عبدالغفار سومرو
آسڻ جن عدم
(امير علي چانڊئي جي ناگهاني موت تي تاثرات)
جُز وڃايو جوڳين،ڪُل سين آهن ڪم،
آسڻ جي عدم، آءُ نه جيئندي اُن ريءَ. (لطيف)
لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور شهر قنمبرکان اولهه طرف ڏهن ميلن جي
فاصلي تي شاهه صاحب محمد چانڊيو نالي هڪ ننڍڙي
وستي موجود آهي، جتي 24 مئي 1949ع تي ولي محمد
چانڊئي جي غريباڻي گهر ۾ پنجين نمبر ٻار جنم ورتو،
جنهن جو نالو امير علي رکيو ويو. انهيءَ ڳوٺ کان
ڪجهه فاصلي تي چانڊين جي جاگير شروع ٿئي ٿي، جيڪا
سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد سان لاڳو جابلو ۽ ميداني
علائقي تي مشتمل آهي. انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ چانڊين
جي سردارن، چڱن مڙسن ۽ راڄن جا تاريخي قبرستان پڻ
موجود آهن. تاريخي طور اهو علائقو سنڌ جي نهايت
بيدار مغز حڪمران ڄام نظام الدين سمي، سنڌ لاءِ
چانڊين جي جانفروشي سبب کين جاگير ڪري ڏنو هو.
اهوئي سبب هو جو اهو علائقو ويندي لاڙڪاڻي تائين
پوءِ“چانڊڪا“ ڪوٺجڻ ۾ آيو.
خانداني روايت موجب امير علي جو پاڙو رودراڻي چانڊيو ۽ سندن پڙ
ڏاڏو اميد علي چانڊيو غيبي ديري کان مٿي هڪ ٽڪريءَ
تي پنهنجي قبيلي جي قبرستان ۾ مدفون آهي. امير
عليءَ جو والد سنڌ جي روايتي مڙس ماڻهوءَ جي هڪ
جيئري جاڳندي تصوير هو. هو قد جو ڊگهو، رنگ جو
چٽو، منهن تي چاپئين ڏاڙهي، تنهن جي مٿان ڀرپور ۽
رعبدار مڇون. هو اڪثر ڪاري رنگ جا ڪپڙا ۽ مٿي تي
ڪاري پڳ رکندو هو.
امير علي اهڙي ماحول ۾ اک کولي جتي هن پنهنجي قبيلي جي روايتي
بهادري ۽ سورمن جي باري ۾ ڪيئي قصا ۽ آکاڻيون
ٻڌيون، جن سندس ذهن تي ڪيئي اڻمٽ نقش ڇڏيا ۽ سندس
شخصيت جي تعمير ۾ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو.
امير علي جي پرائمري تعليم ڀرپاسي واري ڳوٺ آباد جي مُلا مڪتب ۾
ٿي، جنهن کان پوءِ سندس والدين اهو ڳوٺ ڇڏي اچي
لاڙڪاڻي شهر ۾ نواب غيبي خان چانڊئي جي بنگلي جي
ڀرسان ۽ ريل بند سان لڳولڳ هڪ ننڍڙي ڪچي پڪي گهر ۾
رهڻ لڳا. امير علي سيڪنڊري تعليم ميونسپل هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ، جيڪو سندس گهر جي بلڪل نزديڪ
هو، حاصل ڪئي.
امير علي سان منهنجي ملاقات ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٿي. هن
ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري آرٽس ۾ داخلا ورتي هئي ۽
پنهنجي آرٽس ۾ داخلا تي هو انتهائي نازان هو، بلڪ
مون تي به هو اصرار ڪندو رهيو ته سائنس کي ڇڏي
آرٽس ۾ اچان. بهرحال اسان کي جنهن شيءَ نهايت
ويجهو آندو، اهو ادب ۽ ڪتابن سان لڳاءُ هو. هو
ميٽرڪ ۾ ئي موزون شعر چئي ويندو هو ۽ ان زماني ۾
لاڙڪاڻي جي ادبي محفلن ۾ پنهنجا شعر پڙهندو هو. هن
سلسلي ۾ هن ڪن استادن کان باقاعده سکيا به ورتي
هئي. انهيءَ دور ۾ اسان جي گڏجاڻين جو مرڪز سومرا
بڪ بائنڊنگ هائوس بڻيو، جيڪو ميونسپل هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻي جي سامهون هو. اهو دوڪان لاڙڪاڻي جي مشهور
ادبي شخصيت عبدالڪريم سنديلي جي ملڪيت هو، جنهن
کان منهنجي ڀاءُ حافظ عبدالرزاق ڪرايي تي ورتو هو.
*
*
*
ادب جي
مطالعي اسان ۾ ان ضرورت کي شدت سان جنم ڏنو ته
ڪيئن به ڪري فارسي زبان جي ڄاڻ حاصل ڪجي، پر اهو
به ائين ته جيئن ڪاليج واري تعليم متاثر نه ٿئي.
ان لاءِ اهو طي ٿيو ته جيستائين ڪاليج شروع ٿين يا
امتحانن کان پوءِ فالتو وقت ۾ فارسيءَ جي پڙهائي
جاري رکجي. آخر اسان ٻنهي لاهوري محلي جي مولوي
محمد احمد کوکر کان فارسي پڙهڻ شروع ڪئي، جنهن کي
فارسي پڙهائڻ تي مڪمل عبور حاصل هو. فرسٽ ييئر جي
دوران ئي هن ’ڪريما‘ پاڙهي پوري ڪئي. وري ٻئي سال
اسان کانئس گلستان ۽ بوستان پڙهي پورا ڪيا. مولي
صاحب جي پڙهائڻ جو انداز نهايت دلچسپ هو ۽ اهي
ڪتاب گهڻي ڀاڱي کيس برزبان ئي هوندا هئا. مولي
صاحب پنهنجي وضع قطع جي لحاظ کان نهايت سادو سودو
هوند هو ۽ هو مولوي کان وڌيڪ دراصل صوفي منش ۽
درويش لڳندو هو. انهيءَ دوران اسان خيال ڪيو ته
ڇونه عربيءَ تي به دسترس حاصل ڪجي. اهو سوچي اسان
لاهوري محلي جي هڪ ٻئي عالم مولوي عبدالڪريم،جيڪو
عربي پاڙهڻ ۾ مشهور هو، انهيءَ وٽ وڃڻ شروع ڪيو.
هن صرف و نحو جا ابتدائي سبق مڪمل ڪرايا، پر تنهن
کان پوءِ اهو سلسلو جاري رهي نه سگهيو. بهرحال
اسان عربيءَ ۾ ايتري ڄاڻ حاصل ڪري ورتي جو مشرقي
زبانن جي پهرئين مرحلي يعني”مولوي“ جي امتحان ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي سون.
فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا ٻه سال يعني سال 1968ع۽ 1969ع نهايت مشغول
گذريا. فالتو وقت ۾ نصاب جي
ڪتابن کان علاوه هر قسم جي لٽريچر مذهبي، تاريخي،
سياسي مطلب ته هر قسم جي موضوع تي اسان ڪتاب ۽
رسالا پڙهندا هئاسين، ۽ اسان جي گڏجاڻي به تقريباً
هر روز ٿيندي هئي. هينئر اسان جي گڏجاڻين جو مرڪز
اهو سومرا بڪ بائينڊنگ هائوس هوند هو، جتي شام جي
وقت چڱي بيٺڪ لڳندي هئي. انهيءَ محفل ۾ ڪڏهن ڪڏهن
لاڙڪاڻي جون وڏيون ادبي شخصيتون به اچي شامل
ٿينديون هيون، جن ۾ خاص طور قابل ذڪر ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
قربان علي بگٽي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مظهر
سلطان بخاري، مولوي نور الدين نور چانڊيو، صفي
الله عباسي، سليم اختر ڪورائي، وغيره شامل آهن.
اهو نهايت پر آشوب دور هو. پاڪستان جي سياست پر
پيچ راهن تان گذري رهي هئي، اسان جو اهو ادبي
آکاڙو المرتضيٰ واري روڊ تي هو ۽ ان کان گهڻو پري
به نه هو. اسان جي انهن ڪچهرين ۽هر قسم جي موضوع
مذهب، ادب، سياست وغيره تي عام جام بحث ٿيندا هئا.
*
*
*
سال1969 ۾ مون انٽر سائنس جو ۽ امير علي انٽر آرٽس جو امتحان
پاس ڪيو، جنهن ۾ سندس حيدرآباد بورڊ ۾ ٽين پوزيشن
آئي. مون کي انجنيئرنگ سان ڪا رعبت ڪانه هئي، تنهن
ڪري سنڌ يونيورسٽي ڪونه آيس. البت امير علي بي.
اي. (آنرس) انگريزيءَ ۾ اچي داخلا ورتي ۽ آءُ ساڻس
گڏجي آيس. سندس والدين جي اها حيثيت ته ڪانه هئي
جو کيس يونيورسٽيءَ ۾ پاڙهي سگهن، پر هن کي اهو
آسرو هو ته پوزيشن جي ڪري کيس اسڪالرشپ وغيره
ملندي ۽ هو گذارو ڪري ويندو. پراها محض خوشفهمي
ثابت ٿي ۽ جڏهن سندس گذارو نه ٿيو ته امير علي وڃي
سنڌي ماستر ٿيو. سندس مقرري موجوده ضلعي ٿرپارڪر ۽
بدين جي دور افتاده ڳوٺن ۾ ٿي. اتي هن زندگيءَ کي
وڌيڪ ويجهو وڃي ڏٺو، هو حساس دل ته اڳيئي هو، سو
هن پنهنجا اهي مشاهد! خطن جي صورت ۾ محفوظ ڪيا.
يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم ۽ ماستري دوران هن ڪيئي
خط لکيا جيڪي ادبي لحاظ کان واقعي شهپارا آهن ۽
ماستريءَ دوران هو ڪجهه عرصي لاءِ موڪل وٺي
يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس پڻ اٽينڊ ڪندو رهيو. اهڙيءَ
طرح هن آنرس جي ڊگري حاصل ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾
تعليم حاصل ڪرڻ دوران هو علامه آءِ. آءِ قاضي
هاسٽل (ڊي بلاڪ) جي ڪمري نمبر27۾ رهندو هو، پر
جڏهن 1971ع ۾ مون ايم. ايس. سي رياضيءَ ۾ داخلا
ورتي. ته اسين ٻئي ڪمري نمبر30 ۾ رهڻ لڳاسين.
سال1973ع ۾ هن ايم. اي. انگريزي ادب ۾ ۽ مون ايم.
سي رياضي ۾ ڊگري حاصل ڪئي. سال 1974ع ۾ حسب خواهش
مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضيءَ جي شعبي ۾
ليڪچرر شپ ملي ويئي، پر امير علي هڪ دفعو وري
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ وڃي ايم. اي. جرنلز ۾ ۾ داخلا
ورتي سندس خيال هو ته ايم. اي. ڪري صحافت ۾ اچي ۽
ان کي پنهنجو ميدان عمل بنائي. بظاهر انهيءَ وقت
تائين وٽس آمدنيءِ جو ڪو معقول ذريعو ڪونه هو، پر
ڪن ادارن جي مالي معاونت جي آسري تي اچي ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي اقبال بلاڪ ۾ رهائش پذير ٿيو.
اهوئي سبب هو جو ڪجهه وقت کان پوءِهو پنهنجي تعليم
کي جاري رکي نه سگهيو ۽ سگهوئي هن ايم. اي.
انگريزي ادب جي ڊگريءَ جي بنياد تي ليڪچراري حاصل
ڪئي ۽ سندس پهرين پوسٽنگ جامعه مليه ڪاليج ملير ۾
ٿي۽ ڪجهه وقت کان پوءِ نئشنل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بدلي
ٿي آيو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران هن اعليٰ سول
ملازمتن
(Central Superior Services) جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري ورتو ۽ ان جي نتيجي ۾
کيس اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس منتخب ڪيو ويو. سروس
دوران هو سنڌ ۾ ڪيترن ئي ضلعن جو نهايت برجستوايس.
پي ٿي رهيو. آخر ۾ هو اڻويهين گريڊ ۾ ڊي_ آءِ_جي
جي رئنڪ تي پهتو هو.
امير علي شروع کان ئي شعر و شاعريءَ سان شغف رکندو آيو ۽ اهو
شوق کيس فطرت طرفان مليل هو. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ
جي زماني ۾ هن جو زياده ڌيان شاعريءَ جي مطالعي
طرف رهيو. سنڌي موزون شاعريءَ کان سواءِ هن اردوءَ
جي تقريباً هر وڏي شاعر کي پڙهيو هو. ڪلا سيڪي
شاعرن کان سواءِ هن جديد اردو شاعرن کي به پڙهيو
هو ۽ پڙهندو رهندو هو. خاص طور جوش مليح آبادي،
فيض احمد فيض، ابن انشا، احمد نديم قاسمي، ناصر
ڪاظمي ، احمد فرزا وغيره جا مڪمل شعري مجموعا وٽس
موجود هئا. سنڌي موزون شاعريءَ ۾ هو فيض
بخشاپوريءَ جو وڏو مداح هو. ڪاليج جي زماني ۾ ئي
هو. ”خمخانه فيض“ منجهان ڪيترا شعر بر زبان ياد
ٻڌائيندو هو، جيڪي جيتوڻيڪ ثقيل فارسي لفظن سان
پُر هوندا هئا، پر هو انهن جي تشريح به پاڻ ڪري
ٻڌائيندو هو. وري قدرت خدا جي، جڏهن هو جيڪب آباد
۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس مقرر ٿيو ته ”فيض“ جي
قدردانيءَ ۾ هن وسان ڪونه گهٽايو. اهوئي سبب هو جو
شاعري ممدوح جو به ساڻس وڏو قرب هو. منهنجي اسپين
اُسهڻ کان اڳ جڏهن هو مون سان گهر تي ملڻ آيو، ۽
جيڪا آخري ملاقات ثابت ٿي، ان ۾ به هن فيض جا
ڪيترائي شعر ٻڌايا، جن مان هيٺيون شعر پنهنجي
معنوي علويت سبب مون کي به ياد رهجي ويو.
