سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :22

ھو ھڪ حليم شخص ھو. وقت گذرڻ سان ھوصوفي ازم ۾ وڌيڪ لھندو ويو. ھن ڪيترائي زنجير ٽوڙيا ۽ روحاني آزادي حاصل ڪيائين. سنڌ حڪومت ۾ ھو ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل ھو پر سدائين صوفين وارو رنگ ڍنگ ۽ پوشاڪ ھوندي ھئس ۽ علڻ فقير، محمد يوسف، فقير عبدالغفور ۽ سھراب فقير جھڙن صوفي ڳائڻن سان گهڻي سڪ ھوندي ھئس. ھو ڳائي نه سگهندو ھو پر صوفي ڳائڻن سان گڏ صوفياڻي ناچ ۾ مست ٿي ويندو ھو. کڙتال سان نمايا موزوني رکندي ممتاز مرزا سڄي دنيا ۾ شاھه لطيف ۽ سچل سرمست جي صوفياڻين ڪلامن کي پکيڙيو ھو. نيويارڪ، واشنگٽن، لنڊن، ٽوڪيو ۽ پيرس کان اسلام آباد تائين انھن ڪلامن ڳائڻ وارن سان گڏ به ويندو ھو.گذريل ڪجھه سالن کان مون ممتاز مرزا کي جسماني طور وڌيڪ ڪمزور ۽ روحاني طور وڌيڪ مضبوط ٿيندي ڏٺو. ھڪ اھڙي بي وفائي ھن جي زندگي تباھه ڪري ڇڏي جيڪا تصور کان ٻاھرھئي. صوفين جي نقش قدم تي ھلندي ممتاز مرزا پنھنجي ذاتي الميي کي روحاني سگهه ۾ تبديل ڪيو. ھن پنھنجي نامڪمل ڪتابن کي پورو ڪرڻ لاءِ غير معمولي سگهه ۽ ارادو پيدا ڪيو. ھڪ اھڙي ٽٽل شخص پاران عزم جو اھڙو اظھار حيران ڪندڙ ھو، جيڪو پاڻ کي ڳجھي نموني سان عالم بقا ڏانھن رونگي لاءِ تيار ڪري رھيو ھو.

ھو لکندو رھيو، ڪمزور حالت ۾ ھن پنھنجون يادگيريون لکيون. اھو سڀ ڪجھه نه ھو. ھن ھڪ ناممڪن رٿا کي ممڪن ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. شاھه لطيف جي اصلي ڪلام کي اھڙي نموني جديد سنڌي ۾ سمجھايائين جو حيران ڪري ڇڏيائين ۽ اھا سندس يادگار حاصلات ھئي. ھن انھي بيحد متاثر ڪندڙ ڪتاب کي ھڪ ڀيرو ھٿ ۾ کنيو ۽ چپ چورڻ بنا ٻڌايائين ته ھن دنيا ۾ منھنجي اچڻ جو مقصد پورو ٿي ويو ۽ ھو روانو ٿي ويو.

          

_ امر جليل

محبتي ممتاز!

 

ممتاز جي محبتن کي ڪير وساري سگهي ٿو؟ سندس منھن واري مڻيا کي ڪير نظرانداز ڪري سگهي ٿو؟سندس قلم جي سگهه ۽ سوچ جي اُڏام کي ڪير گهٽائي سگهي ٿو؟ توڻي کڻي ھو اڄ اسان ۾ نه آھي، پرسندس وکن سان گڏ کنيل وکون ڳڻيل به آھن ته توريل تڪيل به. سندس وک وک ڳولا آھي، ڏات ڏانءُ ۽ ڏاھپ جي؛ جنھن جي پاڇي پلئه ۽ ڇانءُ  ھيٺان سندس حياتي گذري ۽ بيشڪ کيس گهڻو ئي پلئه پيو. ھڪ سگهارو ڏات ڏانءُ ۽ ڏاھپ وارو قلمڪار ۽ تخليقڪار. سندس حياتيءَ جا اُھي پل مون کان ڪيئن وسربا، جڏھن مون کيس ڊڪشنري آفيس کان سفر شروع ڪندي ڏٺو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ھيٺ ۽ شيخ محمد اسماعيل سان گڏ سکيا جا پنڌ پيچرا ڀيٽيندي ڏٺا. ريڊيو وارو سفر، تنھن بعد ٽي . وي. وارو سفر، اِنھي سفر ۾ اسان ٻيئي گڏ ھياسين. ”مخزن“ جو ڪمپيئرر۽ ممتاز پروڊيوسر، عجيب ساٿ ھو.

سندس ثقافت کاتي ۾ باقاعده ڊائريڪٽر جنرل ٿيڻ کان اڳ ئي اسان ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز تي گڏ ڪم ڪيو. حميد آخوند جو ساٿ نه وسارڻ جوڳو آھي. سندس اسان ٻنھي يارن سان ياري ڪيئن وسري سگهي ٿي. آخوند صاحب ھميشه سندس خيال رکيو، ويندي بيماري وارين گهڙين ۾ پڻ ممتاز جي پل پل جي خبر لھڻ وارو ھُوئي ھو. اسان ته واٽ ويندي ياري واري پَرِ پئي نڀائي.

خيرپور جڏھن ٻچن سان گڏ آيو ته ساٿ وڌيڪ پختو ٿيو. سندس ڪڪو ۽ ڪڪي اڄ به ملن ته چنبڙيو وڃن، ڄڻ ته ممتاز پيو ملي. سندس ٻيا نينگر جيڪي حيدرآباد ۾ آھن، اڄ به سڪ مان ويجھا ٿي ملندا آھن ته ممتاز ياد اچيو وڃي. خاص طرح سندس ڀاءُ ظفر اڄ به اُڪير سان ملندو آھي.

ممتاز ايڏو محبتي ماڻھو ھو، جو ھرناتي رستي محبت جون ميخون ھنيون ويو آھي. سندس کي پسڻو آھي ته سندس ساروڻيون ”وساريان نه وسرن“ پڙھو. محمد يوسف لاءِ ته گهڻو ڪجھه لکيو اٿس، پر پنھنجي ۽ پنھنجن لاءِ جيڪي لکيو اٿس اُھو دل کي لوڏڻ لاءِ ڪافي آھي.

ممتاز لطيف سرڪار جي ”گنج“ کي سھيڙڻ  ۽ سنوارڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي. اُنھيءَ ممتاز جي صحت کي لوڏي وڌو. اڄ ھو اسان ۾ ڪونھي پر سندس ساروڻيون اسان سان گڏ آھن. سندس سمورا پل مون وٽ ڳڻيل آھن، ”يادگيرين جي سفر “ ۾ محفوظ آھن ۽ جلد اوھان تائين پھچائيندس. اُنھيءَ ممتاز جون ڳالھيون ۽ ويچارون ، جيڪو مون کان اڄ به ڌارناھي.

