سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :10

محمد پنهل ڏهر

 

کرڙي جي جنگ

 

سومرن ۽ سمن ڏيهي حاڪمن کان پوءِ سنڌ هڪ دفعو وري ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويئي ۽ افعانستان مان پٺاڻ هتي اچي بادشاهه ٿي ويٺا. لطف الله بدوي لکي ٿو ته ”تاريخ جي هي الماڪ حقيقت آهي ته سنڌ کي هميشه بولان لڪ کان تڪليفون پهچنديون رهيون آهن، جنهن جو سنئون سڌو تعلق قنڌار سان رهيو آهي. اتان ئي ارغون ۽ ترخان سنڌ ۾ آيا. مگر ارڙهين صدي عيسوي ۾ سنڌ مسلسل پنجاهه سالن تائين قنڌاري طاقت جي حملي جو آما جگاهه بڻي رهي.“ (1)

شڪارپور جي شاعر صنعت چيو آهي ته:

”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قندارون جوکو،

سائين ڪري سوکو، وري سک سري ۾،“

شاهه بيگ ارغون، افغانستان مان دربدر ٿي 926هه/1519ع ۾ سنڌ جي آخري سمي سلطان ڄام فيروز کي شڪست ڏيئي سنڌ جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪري ورتو. هن 930هه/1524ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسين ارغون ساري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو۽ هيءَ به 962هه/1555ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مري وڃڻ بعد سندس ٻن اميرن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي کنيو. سنڌ جي ٺٽي واري حصي تي ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ بکر واري حصي تي محمود خان ڪو ڪلتاش حڪومت ڪرڻ لڳو.

محمود خان ڪوڪلتاش پنهنجي جيئري تقريباً 982هه/78_1574ع ۾ بکر وارو حصو دهلي جي مغل بادشاهه اڪبر جي حوالي ڪري ڇڏيو. مطلب ته هن دهلي جي مغل حڪمرانن  کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ دروازو کولي ڏنو. سنڌ جو بکر وارو حصو جڏهن دهلي جي  سلطنت ۾ شامل ٿي ويوته سموري سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اڪبر جو هڪ جرنيل خان خانان عبدالرحيم خان مغلن جو هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي ٺٽي تي ڪاهي  آيو ۽ 1000هه/1592ع ڌاري ميرزا عيسيٰ ترخان کي آڻ مڃائي ساري سنڌ کي دهلي جي مغل سلطنت سان ملائي ڇڏيو. سنڌ تي دهلي جي مغلن جي قبضي کان پوءِ دهلي جي حڪمرانن طرفان ئي مقرر ڪيل گورنر يا نواب سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. مغلن طرفان سنڌ تي حڪومت ڪندڙ گورنر يا نواب پڻ ڌاريا هوندا هئا تنهن ڪري هنن کي پڻ ڌارين حاڪمن وانگر سنڌ جي ماڻهن يا سنڌ جي سرزمين سان ڪوبه پيار نه هوندو هو. اهي هروقت پنهنجي دولت وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ دهلي دربار ڏانهن  نذرانو پهچائڻ لاءِ سنڌ جي مظلوم عوام تي ظلم ڪندا رهندا هئا ۽ سنڌ جي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪري انهن جي مال تي پاڻ به هميشه عيش پيا ڪنداهئا ۽ انهي ڦرلٽ واري ملڪيت مان ڪجهه حصو مال غنيمت طور دهلي جي حڪمرانن ڏانهن به پيا موڪيلندا هئا.(2)

 آخرڪار دهلي جي مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير سنه 1113هه/1701ع ۾ سنڌ جي هڪ مقامي ماڻهو ميان يار محمد ڪلهوڙي کي سنڌ جي ڪجهه حصي تي گورنر يا نواب مقرر ڪيو. ميان يار محمد 1131هه/ 1719ع ۾ وفات ڪئي، هن جي وفات بعد سندس پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سنڌ جي انهي حصي جو نواب مقرر ڪيو ويو. ميان نورمحمد ڪلهوڙو بهادر ۽ذهين ماڻهو هو. هن جي ڪارڪردگي ۽ انتظام کي ڏسي  دهلي جي حڪمرانن کيس سنه 1150هه/ 1737ع ۾ سموري سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. جيئن ته ميان نور محمد ۽ سندس والد ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ جا مقامي باشندا هئا. تنهنڪري هنن کي سنڌ جي زمين ۽ عوام سان محبت هئي. هنن سنڌ جي عوام کي سک پهچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي. سنڌ تي مغل گورنرن جي ڏينهن ۾ سنڌي ماڻهن تي جيڪي ظلم ٿيا ۽ ڏاڍايون ٿيون هيون، هاڻي هنن سنڌي گورنرن جي ڏينهن ۾ انهن ظلمن ۽ ڏاڍاين جو ڪجهه قدر ازالو ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو.

