سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :13

جنهن زماني ۾ شاهه شجاع لاڙڪاڻي ۾ پهتو، اُنهن ڏينهن ۾ سيد اسماعيل شاهه اُتي جو مختيار ڪار هو. سيد اسماعيل شاهه پنهنجي پٽ سيد ڪاظم شاهه جي شهادت ڪري شاهه شجاع تي سخت ڪاوڙيل هو، تنهنڪري شاهه شجاع جو ڪو آڌرڀاءُ نه ڪيائين. کيس شاهه شجاع جي ماڻهن سمجهايو ته تنهنجي پٽ جي شهادت تي شاهه شجاع کي به ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، شاهه شجاع جو ڪو به قصورنه آهي، تقدير. الاهي ائين هئي. سيد اسماعيل شاهه ، جيڪو هڪ داناءُ شخص هو، اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو ۽ شاهه شجاع جي اچڻ جو اطلاح حيدرآباد جي ميرن کي ڏنائين. ميرن اطلاح پهچڻ تي شاهه اسماعيل ڏانهن خط لکيو ته شاهه شجاع جو شاندار استقبال ڪري ۽ مهمانداري جا خاص فرائض سرانجام ڏئي. شاهه شجاع کي حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏيئي پاڻ به اُن سان گڏ حيدرآباد تائين اچي.

انهي کان پوءِ شاهه شجاع حيدرآباد پهتو ته ميرن سندس سُٺي خاطر تواضع ڪئي. شاهه شجاع جي اميرن، حيدرآباد جي ميرن سان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ ميرن کي چيو ته هو شڪارپور۽ بکر جو قلعو شاهه شجاع جي  حوالي ڪن، جنهن ۾ ميرن جو به فائدو آهي. ميرن جواب ڏنو ته في الحال وقت جي تقاضا اِها آهي ته شاهه شجاع لڌيانه هليو وڃي. ڪجهه مهينن کان پوءِ اسان پاڻ ۾ ويهي سوچي سمجهي فيصلو ڪري اطلاح ڏينداسون. چند ڏينهن ترسڻ بعد سفر جو سانباهو ڪيو. ميرن شاهه شجاع کي راضي ڪري ڪجهه تحفا، خيما، هڪ هاٿي ۽ ڪجهه نقد روپيا ڏيئي چند اميرن سان گڏ روانو ڪيو. هُو جيسلمير کان ٿيندو سه 1250هه ۾ لڌيانه پهتو.

ٻن ٽن سالن کان پوءِ شاهه شجاع پنهنجي وڪيلن هٿان هڪ خط لکي حيدرآباد جي ميرن ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن ۾ ميرن کي لکيائين ته ”اوهان وعدو ڪيو هو ته پاڻ ۾ مشورو ڪري چند مهينن ۾ کيس گهرائي وٺندا، ليڪن انهن کي ٽي سال گذري ويا آهن ۽ اوهان ماڻهن جو اڃان تائين صلاح مشورو مڪمل نه ٿيو آهي. اهو عجيب مشورو آهي، جو گهڻي مدت گذري وڃڻ جي باوجود به ڪو نتيجو نٿو نڪري ۽ اسان جو مقصد هر طرح اوهان جو فلاح ۽ بهبود آهي. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ٽڪر ٽڪر نه ٿئي، ليڪن اوهان کي دوست ۽ دشمن جي تميز نه آهي. غفلت جي ننڊ ۾ سُتل آهيو. جڏهن اوهان جي سر هيٺيان  سراڻو نڪري ويندو، تڏهن اوهان جي اک کُلي ويندي ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندؤ ته اوهان جي سر هيٺان سراڻو ڪنهن ڪڍي ورتو آهي. اسان جو اوهان جي پاڙي ۾ رهڻ آرام ده سراڻي جي مثال وانگر آهي. اوهان پنهنجي دشمن کان چاهي اُهي ڪير به هجن، آرام ۽ امن سان رهي سگهندا ۽ اسان جي هوندي سنڌ ڏانهن ڪوبه اک کڻي نهاري نه سگهندو ۽ سنڌ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي. اسان اوهان کان قلعي بکر ۽ شڪارپور جي گُهر ڪئي آهي. بکر جو قلعو زرخيز نه آهي، اسان صرف پنهنجي حرمن جي رهائش لاءِ اُن جي گهر ڪئي آهي ۽ شڪارپور جي گُهر انهي لاءِ ڪئي آهي ته جيئن رهڻ دوران اسان جو خرچ پکو هلي سگهي. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهي معاملي جي اهميت اوهان ڇو نٿا سمجهو. بهرحال اوهان ڄاڻو، ليڪن هي خوب ياد رکو ته ڪجهه ڏينهن تائين اگر اوهان اسان جا اهي مطالبا نه مڃيا ته شرمندگي کان افسوس جا هٿ مهٽيندوُ.“

ليڪن حيدرآباد جي ميرن انهي جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. خط ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون لکي، وڪيلن سان ٿڌيون مٺيون ڳالهيون ڪري کين رخصت ڪري ڇڏيو.

شاهه شجاع در در جا ڌڪا کائي آخرڪار انگريزن جي مدد سان 1256هه/1840ع ۾ ٻيهر ڪابل جي تخت تي ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ 1258هه/ 1842ع ۾ قتل ٿي ويو. (37)

حوالا

 (1) سه ماهي مهراڻ، 1/1968ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. صفحو 188.

(2) رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، ڇاپو ٻيو 1985ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 364، 365، 368، 369، 384، 385، 402، 403، 410، 411- 416 ۽ 418 ۽ مولانا اعجاز الحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيون (اردو) ڇاپو ٻيون. 1980ع مرڪزي اردو بورڊ لاهور، صفحو  ،139،138،134،109،91،55،51،44،29،26۽208.

(3) غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ“ جلد ڇهون، ڪلهوڙا دوُر ڀاڱو پهريون (سنڌي ترجمو) مترجم شمشيرالحيدري ۽ يار محمد پنهور، ڇاپو پهرين 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. صفحو455،449،443،440،419،

395،394،379،374،365،284،279،258،195،192۽464؛ ”جنت السنڌ“ صفحو466،461۽523_528۽”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيون (اردو) صفحو،441،435،430،427،418،408۽442.