 

_ حميد سنڌي

جوڳي پنھنجي جُوءِ ويا

 

شام جو وقت ھو. فون جي گهنٽي وڳي. رسيورَ کنيم ته ممتاز مرزا ڳالھائي رھيو ھو. سندس آواز جھيڻو محسوس ٿيو. ھيانءُ ۾ جھُٻو پيو. ڏوراپي واري انداز ۾ چيائين ته، ”يار! ڪٿي آھين؟ ھيترا ڏينھن ٿي ويا آھن. منھن به ڪونه ٿو ڏيکارين.“ الائي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيو ته ھي يار وڃڻ وارو آھي ۽ سڪ وارن کي سڏي آخري ملاقات ڪرڻ گهري ٿو. مون کيس چيو ته، ”سومر ڏينھن توھان وٽ ايندس.“ اسان جي ڳالھه ٻولھه خميس ڏينھن تي ٿي ھئي. سومر ڏينھن مون کي وٽس وڃڻو ھو، پر اُھو سومر سورن جو سنھيو کڻي آيو. مٺڙو ممتاز مٽن مائٽن کان موڪلائي وڃي پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو.

جوڳي پنھنجي جُوءِ ويا، جُھڙ جيئن نيڻ جھمن،

سُخن ساميئڙن جا، ھينئڙي منجھه ھُرن.

پياري دوست ممتاز مرزا سان گهاريل گهڙيون، دل جي آئيني ۾ نظراچڻ لڳيون. ان ئي ڏينھن فون تي چئي رھيو ھو ته : ”آغا سليم لکڻ لاءِ چيو ھو. پھرين قسط کيس ’جاڳو‘ لاءِ موڪلي ھيم، جا ڇپي ھئي. اوھان ضرور اھو احوال پڙھيو ھوندو. ھينئر ٻي قسط لکي رھيو آھيان، ڇتي ڪوري واري ڊيگهه ٿي وئي آھي.“

ممتاز حيدرآباد جون يادگيريون لکي رھيو ھو، اھا ڄڻ حيدرآباد جي علمي، ادبي ۽ سماجي تاريخ ھئي. مون کي ياد آھي ته پير حسام الدين راشدي جي اھا دلي خواھش ھئي ته ڪو حيدرآباد تي لکي. شايد ڪنھن کي چيو به ھئائين، پرھُن ڪونه لکيو. پير صاحب جي آرزو ممتاز مرزا پوري ڪري رھيو ھو. پر افسوس جو ظالم موت کيس مُھلت نه ڏني. پير صاحب ممتاز جون يادگيريون ڏسي ھا ته ڪيڏو نه خوش ٿئي ھا. آءُ پير صاحب وٽ روزانو ويندو رھندو ھوس. ھفتي ۾ ھڪ ٻه ڀيرا محترم حميد آخوند ۽ محترم ممتاز مرزا ضرور پير صاحب وٽ ايندا ھئا. خوب ڪچھريون ٿينديون ھيون. ڀوڳ ٺڪاؤ ٿيندا ھئا، پر ڪم جون ڳالھيون پڻ ٿينديون ھنيون . سنڌي ادب ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ پير صاحب ٻنھي دوستن کي سھڻيون صلاحون ڏيندو رھندو ھو ۽ ھُو ٻئي پيرصاحب جي مشورن تي عمل ڪندا ھئا. سچ پچ ته پير صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو ھو ۽ اڪثر ٻنھي جي صلاحيتن ۽ محنتن جي تعريف ڪندو رھندو ھو.

ھڪ ڀيري ممتاز مون کي مرڪي چيو ته، ”يار! مون کي به پي. ايڇ . ڊي ڪرايو،“ مون کيس کِلي چيو ته، ”ممتاز! توھي گنج تي جيڪو ڪم ڪيو آھي ان تي توکي ھڪ ته ڇا پر ڏھه پي .ايڇ .ڊي جون ڊگريون ملڻ کپن. آءُ جيڪڏھن وائيس چانسلر ھجان ھا ته توکي پي .ايڇ . ڊي نه، پر ڊي لِٽ جي ڊگري ڏياريان ھا. ممتاز تو ھي ڪم ڪري، پاڻ کي اَمر ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان تي ايڏو وڏو ٿورو ڪيو اٿيئي جيڪو اسان ڪڏھن لاھي نه سگهنداسون.“

ممتاز ٿورو مُرڪيو. مون کيس چيو ته، ”اڄ ڪلھه ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري سستي ٿي پئي آھي. ماڻھو پئسن تي تحقيقي مقالا لکرائي ڊاڪٽر بڻجيو وڃن. جن کي شاھه جا بيت صحيح نموني پڙھڻ به نٿا اچن سي ڊاڪٽر ٿي ويا آھن. شاگردن کي ته ڇڏيو، پر اڄ جيڪي پي . ايڇ .ڊي جا گائيڊ آھن، تن کي به بيت صحيح نموني پڙھڻ نٿا اچن؛ معنيٰ ته اڃا پري جي ڳالھه آھي. توھان جو ھيءُ ھڪ ئي ڪم (گنج شريف کي موجوده صورتخطي ۾ آڻڻ)”ھڪ رانجُھو لکان دامٽ“ آھي. سنڌين جو شاھه جي رسالي، خاص طور گنج شريف سان عشق آھي. ھُو سدائين رسالو پڙھندا رھندا ۽ توھان کي سدائين ياد ڪندا رھندا ۽ دعائون ڏيندا رھندا. اوھان کي شاھه لطيف تي جيڪا ڄاڻ آھي، سان اسان جي ڊاڪٽرن کي ڪانه آھي، تنھن ڪري توھان کي ڪنھن يونيورسٽي جي ڊگري جي ڪا ضرورت نه آھي.“

دوست مون گهڻائي ڏٺا، پر ممتاز مرزا، حميد آخوند ۽ ظفرڪاظمي جي دوستي مثالي نظرآئي. ٽيئي سھڻا سيبتا جوان ڪنھن فنڪشن جي موقعي تي جڏھن اسٽيج تي گڏ بيھي رھندا ھئا ته ايڏا پيارا لڳندا ھئا، ڄڻ آسمان تي ٽيڙو اُڀريا ھجن. ظفر، اسٽيج کي سينگارڻ سنوارڻ جو ماھرآھي ته ممتاز مرزا کي وري سنڌي ۽ اردو ۾ انائونسمنٽ ڪرڻ تي ڪمال حاصل ھو. وري جڏھن حميد پُر اعتماد شاندار انگريزيءَ ۾ سھڻي نموني انائونسمنٽ ڪندو ھو ته ھال ۾ ويٺل ٽنھي دوستن جي قدرتي ڏات ۽ ڏائوء کي ڏسي حاضرين دل ئي دل ۾ کين داد ڏيندا ھئا. افسوس جو ان ٽه لڙھيءَ مان ھڪ موتي ڇڄي پيو ۽ ان جو اھو اڳوڻو حسن ھليو ويو. الله سائين حميد ۽ ظفر کي سلامت رکي ۽ ھيءُ صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. سچ پچ ته ممتاز جي جدائي سڀني دوستن کي جھوري وڌو آھي. سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي حميد آخوند بي انتھا خوش نظر ايندو ھو، پر ھن ڀيري ھو ڏاڍو اداس نظر آيو. ڄڻ اھو حميد آخوند نه ھو. ڀلا اداس ڇو نه ھجي جنھن کان جاني جدا ٿي ويو ھجي، سو ڪيئن خوش نظر ايندو

