سيمي آصف اسلم فرخي: نامياري قلم ڪار جي گهر واري آھي. ھڪڙي
ڪاليج ۾ استاد آھي. سندس چوڻ ھو ته مائٽ لبرل ھئا
پر روايتي پابنديون پنھنجيءَ جاءِ تي ھيون. شروع ۾
منھنجا ٻار منھنجي ماءُ پاليندي ھئي پر ھاڻي پاڻ
پاليندي آھيان. مڙس پڙھڻ لکڻ وارو آھي. جيئن ته
شاديءَ کان اڳ ۾ مون کي اھو سڀ ڪجھه معلوم ھو ان
ڪري سندس مصروفيت گران ناھي لڳندي.
زبيده ميتلو: سنڌ واسين ڄاتل سڃاتل ليکڪ آھي. سائڪالاجيءَ ۾
ماسٽرس ڪيل اٿس. مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سٺي عھدي تي
فائز آھي. مشتاق ميراڻي، سنڌ جو نوجوان ۽ سجاڳ
دانشور سندس گهر وارا آھي. زبيده پنھنجن تجربن جو
سلسلو شروع ڪيو:”لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر قمبر ۾ اک
کوليم. بابا نياڻين جي پڙھائيءَ جو حامي ھو. لکڻ
پڙھڻ جو شوق ھيم. ننڍپڻ کان لکيم. ڇا لکيم اھا خبر
مون کي به ڪانھي. البت 1973ع کان ڇپجڻ شروع ڪيم ۽
جڏھن پھرين لکت شايع ٿي ته بابا کي ڳالھه ڪانه وڻي
۽ ان وقت مون کي لڳو ته شايد ڪا اھم ڳالھه مون ڪئي
آھي ۽ ويتر لکڻ شروع ڪيم. پر پوءِ اھو به وقت آيو
جو ھڪڙي موسيقي جي محفل جي موقعي تي منھنجون لکيل
شيون بابا گائڪ کي ڏنيون ته ڳاءِ ۽ اھا منھنجي فتح
ھئي! شاديءَ کان پوءِ اندر جي عورت ۽ رائيٽر ۾ جنگ
شروع ٿي چڪي آھي. اڳ انفرادي طوربحيثيت فرد محسوس
ڪندي ھئس. جڏھن ته ھاڻي بطور عورت اجتماعي طور
محسوس ڪيان ٿي.
زبيده کان پوءِ جيجي زرينه بلوچ جي تعارف جو واروھو. پنھنجائپ،
خلوص، محبت ۽ عزت جو پيڪر ”جيجيءَ“ جي پياري نالي
سان ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي ۽ اھا عزت سندس پنھنجي
ذاتي ڪوشش ۽ عملن جو ثمر آھي.