سنه 1151هه/1729ع  ۾ ايران جي بادشاهه نادر شاهه دهلي تي حملو ڪري مغل بادشاهه محمد شاهه کي شڪست ڏيئي ۽ دهلي کي تباهه ۽ برياد ڪري ڇڏيو. مغل بادشاه ۽ بادر شاهه جي وچ ۾ هڪ معاهدو  ٿيو. جنهن موجب پنجاب سان گڏ سنڌ وارو علائقو به نادرشاهه جي حوالي ڪيو ويو. جنهن ڪري سنڌ مغلن جي  تسلط مان نڪري ايران جي چنبي ۾ اچي ويئي. سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن سنڌ کي ايران جي ماتحت ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻ سنڌ جو خودمختيار حاڪم ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. جيئن ته ميان نور محمد خود سنڌي هو، تنهن ڪري هاڻ خودمختيار ٿي سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختيار لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ لڳو. سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي کي ڏسي  سنڌ جا ماڻهو خوش ٿيا. افسوس جو سنڌ اها آزادي ۽ خوشحالي چند مهينن کان وڌيڪ ماڻي نه سگهي.

نادر شاهه کي جڏهن اها خبر هئي ته ميان نور محمد سنڌ جي ايراني حڪومت جو حصو تسليم نٿو ڪري ۽ ساليانو خراج يعني ڏن ڏيڻ به نٿو قبولي ۽ پاڻ کي سنڌ جو آزاد حڪمران ٿو سڏائي. تنهنڪري سنه1152هه/1730ع ڌاري سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. افغانين ۽ ايرانين جو هڪ وڏو خونخوار ڪٽڪ هن سان گڏ هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي هن سان مقابلي جي ست نه ساري آڻ مڃي ۽ پيش اچي پيو. جنهنڪري مختصر مدت تي آزادي ماڻڻ بعد سنڌ ٻيهر ايران جي غلامي ۾ اچي ويئي. نادرشاهه سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي تي ساليانو ڏن مقرر ڪري ، سندس گڏ ڪيل خزانو ڦُري ۽ ظلم ڪري واپس هليو ويو. هاڻ سنڌ جو حاڪم، مقرر ڪيل ساليانو ڏن نادرشاه جي درٻار ۾ پهچائڻ لڳو. انهيءَ جي باوجود سنه 1158هه/1745ع ۾ نادر شاهه جو هڪ سپه سالار طهماسپ جلائر سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ سنڌ جي شڪارپور واري حصي کي سڌو سنئون ايراني حڪومت سان ملائي ڇڏيو. انهي کان پوءِ پاڻ کي سنڌ جي شڪارپور واري حصي تي افغان گورنر يا نواب حڪومت ڪرڻ لڳا.

سن 1160هه/1747ع ۾ نادر شاهه قتل ٿيو. هن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس هڪ سپهه سالار احمد شاهه ابدالي يا دُراني افغانستان جو خودمختيار بادشاهه ٿي ويو. سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي جڏهن نادر شاهه جي قتل جي خبر پيئي ته دروباره پاڻ کي سنڌ جو آزاد حڪمران سمجهي، ڌارين کي ساليانو ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائين.

احمد شاهه ابدالي 1165هه/1752ع ۾ هندستان تي حملو ڪيو ۽ هندستان جي مغل بادشاهه کي شڪست ڏيئي معاهدو ڪري پنجاب ۽ سنڌ جا علائقا افغانستان جي حڪومت جي ماتحت ڪيائين ۽ سنه 68_1167هه/1745ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. جنهن ڪري سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجو پاڻ کي افغان حڪومت جي تابع ڪيو ۽ ساليانو ڏن افغان حاڪم ڏانهن موڪلڻ منظور ڪيائين. هاڻ هڪ دفعو وري ڪجهه وقت آزادي جو  ساهه کڻڻ بعد سنڌ افغانستان جي حاڪمن جي ڏن ڀرو رياست ۾ شمار ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري سنڌ جا ڏيهي حاڪم به افغان بادشاهه جي مرضي سان سنڌ تي حڪومت هلائڻ لڳا.(3)