(4) سه ماهي مهراڻ 1/ 1968، صفحو188۽ 190_195.

(5) رحميداد خان مولائي شيدائي، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ ڇاپو پهريون 1983ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو، صفحو،33،32،27،25۽ 38_42؛ ”جنت السنڌ“، صفحو590.588،587،558،556_592۽617_618. مرزا قليچ بيگ، ”رياست خيرپور“، ڇاپو پهريون 1924ع، خيرپور، صفحو38،37۽57؛ تاريخ سنڌ جلد ٻيون (اردو) صفحو537_539، 600،599 ۽ 612_614. مهر ڪاڇيلوي، رياست ”خيرپور ڪي ثالپور حڪمران“، ڇاپو پهريون 1996، خيرپور صفحو9۽10.

(6) مولانا دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير“ سنڌ جلد ٻيون، ڇاپو پهريون 1985ع، سنڌي ادبي بورد ڄام شورو، صفحو176؛ عابد لغاري، ”سنڌ جو عظيم انسان سردار نواب ولي محمد خان“، ڇاپو پهريون 1991ع ، رهبر يونائيٽيڊ پبليڪيشن حيدرآباد، صفحو 48۽ سه ماهي مهراڻ 2/1996ع، صفحو 49.

(7) ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“، ڇاپو پهريون 1994ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو. صفحو 378.

(8) غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ“ جلد ڇهون ڪلهوڙا دؤر ڀاڱو ٻيون (سنڌي ترجمو) مترجم شمشير الحيدري ۽ يار محمد پنهور، ڇاپو پهريون 1964ع. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد صفحو 802 ۽ مرزا قليچ بيگ، تاريخ سنڌ (انگريزي) صفحو 209.

(9) ڪئپٽن ايف جي گولڊ سمٿ، ”هسٽاريڪل ميمائرس آف شڪارپور“ صفحو 56بحوالا، سه ماهي مهراڻ 1/1968ع، صفحو 196. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، (مرتب) ”شڪارپور ماضي حال“ ، ڇاپو پهريون 1984ع، شڪارپور. صفحو 46.

(10) مير حسن علي خان ثالپر، ”سنڌ جو شاهنامو“ ڇاپو ٻيون 1952ع، مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، صفحو85 ۽ 86 ۽ سه ماهي مهراڻ 1/1968ع، صفحو 196.

(11)”سنڌ جو عظيم انسان سردار. ولي محمد خان“، صفحو 48۽ 203_204.(نوٽ:_ عابد لغاري، هن واقعي جو سنه 1225هه/1810ع غلط لکيو آهي._)

(12) ”جنت السنڌ“، صفحو 681،636،635۽ 682. ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ صفحو54۽055رياست خيرپور، صفحو 39۽40.

(13) ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ”وکريل موتي“ (مرتب، مقصود گل) ڇاپو پهريون 1983ع، رتو ديرو. صفحو 74۽75۽”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 56۽57.

(14) سه ماهي مهرڻ2_3/1964ع، صفحه 203 ۽ 204 ۽ سه ماهي مهراڻ 2/1968، صفحو 128۽129.

(15) ”جنت السنڌ“ صفحو 682.(نوٽ:_رحيمداد خان انهي واقعي جو سال پنهنجي ڪتاب ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ ۾ صفحي 55جي حاشيه تي ”جنگ افغانستان جلد پهريون (از مسٽر وليم ڪائي) جي حوالي سان 1818ع لکيو آهي ۽ ٻئي هنڌ وري ”جنت السنڌ“ ڪي صفحي 681 تي سنه 1834ع لکيو آهي، جيڪو غلط آهي.)

(16) جنت السنڌ، صفحو 650_652؛ ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، صفحو61 ۽ 62؛ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو (مرتب)”شڪارپور صدين کان“. ڇاپو پهريون 1988ع، شڪاپور، صفحو 76،65،41،40۽77۽ خليل مورياڻي (مرتب) ”شڪارپور سُونهن جو شهر“، ڇاپو پهريون 1996ع شڪارپور، صفحو 84۽ 86.

(17) سنه ماهي مهراڻ 4/1991ع، صفحو 143. ”وکريل موتي“، صفحو 74.”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 56.

(18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) ”خليفي صاحب جو رسالو“، ڇاپوپهريو 1966ع . سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد صفحو 278۽ 279.

(19) ”خليفي صاحب جو رسالو“، صفحو 279 ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) لوڪ ادب سلسلو ”جنگناما“ ڇاپو پهريون 1984ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. صفحو 229.

(20) ”وکريل موتي“، صفحو 76۽ 77. ”شڪارپور ماضي حال“ صفحو 46_48.تاريخ سنڌ جلد ٻيون (اردو) صفحو 659۽660 (بحوالا تاريخ تازه نواءِ معارڪ)

(21) خدا داد خان، ”لب تاريخ سنڌ“ (فارسي) ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو پهريون 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 148.

(نوٽ:- فارسي عبارت جو ترجمو هن ريت آهي. ”سندس (مير مراد علي خان ) جي پونئين سال ۾ شجاع الملڪ، شڪارپور ۽ اُن جي اوسي پاسي واري علائقي تي اچي قبضو ڪيو، جنهن ڪري مير صاحبن ۽ شجاع الملڪ جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جا ڪي نامور سردار شهيد ٿي ويا. اها جنگ پراڻي سکر جي ٻاهران کرڙي جي ميدان ۾ لڳي هئي، انهي ڪري کرڙي جي جنگ نالي سان مشهور آهي. کرڙي سکر شهر جي حدن اندر هڪ جڳهه جو نالو آهي، جا درياءَ جي هن ڀر آهي.“ جنگ جو نتيجو شاهه شجاع الملڪ جي حق ۾ نڪتو، ”لب تاريخ سنڌ“ (سنڌي ترجمو) مترجم حافظ خير محمد اوحدي ڇاپو پهريون 1989ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، صفحو 174.)

(22)”رياست خيرپور“، صفحو، 44،43۽58_59.

(23) سه ماهي مهراڻ 2/968 ، صفحو، 128 ۽ 129۽ سه ماهي مهراڻ 4/1991، صفحو 138_143.