جن کان ويڙا پرين، تن کان پڇو سڌُ سُور جي

ھن ڀيري سچل سرمست جي  175 ھين عرس جي موقعي تي درازا ۾ گورنر سنڌ جي موجودگيءَ ۾ جيڪا محفلِ سماع ٿي، ان ۾ اھو اڳوڻو مزو ڪونه ھو. محفل بي ترتيب نظر آئي. سچل سرمست جي ڪلامن جي چونڊ جيڪا موقعي مهل جي مناسبت سان ڪئي ويندي آھي، سا نظر نه آئي، تنھن ڪري ويٺل اھو راڳ ذوق شوق سان ڪونه ٻڌي رھيا ھئا. ممتاز مرزا اھڙن موقعن تي خاص ڪلامن جي چونڊ ڪندو ھو. پھرين ڪھڙا فنڪار اچن، ڪھڙو ڪلام چون .ان کان پوءِ ڪھڙا فقير اچن ۽ ڪھڙا ڪلام ڳائين. ممتاز جي سھڻي سِٽا ۽ سھڻي چونڊ سبب ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو ھو، ڇو ته ھُو وڏي محنت ڪندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن فقيرن کي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ وھاري ريھرسل به ڪرائيندو ھو. سندس غيرموجودگيءَ ۾ ھن ڀيري واري محفلِ سماع ڦڪي ۽ بي جان محسوس ٿي رھي ھئي. نه ممتاز واري اثرائتي انائونسمنٽ ھئي ۽ نه وري فقيرن ۾ اھو اڳوڻو جوش ۽ جذبو نظر اچي رھيو ھو. فقط موٽڻ شاه، غلام حسين ۽ سھراب فقير ۽ سندس ساٿين محفل ۾ ڪجھه رونق پيدا ڪئي، پر پوءِ به اھو اڳوڻو رنگ ڍنگ ۽ جوش جذبو نظر نه آيو. جيڪڏھن ممتاز ھجي ھا ته ھن محفل جو ڪو رنگ ئي ٻيو ھجي ھا. شال خدا تعاليٰ جي مٿس رحمت ھجي. سچ پچ ته سندس جدائي جھوري وڌو آھي.

 

  _ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

 

محب الله شاهه، فيض ٻگهيو، پير حسام الدين راشدي، بيدل مسرور، حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا

ادا توسل جيئرو آھي

ممتاز مرزاجي وفات سنڌي ا دب ۽ ثقافت لاءِ واقعي تمام ڏک جي خبر آهي، جو هن شخص سنڌي ٻوليءِ شاهه لطيف جي حوالي سان هڪ اجهاڻل ڏيئي کي روشن ڪيو هو ۽ انهن ٻنهي موضوعن سان ديوانگيءَ جي حد تائين عشق هوس. انهن جي جاکوڙ ۾ هن پنهنجي گهريلو زندگي ۽ پنهنجي صحت جو به ڪو فڪر ڪو نه ڪيو. ڏينهن رات، اوير سوير ۽ فاصلن جي ڪا به پرواهه نه ڪيائين. سنڌ، پاڪستان ۽ ڏيساور تائين سنڌي ثقافت جي پيغام کي پهچائيندو رهيو. ڊاڪٽر نبي  خان  بلوچ سان گڏ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ته حميد آخوند سان گڏ ثقافت جي رنگن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو رهيو.

ليڪن ممتاز جو ذڪر آءُ هڪ ٻئي حوالي سان ڪرڻ چاهيان ٿو، ٻئي نالي جي حوالي سان. هو منهنجي لاءِ ممتاز نه بلڪ ”اداتوسل“ هو. منهنجي وڏي ماسي ۽ سنڌ جي هڪ مانواري ادبي نالي مرزا گل حسن ”احسن“ڪربلائي جو پٽ ”توسل“، جنهن کي مرزا صاحب هر وقت پاڻ سان گڏ وٺيو هلندو هو؛ ڪڏهن اکين کان پري ٿيڻ نه ڏيندو هوس.

ادا تو سل پنهنجي اوائلي عمر جو گهڻو وقت اسان سان گڏ گذاريو. رتو ديرو، سيوهڻ، ٽنڊوآدم، ميرپورخاص ۽ ٻين ڪيترن ماڳن تي، جتي منهنجو والد نوڪريءَ جي سلسلي ۾ اسان کي وٺيو هلندو هو، اتي ادا توسل به اسان وٽ اچي رهندو هو . سندس ٻيا ڀائر ظفر، نجمي ۽ اختر به اسان وٽ ايندا هئا، پر هُو امان جو به دادلو هو ۽ وڏي ڀيڻ جي وڏي پٽ جي حيثيت سان به هن کي وڏي اهميت حاصل هئي. ٻيو ته هو ايڏو ته سلڇڻو ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هو، جو هر ڪنهن کي وڻندو هو . پنهنجي منهن ، پنهنجي مهاڙ، ساف سٿرو، سٺن ڪپڙن جو شوقين، ڪتابن جو ڪوڏيو، اکر جهڙا موتي، ڳالهيون دلچسپ، هن جي انهن خوبين جي ڪري بابا هن کي چوندو هو ته شمع رسالي جا سوال جواب مون کي پڙهي ٻڌاءِ، ۽ اهي دلچسپ سوال جواب هن جي زباني وڌيڪ دلچسپ لڳندا هئا.

چاچا گل حسن جي وفات کان پوءِ آءُ جڏهن به ٽنڊي آغا، هنن جي گهر ويندي(جتي آءُ گهڻو رهندو به هوس جو اتي منهنجا هم عمر گهڻا هئا) جڏهن هن جي ڪمري ۾ ويندو هوس ته مون کي ڏاڍو سک ملندو هو، انڪري جو اتي سندس ڪتاب، جن ۾ ناول، افسانا، شاعري، لوڪاادب، داستان ۽ مشهور رسالا رکيا هوندا هئا، جن مهراڻ، نقوش، ليل و نهار ۽ ٻيوڪيتروئي دلچسپيءَ جو سامان مون کي ملندو هو، هو وڏي خوشيءَ سان ڪتاب ڪڍي مون کي ڏيندو هو. سندس ڏنل هڪ ڪتاب’سفينه غم دل‘ قرت العين حيدر جو لکيل اڃا به مون وٽ موجود آهي.

مون کي ادا توسل جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب واري ’ڊڪشنري روم‘، ريڊيو پاڪستان ، ثقافت کاتو ۽ ٽي. ويءَ وارو زمانو چڱيءَ طرح ياد آهي. خاص ڪري جڏهن ٽي. ويءَ تي اسڪرپٽ پروڊيوسر واري دور ۾ هو هر خميس تي حيدرآباد ايندو هو ۽ منهنجا ڊراما پاڻ سان گڏ کنيو ويندو هو. منهنجو پهريو ن ڊرامو وٺڻ لاءِ هو مون وٽ پريس ڪلب ۾ آيو هو. ٻيو ڊرامو ”شڪست“ مون هن کي ريڊيو اسٽيشن تي وڃي ڏنو هو.

