_ محمد پُنھل ڏھر
شڪارپور _ سونھن
جو شھر
شڪارپور ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ڇپايل ھيءُ خوبصورت
ڪتاب، دراصل انھن نون ۽ پراڻن مقالن ۽ مضمونن جو
مجموعو آھي، جيڪي وقت بوقت شايع ٿيندا ۽ اکين کان
اوجھل ٿيندا رھيا آھن. شڪارپور متعلق انھن تاريخي
۽ ادبي مضمونن کي جاکوڙي اديب خليل مورياڻي، وڏيءَ
محنت سان مختلف رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن مان ڳولھي،
سھيڙي، انھن سان گڏ ڪجھه نون مقالن ۽ مضمونن کي
ملائي، سليقي سان ترتيب ڏيئي، ”شڪارپور _ سونھن جو
شھر“ جي عنوان سان ھڪ معياري ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو
آھي.
ھي ڪتاب شڪارپور واسين جي ڪتابي سلسلي جي ان علمي سفر جي ھڪ
منزل آھي، جنھن جي شروعات ”سھڻو شھر شڪارپور“ کان
ٿي ھئي.شڪارپور متعلق اهوڪتابي سفر ”شڪارپور صدين
کان “، ”شڪارپور ماضي حال ۽ مستقبل“ ۽ ”شڪارپوري
ٻولي“ جون منزلون طئي ڪندو ”شڪارپور _ سونھن جو
شھر“ تي پھتو آھي. ان تاريخي سفر جي ايندڙ منزل
”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ “ ھوندي. ان کان پوءِ
ان سفر جون آئنده منزلون ”شڪارپور شھر جو علم
وادب ۾ حصو“، ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ جو سنڌي
ترجمو يا ڪي ٻيا ڪتاب به ٿي سگهن ٿيون.
شڪارپورين جنھن اتساھه ۽ چاهه سان پنهنجي مقامي علمي، ادبي،
تمدني، تاريخي ۽ روايتي ورثي ۽ سرمائي کي سانڍي،
سيهڙي، گمناميءَ جي تاريڪ گوشن مان ڪڍي نروار ڪري
منظر عام تي آندو آهي، اهو بجا خود هڪ تاريخي
ڪارنامو آهي. شهري ۽ مقامي تاريخ ۽ تاريخ نگاريءَ
جي حوالي سان شڪارپورين جو شمار صف اول جي تاريخ
نگارن ۾ ٿيندو.
”شڪارپور _سونهن جو شهر“ محض هڪ ڪتاب يا ايڪويهن مضمونن جي
مجموعي جو نالو ناهي، بلڪ هي شڪارپور متعلق مختصر
انسائيڪوپيڊيا، ادبي مخزن ۽ هڪ اهم تاريخي دستاويز
پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ شڪارپور جي تاريخ، ثقافت، ادب،
سماج، تمدن عروج ۽ زوال جي داستان، سياحت ۽
جاگرافيءَ کان علاوه شڪارپورين جي روايتن، زنده
دلي، نفسيات، خاڪن، ذهانت ۽ سندن علمي چاهه جون
جيڪي موثر جهلڪيون نظر اچن ٿيون، شايد اهي ڪنهن
ضخيم ڪتاب ۾ به نه ملي سگهن، هن ڪتاب جي مقاله
نگارن ۾ ناميارن اديبن، محققن ۽ تاريخن نگارن کان
علاوه نوجوان ۽ اسرندڙ ليکڪ به شامل آهن، جن
شڪارپور جي مختلف گوشن، نون رخن ۽ علمي پهلوئن تي
قلم کنيو آهي. ان لحاظ کان شڪارپور کي بجا طور تي
سڄي سنڌ تي برتري ۽ فوقيت حاصل آهي. ان سلسلي ۾
سنڌ جو ڪوبه شهر شڪارپور سان همسريءَ جي دعويٰ ڪري
نٿو سگهي.
هن ڪتاب جو پهريون مقالو ”شڪارپور _دائودپوٽن جي تسلط هيٺ“ آهي،
جيڪو پروفيسر لطف الله بدويءَ جو لکيل آهي. هي
مقالو سنڌ ۽ شڪارپور جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.
داوئودپوٽاڻي شڪارپور متعلق تحقيقي ۽ تاريخي حوالن
سان ڀرپور هن مقالي جون ڪيتريون ئي روايتون، ڪتاب
جي ٻين مضمونن ۽ مقالن ۾ به دهرايل آهن.
”شڪارپور_ سونهن جو شهر“، ڊاڪٽر نبي بخش خان جي شڪارپور متعلق
لکيل مختصر تحقيقي تاريخ جو عنوان آهي، جيڪوهن
ڪتاب جي ٽائٽل جي به زينت بنيو آهي. هن مقالي ۾
ڊاڪٽر صاحب شهر جي بنياد جي تاريخ، سن ۽ اهم
تاريخي ڪتبي تي ”غوڪ“لفظ جي معني بابت تحقيقي بحث
جي شروعات ڪئي آهي. شڪارپور جي تاريخي اهميت بيان
ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته، ”شڪارپور هڪ تاريخي
شهر آهي، ان ڪري ضروري آهي ته ان شهر جي قديم
آثارن کي جيترو ٿي سگهي اوترو محفوظ ڪيو وڃي ۽
انهن جاين تي ڪتبا هڻايا وڃن.“
”شڪارپور جو شهر هو ايشيا ۾ لاجواب“،رشيد ڀٽيءَ جو لکيل مقالو
شڪارپور جي سياسي، سماجي، تمدني، علمي ۽ ادبي
تاريخ جو لاجواب جائزو آهي. مقاله نگار ۾ عجيب
استفهاميه انداز ۾ لکيو آهي ته: ”اها ڪالهه جي
شڪارپور آهي. اڄ ڇا آهي، ان لاءِ ،مستقبل جو مورخ
ئي لکي سگهندو.“
”شڪارپور جي مختصر تاريخ “ پروفيسر سيد محمد سليم جو لکيل
تجزياتي ۽ اهم مضمون آهي. سليم صاحب عام روش کان
هٽي، نئين انداز سان شڪارپور کي متعارف ڪرايو آهي.
