شاعري
لطيفي لات
لُڙ لهريون لَس ليٽ، جت اَت نه آب جو،
الله اُت مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکَو ٿئي مَ جَڙاو کي، ڦَرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪا مَ لپيٽ، غاريبي غوراب کي.
وَهَه تِکَ وهڪرا، جت ننگرنه ٿَهرن،
وڏاندريون وَهه سامُهيون، جَجهي جورَ جُنبن،
نيڍوءَ ۾ ناتاريون، وڻجارا وجهن،
ملامعلمن، مون ڳَري سُڻائي ڳالهڙي.
اَڇاڙا عَميق جا، گڏئا غواصن،
جهڙيون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنن،
سمنڊ سُوجهي جن، آڻي اَمُل اولئا.
کُوها ڪالهه کڻي، وِڌئون اُتر آسري،
الله جهُري مَ ان جي، اولي جي اَڻِي،
وڻجارن وَڻي، وکروڌو ٻيڙيين.
لڳي اُتر هير، سامونڊين سِڙهه سَنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿِئا سَڻائيءَ سِير،
هِنيڙي نِت اڪير، کاريِ کيڙائن جي.
ناکئونگهبانُ مُنجي مُعلم خَبرون،
جن ساري کنيو سمنڊ ۾، سَفر جو سامانُ،
لطف ساڻ لطيف چئي، تَن لنگهئو طوفانُ،
سنڀاري سُبحانُ، وڃي عَدَنئون اکتا!
_شاهه عبداللطيف ڀٽائي
شيخ اياز
۽ هو جيڪا ماٺ، ٻاڦ نه ٻاڦي ٻاهران،
توڙي ڪاٺئون ڪاٺ، ساهه انهيءَ سان سنگهرين.
···
ڇُڙئي پاڻيءَ ۾، تو سان روح رچنديون،
عمر وهاڻيءَ ۾ ڇا ڇا مون آ ساريو؟
···
ڪيڏيءَ شدت سان وري مون اڄ ياد پيون،
منوءَ ڪيئن سَڳيون، ڇوڙي پَئي ٻَڌيون.
···
ڪاڏي هلينءَ ڪا مڻي، تون پائي پَنڙا؟
ڪيسين هي ڪنڙا، لوڏيندا تَن لوءِ ۾!
···
تنهنجي چاههَ چُرون، ڪَيون پنهنجي ساههَ ۾،
ڪهڙي طرف سُرون، چئني طرفين تون هئينءَ.
···
ماضيءَ جهڙي اي ڪَوي ميڙي چونڊي ناهه،
جيڪي چاهين چاههِ سار_ ٽجوڙيون ڪيتريون.
···
مُسرت جا ڏينهڙا ڪڪر ڪتيءَ جا،
پاڇا بتيءَ جا، ڪاري ڪارونڀار ۾.
···
ٺٽي نگر راتڙي ڀوريءَ ماڃر ساڻُ،
ڀانيان پنهنجو پاڻُ، آهه تماچي تڙ_ ڌڻي.
···
اَلا هڪ گهڙي مِلي کسيئه سڀ ڄمار،
مون سان تنهنجي تارَ ڳنڍي رهي ڳجهه ۾.
···
صدين جي سيلاب ۾ ڏٺو هوندو سانءِ،
ايئن لڳي ٿو ڀانءِ، پل لئه ڪٿ آهين ملي!
···
آهي ڪنهن ڪنهن روپ ۾ چنبيليءَ خوشبوُ،
اڳ به آهي تو، واسيو منهنجي واٽ کي.
···
جيئن نيري چانهه لڳي شفق رنگ ۾،
ايئين ئي تون آنهه سيني منهنجي سانوري.
···
تو ڪئن لڌو اوچتو ڀُلِي منهنجو ڀاڻُ،
سانورڙِي تو ساڻُ، منهنجو من اڙجي ويو.
···
عينڪ لاهه ته مان ڏسان تنهنجي چهري کي،
چڱيءَ پَر پرکي، توکي مُنهنجي عاشقي.
···
اکيون اکين ساڻ، ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾،
آڇي پنهنجو پاڻ، آهن ڄڻ آسائتيون.
···
سانوڙي تو ساڻ آ منهنجي سڪ ائين،
ٿئي شام جئين سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
···
توڏي ٿَڪُ نه ٿَڪُ،پير نه مون ساهيا ڪٿي،
مون کي سارو لَڪ، پَٽُ پٽيهر ٿي لڳو.