ليڪن توسل مان ممتاز مرزا ٿيڻ جي قيمت طور هن جو وقت تمام مصروف ٿي ويو ۽ ائين هو اسان کان دور ٿيندو ويو. ايتري قدر جو هاڻ ڪراچيءَ ۾ به هن سان ملاقات گهٽ ٿيندي هئي. ها البته اسلام آباد ۾، خيرپور، ڀٽ شاه، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ جتي ڪا ادبي ثقافتي محفل مچندي هئي، اتي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. خاص ڪري 1994ع ۾ لاڙڪاڻي مان واپسيءَ تي ڪراچي ائيرپورٽ تي ساڻس اها ملاقات ڪڏهن به نه وسرندي، جڏهن مون کي ڀاڪر پائي چمي ڏني هئائين ۽ اتي موجود دوست حيران ٿي ويا هئا، جڏهن کين اهاخبر پيئي ته هو منهنجو سڳو ماسات آهي.

مون هن کي ”توسل“ مان ”ممتاز“ ٿيندي ڏٺو. وقت سان گڏ هن ۾ جيڪا پختگي آئي تنهن کي به مون ڏٺو. ليڪن موت وڏي حقيقت آهي، هن کان ڪير به پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. اها انسان جي جسماني توڙي روحاني حقيقت آهي. ڳاڙهو گهوٽ ٿيڻ اهڙي حقيقت ناهي جهڙي حقيقت مڙهه مقام ۾ آهي. ممتاز ان ڏينهن نه ته وري ڪنهن ٻئي ڏينهن گذاري وڃي ها. اسين به هليا وينداسين . اسان کان اڳ ڪيترا هليا ويا. اجهو هئينر منهنجو پيارو دوست مير نبي بخش خان ٽالپر به ته هليو ويو، بس دل جو  هڪ جهٽڪو ۽ هيڏو سارو کلمک، دوستن جو دوست، پيارو ، نيڪ ۽ سٻاجهو انسان، زندگيءَجي  روشنين  مان گم ٿي ويو. مرڻ مهڻو ڪونهي، ليڪن ڏک موت جي طريقه ڪار تي آهي. وڏي عرصي کان پوءِ پنهنجي گهر ۾ آيل ممتاز جو موت ڪو عام موت ڪو نه هو. هن کي پنهنجي جيجل امڙ سان ڀاڪر پائي گهارڻ لاءِ ڏاڍيون مختصر گهڙيون مليون. ٽي ڏينهن، بس ٽي ڏينهن! منهنجي گهرواري، منهنجي ڌيءَ ۽ منهنجي ننهن هن کي ڏسي آيا. واپسيءَ تي منهنجي گهرواريءَ چيو ته ور ور ڪري پئي پڇيائين ته ” ڊاڪٽر قاضي خادم ڪيئن آهي“ مون کي چيائين، ”تون ملي ته اچينس“ مون چيو ”ها ويندس.“

اها رات جي ڳالهه آهي ۽ صبح جو سوير ڄاڻ آئي ته ممتاز گذاري ويو. مون دل ۾ سوچيو،“ ممتاز مرزا گذاري ويو، ادا توسل ته جيئرو آهي نه!“ هو ڪئين ٿو مري سگهي، جيڪو رهي ئي اسان جي دل  ۾ ٿو.

هن مضمون وسيلي آءُ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، شيخ محمد اسماعيل، شيخ ابراهيم، حميد آخوند ۽ ظفر ڪاظميءَ سان تعزيت ڪريان ٿو، جو هو ممتاز جي دلي طور دوست آهن.                        _ڊاڪٽر قاضي خادم

اڻٿڪ جدوجهد

ممتاز سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ته ڏهن ٻارهن سالن کان هئي پر سندس شخصيت جو اڀياس گهڻو پوءِ ٿيو جڏهن ”ڪلهوڙا بين الاقوامي سيمينار“ جي انعقاد لاءِ هڪ انتظامي ڪاميٽي جوڙڻ جو خيال ٿيو. کانئس فون ذريعي ڪاميٽي تي ميمبر جي حيثيت سان سندس نالو داخل ڪرڻ جي اجازت گهريم. هڪدم هائو ڪري پوءِ سيمينار جا اغراض ۽ مقاصد معلوم ڪيائين ۽ پڻ انتظامي ڪاميٽي جي جوڙجڪ بابت معلومات ورتائين، رفته رفته ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ٿيو ته مرزا صاحب سان تعلق پڻ وڌندو ويو، جيڪو پوءِ دوستي جي حد تائين وڃي پهتو. اِن کان اڳ منهنجي نظر ۾ هو هڪ اهڙو انتظامي سربراهه هو  جنهن جي ذمي ثقافتي جٿا جوڙي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرائي نماءُ ڪرڻ هو. سندس ذميوارين جو دائرو ملڪي سرحدن کان پري بين الاقوامي ميڙن ۽ محفلن تائين وڌيل هو. مون کي ذرو به خيال ڪو نه هو ته هو انتظامي سربراهه هئڻ سان گڏوگڏ بي بها انسان ۽ بهترين پار کو هو. پوءِ اها پرک علم ۽ ادب سان گڏوگڏ گيت ۽ سنگيت کان ويندي سنڌ جي مٽيءَ جي ذري ذري جي ڇو نه هجي. ممتاز ماٺيڻو، حليم طبح، پيار ۽ محبتون ونڊيندڙ ۽ گفتار ۽ عمل سان دلين کي فتح ڪري وٺندڙ ماڻهو هو. سندس چهري تي هميشه خوشي جون ريکائون رقصان هونديون هيون. اهو تاثر ڪڏهن به ڪو نه ملندو هو ته هو به ٽين دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر اٿاهه مسئلن ۾ گهيريل هو. آهي ڪو اهڙو ماڻهو جنهن وٽ توڙي جو دولت جي فراواني  سان گڏ طاقتور لٺ به ساڻ هجي پر پوءِ به ڪنهن غم کان آجو هجي؟ ھتي ته قدم قدم ، گاھه بگاھه ۽ چوڌاري مسئلا آھن. ممتاز جھڙو ھڪ عام شھري جنھن جا اڌ ڊزن کان وڌيڪ ٻار ھجن ، ٻه گهر ھجنس ، محدود آمدني ھجيس ۽ ڳريون سماجي ۽ سرڪاري ذميواريون ھجنس. ڪيئن ٿو سدائين مرڪي سگهي. ھو ارادن جو اڏول شخص ھو. ھن کي خبر ھئي ته مسئلا ۽ زندگي گڏوگڏ ھلندا آھن. سندس ڪچھري جي تاثرات سان اھي ختم نٿي ٿي سگهيا، تنھن ڪري سدائين خوش رھڻ جو فيصلو ڪيو. ”دنيا دم ھڪڙو“ جي فقري کي ھن چڳيءَ طرح سمجھيو ٿي. ھو ڪڏھن به غير سنجيده ، غيرذميوار ۽ ڇسو ڪونه ھو. ھو پيدائشي ذميوار شخص ھو.