پروفيسر سلميٰ لوهر هن مضمون جو ترجمو نهايت
خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي.
”شڪارپور جو تاريخي پس منظر“، انورفگار هڪڙي جو پنهنجيءَ نوعيت
جو منفرد تحقيقي مقالو آهي. شڪارپور جي سلسليوار
تاريخ جنهن عمدگيءَ سان هن مقالي ۾ بيان ڪئي وئي
آهي، ماضيءَ ۽ ان جو مثال نٿو ملي. هي مقالو
يقيناً شڪارپور ۽ سنڌ جي تحقيقي تاريخ ۾ اهم جڳهه
والاريندو.
”شڪارپور_ سنڌ جو مشهور شهر“ حبيب الله ڀٽي جو شڪارپور ۽ ان جي
اهم شخصيتن متعلق تاريخي تعارف ۽ معلومات تي ٻڌل
سهڻو مضمون آهي.
”شڪارپور شاعرن جي نظر ۾“ نقش ناياب منگيءَ جو هي مقالو سنڌ جي
علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نئون ۽ اهم اضافو آهي. منگي
صاحب انهن شاعرن جي شاعريءَ کي يڪجاءِ ڪري مقالي ۾
زينت بخشي آهي، جنهن ۾ شڪارپور متعلق قصيده گوئي ۽
واکاڻ بيان ٿيل آهي. غالباً ڪي شاعر مقاله نگار
کان رهجي ويا آهن، جيئن حافظ سنڌي. شڪارپور متعلق
سندس پهريون ۽ آخري شعر هن طرح آهي.
شڪارپور جا نفيس نازڪ ترين ماڻهو
سٻاجها سهڻا حليم همدم حسين ماڻهو
شڪار حافظ ڪرن ٿا شاهين شڪارپور جا
بلاشبه هو سمورا صاحب يقين ماڻهو
لوڪرام ڏوڏيجا جو ” منهنجو شهر شڪارپور“، شڪارپورين جي مخصوص
تمدني، سماجي ۽ روزمره جي زندگيءَ جي سرگرمين سان
ڀرپور مضمون آهي. اهڙيءَ طرح گوبند پنجابيءَ به
پنهنجي دور جي شڪارپور متعلق، مشاهدي تي ٻڌل،
تاثراتي مضمون خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي.
چروناگپال جي مضمون ۾ شڪارپوري هندن جي سماجي
زندگيءَ جي عڪاسي نظر اچي ٿي. ناگپال پنهنجي مضمون
”سنڌ جو سرتاج شهر_شڪارپور“ ۾ لوڪرام ڏوڏيجا جا
حوالي سان هڪ سطحي ۽ بي بنياد دعويٰ به ڪئي آهي
ته: ”اهو غلط آهي ته دائود پوٽن شڪارپور جو شهر
ٻڌايو هو ۽ ان کان اڳ اتي شڪار ڪرڻ ايندا هئا.
جيڪڏهن ائين هجي ها ته ’پور‘ جي بدران ’آباد‘
لڳايل هجي ها، جيئن مغلن جي ٻڌايل شهرن جي نالن
پٺيان آهي.“ ان حوالي کي، ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر
غلام علي الانا به دهرايو آهي، جيڪڏهن اهو حوالو
درست تسليم ڪجي ته پوءِ شهدادپور، ميرپور، خانپور،
خيرپور، مرزاپور، ڪرم پور وغيره جي به حقيقت ۽
اشتقاق جو مفهوم واضح هئڻ گهرجي.
”شڪارپور ايشيا جو واپاري مرڪز“، اقبال احمد ميمڻ جو لکيل
شڪارپور جي تجارتي ۽ اقتصادي سرگرمين ۽ تاريخ
متعلق؛دليلن ۽ حوالن سان ڀرپور زبردست تحقيقي
مقالو آهي. هن مقالي ۾ شڪارپور جي تاريخ، جاگرافي،
تجارتي هنڊين، ڌنڌن، پيشن ۽ واپار ۾ ان جي نوعيت
متعلق اهم معلومات درج ٿيل آهي. هي مقالو سنڌ ۽
شڪارپور جي اقتصادي تاريخ ۽ تجارت جي حوالي سان
سند جو درجو رکي ٿو. ڊاڪٽر جاويد احمد قاضيءَ هن
مضمون جو ترجمو بهترين انداز ۾ ڪيو آهي.
پير علي محمد راشديءَ جي مختصر مضمون ”شڪارپور سنڌ جوتمدني شهر“
۾ شڪارپور ڪلچر ۽ اميراڻي زندگيءِ جي عڪاسي ٿيل
آهي. سيد حسام الدين راشديءَ ”سنڌ واه شڪارپور جو
تمدني تفريحگاهه“ ۾ شڪارپورين جي پر لطف ۽ پسنديده
تفريگاهه تي گرميءَ جي موسم ۽ تفرح ڪندڙ ماڻهن جي
مخصوص روايتن، روين ۽ زنده دلي جا اهڙا ته تاريخي
۽ گهرا نقش چٽيا آهن جو اهو مضمون پڙهندي سنڌ واهه
تي تفريح جي هوبهو تصوير اکين آڏو ڦرڻ لڳي ٿي.
