سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :1

مهراڻ 1997ع (1)

نفيس احمدشيخ

”مهراڻ، جي اشاعت جي شروعات مارچ 1946ع ۾ ٿي، جنهن کي مهراڻ جو ”پهريون دور“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان زماني ۾ ضخامت ايتري ڪانه هوندي هئس. پنجاهه سٺ صفحن جو ڇپبو هو. رسالي جي موجوده صورت ۽ اشاعت 1955ع کان شروع ٿي. هتي ”مهراڻ“ 1946ع جي پهرئين پرچي جي سرورق ۽ فهرست جا عڪس پڙهندڙن جي معلومات لاءِ شايع ڪجن ٿا.

 

گذارش

 

پاڪستان جي گولڊن جوبلي

 

وطن عزيز پاڪستان کي قائم ٿئي، پنجاهه ورهيه گذريا آهن. حڪومت ان موقعي جي مناسبت سان ملڪ ۾ گولڊن جوبليءَ جي جشن ملهائڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيا آهن، جن لاءِ قومي سطح تي هڪ خاص ڪميٽي پڻ قائم ڪئي ويئي آهي. تازو، 23، مارچ جو پروگرام به ان پس منظر ۾ ملهايو ويو. انهيءَ ئي سلسلي ۾، تازو اسلامي ملڪن جي نمائندن جي اسلام آباد ۾ هڪ پروقار ڪانفرنس پڻ ٿي.

سنه 1947ع ۾، انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي ملڻ بعد، گڏيل هندستان ٻن آزاد ۽ جدا جدا ملڪن ۾ ورهائجي ويو، ۽ اسان جو وطن پاڪستان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو. آزادي ملڻ بعد، اميد اها هئي ته پاڪستان جا رهاڪو، پنهنجن تهذيبي روايتن موجب، آزاد ماحول ۾، خوشحال زندگي گذاريندا. ليڪن پنجاهه ورهين جي ڊگهي عرصي گذرڻ کان پوءِ به اهي اميدون ۽ حسرتون پوريون ڪو نه ٿيون. سو، ٽيليويزن تي گولڊن جوبليءَ جا رنگبرنگي پروگرام ڏسي ماڻهو سوچي ٿو ته عوام ڪيتريقدر آزاديءَ جي نعمت ماڻي سگهيو آهي؟ روزگار، تعليم ۽ صحت ۾ ڪيتري ترقي ٿي آهي؟

سوچڻ انسان جي بنيادي جبلت آهي. ان کان ته ڪنهن کي به روڪي نٿو سگهجي. گذريل پنجاهه سالن جي عرصي ۾، سنڌ جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو ويو. سنڌي زبان جي علمي، ادبي، تدريسي ۽ صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻوليءَ طور حيثيت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ايوب خان گورنمينٽ پنهنجي ٺاهيل ”شريف ڪميشن“ جي سفارشن جي آڙ ۾، ڪڌو ڪم ڪيو. نه رڳو ايترو، پر سنڌي هاري ڏسندا رهيا، سنڌ جون زمينون ڌارين اميرن کي انعام طور ڏيئي ڇڏيائين. انهن مڙني ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو، ته سنڌ ۾ ”احساس محروميءَ“ جنم ورتو، ۽ ان وقت جي حڪومت جي خلاف زبردست تحريڪ هلي. آخرڪار، حڪومت آڻ مڃي، سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي حيثيت بحال ڪئي ۽ ون يونٽ به ختم ڪيو. پر، سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي داغ رهجي ويا. اهو قصو اسان جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ جو ئي هڪ تلخ داستان آهي. بهرحال، انسان اميد جي آڌار تي مستقبل ڏانهن وک وڌائي ٿو. سو، اسان کي به اميد آهي ته ايندڙ پنجاهه سالن ۾ سنڌ جا اهنج ۽ ايذاءُ ختم ٿيندا ۽ عام ماڻهو آزاديءَ جون نعمتون ماڻيندا.

 

روپاماڙيءَ جي کوٽائي

 

6، 7 ۽ 8_ اپريل 1997ع تي روپا ماڙيءَ ۾، دودي سومري جو عرس ٿيو، جنهن جو انتظام آل پاڪستان سومرا ائسوسئيشن ڪيو ۽ افتتاح 6_ اپريل تي، ائسوسئيشن جي صدر، جناب رحيم بخش سومري ڪيو. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته ”دودو سومرو سنڌ جو قومي سورمو هو، جنهن پنهنجي وطن واسطي، ڌارين جي اڳرائيءَ خلاف وڙهندي، جنگ جي ميدان تي شهادت جو جام پيتو. سنڌ جي ايندڙ سمورن نسلن جو مٿس سلام رهندو.“

افتتاحي اجلاس ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر، حاجي عبدالخالق سومري هڪ ٺهراءَ پيش ڪيو ته ”روپاماڙي به ڀنڀور، ديبل ۽ منصوري وانگر سنڌ جو تهذيبي ورثو آهي. آثار قديمـﮧ کاتو ان جي کوٽائي ڪرائي، ته جيئن منجهانئس سنڌ جا زمين دوز دفينا کُلن.“ جناب غلام رباني آگري ۽ نفيس احمد شيخ انهيءَ ٺهراءَ جي تائيد ڪئي، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

