سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :16

پھريون غزل ڏسو:

سونھن، جا اجرن پکين ۾ ٿي رھي،

شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رھي.

تنھنجي گذرڻ بعد ڀي ڪيئي پھر،

تنھنجي خوشبو ڄڻ گهٽين ۾ ٿي رھي.

ناھي شاور ۾ اھا منھنجا پرين!

ڳالھه جا مينھن جي ڪڻين ۾ ٿي رھي.

الوداع توکي چوڻ کانپوءِ سدا،

مند سانوڻ جي اکين ۾ ٿي رھي.

جيڪا ھاريءَ جي ھٿن مان ٿي ڦٽي،

روشني سائي ٻنين ۾ ٿي رھي.

ھر نظر اخبار واري ٻار جي،

چونڪ جي ڳاڙھين بتين ۾ ٿي رھي.

ڇا سيارو، ڇا بھار، بس فقط،

درد جي موسم جھڳين ۾ ٿي رھي.

ڏسو، پھرين بند جي ٻن سٽن ۾ ٻه خوبصورت خيال سونھن جو اجرن پکين ۾ ھئڻ ۽ وري ان جو شاعرن جي دلين ۾ ھجڻ. ٻئي بند ۾ ٻيو خيال آھي ۽ ٽيون بند ته بلڪل نئون آھي. معني مصنوعي ڪڻين جي ڀيٽ ۾  مينھن جي ڪڻين کي اوليت ڏيڻ. چوٿون بند رواجي خيال سان گڏ ائين چئجي ته گٺل خيال کي شاعر پنھنجي سٽن ۾ ٻيھر اظھاريو آھي. ان کان پوءِ پنجين بند ۾ بلڪل مختلف خوبصورت خيال کي خوبصورت نموني ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ھاريءَ جي محنت کي روشني سڏڻ ۽ ان جو ٻنين ۾ ھجڻ ڪمال شاعراڻي خوبي ڳڻڻ جھڙي آھي. ڇھون بند ان ٻار جي ڪيفيت ۽ حال واري حالت جو اظھار آھي، جيڪو اخبار وڪڻڻ لاءِ چونڪ تي ان انتظار ۾ بيٺل آھي ته ڳاڙھي بتي بند ٿئي ته ٽريفڪ بيھي ۽ اخبار وڪڻي سگهي ۽ آخري بند وري اونھاري سياري ۾ دک ۽ درد ۾ گذاريندڙ جڳھين ۾ رھندڙ ماڻھن جي مستقبل ساڳئي حالت ۾ رھڻ واري مامري جو ذڪر آھي.

اھڙي ريت ادل جا ھڙيئي غزل ذري گهٽ سمورن موضوعن جو گهيراءُ ڪري، انھن کي سلھاڙين ٿا. معاشري ۾ ٿيندڙ ڇرڪائيندر واقعن جو بيان به ادل جي غزلن ۾ انتھائي سگهارو ۽ چڀندڙ آھي:

گهر سمورا ويا ٻھاري،

جارن ۾ قرآن پيا ھِن.

_

ڪنھن به ديس ۾ گونجي،

دانھن جي ٻولي ساڳي آھي.

_

سياست جي ست رنگي دنيا،

ڪھڙا ڪھڙا روپ ٿي ڌاري .

_

ھن ڌرتيءَ جون ڪيئي ناريون،

ظلم ڪيون بيواھون آھن.

_

ايڪسيڊنٽ ۾ پير وڃائي.

ناتر ننڊ ۾ رقص ٿي ڳولي.

ادل جي غزلن ۾ موسيقيت ۽ مغمگيءَ سان گڏ رواني به آبشار جيان آھي. ڪي غزل ته تمام گهڻي موسيقيت ۽ روانيءَ سان ڀرپور آھن:

ڏات جي مڙني ڏارن ۾،

گيت ڦٽي پيا ٽارن ۾.

_

سڙيل گهر تي باک ڦٽي آ،

درد شھر تي باک ڦٽي آ.

_

ڌرتيءَ جا پوڄاري آھيون،

پاڻ سڀئي ڏوھاري آھيون.

_

اسان کي او پيارا وساري نه ڇڏجو،

ڏئي پيارُ، دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو.

_

مون ٿي سمجھيو سولي آھين.

سانئڻ! تون ته پرولي آھين.

_

گيت _ نگر جو گس ٿي ڳولي،

پين اڃاري مس ٿي ڳولي.

ادل رڳو فارسي وزن بحر جي ڄار ۾ ڦاٿل ناھي، پر ھن پنھنجا وزن به گهڙيا آھن. ان ھوندي به ادل جي ڪجھه غزلن جي ڪن بندن ۾ وزن جي ھلڪي ۽ غير محسوس ٿيندڙ کوٽ به آھي، جيئن:

 

ھن ڌرتيءَ جون ڪيئي ناريون،

ظلم ڪيون بيواھون آھن.

ھن بند جي ٻنھي سٽن ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو، جيڪو جيتوڻيڪ ايڏو محسوس ٿيندڙ ناھي، پر ادل جي ڪجھه ٻين غزلن ۾ به ڪنھن ڪنھن بند ۾ اھڙي صورتحال بھرحال موجود آھي.

بادل جھڙا سپرين تولئه،

مور اڃارا ڳائن ٿا.

ھڪ ٻه غزل اھڙا آھن، جن جو وزن وائي جيان ھرسٽ جي مٿئين سٽ ھم وزن ۽ ھيٺينءَ سٽ وري ھم وزن آھن، مٿئين مثال ڏنل بند واري غزل ۾ ان جي ڪٿي جھلڪ محسوس ٿئي ٿي. ان ھوندي به غزل جي پڙھڻي،  مزاج ۽ ان جي گهاڙيٽي تي ڪو به اثر نه پوي، ڇو ته ادل چواڻي:

ويس گيڙوءَ ۾ ھتي آھي غزل،

سنڌ ۾ سونھين نه چوغو فارسي.

غزلن ۾ سلھاڙيل موضوع ذاتي پيار کان وٺي سنڌ سان پيار تائين واري پنڌ جا پانڌيئڙا آھن، جن ۾ مزاحمتي رنگ سان گڏ پيار جو اظھار به اھڙي نموني ملايو ويو آھي جو پيار به سنڌ جي ھر مسئلي سان ڳنڍجي نئون ميل پيدا ڪري ٿو. سچ پچ ته ادل جا غزل جيترن موضوعن کي نئين انداز سان پيش ڪن ٿا، سو ادل جو ڍنگ سڀني کان منفرد آھي:

سنگهرن ۾ ڪيئن قيد ڪندين!

خوشبو جان چوڌاري آھيون.

ڏسو ته ھتي ڪيئن ٻه متضاد خيال پاڻ ۾ ملايا ويا آھن، جو اھو ڪمال شايد ئي ڪن شاعرن وٽ ھجي.

اوھان مرڪ پنھنجيءَ سان خوشبو پکيڙي،

نھاري، جيئاري پوءِ ماري نه ڇڏجو.

_

بارودن کي ڳاري ٺاري،

ڌرتيءَ تي ڇڏ گل پٿاري.

_

دل سرڪاري پلاٽ ته ناھي،

گهڙيءَ ۾ ويندين ولاري.

_

اڳ ٿيندا اوسيئڙا پر،

ڪير ٿو ھاڻي ھيکل گذاري.

_

پنھنجي رت جي بوتل وڪڻي،

ڌيءَ لاءِ آندو مون رانديڪو.

_

سڀن نانءَ پنھنجي پرين جا کنيا پر،

اسان سنڌ! ويٺاسين تنھنجو سڏائي.

_

ڪچن گهرن جي دروازن ڏانھن،

کڄنديون کوڙ نگاھون آھن.

_

اوجاڳن جي وحشين جو آ،

خوابن جي سيني ۾ خنجر.