”شڪارپوري“ جمال ابڙي جو شاهڪاري مضمون آهي. شڪارپوريءَ متعلق
پختي راءِ ته ڪو جمال کان پڇي. شڪارپورين جي زنده
دلي، نفسيات، عزم، حوصلي، ڪمزورين ۽ صلاحيتن متعلق
جيڪي نقش چٽيا اٿس، شڪارپوري پنهنجي رنگ ۽ مزاج ۾
نه ان کان گهٽ ۽ نه وڌ آهن. مضمون جي آخر ۾ سندس
هيءَ راءِ معنيٰ خيز آهي:”ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ
نه ٿيندو ته نيٺ سنڌيت هن تر ۾ ئي ملندي. شڪارپوري
ان جو علمبردار آهي... منجهن جيڪڏهن ٿورڙي سنجيدگي
۽ منزل سان دلي لڳاءُ هجي ها ته يقينا صبح جو
پهريون ڪرڻو شڪارپور مان ئي ڦٽندو.“
ڊاڪٽر قيوم طراز ”شڪارپور صحت جو گهر“ لکي، شڪارپور ۽ سنڌ جي
تحقيقي طبي تاريخ جي پيڙهه جو رکيو آهي. ڊاڪٽر
صاحب شڪارپور جي اسپتالن ۽ شفاخانن، حڪمت ۽ صحت
متعلق تاريخي پس منظر ۽ انهن جي اهميت ۽ ڪردار تي
روشني وڌي آهي.
سراج ميمڻ ”شڪارپور سنڌ جو هڪ تصوراتي شهر“ ۾ جنهن درد سوز جو
اظهار ڪيو آهي، اهو شڪارپورين لاءِ ضمير جي آواز
جي حثيت رکي ٿو. ماضيءَ جي خوبصورتي ۽ حال جي
بدصورتي واري شڪارپور تي رت جا ڳوڙها رنو آهي.
”شڪارپور “ بدر ابڙي جو شهر متعلق تعارفي مضمون آهي. جديد
شڪارپور ۾ هو جديد سياح جي حيثيت سان گهمڻ آيو.
ماڻهن ۽ فن تعمير متعلق خوبصورتيءَ سان ڊائري ۾
احوال لکي”سنڌوءَ جو سفر“ 1989 ۾ ڇپايو هئائين.
اعجاز منگيءَ جو ادبي پيرايي ۾ لکيل مضمون شايد ڪو
فلسفي ئي سمجهي سگهندو. مضمون نگار جي منتشر خيالن
تي مشتمل هن مضمون ۾ شڪارپور جون ڪي جهلڪيون نظر
اچن ٿيون.
”شڪارپور جي شام_اڄ۽ ڪالهه“ ۾ پروفيسر لعل شاه بخاري ماضي جي
شڪارپور جي ساروڻين کي ساريندي، ماضيءَ جي خوبصورت
شامن جو ذڪر نهايت خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي. حال
جي خسته ۽ بدحال شڪارپور جي شامن جو به ذڪر ڪندي
ماضيءَ سان ڀيٽيو اٿس. هاءِ، نه اهي شامون رهيون
نه شامون ملهائڻ وارا.
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
شايد انڪري ئي حسن مجتبيٰ شڪارپور کي ’بيوفا اولاد جو شهر“ قرار
ڏنو آهي.
هن خوبصورت ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي،
جيڪو چاليهن صفن تي ڦلهيل آهي. الانا صاحب مهاڳ
لکندي جتي شڪارپور شهر جي تاريخ، ادب، شڪارپورين،
مضمون نگارن ۽ ادارن متعلق پنهنجي عالمانه راءِ ۽
احساسات جو بهترين اظهار ڪيو آهي، اتي ڪجهه بي
ربط تحريرن، منتشر خيالن ۽ ڊگهن اقتباسن جي به
ڀرمار ڪئي آهي. مهاڳ جا ڪيترائي صفا غير ضروري
بحث، بي بنياد الزامن، ذاتي تنقيد، خود نمائي ۽ بي
مقصد مثالن جي اجائي ڊيگهه سان ڀريل آهن. مثال طور
مهاڳ جي شروعات ۾ ئي سنڌ جي نوجوانن جي قدر و قيمت
جو اندازو ۽ ڪاٿو خراساني گڏهه جيان ڪيو ويو آهي.
ان مان ئي سندس خيالن جي ڀرپور عڪاسي ٿئي ٿي.
جيئن ته بنيادي طور تي هيءُ ڪتاب، مختلف مقالن ۽ مضمونن جو
مجموعو آهي، ليڪن مرتب طرفان ڪٿي به اها وضاحت ٿيل
ڪا نه آهي ته ڪهڙو مضمون، ڪهڙي رسالي يا ڪتاب ۽
اخبار تان ورتو ويو آهي ۽ اهو ڪٿي ۽ ڪڏهن شايع ٿيو
هو. هن تاريخي ۽ ادبي ڪتاب ۾ مختصر تصويري آلبم جي
کوٽ به محسوس ٿئي ٿي. ”شڪارپور سونهن جي شهر“ جون
ڪي خوبصورت تصويرون ڪتاب جي زينت بنجن ها ته هن
ڪتاب جي خوبصورتيءَ سان گڏوگڏ ان جي تايخي اهميت ۾
به واڌارو ٿئي ها. 308 صفن تي مشتمل، خوبصورت،
مجلد، ڪمپيوٽر تي سهڻي ڇپائيءَ سان آراسته، پروف
جي غلطين کان آجي، هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا رکي
ويئي آهي، جيڪا هن مهانگائي جي دور ۾ انتهائي
مناسب آهي. سهڻي گيٽ اپ ۽ ٽائٽل تي گهنٽه گهر
شڪارپور جي خوبصورت تصوير سان سجايل هي تاريخي
سونهن جو ڪتاب سنڌي ۾ گرانقدر ۽ خوبصورت اضافو
آهي. يقيناً هي ڪتاب علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پسندگيءَ
جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.