(24) ”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 46_48.

(25) سه ماهي مهراڻ 2/ 1968ع، صفحو. 13 ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“ ڇاپو پهريون 1994ع، مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 255. ”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 47، دادا سنڌي،

”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ ڇاپو پهريون 1983ع ميرپور ماٿيلو، صفحو 179.

(26) ”وکريل موتي“ صفحو 76. ”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 58.

(27)”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“ صفحو 71۽72.رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”تاريخ سکر“ ڇاپو پهريون 1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 216. ”شڪارپور صدين کان“ صفحو 66.

(28) ”لب تاريخ سنڌ“ (فارسي) صفحو 148. ”لب تاريخ سنڌ“ (سنڌي ترجمو) صفحو 174، ”رياست خيرپور“ صفحو 44. ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“ صفحو 255. “خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ صفحو 115۽116. ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ، صفحو 70.”جنت السنڌ، صفحو 675. آخوند محمد عالم خيرپوري، ”مثنوي شاهنامه تالپوران“ (فارسي_قلمي) صفحو 24. عبدالقدوس هاشمي، تقويم تاريخي، ڇاپو ٻيون 1987، اداره تحقيقات اسلام آباد، صفحو 313.

(29) ”خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ صفحو115۽116.

(30) ”خليفي صاحب جو رسالو“، صفحو 274_279. لوڪ ادب سلسلو، ”جنگناما“ صفحو 226_236”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“ صفحو 254_258. ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ صفحو، 161_190.

(31) ”خليفي صاحب جو رسالو، صفحو 275 لوڪ ادب سلسلو، ”جنگناما“ ، صفحو 266. سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق، صفحو 254.

(32)مُنشي عطا محمد، ”تاريخ تازه نوءِ معارڪ“ (فارسي) ايڊٽ عبدالحي حبيبي افغاني، ڇاپو پهريون 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، صفحو300_311. ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيون (اردو) صفحو، 656_671. ”شڪارپور صدين کان“، صفحو 41 ۽ 42.

(33) وکريل موتي، صفحو77.”شڪارپور ماضي حال“، صفحو 58۽59. سه ماهي مهراڻ 4/1991ع، صفحو 147. ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ (فارسي) مختلف صفحا. تاريخ سنڌ جلد ٻيون (اردو) مختلف صفحا. خليفي صاحب جو رسالو ، صفحو 278. ”مثنوي شاهنامه تالپوران“ (فارسي_ قلمي) صفحو 12_18.

(34) ”خيلفي صاحب جو رسالو“ ، صفحو 277۽ 278. لوڪ ادب سلسلو، ”جنگناما“ صفحو229.

(35) ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“ صفحو 257.

(36)”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيون (اردو ) صفحو 661.

(37) ”تازه نواءِ معارڪ“، صفحو 345_534،533.358۽935_937. تاريخ سنڌ جلد ٻيون(اردو) صفحه 671_675.جنت السنڌ، صفحو 712.

 

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

 

مرزا قليچ بيگ_ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سدا روشن سج

 

سنڌ جي سرزمين کي هميشه کان ئي اهو شرف حاصل رهيو آهي ته هتي اچي وسندڙ هرنئون ماڻهو، نئون خاندان، گروهه، ڪٽنب، قبيلو، يا قوم، پوءِ اُن جو اصل نسل ڪهڙو به هجي، پنهنجون سموريون عادتون، اٿڻيون ويهڻيون، رهڻيون ڪهڻيون، نفسياتي ڪيفيتون توڙي سماجي رويا بدلائي ، هتان جي اصل رهواسين جون رسمون رواج، محاورا، لهجا، ٻوليون ۽ رويا اختيار ڪيا آهن، يا وري هن سرزمين کي هميشه لاءِ خيرباد چيو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هتي جيڪي ٻين قومن ۽ نسلن جا ماڻهو مختلف حوالن سان اچي آباد ٿيا آهن، انهن تي سنڌ جي ان فطري ماحول جو اڃا اثر ڪونه ٿيو آهي جو ڪا آخري راءِ قائم ڪري سگهجي. پر جيئن ته اڃا پنجاهه سالن جو عرصو مس گذريو آهي، جيڪو قومن ۽ گروهن جي نفسيات ۽ روين کي تبديل ڪرڻ/ٿيڻ لاءِ تمام گهٽ آهي، تنهن ڪري ايندڙ وقت ئي اصل حقيقت تائين رسائي ڏيندو ته پاڪستان  کان پوءِ واري لڏپلاڻ سنڌي سماج ۾ ڪهڙي طريقي سان ڳڻي ويندي. موجوده حالتون ان فطري اصول جي برخلاف شاهدي ڏين ٿيون، پر اهو اڃا به بحث جوڳو ۽ تحقيق طلب موضوع آهي.

بهرحال مختلف نسلن، گروهن ۽ قومن جي ماڻهن جو ننڍن توڙي وڏن گروهن توڙي اڪيلي حيثيت ۾ اچي آباد ٿيڻ، هن علائقي جي ماڻهن توڙي تهذيب ۽ ثقافت تي سٺا اثر ڇڏي، کين ڪيترن ئي حوالن سان مالا مال ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن علائقي جي تهذب ۽ ثقافت اڄ تائين مقامي ۽ ڌارين ماڻهن ۽ قومن لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي پنهنجي شاهوڪار ۽ شاندار حيثيت برقرار رکندي آئي آهي.

سنڌ جي هن وسيع و عريض ۾ ٻين ملڪن مان ايندڙ مفڪرن، محققن، پيرن، فقيرن، اوليائن، فيلسوفن، اديبن، استادن، تاريخ دانن ۽ تنقيد نگار ڏانهن مان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو عالم، مفڪر، ڏاهو، استاد اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن عالم سنڌي ادب کي اهڙي اوج تي پهچايو جو اڄ تائين ٻيو ڪوبه اديب ۽ عالم سنڌي ادب کي ايڏي وڏي پيماني تي مالا مال ڪري نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي عرش تي سدا روشن سج وانگر، پنهنجي پوري آب تاب سان چمڪي سنڌي سماج جي ڪائنات کي روشن ڪري رهيو آهي. ۽ منهنجو ويساهه آهي ته جيسين سنڌي ادب جو وجود قائم ۽ دائم آهي، تيسين سندس نالو ائين چمڪندو رهندو ۽ ان مان ڪيترائي روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي هن جڳ کي منور ڪندا رهندا.