دوشيزهء عرفان سي هون همنشين همدم
جبريل سي کهدو که ملاقات به هوگي.
امير علي پاڻ گيت، غزل، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنف ۽ شاعري ڪئي. هڪ
دفعي مون کي ٻڌايائين ته پاڻ ٽي. ويءَ لاءِ غزل
لکيو اٿائين، جيڪو ٽي. ويءَ تان ڪنهن سنڌي فنڪاره
جي آواز ۾ نشر ٿيڻو آهي. مون کي چيائين ته آءَ اهو
ضرور ٻڌان، ڇو ته ان جي ڌُن ڪمپوز ڪرائڻ ۾ به هن
پاڻ حصو ورتو هو. مون کي پوءِ ياد آيو ته ٽنڊي
محمد خان ۾ نوڪري دوران هن هارمونيم تي چڱي خاص
مشق ڪئي هئي ۽ هن سلسلي ۾ مٺو ڪڇيءَ کي استاد ورتو
هئائين. اتي ئي هن پنهنجي فرمائش تي مٺو ڪچيءَ کان
پنهنجا غزل ڳارايا هئا ۽ هن جون ٻه ٽي راڳ جون
خصوصي محفلون به منعقد ڪرايون هئائين. اميرعلي جو
مزاج واقعي شاعرانه هو. پنهنجي معمول واري بلڪ
پوليس جهڙي نوڪريءَ ۾ به هو انهيءَ مزاج تان
دستبردار ٿي نه سگهيو ۽ نه وري ان ۾ ڪا گهٽتائي
آئي. جيتوڻيڪ هو چئن پنجن ضلعن ۾ ايس_ پي. ٿي رهيو
۽ محموعي طور ڪامياب آفيسرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو،
تاهم هو پنهنجي انهيءَ حساس مزاج سبب بالا آفيسرن
۽ وڏن ماڻهن سان گهٽ ٺهي
(Adjust)سگهيو.
هن وٽ سچ پچ هڪ شاعر واري دل هئي ۽ ان ڪري هو تمام گهٽ پابنديون
قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو هو. هر شاعر وانگر هو
سڀاويڪ حسن پرست ۽ حسن جو دلداه هو، بلڪ انهيءَ
حسن منجهان کيس ڪجهه سوايو حصو حاصل هو؛ ايتريقدر
جو هو نسواني حسن جي تعريف پنهنجي شعر تائين محدد
نه رکي سگهندو هو، بلڪ زباني طور به ان جي وضاحت
ڪري پاڻ کي ۽ ٻين کي محظوظ ڪندو رهندو هو. جديد
سنڌي شاعري ۾ هو شيخ اياز، امداد حسيني ۽ تاج بلوچ
کي پسند ڪندو هو. انهن جا ڪي نظم کيس ايترو پسند
آياجو انهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي
پوءِ ڪن اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيا هئا.
امير علي ساڳئي وقت هڪ سٺو نثرنگار ۽ سٺو نقاد به هو. مهراڻ
1980ع ۾ ڇپيل سندس مضمون “ڪهاڻي جا ترڪيبي جزا“ ۾
مهراڻ (1۽ 2/1988) ۾ “تاج بلوچ هڪ رومانوي شاعر“
سندس فن ۽ تنقيد ۾ مهارت ۽ دسترس جي ساک ڀرين ٿا.
ان کان اڳ هن ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ تي به
هڪ چڱو خاصو مقالو لکي شايع ڪرايو هو. شاهه لطيف
جي فڪر ۽ فن تي لکڻ لاءِ هميشه سندس ذهن ۾ وڏا
خاڪا ۽ پلان موجود هوندا هئا. ٻن موضوعن جي باري ۾
هو ڪافي وقت کان وٺي سوچيندو ٿي رهيو. ڳچ مواد گڏ
به ڪيو هئائين. سندس اهي ٻه موضوع هئا: ”شاهه ۽
وجوديت“ ۽ ”شاهه جي جماليات“. آخري ڏهاڙن ۾ ”شاهه
لطيف ۽ مغربي شاعر“ جي موضوع تي پڻ چڱا خاصا صفحا
لکي ويو هو، پر اهو مضمون مڪمل نه ڪيو هئائين. هڪ
ڏينهن مون کي ٻڌايائين ته شاهه ۽ شيڪسپيئر، شاهه ۾
ملٽن جو موازنو مڪمل ڪيو اٿم، پر اڃان مطمئن نه
آهيان.
امير علي فلسفي جو به باقاعده مطالع ڪيو هو. هو جڏهن سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي. انگريزي ادب ۾ آنرس جو
شاگرد هو تڏهن هن فلسفي کي اختياري مضمون
(Optional Subject)
طور پڙهيو هو. ان کان پوءِ
فلسفي سان سندس لڳاءُ سڄي عمر هلندو آيو. فلسفي جي
عمومي مطالعي کان سواءِ هن وجوديت (Existentialism)
جي موضوع تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو ۽ انهيءِ
مضمون تي ڪافي لٽريچر گڏ ڪيو هئائين. هو هميشه مون
سان ان ڳالهه تي بحث ڪند هو ته شاهه لطيف جو عدم
يا نيستي ۽ ناهه جو تصور تصوف جي عدم جي بقابلي ۾
وجوديت جي
Nihilism جي وڌيڪ قريب آهي.
سنڌي ادب جي ترقي ۽
ترويج لاءِ امير علي هميشه وڏا وڏا ويچار پيش ڪندو
هو. بلڪ هن سلسلي ۾ سندس رويو ڪڏهن ڪڏهن ته جذباتي
به ٿي ويندو هو. هڪ دفعي اسان ٻئي گڏ هئاسين، جو
محترم ڊاڪٽر بني بخش بلوچ، جيڪو ان وقت سنڌي
ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمن هو، سان سندس
آفيس ۾ ملاقات ٿي. ڳالهين ڳالهين ۾ هو ڊاڪٽر صاحب
سان پنهنجي لاءِ به هڪ وڏي ڪم جي هام هڻي ويٺو.
