”ها فوزي! اڄ تون ڪنهن ٻئي جي ٻانهن ۾ هوندينءَ...
پنهنجو پيار ڪلائيمڪس کان اڳتي وڌي ئي نه سگهيو،
تون به نيٺ پنهنجي رورل ڪلچرڊ مائينڊ مائٽن جي ٻڌل
رسيءَ ۾ ڦابو ٿي ئي وئينءَ...“خيال سندس دل جي
ڌڙڪن کي معمول کان وڌيڪ تيز ڌڙڪائڻ لڳن ٿا. کيس
اکين جي ڪنارن تي اٿلي پيل ڇولين جو احسان ٿو ٿئي.
اوچتو ڪمري جي ٽيوب لائيٽ آن ٿيڻ تي هو هارايل
نگاهه کڻي ڊاڪٽر ڏانهن ڏسي ٿو. ڊاڪٽر سندس ويجهو
اچي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي آٿت ڏيندي چوي ٿو:
”دوست!مون کي خبر آهي ته تو کي تنهنجي ڪا به وڃايل
شي نه ملي هوندي...جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ڪا
به شيءَ ٻيهر هٿ نه ايندي آهي.“ هو ڊاڪٽر ڏانهن
ٿورائتن نظرن سان ڏسندو، اٿي کڙو ٿوٿئي. بيگ ڪلهي
۾ لٽڪائي، ڊاڪٽر کي ويجهو ٿيندي، گنڀير لهجي ۾ چوي
ٿو. ”توهان شايد صحيح هيو، مان غلط جاءِ تي اچي
ويو هيس.“ ٿڪل قدم کڻندو، اسپتال جون ڏاڪڻيون
لهندو، هو ٻيهر شهر جي شور ۾ اچي ٿو وڃي. رات ڪافي
ٿي چڪي آهي. سيءَ وجود ۾ ڪنبڻي پيدا ڪرڻ لاءِ
ڪوشان هو. هو بيگ مان جيڪٽ ڪڍي، پائي ٻيهر رستي تي
پنهنجو پاڻ کي رولڻ لڳي ٿو. ڪيڏانهن وڃان
...؟گهر...ڪهڙو گهر...؟ جنهن ۾ هاڻ مون لاءِ ڪو به
انتظار نه ڪندو هوندو؟ جن لاءِ مان هاڻ ڄڻ مري ويو
آهيان...“ خيال سندس ذهن ۾ زنجيرن جيان الهجڻ لڳن
ٿا. سارنگ ڏي... ضراب ڏي... مراد ڏي... هاڻ دنيا
وانگر سڀ بدلجي ويا هوندا... ڪنهن وٽ به مون لاءِ
سڪ نه هوندي. سڀني لاءِ مان فضول ۽ ناڪاره ٿي چڪو
آهيان...هو شهر جا رستا لتاڙيندو. گهٽيون لتاڙيندو
. پنھنجي پاڇولي جو پيڇو ڪندو انھيءَ اسٽيڊيم جي
ٻاھران اچي بيھي ٿو، جتي ڪڏھن ھو پنھنجيون ڇڙو اڳ
راتيون شيئر ڪندا ھئا. اسٽيڊيم به اڳ وارو نه رھيو
ھو. خوبصورت ديوارن جي ٻانھن ۾ ڀڪوڙيل ۽ خوبصورت
گيٽ سان بند ٿيل اسٽيڊيم، جتي ڪنھن به واندي ۽
فضول ماڻھوءَ جي ويھڻ جي ڪابه هنجائش ناھي ھوندي.
”ھي به مڪمل ٿي ويو....“ کيس پنھنجي اڌورائي جو احساس شدت سان
ٿو ٿئي. روڊ تي پيل پٿرن کي ٺوڪرون ھڻندو، ھو
انھيءَ پاڙي ڏانھن وڌڻ لڳي ٿي، جنھن پاڙي جي گهٽين
۾ ھن جي زندگي جا ڪيترائي سال اڪيلا، اٻاڻڪا ۽
اُداس گذريا ھيا. جنھن پاڙي جي گهٽين ھن کي اداسي
کان سواءِ ڪجھه به نه ڏنو ھو، پر پوءِ به انھن
گهٽين ۾ ھن کي ھميشه پناھه جو احساس ٿيو ھو. ريلوي
لائين ڪراس ڪري، ٻي نمبر گهٽي ۾ داخل ٿي، ھو ستين
نمبر گهر جي آڏو اچي بيھي ٿو رھي.