مرزا قليچ بيگ لاءِ ائين چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته پاڻ سنڌ ۾ اهڙي دور ۾ پيدا ٿيو، جڏهن سنڌي ادب جي ڦرهيءَ تي لکيل ڪجهه ڪتاب ته ضرور نظر پئي آيا، پراهي يا ته مذهبي، نصابي يا وري رڳو قصن ڪهاڻين ۽ شعري مجموعي تي ٻڌل هئا. مرزا صاحب موجود سنڌي ادب جي مڪمل مطالعي کان پوءِ اهو سوچي قلم کنيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ادب کي هر موضوع مسئلي ۽ علم تي ڪتاب لکي مالا مال ڪرڻو آهي، ۽ هن مرد مجاهد ائين ڪري ڏيکاريو. ترجمن کان علاوه مختلف موضوعن تي بهترين تحقيقي ۽ تنقيدي اصلي يعني طبعزاد ڪتاب لکيا. مرزا صاحب ٻارن جي پالنا، عورتن جي تعليم، سنڌي خاندانن ۾ اجاين رسمن، وهمن ۽ مفروضن جي خلاف لکڻ کان سواءِ، صحت، صفائي، سائنس، علم حيوانات، نباتات، باغباني، اقتصاد يات، سياست، سماحيات، لسانيات، سوانح عمري، تاريخ، تنقيد، تحقيق، فلسفي، مذهب، شريعت، طريقت، شاعري ۽ صوفياڻي مسئلن تي هڪ اندازي مطابق چار سوُ کان وڌيڪ ڪتاب (نثر/نظم) لکيا. هي مرد مجاهد عمر جي آخري حصي تائين لاڳيتو ۽ ساڳي رفتار سان لکندو رهيو.

مرزا صاحب شاعريءَ ۾ نوان موڙ ۽ نوان موضوع پيش ڪيا ۽ ان زماني جي روايتي شاعريءَ ۾ جديد قسم تبديلي آندي. روز مره جا عام مسئلا پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايا، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سندس درجو هميشه نيارو ۽ بلند رهندو. مرزا صاحب کي سنڌي نثر جو شهنشاهه ۽ ابو چئجي ته بيجا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هن هڪ محنتي ۽ جفاڪش مالهيءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ جي باغ ۾ هر قسم جا گل ۽ ٻوٽا پوکي خوشبو پکيڙي ۽ سونهن وڌائي. هن سڄي عمر ادبي ۽ علمي ڪشالا ڪڍي، هڙئون وڙئون ڏئي، الائي ڪٿان ڪٿان جواهر پارا هٿ ڪري، قديم توڙي جديد علمن بابت ڪتاب ڳولي، انهن کي سنڌيءَ ۾ آڻي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو. عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي، مرهٽي، مارواڙي، گجراتي، فرانسيسي، بنگالي، انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جا علمي ۽ ادبي شاهڪار ايڏي وڏي تعداد ۾ سنڌي ۾ پيش ڪرڻ جهڙو نيڪ ۽ مبارڪ ڪم مرزا صاحب جي سر تي آهي.

”ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُئي نه ٻڌي.“

    (شاهه لطيف رح)

ذاتي طرح مرزا صاحب نهايت نيڪ، سٻاجهو ۽ دلبر ماڻهو هو. سون جهڙو سچو ۽ ماکيءَ جهڙو مٺو. سڀاءَ ۽ عمل ۽ حقيقت پسند، سڌو سنئون ۽ کرو. ايڏي وڏي مان ۽ مرتبي جي مالڪ هوندي به تر جيتري وڏائي هن ۾ ڪانه هئي. ايتريقدر جو اڄ ڪلهه جي سماج ۾ جڏهن گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجي نماءَ ۽ اجائي ڏيک خاطر پاڻ کي تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪري رهيا آهن، جيترو ڊزرو(Deserve) نٿا ڪن، ان کان وڌيڪ ڊازئر (Desire) ٿا ڪن؛ ڦوٽي مان فدا حسين بڻجي پاڻ کي اصل ڀلي پار يعني عربستان کان آيل سيد، قريشي، قاضي ۽ صديقي ثابت ڪري ۽ چوائي رهيا آهن؛ وقتي قائدن حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ حڪمرانن ۽ اقتداري ڌرين سان خانداني وابستگيون ڏيکاري رهيا آهن، پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪمائي ۽ ڪم ڏيکاري معتبري ماڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿيا آهن. اتي مرزا صاحب جو  پنهنجي لاءِ اهو لکڻ ته ”منهنجو پيءُ سنڌ ۾ غلام بڻجي آيو، کيس پنهنجي پيءُ جي نالي جي خبر ڪانه هئي.“ يا وري ٻئي هنڌ سندس لکڻ ته ”امان ڪپڙا سبي گذران ڪندي هئي ۽ اسين فاقا ڪڍي پڙهندا هئاسين. اسڪول ويندا هئا سين ته اوڍڻ لاءِ سڀني ڀائرن کي قميصون به ڪونه هونديون هيون، امان ڀيڻن جا چولا ڍڪائي، مٿان ڪوٽ پارائي اسڪول موڪليندي هئي.“ سندس وڏائي جو دليل آهن.

پٽ آءُ پنهنجي جند جو آهيان، ۽ نسب منهنجو ادب،

پوءِ عجم مان مرهجان آءُ يا هجان آءُ خود عربُ،

مرد سو آهي، چوري جو جهڙو ههڙو آهيان آءُ،

مرد سوناهي، چوي جو ههڙو منهنجو اَب.