رشيد احمد لاکو
سوچ جو سفر
انعام شيخ _ سنڌي ادب، ترجمي ۽ ڪالهه نگاري واري صحافت ۾ ننڍي
ڄمار اندر مڃتا ماڻي وٺندڙ نالو ....لفظي لگزري ۽
يوٽو پيائي ڳالهين کان پري ، هڪ سنجيده قلمڪار؛
هميشه بي ڊپو ،بي ريا ۽ پوري ”هوم ورڪ“ سان
لکندڙ، ڪامياب ڪالم نگار ۽ مترجم. ٻنهي فيلڊس ۾ هن
جي
Efforts
جي نوعيت، هر حالت ۾ واکاڻ جوڳي.
سٽ هو پنهنجي لکي يا ڪنهن جي ترجمو ڪري، ’مقصد‘ کي سٽ جي بند مٺ
۾ ٽانڊاڻي وانگر رکڻ هو ڪڏهن به ناهي وساريندو.
انعام جي ڪا سٽِ، ڪو ڪالم، ڪو ترجمو، مون بي معنيٰ
۽ بي مفهوم ڪڏهن به نه ڏٺو. تحرير هيٺ موضوع جيترو
گنڀير انعام جي قلم جو موڊ ان کان به وڌيڪ گنڀير.
انعام جي قلم جو موڊ ان کان به وڌيڪ گنڀير. چرچا
ڀوڳ انعام رڳو دوستن سان روبرو چٽ چيٽ ۾ ڪندو آهي.
لکڻ وقت، بهرحال هو هڪ ٻيو ماڻهو بنجي ويندو آهي ۽
اُهائي خوبي سنڌي ادب ۾ هن جي لکڻ جي مجموعي سڃاڻپ
به آهي.
انعام بنيادي طور تي ادبي ۽ پوليٽيڪل ذهن رکندڙ نوجوان... ٻنهي
حيثيتن ۾، باوجود ڪجھه رزرويشنس جي، مان ھن جي
ذھانت ۽ صلاحيتن جو ھميشه معترف.... سنڌي ادب ۾
ھونءَ محض ڪالم نگاريءَ مان اُڀري، فتوائون جاري
ڪري ، ادب جا سڀ ڪجھه بنجي پوندڙ ڪالم نگار، مون
لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ ھميشه بوريت جو سبب. چار سنڌي،
اردو ۽ فارسي شعر، ٿورا رنگين ڪوٽيشنس، ٿورا دوستن
جا ريفرنسز، وچ وچ ۾ اڳ ڪٿيون ....۽ بس ڪالم تيار!
نه انعام شيخ نثر جي اِن اِميٽيشن ۽ لفظن جي اِن بي فضول ڪِرت
کان ڪافي پري... پنھنجي
Talent
کي سمجھندڙ، صحيح سوچ جا رُخ ڄاڻيندڙ ۽ لفظ جو قدر
ڄاڻيندڙ ليکڪ. يعني لفظن سان اڏيل پنھنجي سوچ جي
عمارت جي جھروڪن ۾ ، مقصد جي روشني ٻاري رکڻ ۾
ھميشه پيش پيش....۽ مترجم جي حيثيت سان سندس تازو
شايع ٿيل ھي ڪتاب ”سوچ جو سفر“ دنيا جي عظيم
انسانن جي شعور، فڪر ۽ آدريشن جي نچوڙ ۽ سوانحي
خاڪن ۽ ڪارنامن جو پوتا ميل .... ۽ جيتوڻيڪ ’جون
آف آرڪ‘کان ’شوپنھار‘، ’ڪارل مارڪس‘ کان ’نٽشي‘ ۽
’چي گويرا‘ کان ’ساتر‘ تائين ھِن ڪتاب ۾ متعارف
ٿيندڙ مغرب جي مفڪرن ۽ مشاھيرن جا نالا بي شڪ ته
رنگارنگ، پر فِڪري آھنگ ھر ڪنھن جو اِھوئي:
”انسانيت جو احترام“، ”انسان دوستي“، ”فڪر جي
آزادي“، ”مذھبي انتھاپڻي کي للڪار“ ۽ ”بھترين ۽
اعلي تخليقي ادب لاءِ ڳڻ ڳوت ۽ جستجو“ ....ھونئن
اِنھن سڀني انعام شيخ جي ترجمو ٿيل، روشن خيال ۽
نين دنيائن جا خواب ڏسندڙن جي فڪر کان مان ئي ڇا
ھرٽھيءَ جا اديب ۽ شاعر جھڙوڪر محروم ۽ لاعلم ئي
ته پئي رهيا آهن. سبب؟ ڌارين ٻولين کان نا آشنائي
۽ سنڌ ۾ موجود ادبي جي انهن مشاھيرن ڏانھن بي
توجھي.
ڇا ھي ته ويھه ٻاويھه سال اڳ وائيس چانسلر شيخ اياز صاحب،
پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌالاجي اندر اھڙي ٽرانسليشن
بيورو جي قيام جو خواب ڏٺو ھو، جيڪو بالآخر خواب
ئي ثابت ٿيو.ھن ڏس ۾ ٻيو نه ته جيڪڏھن پندرھن ويھه
سال اڳ رڳو ٽالسٽاءِ، ڊڪنس، سمرسيٽ ماھم، ڪاميو ۽
ڪارڪئيز جي شاھڪار ناولن جا چار ترجمان سنڌيءَ ۾
ڇپجي پون ھا ته ھِن وقت جديد سنڌي ناول جو رنگ ئي
اور ھجي ھا.