···
تون ئي نانهه اَنانهه ۾ تون ئي منهنجي آنهه،
جيئين ڪائي سانهه اوچي اُڏري واءُ ۾.
···
پاريهر جهڙا پرين، ٻيهر اُڏري آءُ!
تنهنجو لونءَ لڳاءُ، مون ۾ ٻَر ٻَر ٿو ٻُري.
···
ڪِن ڪِن جي لئه پيا سَڪَ وچان ليِئا،
ڏهر ۾ ڏيِئا يا تارا آڪاس ۾.
تاج بلوچ
غزل
جيئن پکي ڍنڍ تي. سهڙيا هوندا،
رنگ پاڻين ۾ کڙي پيا هوندا.
ڪيڏا بيتاب سي جذبا هوندا،
هن لکي جي پنا ڦاڙيا هوندا.
ساهه سُرهاڻ ۾ ٻهڪيا هوندا،
هن جا پهتا جي لفافا هوندا.
جن ڏسي مون کي لنوايو هوندو،
تن کي منهنجا ئي پڇاڻا هوندا.
آرسيون عڪس جي اگرا آڇين،
سانورا شخص رُسي ويا هوندا.
ڪنهن کنيو نانءُ جي تنهنجو هوندو،
پنهنجا جذبا مون لڪايا هوندا.
گهر جي ويراني جو مُرڪي هوندي،
دل جا آکيرا ڪي اجڙيا هوندا.
مُرڪ مگري جي اجهاڻي هوندي،
دل جا زخمي ٿيا اڌما هوندا.
جيڪي صحرا جي سفر تي نڪتا،
تاج پارا سي عجوبا هوندا.
ولي محمد وفاپلي
غزل
رنگ غنچن سندو ٿيو هوندو،
رائگان خون ڪيئن ويو هوندو.
دل ۾ چاهت جون مشعلون هونديون،
رهگذارن ۾ سوجهرو هوندو.
ڪنهن نئين ريت ڪنهن نئين عنوان،
وصل لاءِ توبه سوچيو هوندو.
داغ دل کي سحر جو نام نه ڏي،
هن ۾ تنهنجو ئي پرتوو هوندو.
سا پڙهڻ واري کي خبر ڪهڙي،
جو لکڻ واري ڀوڳيو هوندو.
آثم ناٿن شاهي
غزل
تنهنجو چهرو گلاب جهڙو آ،
ڪنهن مقدس ڪتاب جهڙو آ.
هر گهڙيءَ سونهن جو تصور ڀي،
بادشاهي جي خواب جهڙو آ.
هن جو مون سان ملڻ اَڃان تائين،
ڪنوارپڻ جي حجاب جهڙو آ.
نيڻ گوريءَ جا هن ڪَٽورا، ۽
جسم سارو شراب جهڙو آ.
خوبصورت بُتن جون پوڄائون،
ڏوهه آ، پَر ثَواب جهڙو آ.
پيار جوڀن جي عُمر ۾ آثم،
ڪنهن تنبوءَ ۾ طناب جهڙو آ.
محسن ڪڪڙائي
غزل
هي رُڪوع ۽ قيام نيڻن جا،
سڀ سَنيها، سلام نيڻن جا.
ڪنهن شهنشاهه کي مَڃن ئي نٿا،
جيڪي آهن غلام نيڻن جا.
ساري دنيا جي موتين کان مٿي،
درد وارن لئه دام نيڻن جا.
اک ڏٺا مُنهن تي آس جا پاڇا،
دل پڙهيا پئي پيام نيڻن جا.
برهه جي باهه ۾ ٻريو ٿي بُت،
حُسن آڇيا حمام نيڻن جا.
هانءَ جو ٺارُ، مستيون من جون،
هي به آهن ڪمام نيڻن جا.
ڪجهه نه چوندي به سڀ چَئي ٿا وڃن،
ڳُجهه_ ڳُجهاندر نظام نيڻن جا.
ڪنهن به ٻي شيءَ جي لوڙَ ئي نه پوي،
جي ملن جامَ، جامَ نيڻن جا.
زندگَي، نُور ۽ سُرور، سَڀئي،
پار نيڻن جا، نام نيڻن جا.