جيجي زرينه ٻڌايو ته ”سڀ کان پھرين ته آءُ ٻڌايان منھنجو اصلي
نالو آمنه آھي ۽ زرينه منھنجي ڌيءَ اختر جو نالو
آھي. اھو سڀ ڪيئن ٿيو اھو احوال ھن طرح آھي ته
منھنجي ماءُ ننڍي ھوندي فوت ٿي. ٻارنھن سالن جي
عمر ۾ شادي ٿيم ۽ بابي به ٻي شادي ڪئي. منھنجي
ماٽيلي ماءُ روايتي حريف عورت نه پر سچ پچ عظيم
انسان ھئي.ساھري گهر ويس ته ات اڳ به ھڪ عورت
نظرآيم، جنھن کي ”ساھيڙي“ ڪوٺيو ويندو آھي. ساھري
گهر ۾ نه رڳو ڪم ڪار ورتو ويو پر مارڪٽ به ڪئي
ويئي. اھا ڳالھه مون اچي بابي سان ڪئي. بابي مون
کي گهر۾ ويھاري ڇڏيو. پندرنھن سالن جي ڄمار ۾ ٻيھر
ساھرا مون کي وٺي ويا ۽ اسلم ۽ اختر مون کي ڄاوا،
پرسندن سلوڪ اڃا به ساڳيو ھو ۽ مان ٻيھر گهر آيس
جيڪو منھنجو مائٽاڻو گهر ھو. راڳ ٻڌڻ جي اجازت
ھوندي ھئي پر عشقيه داستانن وارا ڪتاب پڙھڻ جي
اجازت نه ھوندي ھئي ان ڪري پوتڙيءَ ۾ لڪائي رکندي
ھئس. بابا جي غير موجودگيءَ ۾ پڙھندي ھئس. بھرحال
ھڪ وار مون بابا کان پڙھڻ جي اجازت ورتي ۽ دادي
ليلا وٽ ھلي ويس. دادي ليلا جي ڪوششن سان نه رڳو
پڙھيس، پر فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج
فاروومين ۾ نوڪري به ڪيم ۽ پوءِ ريڊيو تي به ويس
جتي ڊرامن ۾ حصو ورتم ۽ اتي آمنه بجاءِ زرينه جو
نالو استعمال ڪيم ته جيئن گهر وارن کان لڪي سگهان.
اھڙيءَ طرح مون ريڊيو سان به وابستگي اختيار ڪئي ۽
پوءِ مون طلاق لاءِ ويچاريو، ڇاڪاڻ ته ساھرن کان
ھونئن ئي الڳ ھيس.
1964ع ۾ رسول بخش پليجو سان ملاقات ٿي. سندس شخصيت کان بيحد
متاثر ٿيس ۽ مون پاڻ کيس شاديءَ جي پيشڪش ڪئي جا
ھن قبولي. اياز لطيف منھنجو پٽ آھي ۽ مون ادب جي
دنيا ۾ به پير پاتو.ترجما به ڪيا اٿم. ھڪڙو
مجموعو”تنھنجي ڳولا“ ڇپجي چڪي آھي. انٽر پاس ڪئي
اٿم. ھڪڙو فيصلو جيڪو مون ان وقت ڪيو ته ”شادين تي
ناھي ڳائڻو“، ان تي قائم رھيس. پئسو ڪونه ڪمايم پر
رب جھول ۾ عزت وڌي آھي. تازو حج به ڪيم. ان کان
علاوه پرڏيھه ۾ وڃي فن جو مظاھرو به ڪيم. تازو
ماڊل اسڪول مان رٽائر ٿي آھيان. سوچيان پيئي ته
”آتم ڪٿا“ لکان ۽ الله ڪندو ته ھن مقصد ۾ ضرور
ڪامياب ٿينديس“.
امر سنڌو/ سلميٰ لغاري، جنھن کي مان ”اسرندڙ دانشور“ ڪوٺينديس،
ڇاڪاڻ ته نوجوان آھي ۽ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ
ڪوششون وٺي رھي آھي. فلاسافي ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان
پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انھيءَ ساڳئي شعبي سان درس
وتدريس سان وبسته ٿي آھي. امر سنڌو پنھنجي روداد
ھنن لفظن ۾ بيان ڪئي: ”ميرپور خاص ويجھو ھڪڙي
ننڍڙي ڳوٺ ۾ اک کوليم. پنھنجي ڳوٺ جي پھرين نينگري
آھيان جنھن اعلي! تعليم ماڻي آھي. تعليم دوران
ھڪڙي سياسي گروھه ۾ ورڪر جي حيثيت سان شامل ٿيس،