”نه نه، ھي ته منھنجو گهر نه آھي. مان ڪنھن پراڻي گهر جي آڏو
اچي بيٺو آھيان. منھنجي گهر جون ديوارون ايڏيون
وڏيون .... انھن تي چڀندڙ شيشا لڳل .... ھي
ايئرڪنڊيشن... ھا واقعي مان غلط گهر آڏو اچي بيٺو
آھيان.،“ ھو موٽڻ لڳي ٿو ته سندس اڻتڻ ورتل نگاھه
تير جي اشاري واري بورڊ تي پوي ٿي: ”ڊاڪٽر رفيع
بلوچ گائناڪالاجسٽ ....“ کيس تبديلي جو احساس
حقيقت ۾ مٽجندي محسوس ٿئي ٿو. سندس ھٿ لوھي دروازي
جي سائيڊ ۾ ڪال بيل تائين پھچي رڪجي ٿا وڃن. لمحي
کان پوءِ ڪال بيل جي آواز بدران سندس قدمن جي
موٽيل ڇاپ خاموشيءَ ۾ گونجي ٿي ”ھن گهر ۾ ڪوبه
منھنجو اوسيئڙو ڪندڙ ڪونھي. مان ھن گهر جي مالڪن
لاءِ مري ويو آھيان...“
ھن شھر جي ويران رستن تي سوچن جا واچوڙا ڇڏيندو موٽي ٿو، روڊن
تي رولو ڪتن جا رانڀاٽ ۽ ڪنھن ڪنھن مھل گذرندڙ ڪار
يا رڪشي جا زوزاٽ ....ھُن جا قدم اسٽيشن ڏانھن
وڌندا ٿا وڃن. اسٽيشن جي مين گيٽ جا ڏاڪا لتاڙي ھو
پليٽ فارم تي بي مقصد ھيڏانھن ھوڏانھن رلندو رھي
ٿو. اوچتو اسپيڪر مان ڪراچي ويندڙ ريل جي اچڻ جو
اعلان ٿئي ٿو. ماڻھن جي ٽڪيٽ گهر ڏانھن تڪڙي ڊوڙ
...ھو الائي ڪھڙين سوچن ۾ گم....
ڪجھه منٽن کان پوءِ گاڏي اسٽيشن تي اچي بيھي ٿي. ھو چپ چاپ بت
بنيو، وائڙن جيان ماڻھن جي رش ۽ ٻائتال کي ڏسندو
ٿو رھي. گاڏي اسٽيشن تان رواني ٿئي ٿي. ھن تي
اوچتو منڪشف ٿئي ٿو، ڄڻ ھو ريلوي اسٽيشن تي پر
ڪنھن ويران کنڊ يا قبرستان ۾ اڪيلو بيٺو آھي....
دور دور تائين موت جھڙو احساس ڇانيل آھي صرف
پاڇولن جي پسار ڌرتيءَ تي آھي. ھو لوندڙين تائين
ڪنبندڙ ھٿ آڻي رڙ ڪري ٿو ”اسٽيشن ڪيڏانھن ويئي
.... گاڏي ڪيڏانھن ويئي... ماڻھو ڪاڏي ويا... مون
کي کنڊر مان ڪڍيو ...مون کي بچايو... مون کي
بچايو... مان توھان مان آھيان ..توھان جو آھيان.“
کيس رڳو اولڙن جا اوپرا ٽھڪ ۽ ھوڪرا ٻڌجڻ ۾ اچن
ٿا.
خالد شيخ
مترجم: محسن عباسي
بگهڙن جي وچ ۾
ڦاٿل عورت
”اُف يا الله!“
اھو ڪنھن زال ذات جو آواز ھو. بلڪل معصوم صورت، ڏسڻ ۾ ڳوٺاڻي.
جيئن ئي وات مان اکر اُڪليس، ڀريل بس ۾ سڀني کي ڄڻ
ڏندڻ پئجي ويا.
اسين سوچي به نٿي سگهياسين ته اھڙي ڳوٺاڻي ۽ ويڳاڻي عورت به ڪا
اھڙي ڳالھه ڪري سگهي ٿي، جنھن جي ٻُڌڻ سان سڀني کي
ڄڻ نانگ سِنگهي ويو ھجي ۽ واتان ڪو اکر ڪڍي سگهڻ
بنا ئي فقط ھڪ ٻئي کي ڏسندائي رھجي وڃن ۽ آخر شرم
وچان پنھنجا ڪنڌ جھڪائي ڇڏين.
* * *
”ٻڌ ته، مون توکي گذريل ھفتي ٿيل واقعو ٻُڌايو
ھو؟“
”نه يار! ڇا ٿيو گذريل ھفتي؟“
”يار! گذريل ھفتي جو ڪجھه ٿيو، سو توکي ٻڌايان، پر شروع ڪٿان
ڪريان؟ چڱو ھتان ئي شروع ٿو ڪريان...