سنڌ کان وٺي عالمگيريت جي اظھار جو واضح ۽ چٽو اظھار ادل سومري جي نظمن ۾ نظر اچي ٿو. سندس نظم ھن جي ذاتي زندگي کان وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعن جي اظھار ڪندڙ انسان پرستي جو دائرو ڦرندا سڄي عالم کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏين ٿا. ھتي ادل اڃا به سگهارا ۽ واضح خيال ڏيئي نه رڳو سنڌ پر ان کان به اڳي وارين حالتن جو ڀرپور اڀياس ڏيئي ثابت ڪيو آھي ته ھو فڪري ۽ ذھني طور انتھائي پختو ۽ سگهارو شاعر آھي.سندس پھريون نظم ”ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ“ بلڪل نون خيالن سان آھي، نه ته ھونئن ڪئمپ ۽ چنڊ جو تصور ۽ وري ڪرفيو جو تذڪرو الڳ الڳ نوعيت ۾ سلھاڙجي سگهيا ٿي، پر ڪمال تاڃي پيٽي ۽ اڻت سان انھن اسمن جي وضاحت جو انوکو رنگ ڏنل آھي:

ڪئمپ ۾ ڪوئي ٻار ٿو روئي،

ڦاٽل بينر ڦڙڪي ٿو پيو.

_

ڪرفيوءَ جي راتين ۾ ھاڻ،

چنڊ به دھشتگرد لڳي ٿو.

ڏسو ته چنڊ کي دھشگرد جو تصورمحسوس ڪرائڻ ڪيڏي نه سگهه سان پيش ڪيو ويو آھي. نظم ”دکي ديس جي چانڊوڪي رات “ به اھڙن احساسن جي ابتڙ آھي، جنھن ۾ چنڊ جو ماحول رومانٽڪ منظرن طور ڏنو ويندو آھي.

ڳوٺ منھنجي مٿان، رات ڏاڍو رُني،

چنڊ شاھد ھيو، ڪيئن لٿي ھئي چُني.

ڀيڻ منھنجي ڀري، ڇرڪ جاڳي پئي،

ڄڻ ته ماري ڏسي ڪا ھرڻي ڊني.

ڪين دونھون صبح جو جھڳين مان اٿيو،

باھه دل ۾ ھئي، ڪنھن چاڙھي ڪُني .

واھرو سڀ ستا،ڪنھن نه سڏڪا ٻڌا،

پاڻ کي ان سمي، دُک ھئي آٿت ڏني.

پيار تولئه سدا، دل ۾ ڌرتي رھي،

توسان ناتو سچو ڪير سگهندوڇني.

خيالن جي نواڻ جو اندازو ھن مان لڳايو: باھه دل ۾ ھئي ،ڪنھن نه چاڙھي ڪُني.‘ان کان سواءِ سندس ڪجھه نثري نظم ذاتي احساسن سان ڀريل به آھن ته وري ڪي مختلف واقعن وارا نظم به آھن، جيئن ”جوڀن رُت جا ڳاڙھا خواب“ ان فلسطيني ڇوڪريءَ بابت نظم آھي، جنھن سورھن ورھين جي ڄمار ۾ ڪار ۾ بم رکي اسرائيلي فوجي گاڏين کي ٽڪر ھڻي پنجاھ اسرائيلي فوجي ماريا ھئا. ان جو نانءُ تناءَ مھدالي ھو. ان مان خبر پوي ٿي ته ادل سومرو دنياجي انقلابي سوچ جو ڀرپور اڀياس رکي ٿو، جنھن جو اظھار ھن جي شاعري ۾ ھرھنڌ ملي ٿو ۽ اھا سوچ ھن کي وڏو شاعر مڃرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي. ھن ڪيترن ئي بظاھر ننڍڙن موضوعن کي انھن جي اندروني پکيڙ کي پڻ اظھاريو آھي. جيئن ‘ٿڪل زندگي ‘ ۾ پينشن وٺندڙ پوڙھي جا احساس، يا ڌرتيءَ تي دوزخ، امن جا وٿاڻ ۽ ڪتب خانا، پنھنجي اندر انتھائي وڏي فڪر ۽ حالتن جو عڪس آھن ۽ انھيءَ فڪر سان سلھاڙيل‘ آدم جو اولاد‘ وغيره. ادل سومري جا نظم ننڍي ننڍي موضوع ۽ حالت کان وٺي مٿاھينءَ سوچ ۽ حالت جو ڀرپور اظھار آھن. ھن جو دائرو پوري ڪائنات جو احاطو ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ھڪ آس نظم جي روپ ۾ ھن جي انسان دوستيءَ ۽ پيار جو ڀرپور نماءُ آھي:

ھردکي انسان جو درمان ڪر،

اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر.

کنڊرن ۾ خواب سڀ دٻجي ويا،

ڪين سائين! زندگي لبنان ڪر.

باھه ڪا بغداد ۾ ڀڙڪي نه شل،

آڳ کان آجو سڄو ايران ڪر.

رھزنن ۽ زالمن کي سگهه ڏئي ،

مرڪ جي ڌرتي نه تون شمشان ڪر.

زندگي بارود جو بڻجي پئي،

تون تباهه هر ايٽمي شيطان ڪر.

ڏک هت گهاريو گهڻو آ هاڻ ڪو،

سک جو هن ديس ۾ ڪو سامان ڪر.

بيتن، غزلن ۽ نظمن ۾ جيڪا ٻي شيءَ واضع محسوس ٿئي ٿي، اها ادل سومري جي هاڻوڪي دور جي سماجي ۽ سياسي تاريخ جي ڄاڻ سان گڏ آڳاٽي دور جي تاريخن جي ڄاڻ هجڻ واري شعوري سگهه جو آئينو پڻ آهي، جنهن جي وسعت رڳو سنڌ جون سرحدون نه پر ڪائنات جون سرحدون آهن.

انهن کان پوءِ گيت، هائيڪا ۽ وايون آهن، جن ۾ پڻ ادل سومري جا نوان رنگ ۽ خيال آيل آهن. هن پيپر ۾ فقط صنفن جي مواد کي اڀياس هيٺ آندو ويو آهي.

 

 

سنڌيءَ ٻولي جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايسيتائين زندهه رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اُهي، جي ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پيئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهين پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوت تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ بدران محض جامد جسم بنجي ويندا، تڏهن قانون فطرت مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي. ڪو به سياستدان يا دانا انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“

”فبعداللقوم الظالمين.“ _ شال ڌڻي تعالي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.

_ علامه آءِ. آءِ.قاضي

 

 

ڪهاڻي هڪ اهڙو فن پارو آهي جيڪو سدائين ياد رکي سگهجي ٿو. پڙهندڙ ناولن کي وساريو ڇڏين، پر ڪهاڻيون انهن جي حافظي ۾ رهجيو وڃن. ان ڪري نه ته ڪو انهن ۾ ياد رکڻ جي لاءِ مواد گهٽ هوندو آهي بلڪ اهي موجوده زندگي جي حساس، اختصار پسند، اعصابي قوت سان ڀرپور، فيصله ڪن ۽ ڪنايه پسند مزاج سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻي ٿوري ۾ گهڻي جو نالو آهي. جڏهن ڪهاڻيڪار ائين نٿو ڪري سگهي ته هو ٺلهو ۽ ناڪام رهجيو وڃي. پڙهندڙ جنهن شيءِ جو اثر قبول ڪري ٿو اها آهي ڌيان ۽ شڪل ۽ تجربي جي شدت ۽ سچائيءَ جي اوچتي انڪشاف جي مشق! ناول نگار جي لاءِ اهو ڪم ڪندو رهڻ مشڪل ثابت ٿيندو آهي. ڪو هڪڙو حصو ڏسي سڀ ڪجهه ڪيئن معلوم ڪري سگهجي ٿو! اهو ڪهاڻي جو فن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جو ڪو هڪڙو حصو الڳ ٿلڳ ڪيو ويو آهي. ان کي ڪنهن وڏي تسلسل ۾ گم ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. اهو ڪنهن ناول جو گم ٿيل باب هرگز نه هوندو آهي، بلڪه ان جي حثيت آهي…ڪهاڻي جي فن جي حقيقي فوقيت شاعراڻي بيان ۽ محدود هيئت جي نڪته سنجي جي امتزاج ۾ آهي. ان کان سوا ڪن ڪن ڪهاڻيڪارن وٽ ڪهاڻيءَ جي فني فوقيت جو سبب حقيقي زندگيءَ ۾ ماڻهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي استمراري ۽ لاشعوري قوت جو اظهار آهي…ڪهاڻي طوالت جو آرث ناهي، بلڪ ان ۾ گهڻين ڳالهين کي گهٽايو ويندو آهي، شين کي ننڍو ڪيو ويندوآهي ۽ گهڻو ڪجهه مقدار ڇڏي ڏبو آهي.