جتي مردن سان ويجھي رھڻ جو موقعو مليو ۽ اتي مون
محسوس ڪيو ته عورت جي حيثيت
Inferior
آھي. کيس محض ھڪ ڪموڊٽي سمجھيو وڃي ٿو ۽ سياسي
ميدان ۾ مون کي محض ”سوڊو لبرل ازم“ نظر آيو. عورت
جي آزاديءَ جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي پرحقيقي معنيٰ ۾
حق نٿا ڏنا وڃن. جيئن ته
Discovery
جو ھڪڙو
Process
آھي ۽ پنھنجو پاڻ کي
Identify
ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھيان. نالي بدلائڻ جو ڪارڻ
سياست آھي.“
ريحانه چنڙ: حسابن ۾ ماسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس
وَتدرس جي شعبي سان وابسته آھي. سندس چوڻ ھو ته
”حساب مون ان لاءِ چونڊيا جو عام طور تي اھو مردن
جو علم سمجھيو ويندو آھي.“
رخسانه پريت چنڙ: نئين ٽھيءَ جو نوجوان شاعره جيڪا عام زندگيءَ
۾ ڊاڪٽر آھي. رخسانه ٻڌايو ته ”ھن وقت نوابشاھه
ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل آفيسر آھيان. تخليقي سفر جو
آغاز 1992ع کان شروع ڪيم . بابا جيئن ته پروفيسر
آھي ۽ ساڳئي وقت لبرل به آھي، ان ڪري جنسي امتيازي
مسئلو زندگيءَ ۾ ڪونه پيدا ٿيو، ان ڪري بطور عورت
مون خاص ھاءِ لائيٽ ڪونه ڪيو. طبقاتي فرق ذھن ۾
ھوندا ھئا ۽ ان ڪري سياست سان به وابستگي رھي، پر
عورتن جي حوالي سان مسئلن جو شعور نوڪريءَ کان
پوءِ پيدا ٿيو، جتي انيڪ قسم جي ڏتڙيل عورتن سان
واسطو پوي ٿو. ھٿ مان ان ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪنديس،
جيڪا پنھنجي سس سان مون وٽ آئي ھئي. سس کي شڪايت
ھئي ته کيس ٻار نٿو ٿئي ۽ ڇوڪري چڪاس دوران مون کي
چيو ته ”ھڪڙي ڳالھه جيڪا مان سس کي به نٿي ٻڌائي
سگهان، سا اوھان کي ٻڌائڻ چاھيان ٿي. منھنجو گهر
وارو ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاھي ٿو، ان
ڪري ٻار پيدا ڪرڻ نٿو چاھي، تنھن ڪري اولاد نٿو
ٿئي.“ انھن ڳالھين ۽ مسئلن مون کي عورت جي اک سان
ڏسڻ جو شعور بخشيو ۽ ھاڻي ڪوشش ڪنديس ته قلم جو
استعمال انھيءَ حوالي سان ڪيان.“
سلميٰ پنھور _ سنڌي ادب جي نوجوان شاعره، جنھن نه رڳو ادبي
ماحول ۾ جنم روتو، پر چؤطرف ادبي دنيا کي به ڏٺو.
لٽريچر سان سندس تعلق آھي ۽ انھيءَ فيلڊ ۾ ماسٽري
ڪري پيئي. سندس چوڻ ھوته ”گهرو ماحول سبب ادب ۾
پير پاتم. بابا جي حياتي تائين ته سڀ ٺيڪ رھيو پر
پوءِ پڙھائيءَ لاءِ جنگ ڪرڻي پئي.
N. G. O`s
۾ به ڪم ڪيو اٿم ۽ ٻھراڙيءَ جي عورتن کي به
ويجھڙائيءَ کان پسيو اٿم ۽ محسوس ڪيان ٿي ته
ٻھراڙيءَ جي عورت جسماني مار کائي ٿي ۽ شھري عورت
ذھني مارکائي ٿي“.
نجمه پنهور _ سنڌي ادب ۾ نمايا مقام رکي ٿي.جنھن ٻڌايو ته ھوءَ
سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته آھي. سياسيات ۾ ايم.
اي. ڪئي. اٿئين.
فرحت پروين _ ھڪڙي
N. G. O
سان وابسته آھي. تحقيق ۽ عمل سندس نصب العين آھي.