”توکي ته خبر آھي ته آءُ نوڪري سانگي روز لاھور ويندو آھيان ۽
شام جو واپس موٽندو آھيان، جو پنھنجو ڳوٺ لاھور
کان فقط 27 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آھي. بس اکيون
پوري کڻي کول ته لاھور اچي ويو. اتي ڪير ٿو رات
رھي؟ بس شام جو واپس ڳوٺ. بسن جي سفر جي به پنھنجي
ئي ھڪ زندگي آھي، جنھن دستورئي نرالا آھن. بس، ھڪ
عجيب زندگي آھي، لفظ ئي پنھنجا، ڳالھه جو ڍنگ،
جملا، تشبيھون ۽ استعارا ئي پنھنجا. جيڪي فقط بسن
جي دنيا سان واسطو رکن ٿا، شايد ان ڪري ئي چوندا
آھن ته اڏيءَ جو ڪتو اڏيءَ تي ئي مرندو آھي.“
”يار، تو ته مون کي گذريل ھفتي جو ڪو واقعو ٻڌائڻ ٿي چاھيو.“
”ھائو يار، اھوئي ته ٻڌائڻ شروع ڪيو اٿم، بسن ۾ ٽن قسمن جا
ماڻھو چڙھندا آھن: پھريان اُھي، جيڪي روزانو ايندا
ويندا رھن ٿا. ماستر، ماسترياڻيون، نرسون ۽ ٻيا
ملازم پيشه ماڻھو. ٻئي نمبر وارا مجبوراً سفر ڪندا
آھن، يعني اھي جن کي ڪنھن نه ڪنھن ڪم سان ڪيڏانھن
ضرور وڃڻو پوندو آھي، پر سڀ کان دلچسپ سفر ڪندڙ
ٽئين قسم جا ماڻھو آھن، جن کي پاڻ ’شوقيه مسافر‘
سڏي سگهون ٿا، ’شوقيه مسافر‘!“
”ھا يار، ’شوقيه مسافر‘، جن کي اسين ’شڪاري مسافر‘ به سڏي سگهون
ٿا‘!“
ڇا، شڪاري مسافر! ھو روزانو شڪار تي ويندا آھن؟ ڪٿي ايترو شڪار
آھي جتي ھو روز شڪار ڪرڻ وينداآھن؟“
”اڙي چريا، شڪار ڪرڻ نه ويندا آھن، پر ھو بس ۾ ئي شڪار ڳولي
لڀندا آھن!“
”ڇا مطلب؟ بس ۾ شڪار!“ واسوءَ حيران ٿيندي پڇيو.
”ھا، اھوئي ته توکي ٻڌايان پيو نه!“ اھڙا شوقيه يا شڪاري مسافر
ھر چڱي بس اسٽاف تي ٻه يا ٽي ته ھوندائي ھوندا، پر
سڃاڻڻ واري اک کپي. صاف، سُٺا ڌوتل پوتل، تيل
ڦليل. جيئن تي بس اسٽاپ تي بيھندي ته بس ۾ چڙھڻ
بدران در ۽ درين مان جھاتيون پائڻ لڳندا. چئني
پاسن کان ڦرندا بس کي ائين ڏسندا جيئن بس ۾ چڙھڻو
نه اٿن پر بس خريد ڪرڻي اٿن. جيڪڏھن ڪا پنھنجي
مطلب جي سواري کين نظر اچي ويئي ته بس ۾ چڙھي
ويندا، نه ته ٽري پاسي تي بيھندا ۽ ٻي سواري يا ٻي
بس جي اچڻ جو انتظار ڪندا.
جيئن ئي کين ڪنھن بس ۾ پنھنجي ڪم جي سواري نظر آئي ته ان جي
پوئين سيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جنھن ۾ ڪنڊيڪٽر
به سندن چڱي مدد ڪندو آھي ڇو ته ڪنڊيڪٽر به سندن
رازن ۽ رمزن کي چڱي طرح سمجھندا آھن. پويان ويٺل
مسافر کي، شوقيه يا شڪاري مسافر جي پاران چوندا
”ڀائو، توکي ته ويجھو وڃڻو آھي نه؟ آءُ توکي اڃا
به اڳيان سيٽ وٺي ٿو ڏيان. اھا سيٽ ھن پري واري
مسافر کي ڏيو ته مھرباني“
* * *
”ھا، سو اُھو ڏينھن ڇنڇر نه پر عام ڏينھن جھڙو ھڪ
ڏينھن ھو.“
”ڇنڇر نه پر عام ڏينھن جو مطلب؟“
”يار! توکي ته ايترو به عقل ڪونھي. ٻين عام ڏينھن تي بس ۾ رش نه
ھوندي آھي پر ڇنڇر ڏينھن جيئن ته ماڻھو واپس
ڊيوٽين تي ورندا آھن ان ڪري ان ڏينھن رش تمام گهڻي
ھوندي آھي.“
”پر تو اھا ڳالھه ته ٻڌائي ڪانه ته شوقيه مسافر چڱي سواريءَ
پويان سيٽ ڇو وٺندا آھن!“ واسوءَ پڇيو.
”ڇاڪاڻ ته انھن کي شڪار ڪرڻو ھوندو آھي.“
”ڇا اھي ٽافيون وغيره وڪڻندا آھن؟ سي به ڪنھن چڱي سواريءَ جي
پوئين سيٽ تي ويھي ؟“
”نه يار نه، ٽافيون ڪونه وڪڻندا آھن. اھي اتي ويھي جو ڪجھه ڪندا
آھن، انھن کي پنھنجي ڪوڊ ۾ ’ڪاروبار ڪرڻ‘ چوندا
آھن.“
”ڪاروبار! ڪھڙو ڪاروبار؟“
”يار، تون ته ڳالھه جو رُخ ئي ڦيرائي ٿو ڇڏين. وچ ۾ ٽپي ڳالھه
کي اڳتي وڌڻ ئي نٿو ڏين!