سندس تعليم ۽ تربيت اتي ٿي جتي علم جي گوھر پارن جي عميق گهراين مان موتي ڳولي ھٿ ڪيا ويندا ھئا. سندس والد محترم ھڪ وڏي علمي ۽ ادبي شخصيت ھئي. سوني تي سھاڳ وري ڊاڪٽر نبي بخش خان جي صحبت ڦيرايو. ڊاڪٽر صاحب جي رھنمائي ۾ ھن شاھه لطيف جي ڪلام ۽ زندگي جو وسيع مطالعو ڪيو. راڳ ۽ آواز جي دنيا ۾ پير پائڻ جو سبب پڻ ڊاڪٽر صاحب بڻيو. پاڻ ڳائيندو ته بنھه ڪين ھو ته به راڳڻيون پيو جھونگاريندو ھو. کيس سنڌي راڳ سمجھڻ جي ڏات ھئي. سچل، شاھه ۽ قلندر جي ميلن تي ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جو ھو منھندار ھوندو ھو. صوفين جي مزارن تي حاضريون ڀريندي پيو گد گد ٿيندو ھو. سنڌ جي تاريخ جو کيس وسيع مطالعو ھو. سنڌ متعلق اھڙو ڪوبه ڪتاب نه ھوندو جيڪو سندس مطالعي ۾ نه آيو ھجي. ھڪ لڱا فون ڪري چيائين ته ”تو وٽ ڪجھه ڪتاب آھن جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪونه ٿا ملن تنھن ڪري انھن جو ھڪ سيٽ کپي.“ آءُ ڪتابن جو سيٽ کڻي وٽس آفيس ويس. موجود ڪونه ھو. ڪتاب سندس اسٽينو جي حوالي ڪري، آءُ آفيس مان ھيٺ لٿس ۽ جيئن ئي ڪارجو در کولي ويھڻ وارو ھوس ته سندس ڪار دفتر اندر داخل ٿي. ملاقات ٿي.پيار مان ڀاڪر پائي مليو ۽ مون کي اندر وٺي ويو. سندس چهري تي جيئن ئي منهنجي نظر پيئي ته مون کان رڙ نڪري ويئي. ممتاز توکي ڇا ٿيو آهي؟ تون ايترو ٿڪل ۽ اٻاڻڪو ! ڳالهه ڇا آهي؟ مون اضطراب واري ڪيفيت ۾ کانئس ٽي چار لاڳيتا سوال ڪري ورتا. هو مسڪرائيندو رهيو ۽ ٽڪ ٻڌي مون کي ڏسندو رهيو. پيار مان وراڻيائين ته دل بي وفائي پئي ڪئي سو کيس پرچائڻ لاءِ وڃي آغا خان اسپتال جو پاسو ورتو هئم ۽ هاڻي ڏينهن ٻه ٿيندا  ته واپس موٽيو آهيان. سمجهي ويس ته هن کي زبردست جهٽڪو لڳو هو. عارضي طور تي بچي ويو هو پر هو اڃا به صحتمند ڪو نه هو. مون کيس صلاح ڏني ته هو هڪدم باءِ پاس ڪرائي. سندس ويجهڙائي ۾ لنڊن جي ڪرامويل اسپتال وڃي علاج ڪرائڻ جو پروگرام هو، پر ڊاڪٽر جي موڪل تي هئڻ جي ڪري ان پروگرام کي ٻن هفتن لاءِ پوئتي هٽايو ويو هو. ممتاز اهڙي نماڻائي ۽ نٻل صورتحال جي باوجود پنهنجي آفيس جا اٽڪل چاليهارو کن ڏاڪا يڪساهي چڙهي ويو. ”اڙي زور آور، تون هي ڇا ٿو ڪرين. خدا جي واسطي آفيس هيٺ لڳاءِ. هي ايترو چڙهڻ سخت نقصانڪار آهي.“ هو پوءِ به مسڪرائيندو رهيو ۽ منهنجن سوالن جا جواب پڻ ڏيندو رهيو. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ممتاز جي جيئڻ جا هاڻ ٿورا ڏينهن وڃي بچيا هئا، پر هو پيو مسڪرائي ۽ خوش ٿئي. دراصل مون اهو واحد ماڻهو ڏٺو جيڪو اهڙي حالت ۾ به کلندو رهيو! اسان جي اها آخري ملاقات 31 ڊسمبر 1996ع تي ٿي ۽ ڏاڍي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ويندي ويندي پنهنجو تازو شايع ٿيل ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ تحفي طور ڏنائين، جيڪو سدائين پيو ممتاز جي ياد ڏياري.

 

 

ممتاز جڏهن ٽي.وي تي سندس پروگرام ”پارکو“ ڪندو هو ته هڪ لڱا پنهنجي موڀي پٽ ميان محمد علي خان جي شاديءَ جو  سٽاءُ ٿيو. ڪنهن سُريلي سنڌي فنڪار جي ڳولا لاءِ ٽي. وي جي تڏهوڪي جنرل مئنيجر محترم عبدالڪريم بلوچ سان رجوع ڪرڻ لاءِ سندس آفيس وڃڻ ٿيو، جنهن پنهنجي روايتي محبت سان خوش خيرعافيت ڪئي ۽ مون کي ان ڪم لاءِ ممتاز مرزا صاحب جي حوالي ڪندي گذارش به ڪيائين ته ”پارکو“ پروگرام ۾ ڪجهه دوستن کي حيدرآباد ۽ ننگر ٺٽي مان اچڻو هو پر سنڌ ۾ لساني فسادن جي نتيجي ۾ لڳايل ڪرفيو جي ڪري اهي ڪراچي نٿي اچي سگهيا تنهن ڪري اها کوٽ به آءُ ڀريندو وڃان. ممتاز ۽ نواز علي شوق ٻئي پارکو هئا ۽ شايد اعجاز عليم عقيلي صاحب ان پروگرام جو پروڊيوسر هو. ممتاز جي ذهانت ۽ مطالعي جي وسعت ان پروگرام ۾ مون کان سندس پڇيل سوالن مان پڌري پئي لڳي.

موت برحق آهي. هر جاندار کي پنهنجي خالق جي اڳيان جهڪڻو آهي. ڪو دير ته ڪو سوير. پر ممتاز جو موت هڪ شخص جو موت ڪونهي. اهو هڪ اداري ۽ دؤر جو موت آهي، جيڪو ٺهندي ٺهندي سوين سال کائي ويو  ۽ هزارين ماڻهن لاءِ مشعل راهه هو. اها مشعل اُجهامي  ويئي ۽ ديس ۾ دور دور اونداهيءَ جا ڪڪر ڇانئجي ويا. اهڙي گهنگهوار انڌاري ۾ سندس علمي خدمتون کنوڻ جي چمڪاٽ وانگر رهنمائي ڪندي پيون پسجن، جن مان ممتاز جي شبيهه پئي بکي ۽ آواز ڏئي ته اٿو جدوجهد ڪريو. پنهنجي وطن ۽ ان جي واسين جي خدمت ڪريو، پوءِ اهاخدمت علم و ادب ۾ هجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌاري لاءِ هجي، گيت ۽ سنگيت لاءِ هجي، ماڳن ۽ ماڻهن لاءِ هجي. صوفين ۽ درويشن لاءِ هجي. هڪ اڻٿڪ جدوجهد، جيڪا موت تائين جاري رهي ۽ موت سان به مڙس ٿي کلندي مهاڏو اٽڪائجي.