”پائلر“ (پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انڊ سٽريل ليبر،
زيسرچ اينڊ ورڪس ايجوڪيشن). سندس تنظيم جو
نالوآھي.سندس چواڻي”غريب ۽ امير، طبقاتي ورھاست
معاشري ۾ آھي، پرعورت ھجڻ غير برابريءَ کان سواءِ
ھڪڙو وڏو گناھه آھي. بنيادي طور منھنجي آڪھه ٽريڊ
يونينسٽ آھي. مزدورن جي مسئلن جي باري ۾ سوچ ويچار
اڪثر ڪيو ويندو آھي ۽ ٽريڊ يونين وارا ٻين ماڻھن
جي ڀيٽ ۾ آزاد به ھوندا آھن ۽ ساڳئي وقت مون کي
ٻاھر وڃڻ جو به موقعو مليو ۽ مون کي احساس ٿيو ته
پاڪستاني مسلمان عورت کي سندس جائز حق به نٿا ملن
۽ مزدور عورتون ته ويتر مظلوم آھن. لکڻ جو به شوق
ھو، پر سوچيم ته لکڻ بجاءِ علمي ڪم ڪريان، پرھاڻي
سوچيان ٿي ته لکڻ به ته ھڪ عمل آھي ۽ ھاڻي وري لکڻ
چاھيان ٿي.“
گلبدن جاويد مرزا _ جنھن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ نمايان مڃتا
ماڻي. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر
آھي، تنھن پنھنجو حال احوال ٻڌايو ته ”منھنجو تعلق
دادو ضلعي جي اھڙي ننڍڙي ڳوٺ سان آھي جتي قسمتن جا
فيصلا جاگيردار ڪندا آھن. پنھنجي تعليم جي سلسلي ۾
منھنجي خاندان وارن کي وڏيون قربانيون ڌيڻيون
پيون. خود مون کي به چڱي جاکوڙ ڪرڻي پيئي. زولاجي
مان ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾
ملازمت ڪيان ٿي. گهر وارو تمام ڪو آپريٽو آھي.
ٻارڙا به اٿم. ھينئر منھنجي ڳوٺ جون ٻيون نينگريون
به ٻاھر نڪتيون آھن. منھنجي راءِ موجب صحيح رستي
تي ھلڻ سان مقصد جو ھوت پاڻھي حاصل ٿيندو ۽ اھو
تعين دل ۽ ضمير جي گڏيل فيصلي تي مشتمل آھي.“
گلبدن کان پوءِ وارو ھو غزاله شھزاد جو. بظاھر تمام سنڌي سادي
نينگري نظر پئي آئي. نھايت دلچسپ ڳالھيون ڪيائين
ته، ”لبرل قسم جي خاندان سان تعلق آھي پر اھا به
حقيقت آھي ته جتي ويندي ھيس گاڏيءَ ۾ اسان سان گن
مئن ضرور گڏ ھوندو ھو. ھڪ وار گن مئن کي ڌوڪو ڏيڻ
۾ ڪامياب ٿي ويس. ھڪ گهٽيءَ ۾ پھتس، جتي ڪن ڇوڪرن
تنگ ڪيو. نتيجي ۾ ڪراٽي سکيس، بليڪ بيلٽ حاصل ڪيم،
شادي ڪيم، ننڍڙي ڪڪي اٿم، سي. اي ڪيم، ڊراما به
لکيم. جفاڪش لاءِ لکان پئي، گارمينٽس فيڪٽري اٿم ۽
بوتيڪ به ھلايان پئي.“
ملڪ _ ”جفاڪش“ جي سبب ايڊيٽر ھئي. لکڻ جي ابتدا 1992ع کان
ڪيائين. ڪچي آباديءَ جي وسندين جي مسئلن سان گڏ
عورتن جي مسئلن تي به جفاڪشيءَ سان قلم وھائي رھي
آھي.