”بس! ڀائي! چڱو ھاڻ نٿو ڳالھايان، ھل اڳتي.“
”ھا ته مون چيو پئي ته ھو چڱي سواريءَ جي پويان ويھي ڪاروبار
ڪندا آھن. جيئن ئي بس ھلڻ لڳندي آھي، ھي ھمراھه
وجھه وٺي ڪنھن نه ڪنھن نموني سان پنھنجو ھٿ اڳيان
ويٺل سواريءَ جي ٻانھن ، بغل يا چيلھه سان لڳائي
رکندا آھن. ڪجھه دير کان پوءِ ان ھٿ جي آڱرين کي
چورڻ پورڻ شروع ڪندا آھن. آڱرين جي ڇھاءُ سان جي
اڳين سواري ماٺ ۾ رھي ته چوندا ته سسٽم ’آن‘ آھي،
سڙڪ صاف آھي، گاڏي ھلڻ ڏي ، پر جيڪڏھن سواري پاڻ
بچائڻ جي ڪوشش ۾ اڳيان پويان ٿيندي رھي ته چوندا
ته سسٽم ’آن _ آف‘ ٿي رھيو آھي، سڙڪ تي کڏون کوٻا
آھن، گاڏي روان نٿي ھلي. جي ڪا عورت ھٿ رکڻ ئي نه
ڏئي، ھٽي پري ٿي ويھي رھي ته چوندا ته سسٽم ’آف‘
آھي، رستو بند آھي، گاڏي نٿي ھلي سگهي پر پوءِ به
ڪوشش ڪندا رھندا، جيڪڏھن کين ميدان صاف ھٿ اچي ويو
ته پوري زور سان اسٽروڪ کيڏندا، خوب بيٽنگ ڪندي
چوڪا ڇڪا ھڻندا رھندا ۽ بالنگ جا عجيب ڪرتب
ڏيکاريندي کڻندي کينھون ڪيچ ائنڊ بولڊ ڪري ڇڏيندا
آھن.“
”ڪيچ ائنڊ بولڊ ڇو ڪندا آھن؟“ واسوءَ وري پڇيو.
”ته توکي اھا خبر به ڪانھي. چڱو ڇڏ ان ڳالھه کي. پوءِ جتي اھا
سواري لھندي آھي، اتي ئي لھي پوندا، چاھي ٽڪيٽ ڪٿي
جي به ھجين. پر جي ان سان گڏ ڪو مرد ھوندو ته نه
لھندا، ويٺائي رھندا. اڳينءَ اسٽاپ تي وڃي لھندا،“
* * *
ھي ھڪ عام ڏينھن جھڙي ڏينھن جي ڳالھه آھي ته ھڪ
شوقيه مسافر، ھڪ چڱي سواريءَ جي پويان ويھي پنھنجو
ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر سسٽم
صحيح نٿي هلي سگهيو. ’آن‘ ۽ ’آف‘ ٿي رھيو ھو. آخر
مائيءَ کان سٺو نه ٿيو ۽ ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ رڙ
ڪندي چيائين ”آخر توکي ٿيو ڇاھي؟ ڇو اچي منھنجي
پويان پيو آھين جو ور ور ڪري مون ۾ ھٿ پيو وجھين؟“
مائي جيئن ئي پنھنجي سيٽ تان اٿي کڙي ٿي ته ھن
ھمراھه اونگهڻ شروع ڪيو، ڄڻ ننڊ ۾ ھجي.
”ڇا ٿيو ڀيڻ!“ ائين ڀُڻڪيو، ڄڻ ننڊ ۾ ھجي ۽ ڪجھه ٿيو ئي نه ھجي.
بس ۾ ماڻھو ٿورا ھئا ان ڪري ڪنڊيڪٽر فوراً مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ چوڻ
لڳو.
”ڀيڻ! سُتل ھو ويچارو. غلطيءَ کان ڪو ھٿ لڳي ويو ھوندو! ڀاءُ،
سولو ٿي ويھه ، ھيءَ بس آھي ڪا اوطاق ته ڪانھي!
ادي، منھنجي ڀيڻ! تون به ڇڏ کڻي، ھاڻ ويھي رھو“
”ته پوءِ ھن ۾ ڏندڻن پوڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي. اھا ته اھڙي ڳالھه
آھي جو بس جي اڌو اڌ ماڻھن کي ته ڄڻ خبر ئي نه
پيئي ته ڇا ٿيو آھي؟“ واسوءَ مڇرجي چيو.