هي ڪتاب انعام جو انفرادي ڪارنامو آھي ۽ ان ۾ ھن دنيا جي عظيم
انسانن جي شعور، فڪر ۽ فن جي پس منظر ۾ مطالعو پيش
ڪري جھڙوڪر سنڌ ۾ اڀرندڙ نئين کيپ لاءِ بھتر
مطالعي جي راھه روشن ڪئي آھي.
انعام جس لھڻي جو ترجمي جو ھي ڏکيو ڪم، ھن محض شوق خاطر نه،
جذبي سان سرانجام ڏنو آھي. سنڌيءَ جي اخبارن ۾
ويھي انگريزيءَ مان چونڊ فيچرز سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ
وارو ڪم، اڄڪلھه ”روٽين ورڪ “ آھي ۽ عام جام ٿيندو
رھي ٿو ، پر فڪري، فلسفيانه ۽ سوشو پوليٽيڪل
انگريزي نثر کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ انتھائي اوکو عمل
آھي. اوکو اِنڪري جو جديد علمن جي ڪائنات وسيع ۽
اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ نه جديد سائنسي محاورن ۽
اصطلاحن جي ڪا لغت ميسر، نه انسائيڪلوپيڊيا!
ويچارو مترجم وڃي ته وڃي ڪيڏانھن؟
انعام اھڙي صورتحال کي ھن ڪتاب ۾ پنھنجي ذاتي صلاحيت سان فيس
ڪيو آھي. ڪٿي ھن ٽيڪنيڪل اصطلاحن جا ترجما پنھنجي
ڏانءِ سان متعين ڪيا آھن ۽ ڪٿي وري ھن اردو ۽
فارسي اصطلاحن جو سھارو ورتوآھي. خير سنجيده ادب
جو ڪوئي ڪيترو به سٺو پڙھندڙ ھجي، ھن ڪتاب ”سوچ جو
سفر“ ۽ ان ۾ موجود مواد، ھُن کان آھستگي، توجه،
ذوق ۽ ڌيرج جي ئي تقاضا ڪري ٿو. ڇا سنجيده پڙھندڙ
جي اھڙي ڌيرج ڀريي ادب جي مطالعي جي پڄاڻيءَ تائين
انعام ھھڙي ئي ڪنھن ٻئي ڪتاب تائين پھچڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويندو؟ شال ائين ئي ٿئي! ھونءَ ”جوڙي ڪر“ جي
تقاضا وارو فرمائشي لفظ، ڪنھن ڳائڻ واري سان ئي
لاڳاپيل ٿورو ئي آھي. انعام شيخ جھڙي لائق مترجم
سان به اھڙي فرمائش ڪري سگهجي ٿي.
ونس مور ... انعام! ونس مور ....!
انعام جي سوچ جو ھي سفر، وڻندڙ پرنٽنگ، پڪي بائينڊنگ ۽ خوبصورت
لي آئوٽ سان شايع ٿيو آھي ۽ اُن جو ڪريڊٽ سڌو
سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ڏانھن وڃي
ٿو. سو، پيارا نور احمد! خوبصورت پرنٽنگ جون
واڌايون توھان قبول ڪريو ۽ پيارا انعام شيخ! سُٺي
ترجمي ۽ معياري چونڊ جون مبارڪون وري توھان جي
خدمت ۾ عرض رکجن ٿيون.
نصير مرزا
شاھه جو رسالو _ رسالي جو ڪلام (جلد ڏھون)
شاھه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمتـﮧ سنڌي زبان جو لاثاني شاعر ٿي
گذريو آھي. ھيل تائين سندن ڪلام (شاھه جو رسالو)
جا متعدد ايڊيشن نڪري چڪا آھن، ليڪن علمي، ادبي ۽
تحقيقي لحاظ کان ھڪ معتبر ۽ مستند ايڊيشن جو گهڻي
وقت کان وٺي انتظار رھيو. ھن صديءَ جي ابتدا ۾
ڊاڪٽرگربخشاڻي ھن ڏس ۾ وک وڌائي ھئي، ليڪن پوءِ ھي
سلسلو جھڙوڪر بند ٿي ويو. قيام پاڪستان کان پوءِ
سنڌ جي ھاڪاري عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھه
صاحب جي ڪلام جي معياري ترتيب طرف توجـﮧ ڏنو ۽
رسالي جي مستند ۽ معتبر رٿا لاءِ ھي ڪم ڏھن جلدن ۾
تيار ڪرڻ جو سعيو ڪيو. تبصري ھيٺ آيل ڪتاب انھيءَ
معياري متن واري رٿا جو آخري يعني ڏھون جُلد آھي.
ھن کان اڳ جلد اول، جلد ٻيو، جلد ٽيون ۽ جلد ڇھون
ڇپجي چڪا آھن.