پروين راءِ پڻ پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ ۾
کيس ڪافي تڪليفون آيون، بھرحال تعليم کان پوءِ
مختلف
N. G. O`s
۾ ڪم ڪيان ٿي، خاص طرح نشي ۽ ڊرگس جي باري ۾ کين
آگاھي ڏيندي آھيان. بطور
Social Worker
جي ڪم ڪيان ٿي.“
صفيه ميتلو _ ڪمپيوٽر سائنس کان پوءِ سنڌ ڊولپمينٽل اسٽڊيز ۾ ڪم
ڪندي آھي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن رھي چڪي
آھي.
اختر بلوچ جو نالو ۽ شخصيت ھونئن ته تعارف جي محتاج ناھي پر رسم
دنيا نڀائڻ لاءِ ھن ٻڌايو ته ”تعليم حاصل ڪرڻ ۾
امان جو وڏو ھٿ رھيو آھي. ون يونٽ دور ۾ سنڌيءَ ۾
فھرستون ڇپرائڻ جي پاداش ۾ سال سزا به کاڌم.
”قيدياڻيءَ جي دائري“ لکيم. ٽي ڀيرا جيل ويس.
سنڌياڻي تحريڪ جي ميمبر آھيان. شاديءَ کان پوءِ بي
ايڊ ۽ ايم اي ڪيم. ھن وقت جيتوڻيڪ گهڻو سرگرم
ناھيان پر ھاڻ ٻيھر پنھنجين نياڻين سان گڏ موٽ
کاڌي اٿم.“
عارفه زيدي جا ٻه پٽ ڪراچيءَ ۾ مارجي چڪا آھن. سندس چوڻ ھو ته
”مظلوم عورتن سان گڏجي ڪم ڪيان ٿي، پر کيس مظلوم
سمجھي نه پر دوست سمجھي.
تخليق لاشاري نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مشھور صحافي فقير محمد
صاحب جي نياڻي ھئي ۽ فقير محمد جي ٻي نياڻي نصرت
لاشاري سان پڻ ملاقات ٿي، جنھن جو ذڪر اڳ ڪيو ويو.
ارم جاويد سوشالاجيءَ مان ماسٽرس کان پوءِ ڪنھن
پروجيڪٽ سان وابسته آھي.
امرتا ميتلو سنڌيونيورسٽيءَ جي ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکي
ٿي ۽ سعيده في الحال گهر ۽ ٻار پئي سنڀالي.
سنڌياڻي تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن ھئي. تازو گهر واري
سان ناروي مان ٿي آئي آھي.
ان کان سواءِ ھڪڙي خاموش صحافي نينگري روبينه جبار ۽ ڊان جي
رپورٽر منيزه اختربه ات موجود ھيون پر ھڪڙي نوجوان
سنڌي صحافي نينگرعذرا سيد سڀني جي ڌيان جو مرڪز
رھي. عذرا ھڪڙي انگريزي اخبار سان وابسط، سکر جي
سيدن سان تعلق رکندڙ نينگر آھي.
تعارف کان پوءِ ٻيو مرحلو پيپر ريڊنگ جو ھو. انيس ھارون فيمنزم
جي باري ۾ عورت جي جدوجھد جي تاريخ کان سلسلو شروع
ڪيو ۽ ٻڌايو ته فيمنزم عورت جي ڏکن ۽ دردن جو عورت
جي نظر سان ڏسڻ جو نالو آھي.
لبرل فيمنزم ۾ عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي. سوشلسٽ فيمنزم
سماجي ڍانچي جي تبديليءَ جو حامي آھي ۽
جاگيرداريءَ جو مخالف آھي ۽ عورت جا حق سماجي
تبديليءَ تحت حاصل ڪرڻ جو خواھان آھي. جڏھن ته
ريڊيڪل فيمنزم، انقلابي فيمنزم آھي، ۽ اسان سوشلسٽ
فيمنزم ۾ يقين رکون ٿا ۽ ان لاءِ جاکوڙ ڪيون ٿا ۽
سماجي ڍانچي جي تبديليءَ جا خواھان آھيون.