    (قليچ)

ٻوليءَ جي لکيل توڙي ڳالهايل هر لفظ جي هڪ معنيٰ ۽ پس منظر هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون ۽ وڌيڪ پس منظر هوندا آهن، ان جو مدار ليکڪ جي ان لفظ جي استعمال ۽ ورتاءُ کان علاوه جملي يا سموري مواد ۾ ان لفظ سان ورتاءُ (Treatment) تي آهي. موجوده تڪڙي تبديل ٿيندڙ ۽ جلد اثر قبول ڪندڙ سماج ۽ ليکڪن،اديبن ۽ عالمن طرفان لفظن جي استعمال ۽ ورتاءُ جي گهري مطالعي کان پوءِ هڪ سماجي سائنسدان يا سماجياتي لسانيات تي ڪم ڪندڙ جي حيثيت ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان جا ڪيترا عالم ۽ اديب پنهنجي ڳالهائڻ توڙي لکڻ دوران استعمال ڪيل لفظن سان سچا ڪو نه رهيا آهن، يا وري انهن جي اصل استعمال کان غير واقف آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ ان ۾ اظهار ڪيل ويچارن توڙي جذبن جو تقدس پامال ٿي رهيو آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال هتي پيش ڪري سگهجن ٿا ته انساني سماج ۾ رشتن جي حوالي سان اسان جن کي نياڻي، پٽ ، ڀاءُ، عالم، ذهين، محنتي ۽ سچي ۽ کري ماڻهوءَ جي لقب سان نوازيون ٿا، وقت اچڻ تي پنهنجي ننڍڙن ذاتي مفادن جي ڪري قومي ۽ گڏيل مفادن کي پاسيرو ڪري انهن کي لويون ۽ ننديون ٿا. اهڙيءَ طرح اسان ٻوليءَ جي استعمال ڪيل لفظن جي سمجهه ۽ تقدس کي پامال ڪيو ن ٿا.

مرزا قليچ بيگ جي علمي ڪم جي مطالعي مان (جيڪو به هن وقت تائين مون ڪيو آهي) ڄاڻ ملي ٿي ته لکيل لفظ جي اهميت کان هُو پوريءَ طرح واقف هو ۽ هر سطح تي لفظ جي معنيٰ سان ٻڌل ۽ تقدس جو احترام ڪندڙ هو. هو لکيل ڪم کي ئي ماڻهوءَ جو پنهنجي پوين ۽ قوم جي لاءِ ڇڏيل ورثو سمجهندو هو. هن جو عمل هن سٽ جي روشنيءَ ۾ ترتيب ڏنل نظر ٿو اچي ته ’دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس‘. اهو واس اهو لکيل ڪم ئي آهي، جيڪو زنده قومون صديون سانڊي، ان مان استفادو حاصل ڪري، پنهنجو مستقبل ترتيب ڏينديون آهن. باقي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌجي ته سگهجن ٿا پر انهن جي عمر گهڻي ڪانه ٿي ٿئي، ۽ رڳو هڪ نسل جي ويڇي سان ئي پنهنجي صورت بدلائي ٿا وڃن.

مرزا صاحب جو مسلسل ۽ هر انساني مسئلي ۽ سماجي مامري تي ذميداري سان لکڻين ۾ پنهنجي ويچارن جو اظهار ڪرڻ اسان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته لکيل لفظ ۽ ڳالهه جي اهميت کي ڪيتريقدر اهميت ڏيندو هو. هو پنهنجي لکڻي توڙي ترجمن ذريعي عوام کي ڄاڻ ڏئي، سماج ۾ مثبت تبديليءَ جي ڪوشش ڪندو ۽ پاڻ پتوڙيندو رهيو. پوءِ اهو شعر ذريعي هجي، ناول ذريعي، ڪنهن شاهڪار جي ترجمي يا پنهنجي سوانح حيات ذريعي هجي.

مرزا صاحب گهڻ پا سائين ڄاڻ رکندڙ هو ۽ ان گهڻ پاسائين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ٻولين، مذهبن ۽ سماجن جو مطالعو ڪندو رهيو. جيئن مون اڳ به پنهنجي هڪ مقالي ۾ چيو آهي ته هڪ ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ ڪائنات سان روشناس ڪري ٿي. ان ڪائنات ۾ ثقافت، سماجي رويا، نفسياتي ڪيفيتن کان علاوه ڪيترن سياسي ۽ سماجي ۽ اقتصادي مامرن سان شناسائي ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح جيتريون وڌيڪ ٻوليون سمجهيون ۽ ڳالهايون وينديون. اوترائي انساني سماج جا وڌيڪ دروازا ان ماڻهوءَ لاءِ کلن ٿا. مرزا صاحب دنيا جي انهن چند خوشنصيب ماڻهن مان هو جن جي اڳيان ڪيترن سماجن جا  علمي، ادبي ۽ نفسياتي سمجهه جا دروازا پاڻهي کلي ويندا آهن.

گهڻين ٻولين ۽ مختلف سماجي علمن بابت ڄاڻ جي اهميت ته هر دور ۾ رهي آهي پر مون تي ان جي اهميت تڏهن چٽي ۽ سگهاري ٿي اُڀري آئي جڏهن 1984ع ۾ مرزا قليچ بيگ تي ڪتاب لکڻ جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جي زندگي ۽ ڪتابن جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيم. ان اهميت کي وڌيڪ قوت تڏهن ملي جڏهن برطانيا ۾ ساڍا چار سال سماجي لسانيات تي ڪم ۽ پڙهائي دوران دنيا جي ڪيترن ماڻهن ۽ سماجن سان واسطو پيو.

منهنجو استاد پروفيسر پيٽرٽرڊگل ان وقت21کان وڌيڪ ٻوليون ڄاڻندو هو، جن مان ڪيترين ئي ٻولين تي سما جياتي تحقيق ذريعي انهن سماجن جو ڀرپور اڀياس ڪري وڏي عزت ماڻي چڪو هو، جو پنهنجي فيلڊ ۾ اڪيلو عالم آهي جيڪو British Royal Academy جو فيلو آهي ۽ پنهنجي ان اهليت جي بنياد تي دنيا جي ڪيترن ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ عرب دنيا جي سماجي لسانيات ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.