_وي_ايس_پريچٽ

 

ڪهاڻيون

_آکاڻي ءَ سان انسان جو چاهه، سندس دلي لاڙو ۽ من جو مشغلو ، سندس اجتماعي زندگيءَ جي هڪ تسليم ڪيل حقيقت آهي. لکن ورهين کان وٺي، فطري قوتن ۽ سموريءَ مخلوق تي غالب اچڻ، هر قسم جي راحتن ۽ نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ هن جيڪا اڻ ٿڪ ۽ اڻ کٽ جدوجهد پئي ڪئي آهي، سختيءَ جي جن منزلن مان لنگهي، سوڀ ۽ ڪاميابيءَ جي مرڪندڙ چهري جي ڏسڻ ۾، هن کي جيڪا دلي مسرت حاصل پئي ٿي آهي، تنهن جي روئداد کي ڪجهه چاشنيءَ سان بيان ڪرڻ جو هو هميشه کان عادي پئي رهيو آهي.

سڄي ڏينهن جي محنت بعد، ٿڪل ٽٽل انسان، انهيءَ ڳالهه جو بيحد خواهشمند رهندو آهي ته پنهنجي ڪارناما ٻين کي ٻڌائي، ۽ ٻين جا پاڻ ٻڌي. انهيءَ مان ٻڌندڙ خواهه ٻڌائيندڙ، سڀني کي خوشي ۽ سبق ميسر ٿيندا آهن. سندن احساس برتريءَ کي تسڪين ٿيندي آهي، هو تڪليف ۽ پريشانين کي وساري، ٿوري وقت لاءِ پاڻ تي هڪ بي فڪريءَ ۽ راحت جي ڪيفيت ڇانئي ڇڏينداآهن، ۽ ان سان گڏ اڳتي وڌڻ جا امنگ به منجهن پيدا ٿيندا آهن.

انسان غارن، بيابانن ۽ جهنگن مان نڪري ٻنين، باغن، ڪارخانن ۽ شهرن ۾ پهتو، ته سندس آکاڻين تي آسپاس جو اثر پيو؛ سندس آکاڻين جي طرز بيان ۾ تفاوت ٿيو؛ ڪهاڻين مان ڦري آکاڻيون، افسانا، ڊراما ۽ رپورتاز وغيره ٿيا، پر انهن جو بنيادي روح هميشه اهو ساڳيو ئي رهيو آهي ۽ رهندو: ”وندر _ سبق _ ۽ امنگ!“

ڪامياب ڪهاڻي اها آهي جا ”وندر“ سان گڏ ”سبق“ ۽ ”امنگ“ به عطا ڪري: اهڙن سهڻن لفظن، جملن ۽ بيهڪ سان پيش ڪيل هجي، جو دل ۾ کُپي وڃي ۽ انسان بنا ڪنهن ڪوشش يا ترغيب جي ان تي سوچڻ لاءِ آماده ٿئي.

 

انيس انصاري

 

پدما

 

”کدابيڪ! اچ ته راند کيڏون،“ مٽيءَ جي ڍڳ تي ويٺل پدما چيو.

” منهنجو نالو کدابيڪ ناهي“

”تڏي ڇاهي؟“

”خدا بشڪ،“ مون کيس سمجهايو.

”مان به کدابيڪ چوان ٿي نه“

”مان ڪاوڙجي ويس .

ڳالهه ورهاڱي کان اڳ جي آهي.

پدماجو پيءُ روينيو ۾ هيڊمنشي هو. سندس ماءُ پاڙي جي ٻارن جا ڪپڙا سبيندي گذر سفر ڪندي هئي. هڪ ڏينهن، امام ڪٽ جي نئين ٿالهيءَ ۾ ميوو وجهي پدما جي ماءُ اڳيان رکيو! مائي کائڻ کان انڪار ڪيو. امان ٻڌايس به ته ٿالهي نئين آهي.

جواب ڏنائين: ”مان نه کائيندس، اوهان وڏو کائيندا آهيو نه ؟

 پدما ڪي چوٽي پٽڻ ۾ مون کي مزو ايندو هو. ٻار جو هئاسون. کيڏندي کيڏندي سندس چوٽيءَ کي ڇڪ ڏيندو هيس ته رئندي وڃي ماءُ کي دانهن ڏيندي هئي. ماڻس جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هيو . چوندي هيس:

”جهليندي به آهيانءَ ته ڄٽن سان نه کيڏندي ڪر.“

”تڏهن ڪنهن سان کيڏان ….؟“ پدما پڇيو.

”چندن سان“

”نه مان ان سان نه کيڏندس، هو ڪنوآهي.“ پدما جو جواب هو.

پاڙي ۾ مسلمانن جا ٻه گهر، سکن جا ٽي گهر ۽ هندن جا ٻه گهر هئا_ هڪ هو ديوان ڀڳوانداس، پدما جي پيءَ جو ۽ ٻيو هو جمنو واڻيي جو ، جنهن جو پٽ چندن منهنجو هم عمرهو.

چندن اسان سان کيڏڻ جي ڪندو هو ته پدما مٽيءَ جي مٺ ڀري سندس منهن ۾ اڇلائي گهر ڀڄي ويندي هئي.

چندن جو پيءُ جمنا داس (جمنو) پڪو واڻيوهو. روزانو صبح جو ڪپڙن جو بجڪو ڪنڌ ۾ لڙڪائي،ٻه لوها گز هٿ ۾ کڻي ڳلي ڳلي در در پيو ڦرندو هو. ڪپڙي کان سواءِ وياج وٽي جو به ڪم ڪندو هو. مور ته وساري چڏيندو هو زور ڏيندو هو وياج تي. گهڻا مسلمان ڦريائين.ٻڌندا هئاسون ته هزار پتي هو جمنو ڦيريءَ وقت صاف ڪپڙا ۽ ٽوپي ڪري نڪرندوهو، پيرن ۾ هوندي هيس چمپل. گهر پهچڻ بعد سنان ڪري جي لٽا بدلائيندو هوسي هوندا هئا نپٽ ميرا، مٿي تي هوندي هيس ڦاٽل ڪپڙي جي ٽوپي ۽ پير ۾ هوندو هيس ڇڳل جوتو.