چيائين ته سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري انگريزي_ سنڌي لغت
جي سخت ضرورت آهي، جنهن جي ذميواري هن پاڻ تي عائد
ڪرڻ تي گهري. ڊاڪٽر صاحب چيو ته اسان پاڻ اهڙي
ماڻهوءَ جي تلاش ۾ آهيون جيڪو اسان کي اهو ڪم ڪري
ڏئي. اصولي طور طئه اهو ٿيو ته امير علي ڀلي
انهيءَ ڪم جو آغاز ڪري. چند ڏينهن کان پوءِ هن
ڪجهه صفحا مرتب به ڪيا ۽ مون کي ڏيکاريائين، پر ان
کان ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو. مون کي اڳيئي احساس هو
ته سندس صحت کيس اجازت ڪانه ڏيندي، پر هتي معاملو
عشق وارو هو.
بهرحال سنڌي ادب جي جنهن حوالي سان امير علي کي هميشه لاءِ ياد
رکيو ويندو، اهو سندس شاهه لطيف جي بيتن جو
انگريزي ترجمو آهي، بلڪ منهنجي خيال ۾ سندس
عالمانه ۽ شاعرانه صلاحيتن جو مڪمل ۽ اعليٰ اظهار
انهيءَ ترجمي مان ئي واضح ٿئي ٿو، ياد ناهي ،ا هو
خيال کيس ڪئين آيو. پر هڪ دفعي ڪجهه بيتن جو ترجمو
ڪري مون کي ڏيئي ويو ۽ هميشه وانگر اهو چئي ويو ته
آءُ انهن تي نظرثاني ڪريان. مون کيس چيو ته آءُ
انگريزي شاعري جي عروض(Prosody)
کان بلڪل نا آشنا آهيان، سو آءُ کيس
ڪهڙا مشورا ڏيئي سگهندس. پر هميشه وانگر هن جو
اصرار هو ته آءُ کيس پنهنجي راءِ کان ضرور واقف
ڪريان. مون ڪن هنڌن معنوي لحاظ کان ساڻس اختلاف
ڪيو ۽ ڪجهه الفاظ بدلائي وڌم. اهڙن موقعن تي اڪثر
ٿيندو ائين هو جو هو راءِ يا مشورو وٺندو ته ضرور
هو، پر انهن مان تمام گهٽ ڳالهيون قبول ڪندو هو.
منهنجي راءِ وٺڻ کان پوءِ هو انهيءَ ترجمي کي آخري
نظرثاني لاءِ منهنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني جي
استاد پروفيسر عبدالمنان چانڊئي کي لاڙڪاڻي موڪلي
ڏيندو هو، جيڪو واقعي انگريزي ادب ۽ شاعريءَ جو هڪ
قابل استاد آهي.
ان کان پوءِ وري جڏهن اسان ٻنهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان
سندس ”سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري“ واري آفيس
۾ ملاقات ڪئي ته انهيءَ ترجمي جو ذڪر نڪتو. ڊاڪٽر
صاحب ترجمي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، ترجمو ڪري،
جيڪي سندس مرتب ٿيل ”شاهه جي رسالي جو جامع ۽
مستندمتن“ ۾ شامل آهن ته اهي علامه آءِ. آءِ. قاضي
چيئر طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي شايع ڪجن. ان کان
پوءِ اميرعلي ڪوشش ڪري اهي ٻيئي سر انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي”هلال پاڪستان“ اخبار ۾
روزانو هڪ هڪ بيت ٿي شايع ٿيندا رهيا. ڪافي عرصي
کان پوءِ مون امير علي کي ياد ڏياريو ته هاڻي جڏهن
ٻيئي سر مڪمل ٿي چڪا آهن ته انهن کي منصوبي مطابق
ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو وڃي. مون وڌيڪ اهو خيال به
ڏيکاريوته مون شاهه لطيف جو زندگيءَ تي انگريزيءَ
۾ جيڪي لکيو آهي، اهو به انهن بيتن سان گڏ شايع
ڪجي. ليڪن تڏهن پاڻ اهو انڪشاف ڪيائين ته اهي بيت
هينئر وٽس هڪ هنڌ محفوظ نه آهن، البت اهي ٽڙيل
پکڙيل مختلف ڪاغذن ۽ پنن تي ڪٿي ڪٿي موجود هوندا.
آخر صلاح اها بيٺي ته”هلال پاڪستان“ وارن کي چئجي
ته اهي مسودي جي اصلي ڪاپي موٽائي ڏين پر هي ڪم ته
آسمان تان تارن لاهڻ کان گهٽ ڪونه هو. پاڻ ڪوشش به
ورتائين پر ڪجهه ورڻو ڪونه هو!
’سرڪلياڻ‘ ۽ ’يمن ڪلياڻ‘ کان پوءِ امير علي ’کنڀات‘، ’آسا‘ ۽
‘ڪيڏاري‘ جا به ڪافي بيت ترجمو ڪيا هئا،جيڪي پڻ
هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيا هئا. ادب جي پارکن جي
راءِ آهي ته انهيءَ منظوم ترجمي ۾ شاهه سائينءَ جي
بيتن جي اصل روح کي وڏيءَ حد تائين محفوظ ڪيو ويو
آهي ۽ سڄاڻ پڙهندڙ ان کي محسوس ڪري سگهن ٿا.
امير علي مون کي هڪ دفعي ٻڌايو ته سندس والد شاهه لطيف جو فقير
هو۽ هو ڪارا ڪپڙا انهيءَ نسبت سان پائيندو هو. ياد
رهي ته شاهه سائينءَ جا راڳائي فقير ڪارا ڪپڙا
پائيندا آهن، بلڪ انهن جي پڳ به ڪاري هوندي آهي،
هن اهو به ٻڌايو ته ڪيئن سندس والد تقريباً هر سال
شاهه سائينءَ جي ميلي تي باقاعدي حاضري ڀريندڙ هو
۽ هن جي عقيدت جو ڇا عالم هو. امير علي جي ترجمي
مان مون کي لڳندو آهي ته شاهه جي ڪلام سان سندس
انس ۽ جذبو، هن کي پنهنجي والد کان ان ريت غير
محسوس طريقي سان ورثي ۾ مليو هو.
هتي
اسان ڪجهه بيت نموني طور ڏيئي رهيا آهيون ته جئين
پڙهندڙ پاڻ به اندازو ڪري سگهن.
سر نسرئا پاند، اتر لڳا آءُ پرين
مون توڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
Spring, summer, autumn Passed,
Fern have blossomed.