اَڻ مَيا، اَڻ_ ڳڻيا، رکيا ”محسن“،
پاڻ وٽ احترامَ نيڻن جا.
اياز گل
غزل
پيارَ ۾ ڏسُ ڪمالَ ٿي ويا هِن،
ماٺَ ۾ ئي حوالَ ٿي وِيا هِن.
قُربتُن، فاصلا وڌايا پئي،
۽ وڇوڙا، وصالَ ٿي ويا هِن.
ڪنهن کي سمجهي سگهان نٿو هَاڻي،
ماڻهو مشڪل سوالَ ٿي ويا هِن.
پاڻَ کي پاڻَ اجنبي ٿو لڳان،
تو بَنان اهڙا حالَ ٿي ويا هِن.
بي رُخي تُنهنجي ڄڻ ته حملو، ۽
لُڙڪَ، نيڻن جي ڍالَ ٿي ويا هِن.
هڪڙو هفتو ملڻ ٿيو ناهي،
ايئن لڳي ٿو ته سالَ ٿي ويا هن.
رات اَڌ رات ٿا پُڄن تووٽ،
ڪَيڏا ڇُڙواڳ خيالَ ٿي ويا هِن.
ادل سومرو
غزل
گرم جُملا ٻيٽ تي رهجي ويا،
سرد سُڏڪا ٻيٽ تي رهجي ويا.
جن ک ٺُڪرائي ڇڏيو لهرن هُيو،
ڪوڏ سُهڻا ٻيٽ تي رهجي ويا.
سڀُ خوشيون ميڙي کڻي آياسي پر،
درد پنهنجا ٻيٽ تي رهجي ويا.
هُو بتيلا پنهنجا ڪاهي ويا هليا،
خواب تن جا ٻيٽ تي رهجي ويا.
سالگرهه جي توکي هئي ڪيڏي خوشي،
سارا تحفا ٻيٽ تي رهجي ويا.
هاڻي يادن جي اڏامي ٿي رَئي،
سندر لمحا ٻيٽ تي رهجي ويا.
گهرِ پُڄي ماڻهن کي آيو ياد ته
تن جا پاڇا ٻيٽ تي رهجي ويا.
غلام حسين رنگريز
غزل
جتي سُونهن سرجي ثمربار ٿيندي،
ته دل ڪيئن نه پنهنجي گهنگار ٿيندي.
نگاهون نگاهن سان ٻولي به وينديون.
ڳُجهي ڳالهه دل جي به اظهار ٿيندي.
جڏهن چنڊ چوڏهينءَ جو ڪينجهر تي ٽڙندو،
ٻَکين ٻيئي مون تي هُوءَ ٻلهار ٿيندي.
سوين سج ساغر ۾ منهنجي ٻُڏي ويا،
حياتي نه هڪ پل به بيڪار ٿيندي.
لکين ۽ ڪروڙين ڀلي چنڊ چمڪن،
نه آئين اَجهي مُون ته انڌڪار ٿيندي.
سرنهن ڦُولَ واسي ويا رات ڳليون،
چُمين کي به پنهنجي آ مهڪار ٿيندي.
کِڙي کيت منهنجي ۾ آهي محبت،
نه نفرت ڪا رنگريز درڪار ٿيندي.
منير سولنگي
وائي
چاهه جي چانڊاڻ ۾_ سونهن جي سرهاڻ ۾،
منهنجو من مهڪي پيو.
ڪيترو تاثير ڍولڻ_ تنهنجي اک جي ٻاڻ ۾،
منهنجو من مهڪي پيو.
تون وسارڻ سان نه وسرين_ دل جي ان مانڌاڻ ۾،
منهنجو من مهڪي پيو.
چنڊ چوڏس تون لڳين ٿي، تنهنجي ئي واکاڻ ۾،
منهنجو من مهڪي پيو.
وس ڪيم تو سان ملڻ جا_ بس انهيءَ ڇڪتاڻ ۾،
منهنجو من مهڪي پيو.
امير بخاري
غزل
سهڻا ماڻهو وڻندا آهن،
جيئن هجن جت، ٺهندا آهن.
رت بسنت جي ٿيندي آهي،
نيڻ جي مرڪي ملندا آهن.
اهي به ٿورا محبوبن جا،
جو سپنن ۾ ايندا آهن.
سڪ جو هڪ سک ملندو آهي،
ڏهه ڏک وسري ويندا آهن.
پيار ۾ ڪهڙا ليکا ٿيندا.