ممتاز جي جدائي هڪ بهترين شخص، دوست، پيءُ، ڀاءُ ۽ مڙس جي جدائي آهي، جيڪا سنڌ جي هر جيءُ کي پئي جهوريندي.                         

 

 _ يعقوب علي زرداري

هڪ اڏول اديب

 

موت، سنڌ ادب کان هڪ صلاحيتمند قلمڪار ۽ نشرياتي ادارن کان هڪ سُڄاڻ ۽ ڀلوڙ ماڻهو کسي ورتو، جيڪو ادب ۾ پنهنجا امٽ نشان ۽ ثقافت ۾ اڻ وسرندڙ فطري صلاحيت جا پير ڇڏي ويو.

ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ هي بي ڊپو قلمڪار هو. جنهن عام ماڻهو جي ڏهاڙيءَ جي مسئلن کي ڏاڍي سُهڻائيءَ سان پيش ڪيو. هڪ ڊرامانگار طور هن انهن اعليٰ قدرن جي وڪالت ڪئي جن کان سواءِ جيون ٻسو ۽ ڇسو هوندو آهي. موسيقيءَ جي سچي سڪ واري جي حيثيت ۾ هن وسريل واري لاوارث ڪلا کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو جيڪو هن وٽ هو.

هو 29 نومبر 1939ع تي ڄائوهو. سندس لاڳاپو ٽنڊي آغا جي مرزا گهراڻي سان هيو، جنهن مرزا ٻڍل بيگ، مرزا دوست محمد بيگ، مرزا علي بخش احقر، مرزا امام بخش ڪوثرجهڙيون سدا بهار شخصيتون پيدا ڪيون، جن کي سنڌي ادب ۽ خاص طور تي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ نمايان حيثيت حاصل آهي. ٽالپر دور ۾ سنڌ حڪومت جو سرڪاري رڪارڊ سندن تحويل ۾ رهندو هيو. ان کان علاوه سنڌي ادب جي ترقيءَ واسطي به پاڻ پتوڙيندا رهيا. ممتاز جي پيءُ جو مرزا گل حسن ، ۽ تخلص ’احسن ڪربلائي‘ هو، جيڪو سنڌيءَ جو بلند پايي جو شاعر هو.

ممتاز کي ڄمڻ سان ڄڻ پنھنجي گهر ۾ ادبي ماحول ملي ويو. ھن ان املھه خزاني مان پورو لاڀ پرايو. ان ماحول سندس ماٺيڻي مزاج تي ايترو ته گهرو اثر ڪيو جو ھن ڏھن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ادبي جوھر ڏيکارڻ شروع ڪيا. ھن 17سالن جي عمر ۾ باقاعده لکڻ شروع ڪيو. ھن سنڌي سان گڏ اردو ۽ انگريزي ۾ به طبع آزمائي ڪئي.

جڏھن 1950ع واري ڏھاڪي ۾ ڪھاڻي لکڻ شروع ڪئي ته ڪھاڻيءَ واري مصنف پنھنجي عروج تي ھئي. شيخ عبدالرزاق راز، اياز قادري، ع. ق . شيخ، ابن الياس سومرو، عثمان ڇلگري، علي احمد بروھي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمدحسين ڪروڙ پتي، ابن حيات پنھور پنھنجي قلم جا ڪمال ڏيکاري رھيا ھئا.

انھيءَ زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ھفتيوارگڏجاڻيون ٿينديون ھيون، جن ۾ ٿيندڙ تنقيد، ممتاز جي ٻوليءَ ۽ اسلوب ۾ رنگيني پيدا ڪئي.

  

سنڌي سماج ھميشه پئسي جي اڻھوند جو شڪار رھيو آھي. ممتاز کي ساڳين اگرن حالتن ڪري روايتي تعليم ترڪ ڪري، نوڪري ڪري تعليم جي سلسلي کي ڳنڍڻو پيو . پر اھڙو حال گهڻو ڊگهو ڪونه رھيو.

جلد ئي کيس ”سنڌي ڊڪشنري اسڪيم“ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي ويئي. ان کان پوءِ ٻيا پروجيڪٽ، اردو سنڌي، سنڌي اردو ڊڪشنري ۽ ”سنڌي لوڪ ادب“ شروع ڪيا ويا، جن ۾ پڻ ممتاز ساڳئي عھدي تي ڪم ڪرڻ لڳو مذڪوره رٿائن ۾ مختلف عالمن ۽ قلمڪارن حصو ورتو، مگر ذڪر ڪيل ٻه ڊڪشنريون ڇپجي پڌريون ٿي چڪيون آھن. باقي ٽيون پروجيڪٽ به ڇپجڻ جي مرحلن ۾ آھي ۽ ڄاڻ ڇپجي پڌرو ٿيو.

اھڙيءَ ريت جيئڻ ڪارڻ جاکوڙ ۽ ھڻ ھڻان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ايم. اي . ڪيائين. ٿوري عرصي کان پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ملي ويئي. جڏھن ٽيليويزن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته کيس نئين اداري ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور مقرر ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي ۾ ڊئريڪٽر جنرل مقرر ٿيڻ تائين ھو هن عھدي تي ڪم ڪندو رھيو. وفات وقت ھو مٿئين عھدي تي فائز ھو.

جڏھن ھو ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ھو ته ھن ريڊيو ڊرامن ۾ نئون روح ڦوڪيو، جنھن ڪري ريڊيو پاڪستان جي سجاد حيدر ۽ ذوالفقار بخاريءَ کيس سندس خداداد صلاحيتن ڪري داد ڏنو. انھن سڀني ڊرامن ۾ ”آخري رات“ ٻڌندڙن کي اڄ به ياد آھي.

جڏھن ھو ٽيلويزن ۾ آيو ته اتي کيس ھر چيز نئين لڳي جيڪا ھن پاڻ لاءِ للڪار سمجھي قبول ڪئي. ھتي به ممتاز نه رڳو ڪي يادگار پروگرام پروڊيوس ڪيا پر ٻين قلمڪارن جي لکڻين کي ايڊٽ ڪيو. راڳ رھاڻ ممتاز جي زندگي ھئي. موسيقيءَ سان محبت کيس ورثي ۾ ملي ھئي. سندس پيءُ موسيقيءَ جو عاشق ھو. جڏھن ھو سنڌي لوڪ ادب سان لاڳاپيل رھيو ته سندس ان فطري عشق کي ڄڻ ھڪ مھميز ملي وئي. جڏھن نشرياتي ادارن سان منسلڪ ٿيو ته کيس موسيقيءَ کي نئين ڍنگ ۽ رنگ ڏيڻ جو موقعو مليو، ۽ خاص طور تي سنڌي موسيقيءَ کي ھن خاص دور ڏنو

 

_ موت کي شل موت اچي ڪيڏا وڇوڙا ٿو وجھي

_ شيخ عزيز

 (ترجمو: عبدالحق ڀنڀرو)

جي سھڻو پاڻ سڏائي ويا!