”نه يار، اھا ته ٻي ڳالھه آھي. اصل ڳالھه ته ھاڻي ٿو ٻڌايانءِ،
ٻڌ!“
اھو عام ڏينھن جھڙو ڏينھن نه ھو، پر ڇنڇر جو ڏينھن ھو. رش به
ايڏي ھئي جو بيھڻ جي جاءِ به نٿي ملي. ھيٺ مٿي
ماڻھو بس ۾ سٿيا پيا ھئا. ھر اسٽاپ تي ماڻھن جا
ميڙ ھئا، ڄڻ ماڻھن جو ڪو سمنڊ اٿلي پيو ھجي. لاھور
کان پندرھن کن ميل اوريان ڪارخانن واري اسٽاپ تي
ڏھه ٻارنھن ماڻھو لٿا، جي شايد ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ
ھئا، ماڻھن جي لھڻ کان پوءِ چڙھڻ وارن ماڻھن ۾ ھڪ
عورت به ھئي، جنھن کي مانيءَ جو ٽِفن ھٿ ۾ ھو، پر
ڪنڊيڪٽر ان کي روڪيندي چيو ته ’ڀيڻ‘ بس ۾ خالي سيٽ
آھي ڪانه، تون پوئينءِ بس ۾ اچج“
”ادا، ان چڪر ۾ مون ٻه ٽي بسون اڳ ۾ وڃايون آھن. بيٺي ئي ھلي
پڄنديس. منھنجو گهر وارو لاھور ٿاڻي ۾ بند آھي، ان
کي ماني پُڄائڻي آھي. اڃا تائين بکيو ويٺو ھوندو!“
”ڀيڻ، تنھنجي مرضي، بيھي ھلين ته ڀلي چڙھه.“
مائي ويچاري ڪا بنھه ملوڪ ھئي. ڀريل بدن، وڏيون وڏيون اکيون، پر
ڳاڙھيون. شايد رات جاڳڻ ڪري يا روئڻ ڪري اکيون
خماريل ھئس. منھن تي ڇانيل بي انت اداسي. سستي لون
جو وڳو پاتل ھوس، جنھن ۾ سندس جواني سمائجي نه پئي
سگهي ۽ اُٿلون ڏيئي اوتجي رھي ھئي. بس جي ھر
ماڻھوءَ جون نظرون منجھس کپي وييون . ھڪڙي اڳيئي
سوڙھه، ٻيو بيٺل ماڻھو سِرڪي ھيڪاري اچي سوڙھا
پيس، پر ھوءَ ويچاري پنھنجي اوسي پاسي کان بي خبر
الائجي ڪھڙين سوچن ۾ گُم ھئي. شايد سوچيندي ھجي ته
پوليس وارن سندس ور سان الائجي ڪھڙي ويڌن ڪئي
ھوندي. شايد مارڪُٽ ڪئي ھجين. کاڌي لاءِ به کيس
ڪجھه مليو ھجي يا نه. شايد اڪيلي سمھڻ ڪري ننڊ به
نه آئي ھجيس. بيٺل ماڻھن جي چُھنگن سان ڇرڪي ڪنھن
ڪنھن وقت پنھنجي سوچن مان جاڳي لڇندي پڇندي ،
پنھنجو جسم سنڀاليندي ڪڏھن سڄي ڪڏھن کاٻي پاسي
ھٽندي بچندي خاموش ٿي ٿي ويئي. پر آخر ڪنڊيڪٽر کي
چيائين ”ويرا مون کي ھتي ئي لاھي ڇڏ!“
”ڇا ٿيو ڀيڻ، توکي ته لاھور ھلڻو ھو!“ ڪنڊيڪٽر جي پڇڻ تي اکيون
اٿلي پيس.
”ويرا، لاھور پڄڻ تائين ته ماڻھو منھنجي بدن کي آرپار ٽنگ ڪري
ڇڏيندا!“
(اصل پنجابيءَ ۾ لکيل مخزن ”تماھي“ بھاول نگر ۾ ڇپيل.)
مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون آھن، انھن ۾ سنڌ جي
ماڻھن کي نيچ ۽ ڪمذات ڪوٺيو ويو آھي. انھيءَ گناھه
۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مورخ ٻئي شامل ھئا. اھي تاريخون
فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان
پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان
ھئي . انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏھن سنڌيءَ کي تسليمي
ملي ۽ ان ۾ تاريخ جاڪتاب لکيا ويا ته سنڌي مورخن
ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقا لي ڪئي ۽
سنڌ جي فاتحن کي ’ظل الله‘ جي خطاب سان سڏيو.
منھنجي خدمت اھا آھي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياھه
ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھنن
سنڌ ۽ اھل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنھن
کي پنھنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان
مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آھي،
جنھن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آھي. اڄ جو
نوجوان، جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آھي، اھو
منھنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح
راھه تي ھلي رھيو آھي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته
ھو تعليم ۾ چاھه وٺن. مون کي افسوس آھي ته اڄ جي
شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آھي ۽ استاد به ڪي قدر
فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاھي ڪري رھيا آھن. جنھن قوم وٽ
علم ۽ عالم لاءِ مان نه آھي، اھا اڳتي وڌي نه
سگهندي. جرمنيءَ جڏھن ان تي عوام جي ھڪ طبقي طرفان
اعتراض ٿيو ته ان کي حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻھو
روزانو ڄمن ۽ مرن ٿا، پر عالم روزانو پيدا ڪونه ٿا
ٿين. اھي پوريءَ قوم جي ميراث آھن ۽ انھن جو تحفظ
۽ سلامتي، علم ۽ ھنر جو تحفظ ۽ سلامتي آھي، جنھن
کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن
وانگر علمي ادارن جو احترام پڻ لازمي امر آھي.