Northerly cold Winds are Whizzing
Several Vows I offered For You,
O! darling now come, Winter is offing
مٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناهه ڪلام
سڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو
Whatever he speaks is more than a sweet,
Sour
it is not, neither is it bitter,
Reticence of
beloved, is
More then speaking or even better.
جنين دور درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسڻ پرين جو.
Those who are reciting and recalling agonies
They go through lessons of Pain drily,
They are deeply engrossed in his thought
And therein they Perceive their beloved.
ويڄ مَ مون وٽ ويهه،
آيا جاني مون گهر آيا
آيا هادي مون گهر آيا.
ويڄن وڏائي وس ڪئا مرض منهنجي کي.
مرچڱيائي نه ٿيان ويڄ م ٻڪي ڏي.
ڪرلاهو ٿي ڪڏهين، اڱڻ شال اچي!
ٻُڪي ڏيندم ٻاجهه جي سندو رحمت ري.
Oh! Physician waste not your time
Do not tarry long at my house.
My darling has graced my house.
My beloved has walked in my house.
Physicians tried all their skill and expertise
To know my ailment and Cure my disease
Let my condition deteriorate and let their be no
improvement
Oh! Physician give me not your drugs and
treatment
Would that be he may attend me as his patient
And may grace my courtyard with his Presence.
He himself will sooth and solace with his mercy
With kindness, compassion, divine favour and his bounty.
امير علي جو اهو ترجمو اڃان منظر عام تي نه آيو هو، بلڪ اڃان هن
شروع مس ڪيو هو جو مون کي ٻه ٽي دفعا اهو خيال آيو
ته ڇا سورلي، ايلسا قاضي ۽ ٻين اڪابرن جي انگريزي
ترجمن کان پوءِ اڃان وڌيڪ ترجمن جي ضرورت هئي. وقت
گذرڻ سان ان سوال جوجواب ملي ويو ۽ اهو ” هلال
پاڪستان“ ۾ ڇپيل ترجمي جي پذيرائي جي صورت ۾ هو.
ادبي حلقن ۾ پڻ ان ترجمي جي چڱي واکاڻ ڪئي ويئي.
بهرحال انهيءَ ترجمي منجهان جتي هڪ طرف شاهه جي
عظمت جو پڪو پختو ثبوت ملي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾
ايڏي آفاقيت آهي جو هر دور ۾ ان کي نئين رنگ ۽ ڍنگ
سان پيش ڪري سگهجي ٿو، ته ٻئي طرف سندس معنوي
اهميت جو پڻ پتو پوي ٿو ته ڪو به ترجمو پوريءَ ريت
اُن جو احاطو ڪري نٿو سگهي. انهيءَ ڪري اهو پڻ چيو
ويندو آهي ته الهامي شاعريءَ جو ترجمو ٿي نٿو
سگهي. ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته الهامي
شاعريءَ جا هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيندا
رهندا.
اسان جو ادبي سفر تقريباً گڏوگڏ هلندو رهيو. جيتوڻيڪ سائنس جي
مضمون ۾ ايم. ايس. سي. ڪرڻ سبب ڪجهه وقت لاءِ
منهنجو ميدان کانئس الڳ رهيو، تاهم مون جيڪي ڪجهه
انگريزيءَ ۾ لکيو يا جيڪي ٻه ٽي ڪتاب سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيا يا لکيا، انهن سڀني ۾ سندس صلاح مشورو
شامل هو. پوءِ اهو سرجيمس جينس جي
“The Mysterious Universe”
جو ترجمو ”پراسرار ڪائنات“ هجي
(جيڪو سنڌ سائنس سوسائٽي 1974ع ۾ ڇپيو)، يا علامه
اقبال جي فلسفيانه خطبات
“The Reconstruction of Religious Thought in
Islam”
جو ’اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل“ هجي(جيڪو 1979ع ۾
اقبال اڪيڊمي لاهور وارن ڇاپيو) يا علامه آءِ. آءِ
قاضي تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو
“Casual Peeps at Sophia” هجي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سال 1995ع ۾”صوفي لاڪوفي“ جي نالي
سان ڇپيو. اهڙيءَ طرح سال 1986ع ۾ ”سنڌ سائنس
سوسائٽي“ وارن ”علم فلڪيات“ (Astronomy)
جهڙي خالص سائنسي موضوع تي منهنجو لکيل ڪتاب ڇپيو.
انهيءَ ڪتاب جي لکڻ ۾ به هن جو مشورو شامل هو.
امير علي کي ادب ۽ ڪتابن سان ڪيترو لڳاءُ هو ان جي وضاحت ائين
ڪجي ته هو ”Book
addict“هو.
غربت جي زماني ۾ رديءَ جي ڪتابن کان وٺي جڏهن هو
ڪتاب خريد ڪري سگهڻ جي حيثيت ۾ آيو، هن ڪتابن کي
پنهنجي محبوب جو درجو ڏنو. شايد اهو ئي سبب جو جو
اعليٰ پوليس آفيسر هوندي به منجهس ڪا ٻي عادت
ويجهو اچي ڪانه سگهي. حد ته اها هوندي هئي جو سندس
سمهڻ وراي ڪمري ۾ خاص طرح سيرانديءَ کان چڱي خاص
لئبرري موجود
هوندي هئي. گذريل پنجن ڇهن سالن کان هو جيري جي
مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ انهيءَ مرض ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو،
پر ڪتابن سان سندس پيار ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي.
بلڪ مون محسوس ڪيو ته ڪتابن کي ڏسڻ ۽ ڇهڻ سان کيس
فرحت محسوس ٿيندي هئي. ڪتابن جي باري ۾ سندس ڪيفيت
بقول غالب، اها هئي. “رهني دو ابهي ساغر و مينا
مري آگي.“ هن جي مطالعي جا موضوع به ڪيڏانه وسيع
هئا ! ادب، شعرو شاعري، تاريخ، سياست، مذهب ۽
فلسفو سندس محبوب موضوع هئا، پر انهن کان علاوه هو
طب ۽ سائنس جي نين ايجادن بابت به پاڻ کي باخبر
رکندو ايندو هو. آخري ڏهاڙن ۾ هو ڪمپيوٽر به وٺي
آيو ۽ چوندو هو ته اڳتي علم جي حاصلات ان کان
سواءِ گهڻو ڏکي ٿي پوندي ۽ ان جي ذريعي تمام سولي.
مون کي جڏهن اهو ڪمپيوٽر ڏيکاريائين ته ان تي
انسائيڪلوپيڊيا جي ڊسڪيٽ هلائي چيائين ته هاڻي ڏس.