ليکا ويڇا وجهندا آهن.
انب گوپانگ
بيت
مون سان رڳو تون، کِلي جي ڳالهائين،
توکان ڀلا مون، ڪو تخت ته ڪونه طلبئو!
***
ڀتُ نه ڀتين کاڄ، نڪي وهٽُ آهيان،
جو تون منهنجو ڪاڄ، ڪُراڙي سان ٿو ڪرين.
***
چئونري منجهان چنڊ، چمڪيو چوڏهينءَ جو،
ماري انهيءَ منڊُ، ڳڱيو ساري ڳوٺ کي.
***
پارؤن جو پريئن، ڪو پرزو پهتو پيارَ جو،
ڏهه سؤ ڏهه ڏيئن، جهرمر لاتي جيءَ ۾.
***
جانب ريءَ جهان ۾، مري ته وڃبو ڪونه،
پر جيئڻ به، جهڙو نه، اڌ ڪُٺي ساسيءَ جيان.
***
ڪوهه ڄاڻان ڪوهه، ڪُٺل ٿي ت لئه ڪڙهي،
محبت نڪِي موهُ، سڱُ نه توسان اڱُ ڪيو.
مقصود گل
غزل
ڦُلن مُٺ تي جيڪو وڪاڻو وڃي،
اُهو قوم جو ڪيئن مسيحا ڪجي؟
ٻُڌي شعر مفهوم کي سمجهجي،
اجائي نه محفل ۾ وهوا ڪجي.
اڱر سان نه پاڻيءَ تي ليڪا ٺهن،
صحيح ڳالهه سوچي ۽ پوسا ڪجي.
وچن جيئن هوشوءَ ڪيو سنڌ سان،
ڪجي ان جي لفظن جي پوڄا ڪجي.
وکر دوستيءَ جو آناياب پر،
سٺي چيز جي پو به ڳولا ڪجي.
نه ٿي سونهن سادن لٽن ۾ لڪي،
سڏي چنڊ ڪڪرن مان پوڇا ڪجي.
سڄڻ ساڻ گڏريل ۽ جيل ۾،
تتيءَ ۽ ٿڌيءَ جي نه پروا ڪجي.
جي خوشبوءِ گهر ۾ وڌائڻ گُهرو،
چون ٿا ته گلڙن جي سيوا ڪجي.
وطن لاءِ جيڪي وڙهن ۽ لِکن،
کڻي گل انهن تي پئي ورکا ڪجي.
منٺار سولنگي
غزل
ڄڻ ته گهرو گهاءُ آهي،
شاعري سوداءُ آهي.
مون ٻُڌو تنهنجو غزل،
بس رڳو ورجاءُ آهي.
هن زماني جو ازل کان،
عشق تي پٿراءُ آهي.
لوڪ سان آهي رکيو ڇا؟
تنهنجي سنگ ئي ساءُ آهي.
شاعري منٺار بس،
پيار جو ڦهلاءُ آهي.
روشن گهانگهرو
غزل
راهه جنهن تي پرين! ساڻُ تون ٿو هلين، روشني ٿي بَکي، زندگي ٿي
ڦٽي،
چنڊ تارا چُمن ٿا، جُهڪي سا زمين، چاهه مان چاهه جي چاندني ٿي
ڦٽي،
سوچ جي سنگ مان، ڏات جي رنگ مان، چاهه جي چنگ ۽ وقت جي انگ مان،
واس وکري پيو پيار نکري پيو، نينهن جي نور مان نغمگي ٿي ڦٽي.
ڪوٿو مسجد ۽ مندر ۾ پوڄا ڪري، ڪو ڪليسا ۾ عيسيٰ کي ڳولي وڃي،
پنهنجي پنهنجي عقيدت، محبت منجهان عاشقي پئي نچي بندگي ٿي ڦٽي.
بوند، بادل، هوُائون، فضائون الهڙ، فطرتي سونهن سَرُ سَرُ کي
سونو ڪيو،
خيال پنڇي مَٿي ڏور اڏرن پيا، مند جي انگ مان شاعري ٿي ڦٽي.
عرش ڌرتيءَ کان اڳتي وڃان ڪاش مان، روح جي روشني ڪا پَسان ڪاش
مان،
هڪ تصور حسين سوچ ۾ ٿو رهي جاڳ ۽ ننڊ ۾ بندگي ٿي ڦٽي.