ڪابه سجاڳ قوم پنھنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ
نه گهرندي آھي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو
آھي، انھيءَ سنڌ کي يورپ، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾
شھرت بخشي آھي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽
دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي
اوج تي رسائيندا.
_ سيد حسام الدين راشدي
اچو سورن واريون
...!
”اثر“ جي اھتمام ھيٺ ”فيمنزم“ جي موضوع تي ورڪشاپ
28کان 30 نومبر 1996 تائين اي _ ايس _ آر پاران ڪراچيءَ ۾
”فيمنزم “ (تحريڪ نِسوان) جي عنوان تي ورڪشاپ جو
اھتمام ڪيو ويو.
عطيه دائود سنڌ جي اھا ڄاتل سڃاتل شاعره آھي، جنھن کي سنڌ کان
ٻاھر به سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي مجموعي جو
انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي ۽ اھو ترجمو
نامور قلمڪار آصف اسلم فرخي جي ڪوششن جو ثمر آھي.
عطيه دائود پنھنجي قلم جو استعمال پنھنجي شعوري
Commitment
تحت ڪري رھي آھي، سندس مقصد آھي فيمنزم جو فروغ.
اھوئي ورڪشاپ جو موضوع ھو. ان جي باري ۾ غلط راين
کي ختم ڪري اصلوڪي معنيٰ ۽ مفھوم پھچائڻ، عوام ۽
عورتن کي انھيءَ تصور جي باري ۾ آگاھي ڏيڻ لاءِ ئي
عطيه جاکوڙ ورتي ھئي ۽ ڪاڄ جي ڪوٺ ڏني ھئي. ھونئن
به ھنن ورڪشاپن جا گهڻا ئي مقصد ۽ ڪارج ٿين، جيڪي
ڪافي حد تائين پورا پڻ ٿين ٿا. مختلف طبقن جي
ماڻھن جو پاڻ ۾ ميلاپ، ھڪ ٻئي تائين ويچارن جي ڏي
وٺ، غير رسمي تعليم ۽ سکيام جيڪا سالن ۽ ڊگرين
بجاءِ ڏينھن ۽ شعور تي محيط ٿئي ٿي. اھي ھڙئي مقصد
ھن ورڪشاپ ذريعي به حاصل ٿيا.
مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ قلمڪار خواتين ھڪ ٻئي جي آڏو روبرو
ٿيون. پنھنجا تجربا، پنھنجا ويچار، پنھنجا خيال
ھڪ ٻئي تائين رسايائون ۽ ٻه ڏينھن فيمنزم جي حوالي
سان مختلف موضوعن تي پيپر پڙھيا ويا، جن سان سوچ
جي ڌارائن کي ھڪ رخ جو ڏس مليو ۽ اھا ڄاڻ جيڪا
سالن ۾ ماسٽرس جي صورت ۾ علم جي طالبن تائين رسندي
آھي، اھا ٻن ڏينھن ۾ شرڪت ڪندڙن جو ذھن سيراب ڪري
ويئي ۽ (women Study)
جو ڏس ڏيئي ويئي .
ورڪشاپ جي شروعات اٺاويھين نومبر جي شام کان شروع ٿي، جڏھن
مختلف عمري گروھن سان تعلق رکندڙ قلمڪار ڀينرون ھڪ
جاءِ تي ڪٺيون ٿيون. نالن جي سڃاڻ ساڀيان جي سڃاڻ
بڻي ۽ ڪچھريءَ جي رفتار بڻي. امر سنڌو، ريحانه
چنڙ، رخسانه پريت چنڙ، سلميٰ پنھور، نجمه پنھور،
گلبدن جاويد مرزا، مسز ممتاز مرزا، زبيده ميتلو،
ڊاڪٽر فريده ميتلو، صفيه ميتلو، سعيده ميتلو،
امرتا ميتلو، ادي زرينه بلوچ، بختاور پليجو، سسئي
پليجو، ۽ فقير محمد لاشاريءَ جي ذھين نياڻي، جيڪا
ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽري پئي ڪئي ڪراچيءَ
يونيورسٽيءَ مان، پيءُ جيان ذھانت ۽ پنھنجائپ جو
ڏک پئي ڏنائين. اھي سڀ نينگريون گڏ ھيون ھڪ ٻئي جي
آمھون سامھون پنھنجائپ ۽ محبت جي رشتي جي آڌار
تي. جنھن کي وڌيڪ ويجھو ڪيو عطيه دائود جي پڪل
برياني جيڪا پنھنجائپ جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾
باقاعده ڀاڱي ڀائيواري بڻي ۽ انھيءَ شام کي وڌيڪ
گرمي ۽ جذبو ڏنو. اڙدو ادب جي قلمڪار عذرا عباس جي
وجود، سندس گفتگو، ادب بابت سندس ڪاوشن کي جديد
ڪھاڻيڪار نينگرين نھايت دلچسپي ۽ تجسس سان پئي
ٻڌو. ڪي نالا ميڊيا جي وسيلي ھر خاص عام تائين
پھچي ويندا آھن ۽ ماڻھو انھن کي ئي حرف آخر
سمجھندا آھن، جڏھن ته دنيا ڪشور ناھيدکان اڳتي
عذرا عباس جي به ھوندي آھي.