انهيءَ ۾ پوري برٽا نيڪا انسائيڪلو پيڊيا جا
چاليهه جلد اٿئي، بلڪ ٻيو ڪجهه به! واقعي ان ۾ ٻيو
گهڻو ڪجهه به موجود هو. مون کيس چيو ته علم ته هر
دور ۾ انبار ۽ ڍڳ جي صورت ۾ موجود رهيو آهي، البت
ان مان استفادي ڪرڻ وارا گهٽ رهيا آهن !
امير علي بنيادي طور شاعر يعني حساس دل جو مالڪ هو ۽ ان ڪري کيس
دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کپندو هو ،پر شايد ائين
ناهي. قدرت جا رنگ عجيب آهن. جيري جي بيماريءَ جا
مٿس ڪيئي حملا ٿيا. جڏهن تڪليف حد کان وڌي ويندي
هيس ته آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيندو هو ۽
ائين ٻه ٽي دفعا ٿيو. آخر ۾ هڪ دفعو سرڪاري خرچ تي
لنڊن مان به ٿي آيو، جتي کيس مبهم انداز ۾ اشارو
ڏنو ويو ته هينئر سندس علاج بقول غالب:”لي آئين گي
بازار سي جاکر دل وجان اور“ يعني جگر جي تبديلي (TransPlantation)۾ هو. ڪاش، انساني اعضا جي پيوند ڪاري يا تبديلي ايڏي سولي هجي
ها، جنهن جي خواهش غالب پنهنجي هڪ ٻئي مشهور شعر ۾
به ڪئي آهي، جنهن ۾ دل ۽ زبان جي تبديليءَ جو ذڪر
ڪيو اٿس:
يارب وه نه سمجهي هين نه سمجهين گي مري بات
دي اور دل ان کو جونه دي مجهه کو زبان اور.
بهرحال امير علي جو انتقال ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب دل جي بيهجي وڃڻ
سبب ٿيو. اهو 12آڪٽوبر 1996ع جو ڏهاڙوهو.
امير علي هيڏي ساري ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو ۽ کيس به پڪ هئي
ته ان مان سندس ڇوٽڪارو مشڪل هو، پر ان جي باوجود
به هو انتقال پرسڪون رهيو ۽ مون کيس ان سلسلي ۾
ڪڏهن به پريشان نه ڏٺو. شايد هو پنهنجي طبعي موت
کان اڳ پنهنجي اصل موت سان ملي آيو هو.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات
هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا.
(شاهه
لطيف)
ممتاز بخاري
جديد سنڌي ادب
جو اڀياس
سنڌ کان عالمگيريت جي اظهار تائين
(ادل سومري جي ڪتاب ”سمنڊ جا ڳي ٿو“ جو تنقيدي اڀياس)
سنڌي تخليقي ادب لاءِ مون اڳ به اها دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌي
شاعري عالمي ادب ۾ هميشه پنهنجي الڳ ۽ انفرادي
حيثيت مڃرائيندي رهي آهي/ رهي ٿو ، ۽ ان سان گڏ
اها به حقيقت آهي ته انتهائي غير معياري شاعري به
سرجندي رهي آهي ۽ رهي ٿي.
پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا رڳو هو الزام سنڌي
شاعريءَ سان ئي لاڳو
ٿئي ٿو. ان جو جواب حاصل ڪرڻ جو انتهائي سولو
طريقو اهو آهي ته اسان کي همعصر ڏيهي ۽ ٻين ٻولين
۾ سرجندڙ ادب جو جائزو وٺڻو پوندو، ته نتيجو
سامهون اچي ويندو. جيتوڻيڪ مون کي ته ادل سومري جي
شاعري ڪتاب”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو تنقيدي جائزو وٺڻو
آهي، پر ان سان گڏ ٿورو بحث مٿئين موضوع بابت به
ٿي وڃي ته بهتر آهي. هن وقت به جڏهن اسين يورپ ۾
سرجندڙ شاعريءَ جو جائزو وٺنداسين ته اتي هن وقت
شاعري جي آيل لاڙن ۾ رڳو واقعن کي اپٽارڻ يا
ولگرٽيءَ جي اظهار جا رجحان گهڻي ڀاڱي ملندا.
Poets. Clubs
هجن يا ٻيون ادبي تنظيمون هجن، اتي پڙهيل شاعري جا
ٽُڪرا جڏهن پرڏيهي رسالن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ته
اهو يقين اچي وڃي ٿو ته اسان جي سنڌي شاعريءَ جا
ڪيترائي نانءُ انهن کان گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سيڪڙو
سٺي شاعري ڪن ٿا. اها وعويٰ مان سڀني سنڌي شاعرن
لاءِ نٿو ڪريان، پر انهن جو تعداد چڱو خاصو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي هاڻوڪي ٽهي يا ان کان ٿورو اڳ
واري ٽهيءَ جو ايڏو وڏو مطالعو ناهي ، ته به جڏهن
اسين انهن جي تخليق کي پرهنداسين ته ڪيترائي موضوع
۽ شعر هڪ ئي مقصد ۽ هڪجهڙائيءَ جي رنگ ۾ رتل نظر
ايندا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي شاعر جي
تخليقي اڏام ڪنهن به طرح سان گهٽ ناهي، باقي خراب
شاعري ڪهڙي ادب ۾ ناهي. جي موڊ ٿئي ٿو ته ڊينيل
اسٽيل، جنهن جا ناول بيسٽ سيلر ۾ ڳڻيا ويندا آهن،
سا به شاعري ڪري ويهي ٿي . ائين اسان وٽ به شاعري
۾ زوري ٽپي پوڻ وارن جو تعداد گهٽ ناهي، پر هڪڙي
ڳالهه واضع آهي ته سنڌي شاعر وٽ اُهوئي فڪر ۽
ڏانءُ ، موضوع ۽ فلسفو آهي، جيڪو ڪنهن به عالمي
شهرت رکندڙ شاعر وٽ هوندو آهي. مان هتي رڳو ٻه
مثال ادل سومري جي هن ڪتاب جي حوالي سان ڏيندس.
جيئن والٽ وٽمئن (walt
whitman)
پنهنجي دگهي نظم ”
Out of Cradle Endlessly Rscking”“
جيڪو هن 1809ع ۾ هو، ۾ چيو آهي:
O past! O happy life! Songs of
joy!
In the air, in the woods, over fields
Loved! Loved! Loved! Loved!
۽ ادل سومري چيو:
پيار محبت واري وائي،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائڻ گهرجي.