احمد شاهه ابدالي سنه 1186هه/ 1772ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس پٽ تيمور شاهه ڪابل جي تخت تي ويٺو. هوڏانهن 1197هه/1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبي کي شڪست ڏيئي پنهنجي حڪومت جو آغاز ڪيو. مير فتح علي خان جو پهريون ٽالپر حڪمران ٿيو. هيءَ به ڪلهوڙن وانگر پنهنجي شروعاتي دوُر ۾ ساليانو ڏن ڪابل جي هاڪم تيمور شاهه کي پهچائيندو رهيو يعني سنڌ تي افغانن جي حاڪميت تسليم ڪندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ مير فتح علي خان سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. يعني هر هڪ حصي تي ٽالپرن جي جدا جدا حڪومت قائم ٿي ويئي. حيدرآباد جي حڪومت، جنهن کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائرن يعني شهدا داڻي ٽالپرن کي ملي. ميرپور خاص تي مير ٺاري خان يعني ماڻڪاڻي ٽالپرن ۽ خيرپور تي مير سهراب خان يعني سهراباڻي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي.

سن 1206 يا 1207هه/ 1793ع ۾ تيمور شاهه فوت ٿيو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ زمان شاهه ڪابل جي تخت تي ويٺو 1228هه/1803ع ۾  تيمور شاهه جي پٽن جي وچ ۾ تخت کي حاصل ڪرڻ لاِءِ خانه جنگي شروع ٿي. زمان شاهه پنهنجي ڀاءُ محمود شاهه هٿان گرفتار ٿي ويو. محمود شاهه کيس اکين ۾ گرم سرائي ڦيرائي انڌو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ بادشاهه ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن ڀائرن جي خانه جنگي ۾ محمود هارايو ۽ گرفتار ٿيو. شاهه  شجاع ڪابل جي تخت تي ويٺو. سنڌ عوام هن کي ”شاهه سجاول“ جي نالي سان به سڏيندو آهي.(4)

هيڏانهن سنه 17_1216هه/1802ع ۾ مير فتح علي خان وفات ڪئي. سندس جاءِ تي مير غلام علي خان ٽالپر حاڪم ٿيو. دُراني شهزادو جي خانه جنگي ڪري سنڌ جا ٽالپر حاڪم خودمختيار ٿي ويا ۽ ڪابل حڪومت کي ساليانو ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائون.

کرڙي جي جنگ جيئن ته افغانستان جي بادشاهه شاهه شجاع الملڪ ۽ سنڌ جي ٽالپر اميرن جي وچ ۾ لڳي هئي، تنهنڪري انهي جنگ جي تفصيلي احوال کان اڳ ۾ شاهه شجاع  ۽ ٽالپر اميرن جي وچ ۾ هن جنگ کان اڳ وارن تعلقاتن تي مختصر روشني وجهجي ٿي.

شاهه شجاع جو سنڌ تي پهرين حملو:

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ” شاهه شجاع جنهن کي بار ڪزئي سردارن تخت تي ٿاڦيو هو، سو ڪمزور طبيعت جو انسان هو. وٽس لشڪر کي پگهار ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ ڪون هئا. ڪابل ۾ فساد پوڻ ڪري ٽالپرن ڪابل کي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. تنهنڪري هن تخت تي ويهڻ واري سال سنه 1219هه/1704ع ۾ ، پنجاب ۾ ڦرلٽ ڪندو ۽ ميرن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ کانئن ساليانو ڏن وٺڻ لاءِ لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. ۽ بکر اچي پهتو. هن جي ڊپ کان گهڻا ماڻهو ٿر ڏانهن ڀڄي ويا. مير غلام علي خان پاڻ لشڪر وٺي لاڙڪاڻي جي قلعي تي توبون چاڙهڻ لڳو. ايتري ۾ مير سهراب خان به لاڙڪاڻي ۾ فوجن سميت اچي ساڻن گڏيو. شجاع بلوچي لشڪر جي صف آرائي ڏسي پنهنجي وزير حافظ شير محمد خان معرفت صلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مير غلام علي خان، افغان وزير کي صاف لفظن ۾  چئي ڏنو ته: ” اها ڪُڪڙ ئي مري ويئي، جيڪا اڳ سونا آنا لاهيندي هئي.“ تنهن جي باوجود به ٻنهي ۾ صلح لاءِ شرط ٿيا. شجاع ڏهه لک روپين لاءِ گهر ڪئي ۽ ان کان سواءِ ساليانو پنج لک روپيا خراج مقرر ڪيائين. مٿيان شرط منظور ڪيا ويا. رقم وٺي شاهه شجاع ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو.“(5)