ورڪشاپ جي باقاعده شروعات29 تاريخ جي صبح تي ٿي. رجسٽريشن کان
آغار ٿيو ۽ پھريون سيشن ذاتي تعارف تي مشتمل ھو.
ھن سيشن ۾ يا ھن ورڪشاپ ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ
ڪيترين ئي ناميارين ڀينرن شرڪت ڪئي، جنھن مان ڪي
صحافت جي پيشي سان وابسته ھيون، جڏھن ته ڪن جو
واسطو غير سرڪاري تنظيمن سان ھو. ڪي سرڪاري ادارن
۾ نوڪرين سان واسطو رکندڙ شاعرائون ۽ اديبائون به
ھيون.
سيشن جي شروعات عطيه دائود جي تعارفي گفتگو سان ٿي. فيمنزم ڇا
آھي ۽ ھن ورڪشاپ ڪوٺارائڻ جو مقصد ڇا آھي؟ عطيه
چواڻي ”منھنجو تعلق سنڌ سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان آھي
۽ جڏھن به مان فيمنزم جي ڳالھه ڪندي آھيان ته
محسوس ٿيندو اٿم ته نه رڳو ننڍا ليکڪ، پر وڏا
دانشور به اچرج منجھان ڏسندا اٿم، ڄڻ ته ڪا غلط
ڳالھه ڪندي ھجان. انھيءَ رويي کي ڏسندي ھن ورڪشاپ
جو اھتمام ڪيو اٿم، جيڪو ’اثر‘ جي زير اثر آھي ته
فيمنزم ڪا ھوائي مخلوق نه پر عورت جي حق، عورت جي
ڏک سک جي ڳالھه آھي. عورت جي مسئلن ۽ مامرن جو
تذڪرو آھي“.عطيه ، اداري جي تعارف لاءِ انيس ھارون
کي دعوت ڏني. انيس ھارون غير سرڪاري تنظيمن ۾ عورت
جي حوالي سان گهڻو ڪم ڪيو آھي. سندس شخصيت جو ھڪڙو
سگهارو روپ ”انيس تفضل“ جو روپ آھي. انيس تفضل
جيڪا ”اخبارجھان“ جي مشھور صحافي ھئي ۽ پنھنجي
شخصيت ۾ مڪمل مشرقيت جو ڏيک ڏيندي ھئي ۽ اھو عورت
جو وڏو الميو جو شاديءَ کان پوءِ شخصيت جي ڀرپور
حصي کان پوءِ علحدگي اختيار ڪري نئون نالو نئين
سڃاڻپ جي متقاضي ٿئي ٿي. انيس ھارون نئين نالي
سان
A S R
جي سڃاڻپ ڪرائي۽ ٻڌايو ته ”اثر“ فيمنسٽ
آئيڊيالاجيءَ سان تعلق رکندڙ تنظيم آھي جنھن جو
دفتر لاھور ۾ آھي ۽ نگهت سعيد خان ڊئريڪٽر آھي.
اثر جو ڪم بنيادي طور تي عورتن جي ڪمن خاص طرح سان
اقتصادي حوالن سان تحقيق ڪرڻ آھي ۽ انھي تحقيق کي
محض تحقيق تائين محدود ناھي ڪرڻو، پر انھيءَ جي
روشنيءَ ۾ علمي قدم کڻڻ به اثر جو ڪم آھي“. انيس
ھارون جي تعارف وقت مون کي نگهت سعيد خان ياد آئي،
قداور شخصيت پنھنجي سوچ جيان پنھنجي عمل سان به
ڪميٽيڊ. ”اثر“ جا ڪيترائي تحقيقي ڪتاب منظر عام تي
اچي چڪا آھن ۽ سوشالاجي ڊپارٽمينٽ جي سيمينار
لائبريريءَ ۾ به موجود آھن.
ھينئر تعارف جوسلسلو شروع ٿيو، جنھن ۾ عطيه ڪن نڪتن ھيٺ تعارف
جي دعوت ڏني. ”اوھان جي تعليم ڇا آھي“؟ ”ڪھڙو ڪم
ڪيو پيون؟“ ۽ ”بحيثت عورت ھجڻ جي ڪھڙا مسئلا محسوس
ڪيو ٿيون“؟
تعارف جي شروعات به عطيه پنھنجي تعارف سان ڪرائي. ”منھنجو تعلق
لاڙڪ خاندان سان آھي. بابا مذھبي ۽ ديندار شخص ھو.