مان امان سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پدما جي گهر ويندو هيس. امان پهريائين ديوان جي پڪ ڪري ته گهر ۾ موجود ڪو نه آهي پوءِ ڪڍندي هئي گهر مان ٻاهر پير. هڪ ڏهاڙي جيئن امان مون کي پدما جي گهر وٺي ويئي ته پديءَ ماءُ (هوءَ ان نالي سان مشهور هئي) ڪپڙن ڪٽڻ جي وڏي ڪئنچي کڙڪائي چيو: ”کدو!جي اڳتي تو پديءَ جي چوٽي پٽي آهي ته هن ڪئنچيءَ سان ڪن ڪپي هن ٽٻڻيءَ ۾ رکي ڇڏينديسانءِ.“

ٽٻڻيءَ ۾ هوءَ ڪپڙن جي ڪاتر رکندي هئي. مان امان جي ڪڇ ۾ مٿو لڪايو ۽ ٻئي ڪن هٿن سان ڍڪي ڇڏيم. امان ۽ پدما جي ماءُ کلڻ لڳيون. ٻن ڏينهن بعد امان مون کي ڪپڙو ڏنو ته وڃي پديءَ ماءُ کي ڏئي اچان. مان وڃڻ کان انڪار ڪيو چيم: ”پدما جي ماءُ منهنجا ڪن ڪٽيندي.“ امان چيو: ”چريو آنهه ڇا!پديءَماءُ ايئن نه ڪندي، چئي ڇڏيواٿي مانس ته خدو هاڻي ڏاهو ٻار ٿيو آهي، پديءَ جي چوٽي نه پٽيندو. هڪ ڳالهه ٻڌ پر پديءَ کي نه ٻڌائجانءِ هوءَاچي ته سندس چوٽي پٽي ڪپي دليءَ ۾ وجهي ڇڏيندس.“

”ڪهڙي دلي ۾؟“ مون پڇيو.

”تو واري، جنهن مان تون پاڻي پيئندو آهين.“

”پوءِ مان پاڻي ڇا مان پيئندس؟“

”نئين وٺي ڏيندي مانءِ.“

مان پدما جي گهر نه ويس پر پدما کي ٻڌايم: ”تون اسان جي گهر ايندينءَ ته امان تنهنجي چوٽي ڪپي دليءَ ۾ وجهي ڇڏيندي.“

هن به ڊپ کان اسان جي گهر اچڻ بند ڪري ڇڏيو. البت مٽيءَ جي ڍير تي اسان جون رانديون جاري رهيون.

پرائيمري تعليم مون ديني مدرسي مان ورتي ۽ پدما مين اسڪول ۾ پڙهڻ لڳي. صبح جو سندس والد سائيڪل تي ويهاري اسڪول ڇڏي ايندو هوس. موٽندي هو پاڙي جي ڇوڪرين سان ايندي هئي. چندن سندس گهڻا پاسا وٺندو هو ته هوءَ ساڻس موٽي پر پدما پنهنجين سهيلين جو ساٿ ڪين ڇڏيندي هئي. ان دوران ديوان ڀڳوانداس جي بدلي ميرو خان ٿي. گهر ۾ پدما ۽ سندس ماءُ اڪيليون ٿي پيون ان ڪري پاڙي مان هڪ پوڙهي سک عورت راج ڪور رات جو وٽن اچي رهندي هئي، ڏينهن جو سندن سودو سلف مان آڻي ڏيندو هيم. ان طرح پدما سان وئي ويجهائي ٿيندي. چئن مهينن جي اندر اندر ديوان چئو چوا ڪرائي بدلي پنهنجي ڳوٺ ڪرائي. منهنجو اچڻ وڃڻ هاڻي گهٽ ٿيڻ لڳو.

سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ورتم. اتي پدما، چندن ۽ مان هم ڪلاسي هئاسون. اسڪول مان اسان ٽئي پاڙيسري گڏ موٽندا هئاسين.چندن ور ور ڪري منهنجي ۽ پدما جي وچ ۾ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر پدما ٻه ٽي قدم کڻي اچي منهنجي ڀر سان هلڻ لڳندي هئي. اهو عرصو جيڪو پدما سان گڏ هوندو هيس تنهن ۾ پاڻ کي آسمان ۾ اڏندو محسوس ڪندو هيس. انگريزي چوٿين درجي ۾ هياسون ته پدما جي پيءَ کي ماستر شڪايت ڏني ته هوءَ حسابن جي ڪم ۾ گهٽ هئي. مٿان اهو به چيائين ته: ”هو ته ڏس خدابخش مسلو هوندي به حسابن ۾ ڀڙ آهي.“

هڪ ڏينهن ديوان ڀڳوانداس دڳ ۾ مليو. ڪلهي تي هٿ رکي چيائين: ”پٽ خدا بخش ! پدما حسابن ۾ گهٽ آهي، ماستر صاحب شڪايت ٿو ڪري پڙهائيندينس؟“

انڌو ڇا گهري؟ مان هام ڀريم.

پدما مان جدا ڪمري ۾ پڙهڻ لڳاسون. پدما جي ماءُ ڪنهن ڪنهن وقت سڏ ڪري هڪ پراڻي تام چيني جي ننڍي پليٽ ۾ مٺائي وجهي ڏيندي هئي. کائيندو هيس ته پليٽ کي بورچي خاني جي ٻاهران هڪ جاري ۾ رکڻ لاءِ چوندي هئي کڻندو به اتان هيس، ٽن مهينن ۾ پدما حسابي ڪم سکي ورتا. ان هوندي به پڙهڻ جي بهاني ڪتاب کڻي وڃي وٽس ويهندو هيس، پڙهندا ته ڪو نه هئا سون البته جڳ جهان جون ڳالهيون خوب ڪندا هئاسون، جنهن ۾ چندن جي گلا به شامل هوندي هئي.

هڪ ڏينهن پدي ماءُ وئي پاڙي مان سبڻ لاءِ ڪپڙا وٺڻ. ان دوران پدما مٺائيءَ جي دٻي مان ڪجهه مٺائي ڪڍي چيني جي پليٽ ۾ وجهي اچي منهنجي اڳيان رکي. چيو مانس ته: ”تون به کائيندينءِ ته مان کائيندس نه ته نه.“

ٻنهي ويٺي کاڌو ته پدما جي ماءُ اچي پهتي، اسان کي گڏ کائيندو ڏسي رڙ نڪري ويس. ”هاءِ گجب ٿي ويو! پاپڻ ڄٽ سان گڏ ويٺي ٿي کائين.“ پليٽ کڻي ٻاهر فرش تي اڇلايائين، جا ڀڄي پيئي، مان سارو وسو ٿي ويس. آڱر جو اشارو ڪري چيائين، نڪڙي وڃ ڇوڙا، نه ايندو ڪڙ اسان جي گهر.“

مان نڪري ويس، ڪي ڏينهن پدما سان ڪو نه ڳالهايم گهر مان ٻاهر نڪرندو هيس ته هوءَ به منهنجي پٺيان هلڻ لڳندي هئي.چندن وڃي پاسو وٺندو هيس پر هوءُ تڪڙا قدم کڻي اڳتي نڪري ويندي هئي.موٽندي به ائين ٿيندو هو.

هڪ ڏينهن چندن ڪلاس ۾ ڪين آيو، پدما منهنجي ڀر سان هلڻ لڳي، ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيائين: ”ڇو ڀائي کدابيڪ ڪاوڙيو آهين ڇا؟ ڏس! مان تنهنجي ماءُ کي پنهنجي امان سمجهندي آهيان. مائر ڇنڀينديون نه آهن ڇا؟“

چيو مانس: ”تنهنجي ماءُ مون کي ڄٽ ڪوٺيو آهي، اڃا نه ڪاوڙجان.“ هٿ جوڙي چيائين: هاڻي کڻي معاڦ ڪر.“

ٻئي پرچي وياسون.

ديوان جو مون کي گهر ۾ نه ايندي ڏٺو ته پڇيائين: ”خدابخش پڙهائڻ نه ايندو آهي ڇا؟“

جيسيتائين پدما جواب ڏي ان کان اڳ جوڻس ٻڌايس: ”مان جهليو اٿي مانس.“

”ڇو؟“ ديوان پڇيو.