ٻيو پيپر عطيه دائود جو تيار ڪيل ھو، فيمنسٽ لٽريچر. ادب ۽
اديبن جو ذڪر، جن عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪئي نه
رڳو خواتين پر مرد به جن عورتن لاءِ قلم وسيلي
جھاد ڪيو ۽ اھو سمورو ادب جيڪو عورتن جي ڏکن جو
ترجمان آھي اھوئي
فيمنسٽ لٽريچر آھي.
منجھند جي مانيءَ کان پوءِ مشھور ڪلاسڪي ناچ جي ماھر شيما
ڪرماني ڪشور ناھيد جي لفظن کي رقص جو روپ ڏنو ۽ ھن
سيشن کان پوءِ شيما ڪرماني جي ڊانس جو اُتي ويٺلن
تي تڪڙو ۽ گهرو اثر ويٺو. ان ڊانس کان پوءِ اُن تي
بحث ٿيو، جنھن ۾ شيما کان سندس فن جي حوالي سان
مختلف سوال پڇيا ويا، جنھن ۾ ھُن چيو ته پاڪستان ۾
پرفارمنگ آرٽ لاءِ اڃا تائين ڪو چڱو تاثر ڪونھي.
ماحول ۾ بنياد پرستيءَ جي لاڙن ھئڻ ڪري ٿيٽر کي ڪا
خاص اھميت نٿي ڏني وڃي. الٽو ان جو دائرو محدود
ڪيو ويو آھي.
اُتي ويٺلن پڻ اھو محسوس ڪيو ته پرفارمنگ آرٽ تڪڙو اثر ڇڏيندڙ
ميڊيا ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي فيمنزم لاءِ ننڍا
ننڍا اسٽيج پروگرام ترتيب ڏيئي ڪم آڻي سگهجي ٿو.
پھرين ڏينھن جي پڄاڻي ٿي. رات جو عطيه ۽ خدا بخش ابڙي پاران
پريس ڪلب ۾ مانيءَ جي دعوت ھئي، جتي ڪافي ماڻھن
سان ملاقات ٿي . ارشاد قمر ۽ قمرشھباز نئين ٽھيءَ
جي ليکڪائن جي ڌيان جو خاص مرڪز ھئا. ان کان سواءِ
جاويد ڀٽو ۽ سندس صحافي گهر واري نفيسه ھودڀائي پڻ
ھئا. نفيسه جي ڀيڻ نرگس ھودٻائي سنڌي ادب ۾ نمايان
مقام رکي ٿي. ڪراچي جي ماحول ۾ رھي ڪري سنڌيءَ سان
پيار سندس ئي خاصو آھي. ”سوجھرو“ ۾ 1973 ڌاران لکڻ
شروع ڪيو ھئائين. ذيشان ”ساحل“، جيڪو نوجوان سنڌي
شاعرن جي توجه جو ڪارڻ بڻيل آھي، ھن محفل ۾ جاويد
۽ نفيسه کان سواءِ آصف اسلم فرخي سندس بيگم موجود
ھئا ۽ شيما ڪرماني ۽ خالد احمد به موجود ھئا ۽
خالد احمد جيجي زرينه بلوچ جي ڀر ۾ ويٺي زرينه
بلوچ جا جھونگاريل ڪلام ٻڌا. انھيءَ موقعي ھن رات
کي وڌيڪ خوبصورت بنايو ۽ انھيءَ پنھنجائپ سان ھرڪو
گهر ڏي روانو ٿيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو پھريون پيپر فرحت پروين جو ھو، جنھن ”پائلر“
جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ڪھڙي طرح ھي پروجيڪٽ
ڪم ڪري ٿو. ”ھن پروجيڪٽ جا سورنھن مرڪز آھن، جيڪي
نه رڳو صنعتي مزدورن پر سندن ٻارن جي سنڀال لاءِ
به ڪم ڪري رھيا آھن. ان کان سواءِ