گهڻين ٻولين ۽ سماجن سان واقفيت ۽ ٻولين بابت علم حاصل ڪرڻ توڙي ٻوليءَ جي ڪري پيدا ٿيل مسئلن کي سموري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ وڏي اهميت آهي. ملڪي ترقيءَ کي ٻوليءَ بابت مسئلن سان لاڳاپي اهميت ڏئي رٿا بندي ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۽ ٻين ڪيترن ترقي پذير ملڪن ۽ ٻولين جي علم کي نه ڇهندڙ شيءَ ۽ وچندڙ بيماري يا وائرس سمجهي پاسو ڪيو ويندو آهي.

گهڻين ٻولين سکڻ جي اهميت جو اندازو منهنجي ڇهن سالن جي ڌيءُ سان برطانيا جي هڪ اسڪول ٽيچر جي رويي مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن استاد اسڪول جي ٻارن کي وڌيڪ سکڻ ۽ علم پرائڻ بابت اتساهه ڏياريندي هئي، تڏهن مثال هميشه منهنجي ڌيءَ جو ڏيندي هئي، ته هو اوهان جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذهين ۽ خوشنصيب پڻ آهي جو اوهان صرف هڪ ٻولي انگريزي ڄاڻو ٿا، جڏهن ته هوءَ سنڌي ۽ اردو اڳي ئي ڄاڻي ٿي ۽ هاڻي انگريزي به سکي رهي آهي.

گهڻين ٻولين سکڻ جي ڪري انسان جي ڏاهپ ۾ اضافو ۽ ڏانوَ کي وڌيڪ و سعت ۽ جلا ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو مرزا صاحب ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانو جي لحاظ کان تمام مٿانهين حيثيت حاصل ڪئي. اسان جي موجوده روين ۾ اهڙي  قسم جي عمل لاءِ ناڪاري رويا تيز ٿيندا پيا وڃن، جو اسان لاءِ عملي طور ڏاهپ نقصان نڪار ثابت ٿي آهي ۽ اسان ڪنهن به سطح تي نقصان کڻڻ لاءِ تيار ناهيون. رڳو فائدن جي پٺيان آهيون ۽ اخلاق ، اقدار، رواداري، محبت ۽ محنت کان پاسيرا ٿيندا پيا وڃون، ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏکن ڏسن.“ شاهه صاحب جي ان شعر کي ڪيترائي عالم يا شارح ناڪاري رويي طور اڀاري تشريح ڪندا رهيا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو گهڻي مطالعي ذريعي ڏاهپ حاصل ڪرڻ کي سماج ۾ نقصانڪار ڪري پيش ڪيو ويو آهي.جڏهن ته شاهه سائين ڏاهپ جي ڪري ڏک برداشت ڪرڻ انسان جو اعليٰ ظرف سڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي شعرن ۾ نقصان کڻڻ، ڏک سهڻ کي انساني عظمت سمجهيو اٿس ۽ چيو اٿس ته، ”وڃائي وجود کي پڇج پوءِ پريتڻو“ يعني اڳ ۾ پاڻ وسار، خودي کي ختم ڪر، تنهن کان پوءِ ئي منزل جي سڌ ڪر.

اڄ جي سنڌ سماج ۾ جيڪڏهن ڪوعالم ڪو علمي يا تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته ادارا ئي اصل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿا، ڪتابن ۽ ٻئي مواد جو وقت تي مهيا ڪري نه ڏيڻ ، جديد سهولتون رڳو ادارن جي واڳ ڌڻين يا اثر رکندڙ ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن. نتيجي طور رڳو ادارن تي قابض ماڻهو ئي عالم طور مڃتا ماڻي سگهيا آهن، جو انهن لاءِ ڪم به ملازمن ذريعي سؤلو ٿيو پوي ۽ سندن ڪم جي ڇپائيءَ ۾ به ڪا دير ڪانه ٿي ٿئي. ادارن تي قابض ماڻهن کي هميشه اهو خطرو رهيو آهي ته ڪنهن اهل ماڻهوءَ جو جديد سائنسي بنيادن تي ٿيل ڪم ظاهر نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو سندن قبضي واري حيثيت خطري ۾ پئجي ويندي آهي. سندن سمورو نوڪريءَ جو عرصو اهڙين سازشن ۾ مصروف گذرندو آهي ۽ تعلقات وڌائي نوڪريءَ کي برقرار رکڻ ۽ ٻين ڪم ڪندڙ ن لاءِ دروازا بند رکڻ ۾ گذرندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سرڪاري ادارا، اهم ۽ سماج توڙي علمي تحقيق ۾ تبديلي آڻيندڙ ڪتابن جي ڇپائيءَ جي همت افزائي ڪونه ٿا ڪن، پر خانه پُري ڪرڻ لاءِ مڙئي ڪتاب شايع ڪندا ٿا رهن. بغير ان پرواهه جي ته ان ڪتاب جي اهميت ڪيتري آهي۽ سماج ۾ ڪهڙي تبديليءَ جو ڪارڻ بڻبو.

مرزا قليچ بيگ سان ماڻهن جا رويا اهڙا ڪونه هئا، جهڙا اڄ جي ڪم ڪندڙن سان آهن، تنهنڪري هو پاڻ هڪ اداري جي حيثيت ۾ اڀريو ۽ وقت جي سرڪار جي سرپرستي ۽ ماڻهن جا رويا ساڻس مثبت رهيا. سهوليتون نه ڏيڻ، ساڙ ۽ حسد ڪري ڪيترا عالم تحقيق ۽ ترويج جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويا، نه ته انهن جو ابتدائي ڪم سنڌي علم ادب ۾ وڏي حيثيت رکندڙ هو. اهڙن عالمن سفارش، خوشامد ۽ جي حضوريءَ کي ڪم ڪرڻ جو معيار ڪونه بنايو، تنهنڪري اڌ رستي ۾ ئي رهجي ويا ۽ سنڌي علم ادب ڪيترن ممڪن شهپارن کان وانجهو رهجي ويو.