ھن جلد ۾ ”رسالي جو ڪلام“ ڏنو ويو آھي، يعني ته اھو شعر جيڪو
شاھه صاحب جي مختلف رسالن ۾ ته آھي، ليڪن اھو خود
شاھه صاحب جو چيل ڪونھي. ھن جلد جي مھڙ ۾ ٻاھتر
صفحن جو ڀرپور علمي مقدمو ڏنوويو آھي. ھن مقدمي
ذريعي رسالي ۾ آيل ڌارئين ڪلام بابت مفصل بحث ڪري،
ڪي ٺوس نتيجا ڪڍيا ويا آھن. ھن ڏس ۾ خاص ڌيان جوڳو
نقطو ”سرڪيڏاري“ بابت ڪيل بحث آھي. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب نھايت مدلل ادبي ۽ تنقيدي معيارن تي پرک ڪندي
ثابت ڪيو آھي ته ھي سر شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو
چيل ڪونھي. فاضل محقق جو رايو آھي ته ھن سرجا ڪي
بيت احسان فقير لانگاه ۽ ڪجھه فتح فقير ڪلھوڙي جا
چيل آھن، باقي بيت سيد عبداللطيف قادريءَ جا چيل
آھن، جو ڀٽائي صاحب جي جنم کان ستاويھه سال اڳ
وفات ڪري ويو ھو. ھن بزرگ جو تعلق پراڻن ھالن سان
ھو. ڊاڪٽر صاحب ھن جلد ۾ اھو سمورو ڪلام ڏنو آھي
جو مختلف رسالن ۾ آيل آھي، پربقول سندس، شاھه صاحب
جو چيل ڪونھي. ھن جلد جي رٿا بيتن ۽ واين موجب
سرڪلياڻ کان بسربَسنت تائين رکيل آھي. انھن شاعرن،
جن جو ڪلام ھن جلد ۾ آيو آھي، ڪجھه نالا ھن ريت
آھن: قاضي قادن، شاھه ڪريم، ميون شاھه عنات، خواجه
محمد زمان، احسان، جوڻيجو، تماچي، راضي شاھه،
روحل، سيد عبداللطيف قادري، لاکو ۽ لکمير وغيره پڪ
سان ڊاڪٽر صاحب ھن جلد جي رٿا وڏي دانائي سان رکي
آھي، ليڪن اسان جو رايو آھي ته سُرن بجاءِ ھن جلد
کي ”شاعرن“ موجب قائم ڪجي ھا ته وڌيڪ بھتر ٿئي ھا.
ان ريت اھي گمنام شاعر به پنھنجي ڪلام سان، سنڌي
ادب جي تاريخ ۾ نروار ٿي بيھن ھا. ھي جلد ”غلام
قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“ حيدرآباد پاران
ڇپيو آھي. اٽڪل روءِ نو سو صفحن تي مشتمل ھي جلد
سفيد اچي ڪاغذن تي ڇپيو آھي. ان جي قيمت 650
روپيه آھي. ھن جلد جي اشاعت سان جملي پنج جلد ڇپجي
ميدان تي اچي چڪا آھن. دعا آھي ته رھيل پنج جلد به
ترت شايع ٿي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ظاھر ٿين.
_ الطاف آگرو
وڏي وٿ ھئا،
ٻاروچا ڀنڀور ۾
سائين امير علي چانڊئي سان منھنجي پھرين ملاقات حيدرآباد ۾ سندس
آفيس ۾ ٿي، جتي پاڻ ايس .پي . ٽرئفڪ ھو. مان ڪڏھن
محترم تاج بلوچ سان ته ڪڏھن محترم روشن سندر
چانڊئي سان گڏ ته ڪڏھن اڪيلو ئي وٽس حاضري ڀري،
علم ،ادب، تاريخ، فلسفي، جنرل ناليج ۽ مذھبن تي
سندس دل کي ڇُھندڙ ڳالھيون ٻدندو ھُئس. سندس ھڪ
گهاٽو دوست علي محمد شيخ منھنجو بالا آفيسر ھو، پر
مون ڪڏھن به کيس اھو ڪونه چيو ته ھو منھنجي سفارش
ڪري، مون کي ڪا سُٺي پوسٽنگ وٺرائي ڏئي. ان جو وڏي
۾ وڏو سبب اھو ھو ته مون چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته مون
کي ھِن علم جي پياسي انسان منجھان جيڪا چڱائيءَ جي
خوشبوءِ اچي رھي آھي، ان مون کي ايترو ته معطر ڪري
ڇڏيو آھي، جو مون لاءِ پئسن جي پويان ڊوڙڻ ھڪ خسيس
ڳالھه ٿي پيئي ۽ اڄ سوڌو مان انھيءَ ڳالھه تي قائم
آھيان ته نينھن نڀائيندڙ ماڻھو ناڻو نه پر ڪو راڻو
ڳوليندا آھن، جيئن مومل جي مجاز کي ماڻي سگهن. مون
کي فخر آھي ته مون اڄ سوڌو اھڙن ڪيترن ئي راڻن سان
رھاڻيون ڪيون آھن، جن وٽ سندن مومل ”علم، ۽ ڄاڻ “
ھُئي ۽ آھي.
مرحوم امير علي چانڊيو سنڌي ادب جو ھڪ اُتم راڻو ھو. سندس جذبا
ھميشه جوان ھئا. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ھو ھڪ وڏو
جاکوڙي انسان ھو. پاڻ ھڪ اعليٰ پوليس آفيسر ٿي ڪري
به سنڌ جي اديبن سان گڏجي ھلڻ ۾ فخر محسوس ڪندو
ھو. سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ شرڪت ڪري پنھنجون
نڪور لکڻيون پڙھندو ھو ۽ ٻين جي لکڻين تي دليلن
سان پنھنجا رايا ڏيندو ھو. ذاتي طرح سان تمام گهٽ
ماڻھن وٽ ملڻ لاءِ ويندو ھو، ڇو جو ھو سڀ کان وڌيڪ
وقت مطالعي کي ڏيندو ھو.