روپاماڙيءَ جا آثار بدين کان ويهه ميل پري، سمنڊ جي ڪناري تي، ميلن جي ايراضيءَ ۾، اڄ به موجود آهن. اها سومرن جي حڪومت ۾ گاديءَ جو هنڌ هئي. سنڌ جي تاريخ جو اهو باب اڃا پوريءَ روشنيءَ ۾ ڪونه آيو آهي. انڪري ضروري آهي ته ان جي کوٽائي ڪئي وڃي. اسان وزير اعظم پاڪستان، ميان محمد نواز شريف صاحب ۽ سندس مشير ابلاغ ۽ ثقافت، جناب مشاهد حسين کي گذارش ڪنداسين ته هو سنڌ جي عوام جي انهيءَ مطالبي تي همدرديءَ سان غور ڪن، ته جيئن ملڪ جي قومي تهذيبي ورثي جو هڪ اهم باب ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي.

 

نئين انتظاميه ۽ مهراڻ

 

سنڌي ادبي بورڊ جي خوشنصيبي آهي، جو ڊسمبر 1996ع ۾ جناب محمد ابراهيم جويو چيئرمن ۽ جنوري 1997ع ۾ جناب غلام رباني آگرو اعزازي سيڪريٽريءَ جي عهدن تي مقرر ٿيا. سنڌ جي ادبي حلقن کي انهن مقررين تي خوشي ٿي، ۽ سنڌي پريس، دل کي ڇهندڙ لفظن ۾، انهن مقررين جو خير مقدم ڪيو آهي، جنهن جي مفصل رپورٽ رسالي جي صفحي 225 تي ڏنل آهي.

مون کي ذاتي طرح انڪري به خوشي ٿي آهي، جو ٻيئي ماهر ۽ مهربان، منهنجا ادبي استاد آهن. مون ٻٽيهه ورهيه اڳ، سندن ئي رهبريءَ ۾ مهراڻ ۾ پنهنجي خدمتن جي شروعات ڪئي هئي. ورهين جا ورهيه، سندن جوت ۽ جلا مان حاصلات جا موقعا ملندا رهيم. سائين جويو صاحب رسالي مهراڻ جو بانيڪار آهي ۽ انهيءَ جي ابتدائي دور جون يادگار اشاعتون سندس ئي نيڪ نانءَ سان منسوب آهن. ان طرح، سائين رباني صاحب جي رهنمائيءَ ۾ پڻ مون کي سالن جا سال مهراڻ کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ خوب موقعا مليا.

هن موقعي تي، آءُ سنڌ جي سمورن ليکڪن ۽ مهراڻ جي مهربان سهڪاري ادبي حلقن کي استدعا ڪندس ته مهرباني ڪري پنهنجو علمي تعاون هميشـ وانگر جاري رکن ۽ پنهنجا ادبي جواهر پارا ۽ تخليقي شاهڪار مهراڻ کي موڪليندا رهن._      ن.ا.ش

مختلف دورن ۾ هيتري ترقيءَ جي باوجود به برطانوي دور ۾ سنڌي شعر کي هڪ عظيم نقصان سهڻو پيو. هن کان اڳ سنڌي شاعري خالص مقامي ماحول جو عڪس هوندي هئي. دوها. بيت ۽ ڪافيون_ جن ۾ ٻولي خالص، تشبيهون ۽ استعارا مقامي، جذبات ۽ تخيل گهريلو، توڙي تصورات جي حد تائين به وابستگي سنڌ سان هوندي هئي. ليڪن هن دور ۾ هي خوبيون بلڪل ختم ٿي ويون. بيدل ۽ بيڪس تائين ته اهائي پراڻي ريت قائم رهي، ليڪن مير حسن علي خان. مير عبدالحسين خان،سيد فاضل شاهه ۽ مرزا قليچ بيگ روايتي شاعريءَ کان منهن موڙي نئين راهه ڪڍي ۽ ايراني ماحول کي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيو. ڪانءَ، ڪٻر، ڪرڙ، ڪنڊي ۽ ڀٽن ڀاڻن جي بجاءِ گل ۽ بلبل توڙي سرو ۽ صنوبر کي اهميت ڏني وئي. جنهنڪري ٻولي خالص نه رهي. تصور ۽ خيال جي مطابقت ماحول موجب نه رهي. تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون وغيره اهڙي ملڪ مان آندا ويا، جيڪو سنڌي ماڻهن ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو ۽ انهن لاءِ هي صورت حال (شاعري) بلڪل کل جهڙي بنجي پيئي. سنڌي شاعريءَ جو نالو پنهنجي ماڻهن کان ٽٽي ويو ۽ شاعري صرف تعليم يافته ۽ شهري ماڻهن جي ذهني عياشي لاءِ مخصوص ٿي وئي. سنڌي ادب لاءِ اها اهڙي ڪاري ضرب هئي، جنهن جي اثر هيٺ، اهو اڄ تائين مئل حالت ۾ پيو آهي. سنڌيءَ جي غزليه شاعري اهڙي پئي معلوم ٿئي ڄڻ ڪو گار ڏئي رهيو آهي.“

_سيد حسام الدين راشدي

(سنڌي ادب،1951ع )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com