”ڌيڻي ساڻس گڏ پئي مٺائي کاڌي.“

”پوءِ ڇا ٿيو ؟ ٻار آهن.“

”ڄٽ اسان جي پليٽ ۾ پئي مٺائي کاڌي.“

”خبردار! جو اهو اکر زبان مان وري ڪڍيو اٿي. آهين نه ڪراڙ جي ڌيءَ.“

ڀڳوانداس حيدرآبادي عامل هيو. دل جو ڪشادو، ان وقت در تي اچي سڏ ڪيائين، ڀاڪر پائي گهر وٺي ويو.

ڏينهن گذرندا ويا، اسان مٿين درجن ۾ پهچي وياسون. هڪ ڏينهن پڙهندي پدما منهنجي پينسل کڻي ورتي، نه پئي ڏنائين.کائنس زوري کسڻ لڳس، ان هٿ کس هلندي پديءَ ماءُ اچي پهتي ۽ آڱر سان در ڏانهن اشارو ڪيائين.

هاڻي نه رڳو منهنجو پدما جي گهر نه وڃڻ ٿيندو هو پر اسڪول ويندي ۽ موٽندي به ڳالهائيندا ڪو نه هئا سون. چغلخور چندن جي هاڻي چاندي هئي. هو پديءَ ماءُ جا وڃي ڪن ڀريندو هو.

پرلمنري امتحان پورا ٿيا. ڏيل پئي ڏڪيو. بمبئي يونيورسٽي! گريس مارڪن جي ملڻ جي اميد به ڪا نه. اسڪول ۾ پڙهائي بند ڪري گهر ۾ تياري ڪرڻ لاءِ موڪل ملي ويئي.

عاشقان را شش نشاني اي پسر

آه سردو رنگ زرد و چشم تر

 آه زاري، بي قراري، دربدر

جي تصوير بڻيو. هر هر پيو ديوان جي دور وٽان لنگهندو هيس. من ڪو ديدار نصيب ٿئي. ٻئي وقت صبح ۽ شام در وٽ کتل بجليءَجي ٿنڀي کي پٺي لڳائي پيو پدما جي در کي تڪيندو هيس.

ڇا جو لکڻ! ڇا جو پڙهڻ !! ڇاجا امتحان!!! وڏي امتحان ۾ ناڪام ٿي چڪو هيس.

هڪ ڏهاڙي دستوري ڦيرو ڪندي، ان ڪمري جي دري اڻ لکي کلي، جنهن ۾ پدما ۽ مان پڙهندا هئاسون، هڪ تهه ٿيل ڪاغذ اچي  پٽ تي ڪريو. کنيم. پدما لکيو هو: ”ٻڌو اٿم ته امتحان لاءِ نه ٿو پڙهين، ڏاهو ٿي محنت ڪر، روز هن وقت هن دريءَ جي وٿي مان خط ڦٽي ڪنديس، ان جو جواب ٻئي ڏينهن تي ساڳي نموني ڏجاءِ.“

مان پڙهڻ لڳس،اسان جي وچ ۾ خط و ڪتابت هلندي رهي. آخر خط پڪڙجي پيا. دريءَ کي تالو لڳي ويو.

هڪ ڏينهن شياما ڀنگياڻي ٿنبي وٽ اچي چٺي ڏني، جنهن ۾ پدما لکيو هو ته شام جو سندن ڪٽنب گيان باغ گهمڻ وڃڻو هو.مون کي به اچڻ لاءِ چيو هيائين.

خط پڙهي رهيو هيس هٿ کي جهٽڪو محسوس ٿيو، چٺي چندن جي هٿ ۾ هلي وئي جا کڻي وڃي ديوان جي گهر پهتو.

آس رکي نٽهڻ اس ۾ پنڌ ڪري گيان باغ وڃي هڪ وڻ جي ڇانو ۾ ويهي رهيس. آسائتون اکيون باغ جي در ۾ کتل هيون. منجهند مان شام ٿي. باغ برجي ويو، پر جنهن لاءِ اکين پئي واجهايو سي اڃا ڪونه آيا هئا. من اچن جي اميد تي اچي سج لٿو. ماڻهن موٽ کاڌي باغ مان آخري نڪرڻ وارو مان هئس.

ان وقت تائين لاڙڪاڻو اڃا مئٽرڪ جو سينٽر ڪين ٿيو هو. مان شڪارپور وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويم.

 امتحان کان ڪجهه ڏينهن اڳ انٽر ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي جو گاڏي تي چڙهان ته نظر ڀڳوانداس تي وڃي پيئي. سندس ڀرسان ڪنڊ ۾ پدما ويٺي هئي. گاڏو کچا کچ ڀريل هو. ويهڻ جي جاءِ پي ڳوليم ته ديوان ڏسي ورتو. هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيائين، ڀر واري مسافر کي ٿورو سوري پاڻ سان ويهاريائين .

پڇيائين: ”پٽ ! تياري چڱي ڪئي اٿي نه؟“ ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيم، سمورو وقت پدما جون اکيون هيٺ کتل هيون. گاڏي اچي ‘رڪ‘ تي بيٺي ’رڪ‘ ان وقت جنڪشن اسٽيشن هئي جتان گاڏيون سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وينديون هيون. حبيب ڪوٽ کي بعد ۾ جنڪشن بنايو ويو. جنهن گاڏي ۾ چڙهيا هياسون سا سکر وڃڻي هئي پر ان جو ڪراس شڪارپور وڃڻ واري گاڏيءَ سان ٿيڻو هو . اتي پهچڻ سان معلوم ٿيو ته شڪارپور وڃڻ واري گاڏي ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ هئي. سامان لاهي پليٽ فارم تي رکيوسين.ديوان فرش تي چادر وڇائي. پاڻ به ويٺو ۽ اسان کي به ويهڻ لاءِ چيائين. ٽفن باڪس کولي ويو پوريون، ڪچوريون، پڪوڙا ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي ڪڍندو، کاڌو ٽن حصن ۾ ورهائي ٽفن باڪس جي هڪ پڙ ۾ ڏنائين مون کي، ٻيوڏنائين پدما کي ۽ ٽئين مان پاڻ کائڻ لڳو. ماني کائڻ بعد ديوان بوتلون وٺي آيو.پيئڻ بعد اسان ٻنهي کي چيائين ته ويهي امتحان جا سوال جواب ڪيو. پاڻ وڃي بينچ تي ويٺو، اسان جا سوال جواب امتحان بابت نه هئا. اهو سمورو عرصو جو پليٽ فارم تي پدما سان گذرايم سو منهنجي زندگي جو عزيز ترين لذيذ ترين عرصو آهي.

امتحان ٿي ويا، ٽئي ڄڻا پاس ٿياسون (پدما، مان ۽ چندن)مائٽن شڪارپور ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ نه ڇڏيو روينيو ۾ جايون خالي هيو. ديوان جي سفارش سان ڪلارڪ ٿي ويس. وڌيڪ نه پڙهي. چندن وڃي  اوورسيئر جو ڪورس ڪيو ۽ نوڪريءَ تي چڙهيو. ڪجهه سال ڪم ڪيائين ته پاڪستان وجود ۾ آيو، ان ئي سال جمناداس فوت ٿي ويو. سال 1949ع ۾ چندن وڃي ڀارت وسايو، معلوم ٿيو ته دهليءَ ۾ کيس چڱي نوڪري ملي ويئي هئي.

سال 1951ع جي اها نڀاڳي شام ياد آهي، مان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو پدما جي در کي پئي تڪيو ته گهر ۾ باسڻ ٻهاري ڪرڻ واري مائي لڇي اتان اچي نڪتي منهنجي ڀرسان لنگهندي هٿ ۾ ڀيڪوڙيل ڪاغذ مون ڏي وڌائيندي چيائين: ”هان! وٺ“ ان هان منهنجو هانءُ ڦاڙي وڌو.

پدما جي چٺي هئي، سڀاڻي تي ڇهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ ڀارت وڃڻا هئا، مون کي اسٽيشن تي اچڻ لاءِ چيو هئائين.