ممتاز مرزا صاحب سنڌي صورتخطيءَ جي ٻاونجاھه اکرن وانگرن منھنجي لاءِ سدا کان وڻندڙ، موھيندڙ ۽ مڪمل شخص ھو. سدائين ڪلرفل، سدائين باغ وبھار، ھميشه گلال، ھميشه رنگين!

جڏھن به ۽ جتي به، جنھن به واٽ گهاٽ تي مليو، خماريل نيڻ کڻي پڇندو ضرور....“ ڇا پيو ٿئي نصير؟“ ۽ مان ھر دفعي کِلي چوندو ھئس: ”اوھان سان محبت .....!“ ۽ ممتاز صاحب، پنھنجي رنگارنگ ذات ۾ ھو به ته عشق ڪرڻ جھڙو. فرشتو نه ،ھڪ مڪمل انسان. سُٺاين ۽ ارڏاين سان ڀرپور شخص. يا پوري اھتمام سان چاھڻ جھڙو يا پوري شدت سان نه چاھڻ جھڙو.....

فرشتو ھجڻ انسان لاءِ ھونءَ به ڪو اعزاز ڪٿي آھي؟ فرشتو ته رڳو ’نور‘ ھوندو آھي ۽ مسلسل نورَ جو درشن نگاھه ۽ نظر کي ڌنڌلو بنائي ڇڏيندو آھي. ھونءَ ممتاز صاحب ۾ به روشني ڪا گهٽ ڪانه ھئي.

سڀ چون ٿا: ’ھو پيدائشي حسين ٻار ھو. بزرگ فنڪار عبدالحق ابڙي صاحب به منھنجي آڏو ان ڳالھه جي گواھي اڪثر ڏني: ”ممتاز نھايت معصوم سلڇڻو ۽ خوبصورت ٻارھو.... ھو پنھنجي نامياري شاعر۽ خوش نويس والد مرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘ کي ريڊيو حيدرآباد جي ’ھوم اسٽيڊ ھال واري پُراڻي نشرگاھه ۾ ٻنپھرن جي ماني پھچائڻ لاءِ ايندو ھو ۽ اھو ھن جي روز جو معمول....“

ڦوھه جواني ۾ 1961ع ڌاري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ھمت ڏيارڻ تي ھو ’ڪل سنڌ مزاحيه ڪانفرنس‘ ۾ ’بيسنت ھال‘ جي اسٽيج تي جلسي جي ڪاروائي ھلائڻ لاءِ چڙهيو ۽ 1967ع ۾ پوءِ ڀالوا ۾ ”مارئي جي ميلي“ کان وٺي ڀٽائيءَ جي ميلي تائين، ڀريا پنجٽيھه سال، سنڌ جي ثقافتي اسٽيج تي، سنڌي موسيقي، لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت کي دنيا آڏو متعارف ڪرائيندي، پورو سورج بنجي پيو. لطيف جي ٻوليءَ ۾ گفتگوم نج لفظن ۽ محاورن تي دسترس، ’سائين منھنجا‘ ....چئي، مٿي جي سلڪي وارن کي اکين تان ھڪ ادا سان پري ڪري مخاطب ٿيڻ جو انداز ۽ ميڙن ۾ ماڻھن جا ميڙ، جيترا وڌيڪ ھُن وٽ لفظ، اُن کان به وڌيڪ ... ھميشه رخ ڏسي مک ٻوليندڙ ميزبان .... ڀٽ شاھه جي ميڙي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شدت پسند شاگردن ۽ ارڏن آڊيئنس کي پنھنجين مٺين مٺين ڳالھين ۾ ريھي ريبي شعلن کي ٿڌو ڪرڻ تي ھُن کي جھڙوڪر وڏو عبور حاصل ھو. حياتيءَ جا ڀريا پنجٽيھه سال ڀٽ شاھه، درازا، جھوڪ شريف، سيوهڻ .... ۽ دنيا جي رنگارنگ ملڪن ۾ سنڌي موسيقيءَ کي ثقافتيءَ کان پس منظر ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڏس ۾ ته ھن واھه جو پاڻ ملھايو. 1974ع کان ڀريا ويھه سال ٽي . وي اسڪرين جي اڳيان. ان کان اڳ وارا ڏھه کن سال ريڊيو حيدرآباد جي مائيڪ تي .... بعد ۾ سنڌ ثقافت کاتي ۾ ڊئريڪٽر جنرل جي حيثيت سان، ۽ جٿي ڪٿي لطيف ۽ ثقافت جا ڪھڙا ڪھڙا نه رنگا رنگ رخُ ... ڪمپيئرنگ ۽ پنھنجي مور کنڀن جھڙي نثر ۾ ھو پنئٽ ڪندو پئي ويو. پنھنجي اِن فن جو ته ھو بادشاھه شخص ھو. اڪيلو بادشاھه! ( جو مون پنھنجي سانڀر ۾ ته ھُن جھڙو ڪنھن کي به ڪونه ڏٺو.)

ھن وٽ گفتگو لاءِ جھڙا سھڻا ۽ موزون ترين لفظ ھئا، اھڙائي نثر لکڻ لاءِ . سنڌي ٻوليءَ ۾ ھن ”آوار“ ٻوليءَ واري عظيم شاعر ۽ نثرنويس رسول حمزه توف جي ڪتاب ”منھنجو داغستان“ اسٽائيل جو نثر لکيو آھي. فوڪ وزدم، لوڪ ثقافت، لوڪ موسيقي، وطن جا وڻ، شھر، ماڻھو، تاريخ، مشاھير ۽ سنڌ جي اُن رنگ رتي ڪائنات کي، ھُن ھزار اکين سان ڏٺو ۽ درد مند دل سان نثر ۾ لکيو. ھن پنھنجي نثر ۾ جنھن شھر، جنھن شخص، جنھن فنڪار تي لکيو، ان جا جھڙوڪر سڀ دروازا پڙھندڙ تي کولي ڇڏيا. ڪتاب ’سپيريان سنڌي ڳالھڙي‘ ۾ محمد يوسف ۽ حيدرآباد شھرجو پس منظر بيان ڪندي ھو حيدرآباد جي پوري ثقافتي تاريخ روشن ڪندو ويو آھي. ٻئي ڪتاب ’سدا سُوئيتا ڪاپڙي‘ ۾ وري سندس موضوع ’علڻ فقير‘ آھي ۽ بقول مراد علي مرزا صاحب جي، ممتاز صاحب جي ھن پوري ڪتاب ۾ علڻ فقير جھڙوڪر جھمريون پائيندو پيو نظر اچي ۽ ’ وساريان نه وسرن‘ ڪتاب کان وٺي ڊرامن جي مجموعي، ’آخري رات ‘ تائين، مختلف موضوعن کي، ھو پنھنجي نثر سان جھڙوڪر رنگين ڪري ڇڏيندڙ نثرنگار ھو. موسيقيءَ جي اصطلاح ۾ ھن سچ ۽ سچن سُرن جھڙو نثر تخليق ڪيو آھي ۽ جنھن کي مان موسيقيءَ جي رچاوَ سان لبريز ’ثقافتي نثر‘ سڏيندو رھيو آھيان.