مولانا دين محمد وفائي انهي واقعي متعلق لکي ٿو ته :” شاهه شجاع الملڪ 1219 هه ۾ جڏهن قنڌار مان ڪاهي سنڌ ۾ پهتو، تڏهن سنڌ جي پيرن ۽ اميرن مخدوم محمد عاقل (ثالث) کهڙوي رح کي التماس ڪيو ته اوهان بادشاهه وٽ گڏجي هلو ته کيس سکر مان واپس ڪيو وڃي، نه ته اڳتي وڌيو ته سندس فوج ملڪ تباهه ڪري ڇڏيندي، جڏهن مخدوم صاحب تيار ٿي نڪتو ۽ خيرپور جي ٽالپر پاران مير لقمان خان (ٽنڊو لقمان وارو،) حيدرآباد وارن ٽالپورن پاران نواب ولي محمد خان لغاري به مخدوم صاحب سان گڏجي روانا ٿيا. بادشاهه سان سکر ۾ ملاقات ڪيائون، جنهن کان پوءِ ساليانو ڏن وٺي اُتان واپس ٿيو. ڪنهن شاعر انهي واقعي جي هن فقري مان تاريخ ڪڍي آهي.“ از لب در بکر باز گشت“ 1219هه. (6)

ڊاڪٽر عطا محمد حامي لکي ٿوته ”خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي استدعا تي مخدوم محمد عاقل (ثاني) کهڙي سان گڏ پير محمد راشد ۽ پير صالح شاهه راڻيپوري به گڏجي شاهه  شجاع کي واٽ تان ئي واپس ڪري آيا“ (7)

ميرزا قليج بيگ ۽ غلام رسول مهر هن واقعي جو سال 1218هه /1703ع لکيو آهي. (8)

لطف الله بدوي هن واقعي جو سال 1221هه ڄاڻايو آهي. هو لکي ٿو ته“ شاهه شجاع سنه 1221هه ۾ وزير شبير محمد خان سان گڏجي وڏي شان ۽ شوڪت سان شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ شاهي باغ ۾ اچي لٿو. سندس مقصد هو ته سنڌ جي ميرن کان رهيل ڍل جي وصولي ڪري. هتي ئي سندس وڏو پٽ تيمور شاهه پيدا ٿيو، جنهن جي ولادت جي خوشي ۾ ٽي ڏينهن سانده شڪاپور ۾  نوبت نوازي ۽ چراغ بندي ٿيندي رهي. اُن وقت شڪار پور تي محمود طرفان سکو سنگ نالي هڪ هندو گورنر هو . شاهه شجاع هن کي معطل ڪري نواب مدد خان پوپلزئي کي نئون گورنر مقرر ڪيو. اُن وقت سنڌ تي مير غلام علي خان ٽالپر جي حڪومت هئي. مير صاحب، شاهه شجاع جي آمد جي خبر ٻڌي، مقرر ٿيل خراج ۽ تحفا شاهه جي خدمت ۾ ڏياري موڪليا“. (9)

مير حسن علي خان ٽالپر، انهي حقيقت يعني حاڪمن طرفان شاهه شجاع کي خراج ۽ تحفا ڏيڻ قبول نٿو ڪري. هو چئي ٿو ته،