ساري رات لڇندو ڦٿڪندو رهيس. ٻئي ڏينهن پنجين وڳي وڃي اسٽيشن تي بيٺس. سوا پنجين ڌاري ديوان ٻارن ۽ سامان سوڌو  اچي پهتو. مان ٽي اسٽال جي ڪنڊ ۾ وڃي بيٺس. پدما ٿي واجهه وڌا پر مون نظر ڪانه پيس. ان دوران گاڏي اچي پليٽ فارم تي بيٺي. ديوان، سامان ۽ ٻار چاڙهيا، پدما دريءَ کان ٿي ويٺي. مان ٽي اسٽال ڇڏي پليٽ فارم تي گهمڻ لڳس، پدما جي نظر اچي مون تي پيئي. پيءُ کي ڪجهه چيائين، جنهن مون کي هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيو، مان وڃي ساڻس هٿ ملايو. پدما جي ماءُ کي کيڪر ڪيم منهن کڻي پري ڪيائين. پدما دريءَ وٽ اٿي بيٺي. هٿ ٻاهرڪڍيائين جو مون پنهنجي هٿ ۾ ورتو.پدي ماءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪجھه چوڻ پئي چاھيائين ته ديوان ڪجھه ڪن ۾ ڀڻڪيس، ٻنھي ڪنڌ کڻي ٻئي طرف ڪيو.

پھريائين ٻنھي جي نيڻن مان نير پئي وهيو. پوءِ اچي پدما سڏڪن ۾ پئي. دريءَ وٽ ماڻھن جو ميڙ اچي متو. اسان ٻنھي جا ھٿ مليل ھئا جيسين گاڏيءَ تيزي نه ورتي. پوءِ به ريل جي دريءَ مان اڇو رومال لڏندو رھيو جيستائين نظر پھتي . منھنجو ھٿ ھوا ۾ بيھجي ويو. نه تن جو ھوش ھو نه بدن جو

ڪنڌ ورايم ته ڀرسان ھڪ ھٽو ڪٽو مسلمان بيٺل ڏٺم، چيائين: ”ڀاڙيو آن، وڃڻ ڏنوسينس ھمت ڪرين ھا ته لاھي وجھونس ھا.“ مون ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو.

مٿين ڳالھه کي ٻه سال گذري ويا. ھڪ ڏينھن پوسٽ مئن وڏو چوڪنڊو لفافو اچي ڏنو . دھليءَ مان دعوت نامو آيو ھو. پدما ديوي ڀنڳوانداس ۽ انجنيئر چندن جمناداسائي جي شاديءَ جو ھيو. دعوت نامو ھٿ مان ڪري پيو. ھڪ سال ٻيو به گذريو، درتي کڙڪو ٿيو. ٻاھرنڪتم ته ھڪ سوٽيڊ بوٽيڊ ماڻھوءَ تي وڃي نظر پئي.

”اڙي چندن! تون.“ مون کان رڙ نڪري ويئي. ٻکين پئجي وياسون. ڏٺم ته ساڳيا ماڳ ۽ ماڻھو ڏسي چندن جون اکيون ڀرجي آيون ھيون.

کليل لفافو ھٿ ۾ ڏئي چيائين: ”بابا جون ھاٺيون کڻڻ آيو آھيان، ھردوار کڻي ويندس، ڀارت ويندي اھي کڻي نه ويس ھيس. صبح جو اٺي وڳي جواب وٺڻ ايندو مانءِ، لکي رکجاءِ.

مان چندن کي ھندي ھوٽل تي ھلي ماني کائڻ جي آڇ ڪئي، جواب ۾ چيائين:”مان ته تنھنجي گهر جي ماني کائڻ لاءِ به تيار آھيان پر مائٽن اڳ ئي چئي ڇڏيو آھي.“

چندن جي وڃڻ بعد لفافو کوليم، پدما جو خط ھو:

”کدابيڪ!

ڪن ته سلامت اٿي نه؟ ڪنھن ڇوريءَ جي ماءُ جي ٽٻڻي ۾ ته نه پيا آھن؟

پدما

جواب ۾ لکيو مانس:

”پدي!

ڪن ته سلامت آھن پر دل دلي ۾ آھي.

کدو

صبح جو کليل لفافو چندن جي ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيم.

*

  

اڪبر لغاري

 

اي ڪاش! اھو مان ڄاڻان ھا

 

ھوءَ منھنجي زندگي ۾ ان وقت آئي جڏھن آءُ انتھائي غريب ۽ بيروزگار نوجوان ھئس. ھڪ رات پنھنجي نيم روشن ڪچي ڪمري جي فرش تي سُمھي پنھنجي مستقبل جي باري ۾ سوچي رھيو ھوس ته اوچتو منھنجي ڪنن تي پايل جي جھنڪار جو آواز پيو ۽ ٻئي لمحي ‘ھوءَ ‘ منھنجي سامھون ھئي. آءُ ھن کي ڏسي بيحد حيران ٿيس. خبر نه آھي ته ھوءَ حسين ھئي يا نه پرھن ۾ بي پناه ڪشش ھئي. سندس وجود مان ھڪ اڻڄاتل مھڪ اچي رھي ھئي. کيس اھڙو لباس پاتل ھو جنھن تي ڪيترائي ھيرا ۽ موتي جڙيل ھئا. سندس ٺاھه ٺوھه ۽ چمڪتار کي ڏسي منھنجون اکيون خيره ٿي رھيون ھيون.

”ڪير آھين تون؟“ حيرت مان پڇيم.

”مون کي سڃاڻ!“ ھوءَ کلي ته ڪمري ۾ ڪيترائي جلترنگ گونجڻ لڳا. ”پر ڪيئن؟ مون توکي پھريون ڀيرو ڏٺو آھي.“

”ھاڻي ھميشه ڏسندو رھندين.“

”ڇا واقعي؟ سچ پچ آءُ ايترو خوش نصيب آھيان؟“

”تون ھميشه مون کي پاڻ سان گڏ ڏسندين. نه صرف ايترو پر منھنجو سڀ ڪجھه تنھنجو آھي. مون ۾ ھڪ پراسرا سگهه آھي جنھن سان تنھنجي زندگيءَ جون سڀ خواھشون پوريون ٿي سگهن ٿيون. پر ان لاءِ ھڪ شرط آھي.“

”آءُ تنھنجو ھر شرط مڃڻ لاءِ تيار آھيان.“ مون تڪڙ ۾ چيو.

”توکي پنھنجي ھر خواھش جي بدلي، ان جي قيمت ڏيڻي پوندي.“

”پر آءُ ته انتھائي غريب ماڻھو آھيان، توکي ڇا ڏئي سگهندس؟“ مون نراسائيءَ مان چيو.

”تو وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجھه آھي ۽ مون کي چڱي طرح وصول ڪرڻ ايندو آھي. منھنجي پراسرا قوت تنھنجي ھر خواھش جي تڪميل ڪندي. ھاڻي اٿ، منھنجي ويجھو اچ، مون کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ۽ منھنجي وجود ۾ لڪل خرانن کي ڳولھه.“

آءُ اٿيس، ھن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڏانھنس وڌيس. ھوءَ پوئتي ھٽندي مسڪرائي مسڪرائي منھنجي حوصله افزائي ڪرڻ لڳي. آءُ تيزي سان ھن طرف وڌيس پر ھوءَ مون کان به وڌيڪ تيز ھئي. آءُ اڃا به وڌيڪ تيز ٿيس پر ھن ۾ ته ڪا بجلي ڀريل ھئي. نيٺ ساڻو ٿي ڪري پيس ۽ سھڪندي سھڪندي ھن ڏانھن حسرت ڀريل نگاھن سان ڏسڻ لڳس. ھوءَ آھستگي سان منھنجي ويجھو آئي. ھن جي وجود جي خوشبو مون کي ديوانو بڻائڻ لڳي. ھوءَ مون مٿان جھڪي، خبر نه آھي ته ھن جي وجود ۾ ڪھڙو نشو ھو جو آءُ فوراً ننڊ جي وادي ۾ گم ٿي ويس.