مرحوم امير علي چانڊيو ڳوٺ شاھه محمد چانڊئي تعلقي قمبر ضلعي
لاڙڪاڻي ۾ ولي محمد چانڊئي جي گهر ۾ اڄ کان اٽڪل
پنجيتاليھه سال اڳ پيدا ٿيو ھو. ننڍي ھوندي کان ئي
حساس طبيعت جو مالڪ ھو. پنھنجي غريب والدين جو ھي
ستون نمبرٻارھو. پرائمري کان ئي پڙھائيءَ جو ڏاڍو
شوق ھئس ۽ ھوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو ھو. ننڍي
ھوندي کان ئي دوستن سان اجايو گهمڻ ڦرڻ يا رانديون
ڪرڻ سندس طبيعت جي ابتڙ ھو، تنھنڪري پرائمري تعليم
دوران ئي جڏھن امتحان ويجھا ٿيندا ھئس، تڏھن ڳوٺ
آباد جي مُلان اسڪول ۾ کٽ کڻي وڃي رھندو ئي اسڪول
منجھه ھو. ان مان سندس تعليم لاءِ محنت ۽ محبت جي
خبر پوي ٿي.
پاڻ ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي سان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. بي.اي.آنرز ڪري ايم. اي. انگلش سنڌ
يونيورسٽيءَ مان 1972 ع ۾ پاس ڪيائين. ان کان اڳ
پرائمري استاد طور پنھنجي پھرين نوڪري جي شروعات
ڪئي ھئائين ۽ وڌيڪ تعليم به جاري رکيائين. ايم .
اي . ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ
جو ليڪچرار مقرر ٿيو.1974ع ۾ جڏھن سندس عمر اٽڪل
33سال کن مس ھئي ته سي .ايس. ايس. ۾ ڊي ايم.جي.
گروپ کنيائين. سندس چواڻي ته ڪنھن ’سفارشيءَ‘ کي
ھن جي جاءِ تي رکي کيس ”پوليس گروپ“ ڏنو ويو. پاڻ
دلي طور تي پوليس کاتي ۾ اچڻ لاءِ راضي نه ھو.
بھرحال ھو ائڊيشنل سپرنٽينڊنٽ پوليس طور سانگهڙ، کپري، عمرڪوٽ،
جيڪب آباد، موري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ رھيو. 1981ع ۾
سانگهڙ جو ايس. پي . ٿيو. پوءِ شڪارپور جو مسلسل
اڍائي سال ايس .پي . ٿي رھيو، جتان ڪراچيءَ بدلي
ٿي آيو. 1986ع ۾ ايس .پي. ٽرئفڪ حيدرآباد ٿيو،
پوءِ ايس .پي . اسپيشل برانچ حيدرآباد ۾ ائڊيشنل
ڊي.آءِ.جي. حيدرآباد مقرر ٿيو. پوءِ ايس. پي .
خيرپور ٿيو.ايڊيشنل ڊي.آءِ.جي. سکر به ٿيو. وري
ايس . پي . شڪارپور ٿيو، جتان پوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر
ايف .آءِ . اي .حيدرآباد ٿي رھيو. ان کان پوءِ
ڪراچيءَ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف، آءِ . اي ، پنھنجي
وفات تائين رھيو.
مرحوم امير علي چانڊيو ھڪ غريب جو اولاد ٿي ڪري به وڏي چاھه سان
پڙھيو ۽ اسڪالرشپن جا امتحان پاس ڪندو اڳتي وڌندو
رھيو. پنھنجي گهر ۾ علم ادب جي ڪم لاءِ ٽائيپ ھو
پاڻ ڪندو ھو ته ڪمپيوٽر خريد ڪري اھو به سکي ورتو
ھئائين. شاھه لطيف جو وڏو معتقد ھو ته سقراط به
سندس ساڃاھه ۽ ساھه ۾ سمايل ھو. شاعريءَ ۾ علم
عروض جو ڄاڻو ۽ غزل جو تمام پختو شاعر ھو. نظم ۽
وايون به لکندو ھو. سندس انتھائي اھم علمي ڪم سنڌي
ڪھاڻيءَ تي فني مضمون ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ تي
ڀرپور جائزو آھي. ٻئي پاسي روزانه ھلال پاڪستان ۾
ڀٽائيءَ جي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو منظوم صورت
۾ شايع ٿيندو رھيو، جنھن کي پاڻ وڏيءَ محنت سان
مڪمل ڪرڻ پئي چاھيائون. سڀ کان اھم ڪم ”سھڻي“
رسالي جي ”شيخ اياز نمبر“ (حصو پھريون) ۾ پاڻ جيڪو
اياز جي فن تي مضمون لکيو اٿس، اھو علمي ۽ ادبي
حلقن ۾ تمام گهڻو ساراھيو ويو آھي، جنھن مان خبر
پوي ٿي ته پاڻ ھڪ وسيع مطالعو رکندڙ، بين الاقومي
علم، ادب ۽ تنقيد جو ڀرپور فن ڄاڻيندڙ ھو.
مرحوم سنڌ جي چونڊ شاعرن ۾ ليکڪن جا شعر به انگريزيءَ ۾ وڏي
مھارت سان ترجمو ڪيا آھن. کيس ھميشه سٺن ڪتابن
ڳولڻ، خريد ڪرڻ ۽ پڙھڻ جو شوق ھوندو ھو.