1974ع .... ممتاز مرزا صاحب حيدرآباد شھرمان ھليو ويو ھو (۽ بعد ۾ اھوئي شھر ھن جي يادگيرين ۾ ’ڪربلا‘ جو استعارو بنجي ويو ھو) ڀريا ٻاويھه سال کن شھرجارستا ، اباڻا ڪک، گهٽيون، پاڙا، امام بارگاھون ۽ انگاس ممتاز مرزا صاحب کي ڏسڻ لاءِ سڪي ويا ھئا. ان وچ ۾  دنيا ھيڏانھن کان ھوڏانھن ٿي ويئي ۽ وقت ڏٺو ته ھو به ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھتو. پر آخرفنا ... ۽ ان ئي فنا ھُن کي 3 جنوري تي ڇڪي پنھنجي جنم ھنڌ تي اچي پھچايو. (جو ھر شي، پنھنجي اصل ڏانھن ئي موٽي ٿي ۽ اھو فطرت جو اٽل قانون به آھي)

3 جنوري تي مرزا گل حسن احسن ڪربلائيءَ جي حويليءَ ڏانھن موٽندڙ اٺونجاھه ساله ھي ممتاز مرزا، اھو اڳوڻو ممتاز مرزا به ڪٿي ھو؟ دل تي مسلسل چار ڌڪ لڳل ۽ جگر چاڪ چاڪ. وفات کان ست اٺ ڪلاڪ اڳ پنجين جنوري جي شام جو ان ئي ڪيفيت ۾ ھن سان منھنجي آخري ملاقات فون تي ٿي.....”ڇا توھان جي طبيعت ٺيڪ ناھي؟فون تي ھن جي اکڙيل اکڙيل آواز ۽ ساھه جي مسلسل سھڪي کي محسوس ڪندي اتاولائي مان چيو ھئم. چيائين.....”بس يار! ائين ئي آھي ...”چيم: ”اجازت ڏيو، منھنجي دل اوھان کي ڏسڻ چاھي ٿي .“ چيائين: ”سڀاڻي_“ چيم: جيئن اوھان جو راز“ ..” چيائين سڀاڻي لينگويج اٿارٽيءَ ۾ امرجليل صاحب سان ميٽنگ آھي. اتان موٽي تو وٽ ريڊيو تي ايندس“ چيم ٺيڪ. چيائين ....دعائون!_ ۽ فون رکي ڇڏيائين.

بس پوءِ اھائي رات ممتاز صاحب جي حياتي تي ڀاري گذري. ھن 3جنوري تي ٽنڊي آغا پھچي، بقول مراد علي مرزاصاحب جي، اُتان گهوٽڪي دوستن وٽ يا پوءِ ڀٽ شاھه واري ريسٽ ھائوس ۾ وڃي آخري پساھه کڻڻ پئي چاھيا. آخري پساھه انڪري جو ھاڻي نھايت جلد ھن کي ھن دنيا مان وڃڻ جي پڪ ھئي. زيان ٿي ويندڙ ’جگر‘ ھُن کي بس انھن ٻه چار ڏينھن جي ئي ته مھلت درڪار ڪري ڏني ھئي. ۽ انھن جي انتظار ۾ ھو ٽنڊي آغا ۾ ئي پنھنجي اباڻي اَجھي ۾ ترسي پيو ھو. ھونءَ، ھُن کي وڃڻو ئي ڪيڏانھن ھو؟ تربت ته ھن جي اتي ئي جو ٺھڻي ھئي، داتا جمن شاھه شھيد واري قبرستان ۾، وڇڙيل گهر ۽ ٻارن جي اکين سامھون ، امام بارگاھن جي آسپاس. سڏ پنڌ جي مفاصلي تي، گهري جي دريءَ مان نيڻ نھار جي وڇوٽيءَ تي .... ۽ ان ئي پسگردائي ۾، جنھن جي آسمان، امام بارگاھن ۽ انگاسن جي ڇانَو ۾ ھن رانديون رھيون، مرثيا پڙھيا، نغارا وڄايا، تعزيه داري ڪئي، ذوالجناح جي واڳ جھلي، سينه زني ڪئي، شادي ڪئي، پھرين گهر واريءَ مان ٻار ڄڻيا.. ۽ بس پوءِ انھن جي ئي وچ ۾ ھن بالاَخر ڌڻيءَ جي رضا سان آخري پساھه کنيا.

۽ اجھو 6جنوري. رات جا ساڍا ست. امام بارگارھه ۾ رکيل، سڄي حياتي متحرڪ رھندڙ ممتاز مرزا صاحب منھنجي سامھون ڏولي ۾ چپ چاپ ستو پيو آھي ۽ ھُن جا عزيز قريب، سالن کان ھلندڙ شيعه روايت مطابق ھزھائينيس مير حسن علي خان جو مرثيو ڏوليءَ جي سيراندي کان ويھي دل گداز انداز ۾ پڙھي رھيا آھن:

يارو ڪڏھن نه ٽرندو

تقديرَ جو لِکايو

ھر ڪنھن بشر کي خالق

در پنھنجي تي گهرايو.

_

ھا يار دوست ڪيڏا، دنيا مان سڀ لڏي ويا

ھڪ ھڪڙو ٿي ته تنھا، دنيا کي سڀ ڇڏي ويا.

 

_ نصير مرزا.

 

سڀني کي سلام، اسان جي به رخصت

 

 

ھي ڀيڻي سدائين آباد رھندي، قائم رھندي.

اسان نه ھونداسين، ٻيا يار ھوندا. ھي ميدان پنھنجي انداز سان ۽ پنھنجي اختيار سان سدائين زندھه رھندو. اڍائي سوُ سال گذري چڪا ڀٽائي کي گذريئي. ان عرصي ۾ اسان جھڙا ڪيترائي ماڻھو آيا ۽ ويا ھوندا جن ھي ڀيڻيون ۽ مقام آباد ڪيا ھوندا. انھن کي به سلام ۽ اسان جي به رخصت. خبر ناھي ته اڳئين سال اسين اوھان جي خدمت ۾ ھونداسين يا نه ھونداسين پراسان جي دلي عقيدت، محبت لطيف جي پڙسان دم جي آخري لمحي تائين قائم رھندي ۽ لطيف سنڌ آھي ۽ سنڌ اسان کي لطيف ئي ڏيکاري آھي. اسان جي محبت ڪڏھن به ختم ٿيڻ واري ڪانه آھي ڪا. ممڪن آھي ته اڄ کان پوءِ ھن اسٽيج تي آئون نه ھنجان، ڪو ٻيو دوست اوھان جي خدمت ۾ دوستن کي پيش ڪري، سنڌي فن کي پيش ڪري _ اوھان سڀني کي ڌڻي سلامت رکي _

(ڀٽ شاھه ۾ 1996ع واري ميڙي جي موقعي تي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ ڪيل ڪمپيئرنگ جا الوداعي گفتا.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com