صبح جو اٿيس ته سڀڪجھه ھڪ خواب محسوس ٿيڻ لڳو پر منھنجي بستري تي ھن جو رھجي ويل ھيئرڪلپ ھن جي اچي واپس وڃڻ جو قسم کائي رھيو ھو.

***

ٻن سالن جي مسلسل پڙھائي ۽ سخت محنت ڪري مون (c.s.s.) جو امتحان ڏنو ھو. اڄ ان جو نتيجو اخبار ۾ اچڻو ھو. منھنجا قدم پاڻ مرادو بڪ اسٽال ڏانھن کڄڻ لڳا. اخبار وٺي اتي ئي رزلٽ ڏسڻ لڳس ۽ خوشي مان رڙ نڪري ويم. امتحان ۾ پھرين پوزيشن کنئي ھيم.

***

ڪيترائي ڏينھن ھن جي ياد ۾ بي قرار رھيس. سندس وجود جي مھڪ ۽ مرنم ٽھڪ بار بار منھنجو سک ڦٽائيندا رھيا. راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي. اھا به بيچيني ھئي ته اچي ته پنھنجي ڪاميابي جي خبر ٻڌايانس. جڏھن منھنجي بيچيني  انتھا تي پھتي ته ھوءَ اچي ويئي. اتاولو ٿي ھن ڏانھن ڊوڙ پائي ڀاڪر ۾ جھلڻ جي ڪوشش ڪيم ته ھو تيزي سان نڪري ويئي.

”مون کي پڪڙڻ جي ڪوشش اجائي آھي، جيستائين آءُ نه چاھيان، تيستائين مون کي ڪير ڇھي به نٿو سگهي. بھرحال، توکي ڪاميابي جون مبارڪون ھجن“

”ڇا توکي خبر آھي؟“ حيرانگي مان پڇيم.

”مون کي ھر ڳالھه جي خبر آھي ڇو آءُ ھر وقت توسان گڏ ھوندي آھيان. اھا ٻي ڳالھه آھي ته مون کي ڏسڻ لاءِ اکين جي بجاءِ دماغ استعمال ڪرڻو پوندو آھي.“

”مون کي تنھنجون ڳالھيون سمجھه ۾ نٿيون اچن. آءُ اڃا به تنھنجي باري ۾ ڪجھه به نٿو ڄاڻان ۽ حيران آھيان ته تون اُمالڪ ڪٿان ٿي اچين ۽ مون وٽ اچين ڇو ٿي؟“

”جنھن ڏينھن تو مون کي سڃاڻي ورتو، ان ڏينھن منھنجي ڪشش ختم ٿي ويندي ۽ آءُ بدصورت بنجي وينديس. منھنجي توکي مالا مال ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي ويندي ۽ تون ھميشه مفلسي ۽ تنگدستي جي زندگي گذاريندين، تنھنڪري مون کي سڃاڻڻ جي ڳالھه ڇڏي ڏي. دماغ کي تالو ھڻي دل جي ڳالھه ڪر. ٻڌاءِ توکي زندگي ۾ ڇاڇا گهرجي؟“ ھن پڇيو.

”مون کي تون کپين، تنھنجو حسن کپي، تنھنجو پيار کپي.......“

”سڀ ڪجھه ملي ويندو. توکي حسن ملندو، پيار ملندو، دولت ملندي،عزت، شھرت ۽ طاقت ملندي، گهر زال ۽ ٻار به ملندا. پر اھو ڪڏھن به نه وسارجاءِ ته انھن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي جيڪا قيمت آءُ چڱيءَ طرح وصول ڪرڻ ڄاڻان ٿي.“ ائين چئي ھن پنھنجي قيمتي لباس مان ھڪ موتي ڪڍي مون کي ڏنو ۽ پنھنجا چپ منھنجي چپن تي رکي ڇڏيائين. ننڊ جي وادي ڄڻ منھنجو بيچيني سان انتظار ڪري رھي ھئي.

***

اڪيڊمي مان ٽريننگ مڪمل ٿي چڪي ھئي. منھنجي پھرين پوسٽنگ اھڙي جڳھه تي ٿي جتي پوسٽنگ ڪرائڻ لاءِ ڪا وڏي سفارش يا وڏي رشوت ڏيڻي پوندي ھئي، پر منھنجي پوسٽنگ آساني سان ٿي ويئي. رشوت جي بازار گرم ٿي ويئي. بي ايماني ۽ ھيراڦيري جي ڪري اڃا به وڌيڪ پئسن ڪمائڻ جا موقعا ملڻ لڳا.

پھرين فليٽ ورتم، پوءِ بنگلو ورتم، پوءِ ان کان به وڏو بنگلو ورتم. پھرين سوزڪي ڪار ھوندي ھئي، پوءِ ڪرولا ورتم. پر پوءِ به ھر وقت اھا ڳڻتي رھڻ لڳي ته بينڪ بيلنس ته ھجڻ گهرجي آخر.

”پر رات جو ننڊ ڪرڻ لاءِ ٽرنڪوليزر کائڻ لڳس.“

***

پنھنجي شاندار بنگلي جي آرامده بيڊ تي ليٽي بي آرامي سان اھو سوچي رھيو ھوس ته رشوت جو ريٽ صفا ڪري پيو آھي. ماڻھو پنھنجو ڪم ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪرائڻ لڳا آھن ته ھوءَ وري اچي ويئي.

”اھڙي شاندار بنگلي خريد ڪرڻ تي مبارڪباد.“ مُرڪ جي تيز کنوڻ جو چمڪو ٿيو.

”مھرباني، پر ايترو وقت ڪٿي ھئين، توسان ملڻ لاءِ ڏاڍو بي چين ھئس.“

”آءُ ھر وقت تنھنجي پاڇولي وانگر تنھنجي وجود سان جڙيل ھوندي آھيان ۽ تنھنجي رڳن ۾ گردش ڪندڙ خون ۾ شامل ٿي تنھنجي دماغ ۾ پھچي ، توکي وڌ کان وڌ ڪُجھه ڪرڻ‘ لاءِ ھرکائيندي رھندي آھيان. جڏھن تنھنجا ھٿ رشوت جي نوٽن وٺڻ لاءِ اڳتي وڌندا آھن ته آءُ لذت جو احساس بنجي نوٽن ۾ منتقل ٿي ويندي آھيان. جڏھن تنھنجو ضمير توکي ملامت ڪندو آھي تڏھن آءُ تنھنجي دماغ ۾ عقل بنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جواز فراھم ڪندي آھيان ۽ آھستي آھستي تنھنجي ضمير کي به تو وانگر سمھاري ڇڏيندي آھيان. جڏھن تنھنجي دل ۾ رحم جا جذبا تنھنجي ترقيءَ جي راه ۾ رڪاوٽ بنجڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته آءُ مڌَ بڻجي تنھنجي رڳن وسيلي دل تائين پھچندي آھيان ۽ اتان رحم جا جذبا پاڻي بڻائي ڪڍي ڇڏيندي آھيان. آءُ تنھنجي نس نس ۾ رچيل آھيان ۽ تنھنجو وجود منھنجي ڪري ئي ته سلامت آھي.“

ايترو چئي ھو خاموش ٿي ويئي. ڪجھه کن رکي پڇيائين:

”ايڏي وڏي بنگلي ۾ اڪيلو ٿو رھين. عورت جي وجود کان سواءِ زندگي بي رنگ ۽ بي مزه آھي.“ ائين چئي ھن پنھنجي پرس مان سرمو ڪڍيو ۽ مون کي اکين ۾ پارايائين.