پاڻ ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ سان منھنجي صلاح موجب فقط انھيءَ
ڪري دوستي رکي ھئائون، جيئن ھو مطالعي لاءِ سُٺن
ڪتابن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ۽ انھن تي علمي بحث ڪري
سگهن. آءُ تن ڏينھن ۾ شام جو ڊاڪٽر اسماعيل شيخ جي
ڪلينڪ تي ڪمپائونڊري ڪندو ھُئس، جتي پڻ مون کي
مرحوم امير علي چانڊئي کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو
ملندو ھو. پاڻ جيڪي ناياب ۽ نوان ڪتاب خريد ڪندو
ھو، انھن مان انسائيڪلوپيڊيا، جنرل ناليج، تاريخ،
فلسفو، ھرمذھب جا ڪتاب، ميڊيڪل جا ڪتاب، طبيه
ڪاليجن جا ڪتاب، ھوميوپيٿي ۽ آيرويدڪ علاج جا
ڪتاب، يوناني ۽ انگريزي دوائن جي ڄاڻ جا ڪتابچا ۽
ڪتاب، دنيا جي چونڊ شاعري ۽ ادب جا ڪتاب، اسلام ۽
لطيف تي ڇپيل تمام گهڻا ڪتاب اڄ به سندس گهر جي
لئبرريءَ جي زينت آھن. آمريڪا ، انگلينڊ يا ڪنھن
ٻئي يورپي ملڪ ۾ جيڪڏھن ڪو نئون ڪتاب اھميت وارو
ڇپبو ھو ته اھو پڻ گهرائي وٺندو ھو. سندس ٻه
خواھشون رھجي ويون، ھڪ ته لطيف جي مڪمل رسالي کي
انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمي ھيٺ آڻڻ ۽ ٻيو اسلاميات ۾
پي .ايڇ . ڊي . ڪرڻ. پر افسوس جو علم جو ھي گوھر
تمام جلد اسان کان جدا ٿي ويو!
مرحوم سنڌ جي صوفي شاعرن کان وٺي انقلابي لاڙا رکندڙ جديد شاعرن
جو وسيع مطالعو رکندڙ ھو. بين الاقوامي ادب جو
مستقل پڙھندڙ ھو. اھو سندس مطالعو ئي ھو، جنھن کيس
سنڌ جي ٻين سڀني پوليس آفيسرن کان انتھائي منفرد
بنائي رکيو ھو. ھُن جوخدا جي ذات ۾ مڪمل ڀروسو ھو،
تنھنڪري پاڻ سان گڏ يا پنھنجي گهر تي پوليس گارڊ
جو پھرو پسند نه ڪندو ھو ۽ اسان ڪڏھن به سندس در
تي ڪو سپاھي ڪونه ڏٺو.
اڪثر سفيد سلوار قميص پائيندڙ ھي شخص انتھائي بلند اخلاق به ھو.
سگريٽ، شراب ۽ ٻين خراب عادتن کان پاڻ کي ھميشه
بچائي رکيائين. برطانيه، آسٽريليا، سينگاپور، ھانگ
ڪانگ ۽ ملائيشيا جو سفر ڪجھه سرڪاري طرح ۽ ڪجھه
نجي طرح ڪري چڪو ھو. سندس علمي ۽ تعليمي دوست،
مسٽر علي محمد شيخ ڪسٽم ڪليڪٽر ۽ محترم عبدالغفار
سومرو اڳوڻو ڪمشنر حيدرآباد رھيا آھن.
پاڻ ڪنھن ٽريننگ دوران آسٽريليا ۽ سينگاپور ويو ته نجي طرح ٻه
دفعا انگلينڊ به ويو، جتان پاڻ اعليٰ قسم جي
خريداري ڪرڻ بدران نون ڪتابن جو ھڪ وڏو ذخيرو خريد
ڪري آيو.
پاڻ روزي نماز جو پابند ھو ۽ خير خيرات به دل کولي ڪندو ھو.
شڪارپور _ جيڪب آباد روڊ تي پاڻ ھڪ عاليشان مسجد
به تعمير ڪرايائين ، جنھن تي اڄ به سندس نالي واري
تختي لڳل آھي. انھيءَ مان سندس ديندار ھجڻ جا ثبوت
ملن ٿا.
زندگيءَ ۾ ڪاپي ڪلچر جي سخت خلاف ھو. پنھنجي اولاد کي سختيءَ
سان منع ڪندو ھو ته مون کان سفارش ڪانه پُڄندي،
ڀلي فيل ٿيو ته فيل ٿيو، نه ته پنھنجي ھمت پاڻ
ڪريو ۽ محنت ڪري امتحان پاس ڪريو. ھو پنھنجي وڏي
پٽ کي چوندو ھو ته اسان ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ڪچن
گهرن ۾ ڏيئن ۽ لالٽينن جي روشنيءَ ۾ پڙھيا آھيون
.توھان کي ته ھيتريون ساريون سھوليتون ڏنيون
اٿئون، پوءِ به توھان ڪونه ٿا پڙھو.
مون ھن اِھل دل ۽ جاکوڙي شخص جي حياتي ۽ خدمتن جا چند نقطا پيش
ڪيا آھن، جنھن سخت محنت ۽ لاڳيتي جاکوڙ سان ھڪ
اعليٰ منصب ماڻيو ۽ پنھنجي علم جي روشنيءَ سان
پنھنجي وجود مان دنياداريءَ جي تڪبر ۽ غرور، لالچ
۽ لوڀ کي تڙي ڪڍيو. علم سان لونءَ تائين ۽ خدا جي
خوف سان ھڪ مثالي زندگي بسر ڪيائين.
سندس ڇپيل مثالي ادبي خدمتن مان ڪھاڻيءَ جي فن تي تنقيدي مضمون،
شيخ اياز ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ جا فني اڀياس ۽
منظوم انگريزي ترجمان اھم آھن.
علمي طرح مايه دار ۽ ٻاجھارو امير علي چانڊيو، 12_ آڪٽوبر 1996ع
تي حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو، جڏھن ته اڃا سندس وڃڻ
جي ويل ڪانه ھئي.
_ سليم چنا |