لوڀ جي موهه ۾ بي حسي ٿي وڌي، غرض جا نانگ دل ۾ پلي ٿا ڏنگن،
پيارَ، احساس، جذبا مري ٿا وڃن، دوستيءَ مان ڦِري دشمني ٿي ڦٽي!
سوچ ۾ سونهن آ، ڏات ٽانگر جيان، درد جي ديس ۾ درد سان پيارُ آ،
لفظ منظر محبت جا نقشا چٽيل شاعريءَ مان عجب ساحري ٿي ڦٽي.
هي جو منصور، سرمد، سچل گڏ ٿيا، سچ پيو ٿو نچي، حق موجود آ،
سچ کي آ امرتا فنا ڪين آ، عشق مان دار جي زندگي ٿي ڦٽي.
رات ڪا ڪنوار هئي، چنڊ ڄڻ گهوٽُ هُو، ڄڃ تارن سندي ڪيئن ٿا
لانوا لَهن!
عرش، ڌرتيءَ سندي سونهن ”روشن“ سحر، دلنشين دلنشين دلڪشي ٿي
ڦٽي.
مير محمد پيرزادو
گيت
تو ته جواني ماڻي جاني،
پر نه پيئي ڪهڪاءُ، اڙي او،
جواني آنيِ جاني!
جوڀن ۾ هر شيءَ ٿي ڀاسي آهي ڄڻ مد_ ماتي،
ڪنهن جي ياد ۾ ساهه اُڀا ٿيا، هيٺ مٿي ٿئي ڇاتي،
ڪُوڪَ پَوَئي ڪَن ڪاني!
اڱڻ اسان جي آءُ اڙي او.
جواني آنيِ جاني!
هيکل هيءُ من هاڻ هڄي ٿو، آيو پوهه مهينو ووءِ،
پور پڇاڙِنِ پوءِ ڀي توسان ڪهڙو ساهيان سينو ووءِ،
ٻانهن ڳچيءَ ۾ ڳاني!
ڄڻ ڪو ڇمر ڇهاءُ، اڙِي او،
جواني آنيِ جاني!
ريت ڪُايت نه آئون ڄاڻان، توکي بس ئي ڄاڻان،
آءُ ٻيو ڪجهه ڪين گهران ٿي، پري نه ڪر تون پاڻان،
سونهن رَهي نه آساني،
ڪهڙو لنوءَ لڳاءُ، اڙي او،
جواني آنيِ جاني!
ڪڪريون هاري ڪالهه ڪڻيون ويون، تنهنجا نياپا ڏينديون،
ساههَ ٿڌا مون آڇيا تن کي، پر نه نڀاڳيون نينديون،
لڙڪ وهيا جي هاني!
تُنهنجو تن ۾ ساءُ، اڙي او
جواني آنيِ جاني!
انور ابڙو
انتظار جا گُل
هاڻي اچڻ جي ڀي ڪر،
تنهنجي آجيان لاءِ،
حياتيءَ جي هٿن ۾،
ڊگهي عرصي کان جهليل،
هي انتظار جا گُل،
مرجهائجي نه وڃن.
احمد ٽالپر
غزل
ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها،
اک ڇنڀ ۾ ويا گُذرِي پَلَ ڪيڏا پيارا ها.
لوڙهي ويون آشائون، حالات سنديون ڇوليون،
روڪي نه سگهيا تن کي واريءَ جا ڪنارا ها.
غلطي هُئِي ڪجهه هُن جِي، مون کان به خطا ٿي وَئِي،
بَرسِي پيا ڪي بادل، اُڌما به اُڃارا ها.
جذبات وچان شايد، ڪي لفظ چيا ويا ها،
سوچيان ٿو اُهي ڪنهن کان، هُن ورتا اُڌارا ها.
سُنهَه، ساٿ نوان ناتا، جُڳَ جُگَ ۾ نڀائڻ جا،
ويا قول اُهي ڪاڏي، جي ساههَ سَهارا ها.
لشڪر جِي لَتڙ وانگر، ارمان لَتاڙيا ڪنهن،
ٿيو چنڊ ڏِسِي هيڊو، سُڏڪِي پيار ستارا ها.
ڪنهن واٽ وڃايل جانُ، ڀٽڪن ٿيون سڀئي سوچون،
ها شام سندا پاڇا، يا پيار پنارا ها. |