سرمي ۾ خبر نه آھي ته ڇا راز ھو جو ھو آءُ پنھنجي پاڻ کي ۽ ھن کي صفا‘ الف‘ ڏسڻ لڳس. ھوءَ پھرين آھسته آھسته ۽ پوءِ تيزي سان رقص ڪندي مون کي به رقص ڪرڻ لاءِ چيائين. آءُ ته ھن جو ديوانو بنجي چڪو ھوس. ھن سان گڏ رقص ڪرڻ لڳس.

ان رات کان پوءِ، هر رات هوءَ مختلف عورتن جو روپ ڌاري اچڻ لڳي.

***

ھڪ اعلي خاندان جي خوبصورت ڇوڪري سان شادي ٿي.پنجن سالن اندر ٽي ٻار پيدا ٿيا. ڳڻتيون وڌيون. بلڊ پريشر ھاءِ رھڻ لڳو. خرچ وڌڻ ڪري رشوت جي ريٽ وڌائي ڇڏيم. اڳي ضمير کي ننڊ جي گوري کارائيندو ھوس پرھاڻي ان کي ھميشه سمھارڻ لاءِ انجيڪشن ھڻي ڇڏيم. نتيجي ۾ بلڊ پريشر خطرناڪ حد تائين وڌي ويو ۽ پھريون دل جو دوروپيو.

***

ھاڻي ھوءَ روزانو اچڻ لڳي ھئي. آءُ سندس بيچيني سان انتظار ڪندو ھوس. ھو ھميشه اڳي کان به وڌيڪ پرڪشش لڳندي ھئي.ھن تي نظر پوڻ شرط، جسم ۾ ھيجان برپا ٿي ويندو ھو. اڄ جڏھن ھوءَ آئي ته چيو مانس:”تو ۾ ھر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ جي سگهه آھي. منھنجي نوڪري کي ڪافي وقت ٿي ويو آھي، مون کي پنھنجي محڪمي جو سربراه بناءِ. ھاڻي منھنجا ٻار وڏا ٿي ويا آھن، انھن کي اعلي تعليم لاءِ ولايت به موڪلڻو آھي. پروموشن کان پوءِ مون کي دولت ۽ عزت سان گڏ طاقت به ملندي . ھرشئي کان وڌيڪ مزو اقتدار جي طاقت ۾ آھي. آءُ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“

ھن خاموشي سان اٿي پنھنجي جتي لاٿي ۽ ان ۾ ڪجھه پاڻي اوتي مون کي چيائين:

ھي وٺ طاقت ۽ اقتدار جو جام.“

آءُ منجھي پيس. پھريون دفعو ھن منھنجي انا، غيرت ۽ عزت نفس تي حملو ڪيو ھو. مون کي گهٻرائيندي ڏسي چوڻ لڳي:

”جلدي ڪر، ھي امرت وٺ. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ھي ڪا وڏي قيمت نه آھي، دير نه ڪر.“

مون ان جتي کي چپن تي آندو ۽ ھڪ ئي ڍڪ ۾ پي ويس. پيئڻ شرط، مون تي ھڪ عجيب ڪيف طاري ٿي ويو. سڀ ماڻھو مون کي پنھنجي اڳيان ننڍڙا ۽ حقير لڳڻ لڳا.

***

آءُ پنھنجي محڪمي جو بي تاج بادشاھه بنجي ويس. اڄ جڏھن آرسي ڏٺم ته ان ۾ پنھنجي بدران ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جو عڪس نظر آيم. اکيون مھٽي وري ڏٺم. عڪس جا مھانڊا ته مون جھڙا ھئا پر وار اڌ کان وڌيڪ اڇا. نراڙ تي ڪيترائي گهنج، اکين ۾ بگهڙ واري تِکَ. چھري جو مجموعي تاثر ڏاڍو ڀيانڪ ھو. نئين عھدي جي خوشي ۾ جلدي آفيس وڃڻ لڳس.

نئون عھدو ڪنڊن جي سيج ھو. محڪمي جو سربراھه ھجڻ سبب بي انتھا ذميواريون ھيون ۽ انھن کي نڀائڻ لاءِ رات ڏينھن مصروف رھڻو پيو. دولت جي ورکا ٿيڻ لڳي. منھنجا ٻار جيڪي جوان بڻجي چڪا ھئا، سي بي پناه دولت لٽائڻ لاءِ ڪھڙيون عياشيون ڪري رھيا ھئا، اھو ڏسڻ لاءِ مون وٽ ڪا فرصت نه ھئي.

آخرڪار ڪري پيس. رات ڏينھن جي مصروفيت ڪري بلڊپريشر، دل ۽ جگر جي بيماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. مٿان وري اولاد جي بي راه روي، سندن گستاخانه رويو ۽ حالتن جي ڪري سخت ذھني دٻاءَ ۾ رھڻ لڳس.

اڄ ٻيو دفعو دل جو دوُرو پيم.

***

ھوءَ آئي ۽ چيائين:

”تون وٽ آخري ڀيرو آئي آھيان، ڪا آخري خواھش ھجئي ته ٻڌاءِ؟“

”آخري خواھش؟ ڪيترو عجيب لڳي ٿو اھو لفظ. آءُ ھاڻي پوڙھو ٿي ويو آھيان. چاھيان ٿو ته اولاد جي شادي ٿئي، انھن جي اولاد سان کيڏي سگهان.“

ھن پنھنجي گلي ۾ پيل ھار ٽوڙي مون کي ڏنو. اڄ جڏھن ھن کي ڏٺم ته ھوءَ بيحد بدصورت نظر آيم. ھن جي جسم مان خوشبوءِ بجاءِ بدبوءِ جا ڀڀڪا اچي رھيا ھئا. ھن جي چھري تي ڪشش جي بجاءِ ڀيانڪ حيوانيت ھئي. ھوءَ مسڪرائڻ بجاءِ ڏند ڪرٽي رھي ھئي. سندس خوبصورت لباس جي جڳھه ڪنھن تازي ڪٺل جانور جي کل چڙھيل ھئي، جنھن مان رت ڦڙا ٽمي رھي ھئا. مون ھن کي سڃاڻي ورتو ھو.

***

آءُ موت جي بستري/اسٽريچر تي سفر ڪري رھيو آھيان. اڄ ٽيون دل جو دوُرو پيو آھي، جنھن جو سبب منھنجي پٽن جون ٻئي زالون آھن. مون کي ستل سمجھي ھڪڙي چوڻ لڳي: ”ڪيترا ڏينھن ٿي ويا اٿس بيمار ھوندي، مري به نٿو. اسان جو ته جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو اٿس.مُني جي پيءُ پئي چيو ته ھن جي مرڻ کان پوءِ جائداد مان حصو وٺي پاڻ ته فوراً آمريڪا ھليا ھلنداسين. ڇا رکيو آھي ھتي.“

”ليڪن اسان لنڊن ۾ سيٽل ٿينداسين. پر اھو ته سڀ ڪجھه تڏھن ٿيندو جڏھن ھن کوڳ مان جان ڇٽندي.“

مون تي آھستي آھستي غشي طاري ٿيڻ لڳي. دل جو سور وڌڻ لڳو. يقيناً منھنجو آخري وقت اچي ويو آھي پر افسوس آھي ته مون ”ھُن“ کي سڃاڻڻ ۾ ڏاڍي ديرڪئي. ھن کي ان وقت سڃاتم جڏھن مون وٽ سڀ ڪجھه ختم ٿي چڪو ھو.

ھڪڙي ڳالھه ٻڌو  ”ھوءَ“ ڏاڍي خوبصورت ۽ دلربا انداز ۾ توھان وٽ به ايندي ڇا توھان به مون وانگر سڀ ڪجھه وڃائي پوءِ ان کي سڃاڻيندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com