women workers centers
به قائم ڪيا ويا آھن جتي عورتن جي لاءِ تعليم /
ڪورسز جو بندوبست ڪيو ٿو وڃي. ان کان سواءِ گهرو ۽
مالي مشڪلاتن ۾ به سندن سھائتا ڪئي وڃي ٿي. ڪراچي
کان سواءِ لاھور، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ ڪم ڪيو وڃي
ٿو. تحقيق ڪئي وڃي ٿي ۽ انھيءَ تحقيق پٽاندڙ عملي
ڪم ڪيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ فرحت مزدور ٻارن جي
صورتحال جو به ذڪر ڪيو ته ڪيترا ٻار نھايت خطرناڪ
انڊسٽريز ۾ ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ”پائلر“ جي ڪوشش آھي
ته انھن کان خطرناڪ ڪم نه ورتا وڃن ۽ معاوضو به
پورو ادا ڪيو وڃي.
ٻيو پيپر عائشه رحيم عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊئريڪٽرتيار ڪيو
ھو، جنھن ۾ ھن عورت فائونڊيشن جو تعارف ڪرايو ۽
ٻڌايو ته ”ھُن جي مرڪزي آفيس لاھور ۾ آھي ۽ ھن
اداري جو قيام وومين ائڪشن فورم کان پوءِ ٿيو.
1986ع ۾ جڏھن ضياءُ الحق جي دور ۾ عورتن خلاف ڪارا
قانون ٺھيا ته ان وقت ھي سڀ تنظيمون قائم ٿيون.
ھن تنظيم جو مقصد عورتن جي اختياري قوتن کي اڀارڻ، سياسي روين ۾
فيصله سازيءَ جو حق وٺڻ ۽ سماجي روين ۾ تبديلي آڻڻ
آھي. ان لاءِ اسان وٽان اخبارون به نڪرنديون آھن ۽
اسان جا مختلف سينٽرس به آھن. سنڌ ۾ اٺ سينٽر آھن.
خيرپورميرس ۾ اسان کي ڪافي موٽ ملي آھي.
”شرڪت گاھه“ به عورتن جي ھڪڙي تنظيم آھي. ھن تنظيم جي
ڪوآرڊينيٽر مھر پڻ ھن تنظيم تي روشني وجھندي ٻڌايو
ته ”عورتن جي مسئلن کي آڏو رکندي 1975ع ۾ ”شرڪت
گاھه“ بنائي وئي ۽ ھن سلسلي ۾ مختلف مواد ماڻھن
تائين رسائيندا آھيون. آمدني وڌائڻ جا پروگرام پڻ
شروع ڪيا اٿئون ته جيئن اقتصادي طور عورت پاڻ ڀري
ٿئي.“
فرحت ناز سٽيزن لايرس جي نالي سان ھڪڙي قانوني انجمن سان وابسته
نوجوان وڪيلياڻي ھئي. عورت ۽ قانون جي باري ۾ ھُن
ڄاڻ ڏني ته ڪھڙي طرح عورت کي قانوني طور گهٽ
سمجھيو وڃي ٿو ۽ قانون حرفتن ۾ جڪڙيو وڃي ٿو.
”وومين ايڪشن فورم“ جي باري ۾ انيس ھارون ٻڌايو ته 1979ع کان
پوءِ جڏھن عورتن خلاف قانون بڻيا ته ھن تنظيم
جدوجھد شروع ڪئي. پوءِ فھميده الله بخش وارو ڪيس
ٿيو ته اُت به ھن فورم آواز بلند ڪيو ۽ اڳتي ھلي
ھن تنظيم منجھان ”وار اگينسٽ ريپ“ جو به جنم ٿيو،
جيڪا بذات خود به ھڪ مڪمل تنظيم آھي“.