اڄ جي دنيا ۾ تحقيق جو معيار ٻيو آهي. تحقيق جون گهرجون ۽ تقاضائون رابطي جي سمورين سهوليتن جون متقاضي آهن. اڪيلو ماڻهو/ عالم انهن تائين رسائي ڪونه ٿو رکي. جيڪڏهن ادارن ۾ اهي سهوليتون آهن ته تمام ٿورن ۽ مخصوص ماڻهن کي ميسر آهن. انهن سهوليتن جي فراهمي نه هجڻ ڪري تحقيق جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪري رهيو آهي. عام ماڻهو تحقيق جي نون طريقن کان وانجهيل آهن. تنهنڪري سندن معيار به وڌي نه سگهيو آهي ۽ مختلف علمن ڏانهن سندن رويا ناڪاري ٿيندا ٿا وڃن. تاريخ جي حوالي سان ابن، ڏاڏن جي قصن ۽ حوالن ۾ وڌيڪ دلچسپي ٿا وٺن. ان جي مقابلي ۾ ماضيءَ جي واقعن/ ورثن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي گهرجن ۽ رٿابندي بابت ڪوبه ڌيان ڪونه ٿا ڏين. اهي ئي مک سبب آهن جو اسان جو علم ادب سماجي ترقيءَ ڏانهن لاڙي وارو رجحان پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.

مرزا صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ لسانيات ڪيل تي ڪم:

مرزا صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي ڪم به ٻين گهڻن موضوعن تي ڪم وانگر ابتدائي آهي. مرزا صاحب جا ان سلسلي ۾ اٺ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

1_ لغات لطيفي_1913ع؛2_سنڌي ويا ڪرڻ (4ڀاڱا)1920_1961_1992ع؛ 3_ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ 1900ع؛ 4_ سنڌي لغات قديمي؛ 5_ پهاڪن جي حڪمت 1925ع؛ 6_پارسي زبان جي تاريخ: 7-    Philo -

Persian Etymology-8; logical Curiosities

ٻوليءَ جي اصل نسل توڙي گرامر بابت سندس تشريحون ۽ نظريا گهڻو ڪري اڳ جي عالمن جي حمايت ۾ آهن ۽ ڪنهن خاص نظريي جي اُپٽار ڪانه ڪئي آهي. ارنيسٽ ٽرمپ، جارج گريئرسن ۽ ٻين ان وقت جي مغربي لسانياتي ماهرن جي ان تجزبي ۽ راءِ سان متفق ٿيو آهي ته سنڌ سنسڪرت جي پيداوار آهي. لسانيات جي ابتدائي تحقيقي مطالعن ۾ اها راءِ عام ملندي ته هن خطي ۾ ڳالهائيندڙ هر ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي. سنڌيءَ جا ابتدائي لسانياتي ماهر ان راءِ جي اثر هيٺ ئي ڪم ڪندا آيا آهن. جن ۾ مرزا صاحب کان علاوه ڪاڪو ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي به شامل آهن. مرزا صاحب ان اثر هيٺ آهي ته سنڌي آرين جي ٻوليءَ جي ڪٽنب مان آهي، جنهن کي هو قديم ۽ شريف ٻولي ڪري ڪوٺي ٿو.

ٻوليءَ بابت اهڙن راين جي اڄ جي جديد، ترقي يافته ۽ سائنسي تحقيق ۾ ڪوبه وزن ڪونه آهي ته ڪاٻولي شريف يا بدمعاش آهي يا وري ڪا علمي ۽ غير علمي، معياري ۽ غير معياري، سڌريل يا اڻ سڌريل آهي. ڇاڪاڻ ته اهي مڙئي خاصيتون ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ ته ٿي سگهن ٿيون، پر ٻوليءَ ۾ نه.

لغات لطيفي ترتيب ڏيڻ وقت مرزا صاحب ٻوليءَ جي تبديل ٿيڻ واري فطري خاصيت کان ڀليءَ ڀت واقف هو، جنهن احساس ئي کانئس اهو وڏو ڪم ڪرايو، جو شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪم آيل ڪيترا لفظ جيڪي متروڪ ٿي رهيا هئا يا استعمال نه ٿيڻ ڪري، پنهنجي معنيٰ وڃائي يا تبديل ڪري رهيا هئا، انهن جي هڪ جامع ڊڪشنري ترتيب ڏني ته جيئن لطيف کي پڙهندڙ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اهڙن لفظن جي ويجهي ۽ مناسب معنيٰ ميسر ٿي سگهي. هي انتهائي اهم ڪم آهي جنهن کي مرزا صاحب جي گهڻين ٻولين جي ڄاڻ واري اهليت وڌيڪ معتبر ۽ مستند بڻايو آهي. گهڻو پوءِ ان ساڳئي بنياد تي ڊاڪٽر گربخشاڻي به ڪم ڪيو، جنهن ۾ هن لفظن جي اصليت ۽ پُڻ بنياد جو ذڪر ڪيو آهي.

اهڙيءَ طرح مرزا صاحب لغت قديمي جي سري هيٺ متروڪ ۽ استعمال ۾ نه ايندڙ لفظن جي ڊڪشنري پڻ تيار ڪئي، جيڪا پڻ اڄ توڙي اڳتي جي سنڌي استعمال ڪندڙ عالمن، استادن توڙي شاگردن لاءِ وڏو علمي خزانو آهي. بشر طيڪ ان جي اهميت کي سمجهي ٻولي بابت سرڪاري ادارا الاڀ پرائي پنهنجي ماڻهن کي نئين تحقيق ۽ گهرجن مطابق استعمال ڪرڻ لاءِ مهيا ڪري سگهن يا اهڙي اهليت رکندا هجن.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ جو پهريون ڪم يا ڪريڊٽ به مرزا صاحب کي وڃي ٿو، جنهن ڪافي وضاحتي سمجهاڻين سان ان وقت موجود مواد ۽ معلومات جي روشنيءَ ۾ هيءَ تاريخ ترتيب ڏني آهي.

مرزاصاحب سنڌيءَ جي ٻين لسانياتي مسئلن کان علاوه سنڌي الفابيٽ ۽ صورتخطي تي به پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته سندس اهي ويچار ٻين عالمن جي ويچارن کان مختلف هجن، پر ڇاڪاڻ ته تحقيق ۾ ڪابه راءِ آخري نه هوندي آهي، ۽ هر راءِ جي پنهنجي اهميت هوندي آهي. تنهنڪري ڏٺو رڳو اهو ويندو آهي ۽ اهميت به ان ڳالهه جي هو ندي آهي ته راءِ قائم ڪارن اڳ محقق يا نقاد ڪهڙا دليل ڏنا آهن ۽ ڪيترو مستند مواد مطالعي هيٺ آندو آهي ۽ تحقيق جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو آهي.