جڏھن مون لکڻ شروع ڪيو ته عورتن جي ئي حقن ۽ ڏکن
جي ڳالھه ڪئي. جنسي امتياز ننڍي ھوندي کان محسوس
ڪيو ھو پر شعور ۽ سجاڳي يا اويئرنيس ڪانه ھئم.
شروع ۾ لاڙڪ جي نالي سان لکيم“ عطيه لاڙڪ.“ پوءِ
ڏٺم ته ڀائرن ھِن ڳالھه کي سٺو نه ڄاتو. پوءِ چڙ ۾
چيو مان ته ٺيڪ آھي قلم سان ساٿ نڀائينديس پوءِ
ڀلي مون کي اوھان جي ذات لاڙڪ ئي ڇو نه ڇڏڻي پوي.
پيءُ سان رشتو ھڪ حقيقت ھڪ سچ ھو ۽ پوءِ مون پيءُ
جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. عطيه دائود منھنجو
نالو، پيءُ سان آھي. دائود جي ڌيءُ آھيان ان کان
ڪنھن کي به انڪار ناھي. سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيس
پر محسوس ڪيم ته اتي به عورت جو استحصال آھي ۽
ھينئر شعوري طورتي عورت جي اک سان دنيا کي ڏسڻ جي
ڪوشش ڪيان ٿي ۽
Feminism
جو نعرو ھڻان ٿي. مختلف
N.G.O`s
سان وابسته آھيان“
زينت حسام جو تعلق صحافت سان آھي. گذريل پندرنھن سالن کان
انگريزي اخبار لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. گذريل اٺن
سالن کان پنھنجي ور اجمل ڪمال سان گڏجي ”آج“ رسالو
به ھلائي رھي آھي. سندس گهر وارو به قلم ڪار آھي.
زينت حسام پنھنجي تعارف ۾ ٻڌايو ته ”ننڊپڻ جو
ماحول سٺو مليو، پيءُ ھميشه ھمت افزائي ڪئي.
وومينس اسٽڊيءَ ۾ ٻاھران ماسٽرس به ڪيم. ھن وقت
N. G. R. O. C. C
سان وابستگي آھي. ننڍڙي ٻارڙي به آھي جا پاڙي واري
ان عورت وٽ ڇڏيندي آھيان جيڪا پيشي جي طور تي ڪجھه
ٻارپاڻ وٽ سنڀاليندي آھي ۽ اھا منھنجي ڌيءَ کي
بھتر نموني ۾ پالي رھي آھي ۽ خوش قسمت آھيان جو
مڙس جي سپورٽ اٿم، پر ھن وقت مان اھو چونديس ته
عورتن بجاءِ مڙدن کي باشعور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته
وڌيڪ بھتر ٿيندو“.
تنوير انجم:_ خوبصورت ۽ مرڪندڙ شخصيت ھڪ ڪاليج ۾ استاد آھي. گڏو
گڏ اردو جي شاعره به آھي. ”ان ديکي لھرين“ ۽ ”سفر
اور قيد مين نظمين“ سندس شاعريءَ جا مجموعا آھن.
تنويرانجم پنھنجي سڃاڻ ڪرائيندي ٻڌايو ته ”بنيادي تعليم ڪراچيءَ
۾ ورتم ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي انگريزي ادب ۾
ماسٽرس به ڪيم۽ پوءِ ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار ڀرتي
ٿيس. جيتوڻيڪ پيءُ آزاد خيال شخص ھو پرپوءِ به
ڪجھه پابنديون ۽ اخلاقي جوابداريون سماجي طور لاڳو
ھيون. ھڪ طرف توقع ھئي ته جديد دنيا سان ھلان ۽
ٻئي پاسي روايتن جي به پابندي ڪيان. ننڍي عمر ۾
شادي به ٿي، پر سماجي مسئلن کي منھن نه ڏيئي سگهيس
۽ اھا شادي اختلافن جي ور چڙھي ويئي. انھيءَ دوران
پي . ايڇ. ڊيءَ جو موقعو مليو ۽ اھا منھنجي لاءِ
بھتر ثابت ٿي ۽ مان آمريڪا رواني ٿي ويس. اتي
اڪيلي سر مون نئين سماجي ماحول، ٻارڙن جي پڙھائي ۽
پنھنجي پڙھائيءَ کي منھن ڏنو. مون اتي محسوس ڪيو
ته عورت ڪھڙي به ملڪ يا طبقي سان تعلق رکندڙ ھجي،
سندس مسئلا ۽ مامرا ساڳيا آھن ۽ ساڳيون ڀوڳنائون
ڀوڳي ٿي. مون اتي اپلائيڊلنگئسٽڪ
Applied Linguistic مان ڊاڪٽريٽ ڪئي. گهر وارو فوت ٿي چڪو آھي ۽ اڄ مان محسوس
ڪريان ٿي ته جيڪڏھن اڳ ۾ ھنن ڳالھين جو شعور ھجي
ھا ته ممڪن آ ته اھي غلطيون ڪونه ڪيان ھان“. |