”شجاع الملڪ پور تيمور شاهه

فراهم ڪري فوج باد ستگاهه

ڪيو عزم بالجزم بهر سفر

ٻيو مطلب نه هو غير تحصيل زر

اچي شاهه وارد ٿيو باسپاهه

۽ اڪرم وزير اُن جو ٿيو پيشگاهه

هتان مير صاحٻ هليو ٿي تيار

ته اُن فوج سان ٿيڻو آهي دوچار

زمانو ڏسان ڪهڙو ڏيکاري رنگ

در صلح پئجي ٿو يا باب جنگ

پوءِ  مطلب اچڻ جو پڇئون شاهه کان

ته تڪليف ڪيئن ڪئي آهي شاهه زمان

تڏهن شاهه چين هت اچڻ جو سبب

ٻيو ناهه آهي فقط زر طلب

مقرر هئي سنڌ تي ساع باج

رسائي اوهان ڪين شاهي خراج

رسايو جي پاڻهي ها شاهي خراج

سفر جو پوي ڪونه ها احتياج

تڏهن مير صاحب چيو نامور

انهي خيال موهوم کان درگذر

زمانه دِگر گون آئين نهاد 

شد آن مرغ ڪه او بيضه زرين نهاد

سپهر آن بساط ڪُهن درنوشت

نشاط دگر ملڪ راتاز گشت

جي وڙهڻو هجئي. شاهه تا آبرون

هي گوءِ هي ميدان ، آءُ ۽ تون

شجاع الملڪ جو ٻڌو هي جواب

سڙي ويو ٻڌي غم کان ٿيس دل ڪباب

جي ارڪان دولت جا ها شاهه سان

ڏٺو تن ته گم ٿي ويو نام ونشان

 سو مخفي ڪيئون مير کي التماس

مروت جي وٺ راهه اي حق شناس

جڏهن شاه اچي تنهنجو مهمان ٿيو

تون مهمان نوازي ڪر اي نام جو

ته رهجي وڃي دبدبه بادشاهه

سندءِ تنهن ۾ ڪنهن طرح نقصان ناهه

شجاع الملڪ ٿيو جڏهن نا اُميد

نه هٿ پئي زر سرخ وسيم سفيد

تڏهن دست خالي ويو باسپاهه

ورايئين عنان پنهنجي ناخواه خواه“

يعني شاه شجاع تخت تي ويٺو ته هن جي مرضي ٿي ته ڳچ ورهيه ٿيا آهن، جو سنڌ جي ڍل ڪابل ۾ نه پهتي آهي، سا وصول ڪجي. انهي خيال سان وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. مير صاحب به پنهنجي فوج وٺي ان سان رستي ۾ وڃي ملاقاتي ٿيو. شاهه شجاع کان مير صاحب اچڻ جو سبب پڇيو، تنهن جواب ۾ چيس ته ڪيترن ورهين کان وٺي سنڌ مان ڍل نه ملي آهي، سان وٺڻ آيو آهيان. مير صاحب چيس ته اهان ڪڪڙئي مري ويئي جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي“، اُهي ڍلن ڏيڻ وارا به مري ويا ته وٺڻ وارا به مري ويا، آءُ تابعداري جي ڍل نه ڀرينديس، باقي جيڪڏهن لڙائي ڪرڻي هجئي ته حاضر آهيان، شاهه شجاع کي ڏاڍي مٺيان لڳي، پر مير صاحب جو زبردست لشڪر ڏسي جنگ ڪرڻ صلاح ڀري ڳالهه نه سمجهائين. شاهه شجاع الملڪ جي صلاحڪارن اميرن پوءِ مير صاحب سان محبت جون ڳالهيون ڪيون. آخر مير صاحب، شاهه شجاع الملڪ جي مهماني ڪئي. مهمانين کائڻ بعد شجاع الملڪ خالي هٿين ڪابل ڏي موٽيو.(10)

مير صاحب جي انهن شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته، شجاع الملڪ سان سندس وزير محمد نه پر وزير ”اڪرم خان“ آيو هو، ليڪن اهو لکڻ سندس غلط آهي.

عابد لغاري لکي ٿو ته: ” شاهه شجاع پنهنجي وزير شير محمد خان سان گڏ شڪارپور پهتو ۽ نواب ولي محمد خان معمول مطابق پنهنجي حڪمت عملي ۽ دورانديشي تحت کيس ڪجهه رقم ڏيئي سنڌ کان ٻاهر ڪڍيو. نواب ولي محمد خان ، شاهه شجاع سان گڏجي ديره غازي خان تائين ويو ۽ اُتي کيس ڍل ڏيئي پاڻ سنڌ واپس موٽيو.“(11)

شاهه شجاع ٻيو دفعو سنڌ ۾:

سنه 1229هه/1814ع ۾ شاهه شجاع کي تخت تان لاٿو ويو. هو در در جا ڌڪا کائيندو جلال آباد کان خفيه نموني سنه 1230هه/1815 ع  ۾ حيدرآباد پهتو ۽ ٽنڊو آغا ابراهيم شاهه ۾ ڦليلي جي ڪپ تي مهمان ٿي رهيو. فقيري خدمتگار جي پٽ علي بخش، جيڪو شهر جو ڪوٽوال هو،تنهن ميرن کي خبر ڏني. ميرن سندس هر طرح سان خاطر خواهي ڪئي. ڪي تنبو ۽ ڪناتون وٽس موڪليائون ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ميرن جي لشڪر سميت شاهه شجاع شڪارپور آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com