مرزا صاحب سنڌي الفابيٽ بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”(سنڌي الف ب، عربي ٻوليءَ جي الف ب تان ٺهيل آهي. جيڪي اکر يا آواز عربي ۽ فارسيءَ ۾ نه هئا، سي نقطن وڌائڻ سان يا هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٺاهيا ويا آهن. اهي ڪنهن اصول تي ٺهرايا نه ويا آهن، رڳو ڌڪي تي وقت ٽپائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.“ اهڙي سنڌي الفابيٽ جي ترتيب کي ناقص سڏيندي، سنسڪرت يا سنسڪرت مان نڪتل ٻين ٻولين بابت لکي ٿو ته اهي وري به ڪنهن قانون تحت مرتب ڪيل آهن.

اردو، جنهن جي الفابيٽ سنڌيءَ بابت ويٺل ڪميٽيءَ کان اڳ فورٽ وليم ڪاليج جي ڪجهه پروفيسرن اڳي ئي ٺاهي ڇڏي هئي، تنهن جو ذڪر ڪندي، مرزا صاحب لکي ٿو ته:” اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانگي اصل هندي هئي ۽ سنسڪرت جي ڌيءَ هئي ۽ پراڪرت مان نڪتل هئي، تنهن ۾ به عربي صورتخطي ڪم آيل آهي، مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي. جن اکرن ۾ ’هي‘ جو آواز لڪل آهي، تن جي پٺيان ’هه‘ جو اکر لکندا آهن، ۽ جنهن ۾ نون جو آواز لڪل آهي، تنهن جي اڳيان ’ن‘ لکندا آهن، پر سنڌي الف ب ۾ ڪن اکرن ۾ ’هه‘ وڌي اٿن، ڪن ۾ نه، ’ن‘ ڪنهن ۾ ڪم آيل نه آهي، تنهنڪري چئبو ته ٺهرايل الف به عيبدار آهي، مثلاً سنڌي اکرن مان هيٺان ’هي‘ سان گڏيل آهن، جي لکڻ به ’هي‘ سان گهرجن، يا ته وري هر هڪ لاءِ ڌار صورت ٺهرائڻ کپندي هئي.“ اهڙيءَ طرح ’ڃ‘ ۽ ’ڱ‘ لاءِ ’نج‘ ۽ ’نگ‘ استعمال ڪري لکڻ لاءِ سفارش ٿو ڪري، ساڳئي نموني ’ڳ‘ ’ڄ‘ ’ڏ ۽ ٻ‘ جي آواز کي ٻٽا گ + گ‘ ، ’ج+ج‘، ’د+د‘، ۽ ’ب +ب‘ ڪري لکڻ مناسب ٿو سمجهي.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته سنڌيءَ جي معياري الفابيٽ مقرر ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ جيڪا اردوءَ جي الفابيٽ ٺهي هئي، مرزا صاحب ان جي اثر هيٺ مٿيان رايا قائم ڪيا آهن. جڏهن ته رد ڪرڻ جو ڪوبه علمي سبب ڪونه ڏنو اٿس. ساڳي طرح ان ئي دور ۾ جارج گريئرسن پنهنجي يادگار ۽ اهم ڪم، ”هندستان جو لسانياتي جائزو“ نالي ڪتاب ۾ سنڌي بابت200کان وڌيڪ صفحا لکي سنڌي آوازن مطابق جيڪا راءِ قائم ڪري سنڌي چُوسڻن آوازن کي (lmplosive)ٻٽا آواز ڪري لکيو آهي، مرزا صاحب به ان راءِ جي حمايت ڪندي ورجاءُ ڪيو آهي. بهرحال مرزا صاحب جي مٿين لسانياتي راين بابت اسان جو موقف ساڳيو نه آهي، پر جيئن ته هتي اهو بحث اجايو ٿيندو ان ڪري ان کي الڳ وقت تي خاص سنڌي آوازن جي اڀياس وقت بحث هيٺ آندو ويندو.

مرزا صاحب جو سنڌي گرامر تي ڪم سنڌي صورتخطي توڙي صوتيات جي حوالي سان نهايت اهم آهي ۽ سنڌي لسانيات ۾ خاص جاءِ والاري ٿو، جنهن جو مقصد سنڌي سکندڙن جي مدد ڪرڻ کان علاوه سنڌي علم ادب جي خزاني ۾ وڌارو آڻڻ آهي، جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو.

(پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس پاران مرزا قليچ بيگ جي خدمتن تي متعقد ڪيل سيمينار ڪراچي آڪٽوبر 1996ع ۾ پڙهيل مقالو).

   

مددي ڪتاب ۽ مقالا

 

(1) اصلاحي شرف الدين (1970ع) ”سندهي اردو کي لساني روابط“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.

(2) ٻگهيو قاسم (1984ع)، ”مرزا قليچ بيگ“ (مختصر سوانح حيات)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ.

(3) مرزا قليچ بيگ (1920ع1961ع1992ع)، ”سنڌي ويا ڪرڻ“، (چار ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

(4) “ “ “(1900ع)”سنڌي ٻوليءَ جا تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.

(5) گريئرسن، جارج (1919ع،1968ع)، ”هندوستان جو لسانياتي جائزو“ ، واليوم اٺون، ڀاڱو ٻيو، ”سنڌي ۽ لهانڊا“ موتي لالبنسريداس دهلي، انڊيا.

(6) ٽرمپ، ارنيسٽ (1870ع 1970ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“، ليبزگ، جرمني.

(7) ٽرڊ گل، پيٽر(1974ع)، ”سماجي لسانيات جو تعارف“ ،پئنگن.

(8) ٻگهيو قاسم (1996ع)، ”لسانيات کان سماجي لسانيات تائين“، ”ڪينجهر“ (6) سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي.

(9) ڪرسٽل، ڊيوڊ (1989ع) ”دي ڪيمبرج انسائيڪلوپيڊيا آف لينگويج“، گلڊ پبلشنگ، لنڊن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com