿم.
پهرين جلد ۾ پاڻ سر شاهنواز ڀٽي ويهن ٻاويهن صفحن جو مضمون لکيو
هئائين، پر ڪتاب ڇپجي رهيو هو ته مرحوم ذوالفقار
علي ڀٽي سان سندس اختلاف ٿي پيا. ڀٽو صاحب اڃا صدر
ڪونه ٿيو هو. راشدي صاحب مون کي ڪراچيءَ مان فون
ڪئي ته سر ڀٽي وارو مضمون ڪتاب مان ڪڍي ڇڏ. سندس
اصل اکر هي هئا: ”مان اهو مضمون ڇاپي، کيس لافانيimmortal
ڇو ڪيان !“
مون سندس چوڻ موجب مضمون ڪڍي ڇڏيو.
ڪتاب ڇپجي ويو. ان ڳالهه کي ڪو زمانو گذري ويو. اڳتي هلي مون
ڪنهن شخص سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو، جنهن وڃي اها
ڳالهه راشدي صاحب سان ڪئي. مٿان ڀٽو صاحب پاور ۾
آيو ۽ صدر پاڪستان بنيو. راشدي صاحب هڪدم مون کي
فون ڪئي: ”بابا، سر ڀٽي واور مضمون ڪاٿي؟“
”مون وٽ آهي.“
”مهرباني ڪري محفوظ رکجانءِ. ڪنهن کي ڏيکارجانءِ نه.“ سندس
ڳالهائڻ ۾ پستن جي آئس ڪريم واري لذت هئي.
وچ تي ڏينهن ئي هڪڙو الله جو گذريو. ٻئي ڏينهن، ٽاڪ منجهند
مهل، آفيس جي عمارت هيٺان اوچتو ’پان‘ ’پان‘ ٿي.
ماڻهو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي آيو ته راشدي صاحب اوهان
کي سڏي رهيو آهي. هيٺ لٿس. سائيرڙي رنگ جي ڪار
بيٺي هئي. پاڻ ڊرائيور جي پاسي ۾ اڳيان سيٽ تي
ويٺو هو ۽ سائين حسام الدين شاهه پٺينءَ سيٽ تي
ويٺو هو.
” سر ڀٽي وارو مضمون ؟“
”مون وٽ آهي.“
”کڻي اچ.“
وري مٿي آفيس ۾ ويس. مضمون آڻي ڏنو مانس. ڏاڍي دلجاءِ ٿيس. ڪاري
رنگ جي صدري پاتل هئس. مضمون وڏي احتياط سان وڙهي
،ا ن جي اندرئين کيسي ۾ وڌائين.
”ويهه.“ مون کي سائين حسام الدين شاهه چيو. گاڏي هلي ۽ راڻي باغ
جي ڀرسان حنيف صديقيءَ جي گهر وٺ بيٺي. اندر
وياسين. حنيف صديقيءَ کي ڪو اڳيئي اطلاح ڪيو
هئائون. ماني ٺهرايون ويٺو هو. ماني ميز تي لڳي.
حنيف جي فرزند شفيع پولورائڊ ڪئميرا سان اسان جون
تصويرون ڪڍيون. راشدي صاحب ڪئميرا جي تعريف ڪئي.
حنيف صديقيءَ اتي جو اتي ڪئميرا کڻي کيس نذر ڪئي.
اڳين زمانن جو ڳالهيون نڪتيون. حنيف سڪ سان ساڻس
گڏ گذاريل ننڍپڻ جا داستان دهرائيندو رهيو ۽ کيس
ڪڏهن ”علي محمد“ ته ڪڏهن ”علي محمد شاهه“ ڪوٺيندو
رهيو. اهي داستان دهرائيندي دهرائيندي، دل ڀرجي
آيس ۽ اکين مان ڳوڙها وهي آيس.
حنيف صديقيءَ علي محمد شاهه ۽ حسام الدين شاهه ٻنهي ڀائرن جو
ننڍپڻ جو ساٿي هو. ٻنهي سان سندس سڪ پڇاڙيءَ تائين
قائم رهي. اهڙا يار ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. حنيف کي
ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. علي محمد شاهه ۽ حسام الدين
شاهه جي به سڄي عمر قلم ۽ ڪتاب سان ياري هئي. پر،
سائين حسام الدين شاهه چوندو هو ته اسان ٻنهي
ڀائرن کي انهيءَ دڳ سان لائڻ وارو ماڻهو حنيف
صديقي هو.
حنيف صديقيءَ جي گهر مان نڪتاسين ته راشدي صاحب چيو ته ”رباني“
جي ڪراچيءَ گڏيو هلين ته توسان ڪچهري ڪندو هلان“
”مون چيو : ”هلو“
سندس اصل مقصد اهو هو ته ميل ٻه پوئتي پنڌ ڪري، گاڏي کاتي ۾،
مون کي گهر ڇڏڻ نه هلي ؛ سڌو ڪراچيءَ روانو ٿئي.
ڪراچيءَ گڏيا وياسين ته رستي تي واقعي ڏاڍي سٺي
ڪچهري ڪيائين ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻڌايائين. مکيه
موضوع زال ذات هئي. سنڌي مسلمان ۽ هندو زالن جي
نفسيات تي تبصرو ڪندي، مسلمان زالن کي ” دوزخ جون
ڄڀيون“ ۽ هندو زالن کي ”بهشت جو جورون“ ڪوٺيائين. |