اهو
هڪ تمام معمولي مثال آهي. سنڌي شاعري کوڙ جاين تي
ڪيترن ئي عالمي مڃتا ماڻيندڙ شاعرن جي فڪري گهرائي
کان اڳتي به آهي ۽ حيرت ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه اها
اهي ته جتي تمام وڏو شاعر جيڪا ڳالهه ڪري ٿو ته
اسان وٽ اڀريل ٽهي يا اڀرندڙ ٽهيءَ جو شاعر به
اُهوئي فڪر، اهڙو يا ان کان ٿورو گهٽ يا وري ان
کان به وڏيڪ ڏئي ٿو. جيئن اڄ جي دؤر جي وڏي نالي
براڊسڪي (Joseph
Brodsky)جو
هڪ نظم مئي 1994ع ڌاري هڪ انگريزي رسالي ۾ ڇپيو،
جيڪو بوسينيا (Bosinia)
۾ ٿيندڙ انساني ڪوس جي فڪر تي هڪ شاعر جا احساس
آهن:
As you pour yourself Scotch
Crush a roach or check your watch,
As your hand adjusts your tie,
People die.
In the fowns with funny names,
Hit by bullets, caught in flames,
By
and large not knowing why,
People die.
In small places you don`t knew
Of, yet big for having no
Chace to scream or say goodby,
People die.
People die as you elect
New apostles of neglect,
Self_restraint ect_where by
People die.
Too far off
to practice love
For thy neighbor/brother slav,
Where your cherebs dread to fly,
People die.
While the statues disagree,
Cains`s version, history
For its fuel tends to buy
Those who die.
As you watch the ahlets score
Check your latest statement, or
Sing your child a lillaby,
People die.
Time, whose sharp blood_thirsty guill
Part`s the killed from those who kill
Will pronounce the latter fribe
as your type.
براڊسڪي جيئن هن نظم ۾ هڪ طبقي جي عياشين ۽ ٻين مظلومن جي مرڻ ۽
ڏاگهه جو ذڪر ڪيو آهي. (هن نظم جو نانءُBosinia Tuneآهي)، تيئن ادل سومري وري هن نظم جي ڇپجڻ کان اڳ انهيءَ
فڪر ۽ فلسفي تي پنهنجيون ڪويتائون لکيون. سنڌيءَ ۾
ڪافي ٻين شاعرن به انتهائي خوبصورت ۽ بهترين شعر
رچيا آهن، جيڪي پڻ انهيءَ فلسفي ۽ فڪر جا آهن.
انهن جو هتي ذڪر انڪري نٿو ڪجي، ڇو ته ڪنهن به هڪ
جو ذڪر نه ڪرڻ، جيڪو پڻ انهيءَ معيار جو هجي، ان
سان زيادتي ٿيندي. ان لاءِ مان هڪ الڳ تحقيقي
مضمون کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته اسان جا
ڪيترائي شاعر اوچو مقام رکن ٿا، تيئن ادل سومري جا
ڪجهه شعر پڻ انهيءَ فلسفي جو ويجهو آهن.
انهيءَ لاءِ سندس نظم، ’ڪئمپ، ڪرفيو ۽ چنڊ‘ ڏسو، جنهن ۾ ڏک جو
منظر ۽ درد جو ڏيک آهي: نظم جون هنڌان هنڌان ڪجهه
سٽون:
ڪئمپ ۾ ڪوئي ٻار ٿو روئي،
ڦاٽل بينر ڦڙڪي ٿو پيو.
دل ڌرتيءَ تي ديس دکيءَ جا،
ڪيئي گهاوَ ڦٽي پيا آهن.
رهبر سارا روز اسان ڏي،
اخباري بيان ٿا اماڻين.
يا سندس نظم، ڌرتيءَ تي دوزخ‘، امن جا وٿاڻ‘، ڪتب خانا ۽
قبرستان‘ پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن تحقيقي جائزو وٺبو
ته اهي نظم ”Bosinia
Tune“ کان ڪنهن به طرح سان گهٽ ناهن. ڇو ته شاعر جو فڪر رڳو بوسينيا
ناهي، پر هو ان کي پيش ڪري هر ڏکي انساني طبقي جي
نمائند گي ڪري ٿو. ايئن جيڪڏهن ادل يا ٻيو ڪو شاعر
سنڌ جا درد هوبهو پيش ڪري ٿو ته او رڳو درد سنڌ يا
سنڌيءَ جو ناهي، پرهر مظلوم جو آهي. اهو فڪر ادل
جي ڪيترن ئي بيتن، غزلن ۽ ٽيڙن ۾ ڀريو پيو آهي. هي
ته مان ٻه ننڍڙا مثال ڏنا.
۽ هاڻي ترتيب سان ادل سومري جي شعري مجموعي ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو
ترتيب وار ذڪر:
ادل سومري سنڌ جي ڪلاسيڪي صنف ’بيت‘ ۾ نه رڳو سنڌ جي مسئلن،
مونجهارن ۽ هاڃن وارين حالتن کي پنهنجي ڏات وسيلي
اپٽاريو آهي، پران سان گڏ هن جي سوچ جو ڦهلاءُ ۽
مدار انسانيت سان ٿيندڙ هاڃن ۽ ان جي ڪارڻن جو پڻ
گيهراءُ ڪري ٿو. منڍ ۾ ئي عنوان ”جڳ، هٿيارن جي
ڇانوَ ۾“ هيٺ آيل بيت عالمگير فڪر جي اظهار هيٺ
رچيل آهن ۽ ان اسان گڏ عنوانن تحت بيتن جي سيريز
جو استعمال پڻ ’فڪر‘ کي سمجهڻ جي آساني پيدا ڪري
ٿو. بيتن جي پهرين حصي ۾ ادل جو جتي سنڌ ۾ ٿيندڙ
واقعن تي هاؤ ڇڄي ٿو:
گوليون گوپانگن کي، مسجد منجهه لڳيون،
حيوانيت کڳيون، هنيون وڏي هيج مان.
ته اتي وري سنڌ کان ٻاهر ٿيندڙ هاڃن کي به هو انسانيت سان ٿيندڙ
ڏاڍ سمجهي چئي ٿو:
بم جيئن بيروت ۾ ، لال ٿيئن لاکاٽُ،
ساڳيو ستم_ گهاٽُ، هر هنڌ آ حيوان جو.
يا
فلسطيني ڪيمپ ۾ ، بک سندو راڪاس،
کائي ماڻهوءَ ماس. ڪونه سڃاڻي ڪنهن کي.
مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو اهو چون ٿا ته سنڌيءَ ۾ مزاحمتي
ادب ناهي رهيو، اُهي يا ته مزاحمتي ادب رڳو نعري
بازي واري شاعري کي سمجهن ٿا يا وري جنهن ۾ رڳو
مرڻ مارڻ جو ذڪر هجي، ان کي ئي مزاحمتي شاعري
سمجهن ٿا. پر اهو رويو مزاحمتي شاعري تي وڏي ۾ وڏي
چٿر آهي، ڇو ته مزاحمتي شاعري جو
وڏي ۾ وڏو روح مسئلن ۽ هاڃن کي اپٽاري، ظلم ۽ ظالم
کي اصلي روپ ۾ پيش ڪرڻ آهي ۽ ادل جابيت پڻ مزاحمتي
شاعري جي انهيءَ زمري ۾ اچن ٿا، جيڪا واقعي
مزاحمتي شاعري آهي. ان سان گڏ ڪيترائي بيت هاڃن جا
منظر(هائيڪو) محسوس ٿين ٿا ۽ واقعو اکين اڳيان
تريو اچي ٿو:
زخمي بس جي شيشن تي رت جي گلڪاري،
ساري سواري، گولين سان وئي گهائجي.
ان کان پوءِ ٻيو موضوع آهي ” سڃ سڄي سڏڪو.“ هن ۾ ٿر جي ڏڪر واري
حالت کان متاثر ٿي ادل سومري بيت رچيا آهن. بيتن
وار ي هن حصي ۾
ادل جي اظهار وارو ڍنگ ۽ گڏوگڏ بيتن ۾ جديديت جو
رنگ ۽ اُهو به اهڙي نموني پيش ٿيل جو محسوس ائين
ٿئي پيو ڄڻ ته نواڻ ۽ روايتي انداز پاڻ ملي سونهن
پيدا ڪئي آهي:
ٿوهر
وانگي ٿر ۾، موت ڦٽو آ ڄڻُ،
سڪي ويو سورن ۾، ٿاريليءَ جو
ٿڻُ،
وقت وڏو هڻ کڻُ، ڏوٿين کي ڏنگي ويو.
موت جو ٿو هر وانگي ڦٽڻ، سورن ۾ ٿڻ سڪڻ، وقت کي هڻ کڻ طور پيش
ڪرڻ فني ۽ فڪري ڪمال جي
انتهائي خوبصورتي سان گڏ درد کي درد ڪري پيش ڪرڻ ۽
مسئلي کي اپٽارڻ جو سولو ۽ ڀرپور اظهار آهي. بيتن
جي هن سموري حصي ۾ ٿر ۾ موجود ماڻهن جي احساسن ،
حالتن ۾ انهن جي جذبن جي ڏڪر هٿان چيٿاڙ جو آئينو
ڏيکاريل آهي.
هوسموري صورتحال ڏسي، پنهنجي احساس جو اظهار ڪندي ڪيڏي وڏي
ڳالهه ڪري ٿو:
مينهن هجي محبوب، مان روئي پرچايان،
مٿان برسايان، ٿرين جي هر ٿاڪ تي.
بيتن جو ٽيون حصو ”انوکو آواز“ جي سري هيٺ آهي جنهن ۾ سچل سرمست
جي فڪر جي حوالي سان کين ڀيٽا ڏنل آهي، جنهن ۾ ادل
سچل جي فڪر کي انقلابي پهلوءَ جي حوالي سان پارڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي.
بيتن جو چوٿين حصي ۾ پيار، درد، وڇوڙي وغيره جي ڪيفيتن ۽ حالتن
کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته شاعر
ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي ڳالهه، موضوع، حالت ۽
ڪيفيت کي پنهنجي ڏات جي ڀاڪر ۾ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش
ڪئي آهي. بيتن ۾ منظر نگاريءَ جي پهلوءَ کي به
آندو ويو آهي. ان سان گڏ شاعري ۾ ڳچ نواڻ جا رنگ
به آهن:
تنهنجي مرڪ_ تلاءُ جو، ڳوليندي چارو،
اڃان اڃارو، هرڻ منهنجي چاهه جو.
هاڻي ڏسو، مرڪ کي تلاءُ ڪري پيش ڪرڻ ۽ ان جو وري چارو ڳولڻ ۽
وري چاهه کي هرڻ طور پيش ڪرڻ شعري سفر ۽ انوکو
اظهار آهي، اهڙا ڪافي اظهار جا نوان رنگ بيتن جي
هن حصي، ”آليون اکيون مرڪ چپن تي“ ۾ ملن ٿا. ان
سان گڏ گهڻ معنيٰ بيت به ملن ٿا، جيئن:
ٻرندڙ جبل جئين، ڪڏهن ڪڏهن تون،
تڏهن وسي مون، توکي آهي ٿڌو ڪيو.
ان
سان گڏ هن حصي ۾، ڪي بيت ۽ ڪي سٽون ۽ خيال اهڙا به
آهن، جيڪي ڪنهن به طرح سان نوان ناهن. اهڙا خيال
اڳ به پيش ڪيا آهن، جيئن مثال طور هي خيال ڏاڍو
اظهاريل آهي:
هجومن ۾ هيڪلو، تو بن آهيان آءُ.
يا
اوجاڳي اکين ۾، ٻاريو آهي مچ.
يا
جنهن جي مُرڪ مٿان، گهريم پنهنجا گيت،
اڄ انهيءَ ميت، نانءُ پڇيو آ مون کان،
ان هوندي به جيتوڻيڪ خيالن جو ورجاءُ آهي، پر انهن جو ڪمپوزيشن
۽ سٽاءُ ادل جي پنهنجي گهاڙيٽي ۾ سلهاڙيل آهي،
جنهن سان بيتن ۾ سونهن ڀريل آهي. ان سان گڏ بيتن
جي سمورن حصن ۾ بيت ٽن ۽ ٻن سٽن وارا آهن. ٻن سٽن
وارا بيت
دوهي، ميل ۽ سورٺي واري جوڙجڪ تحت لکيل آهن، پر
انهن جو ڇند ۾ هڪ جهڙائپ ناهي، هر بيت پنهنجي الڳ
الڳ ماپي ۾ توريل آهي. ان هوندي به
ڪن بيتن ۾ جيتوڻيڪ ماترڪ حوالي سان هڪ ٻن ماترائن
جو فرق اچي ٿو، پر ان جي پڙهڻ يا بيت جي گهاڙيٽي
تي ڪوبه اثر نٿو پئي، ڪي بيت دوهي واري جوڙجڪ ۾ به
آهن.
بيتن کان پوءِ غزلن جو حصو اچي ٿو. غزلن جي پوري مطالعي کان
پوءِ جيڪا خاص ڳالهه سامهون اچي ٿي، اها آهي غزلن
۾ پيشمار موضوعن جي اپٽار. غزلن جي اها حيرت انگيز
خوبي آهي، جوانهن ۾ ستر سيڪڙي تائين سماجي،
معاشرتي ۽ سياسي موضوعن کي پيش ڪيو ويو آهي. مان
سمجهان ٿو ته اها غزل تي شاعر جي سگهاري فني گرفت
۽ان جي مزاج جي مڪمل ڄاڻ ۽ سڃاڻ جو پختو اهڃاڻ
آهي. |