”ميڊيا ۽ عورت“ جي موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ مشھور اردو ليکڪا
فردوس حيدر کي دعوت ڏني ويئي. ساڳئي وقت عذرا سيد
کي اظھار خيال لاءِ پڻ چيو ويو. ٻنھي خواتين ٻڌايو
ته ميڊيا ھميشـﮧ سَتي ساوتري صابر۽ شاڪر عورت ھجڻ
جو درس ڏنو آھي، جڏھن ته ھاڻي جي عورت کي احتجاج
ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ انھن ڳالھين کي مدنظر رکندي
ميڊيا ۾ عورت جي تصور کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي
آھي، پر اڃا اھا ناڪافي آھي. ضرورت ھِن امر جي آھي
ته مضبوط عورت جو تصور بلند ڪيو وڃي، جيڪا ظلم
خلاف آواز اٿارڻ جي به قابل آھي ۽ اھا عورت ڊرامن
۾ ڏيکاري وڃي“ .ھن پيپر کان پوءِ سڀني شريڪ عورتن
تاثرات بيان ڪيا ۽ ورڪشاپ جي حاصلات ۽ اثراندازيءَ
تي روشني وڌي.
ساڍي چئين وڳي ائين محبتون ونڊيندي ھرڪو پنھنجي راھه تي ھيلو،
مستقبل ۾ ھڪ ٻئي سان ملڻ جا عھدو پيمان ڪري.
_ تنوير جوڻيجو
تبصرا
ڪُليات سرفراز
گهڻو وقت اڳ مون ميراز عباس علي بيگ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”خدايار
خاني ميان سرفراز خان عباسي“ (1980ع، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي ڄامشورو) جو مطالعو ڪيو ھو. ميرزا صاحب
ڪتاب جي صفحي 41کان 79 تي ميان سرفراز خان ڪلھوڙي
جي فارسي ڪلام جو انتخاب ڏنو آھي. اھو انتخاب ھن
”ديوان سرفراز“ ۽ بياض آخوند غلام محمد غلام تان
کنيو آھي. ميرزا عباس لکيو آھي ته اھي ٻيئي نسخا
قلمي صورت ۾ ڊاڪٽر نور محمد خان ٽالپور حيدرآباد
جي ملڪيت آھن.
مذڪوره ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ مون دل ۾ سوچيو ھوته ڪھڙو نه
چڱو ٿئي ھا جو ميرزا صاحب مٿين ماخذن مان ميان
سرفراز خان جو اھو سمورو فارسي، ڪلام ترتيب ڏئي
ها ۽ اهو ڇپجي وڃي ھا، ليڪن ائين نه ٿيو ته ھاڻي
ڪو عالم يا ادارو انھي ناياب ڪلام کي انھن ماخذن
تان سنواري سڌاري ترتيب ڏئي ۽ ڇپائي. بس اھا تمنا
دل ۾ رھندي آئي ۽ اھي ٻيئي ماخذ به زماني جي
دستبرد کان محفوظ نه رھجي سگهيا ۽ خبر نه آھي ته
ڪيڏانھن ويا.ان کان پوءِ مون کي ميان سرفراز خان
جي ڪلام سان ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي، تنھنڪري جڏھن به
ڪنھن ڪتاب يا رسالي مان ميان صاحب جو ٿورو گهڻو،
فارسي سنڌي يا اردو ڪلام ھٿ ايندو ھوته اھو جدا
نوٽ ڪري ھڪ فائيل ۾ رکندو ويندو ھوس، صرف انھيءَ
اميد تي ته خدا ڪري ميان سرفراز جو سمورو ڪلام گڏ
ٿي وڃي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن ڇپجي سگهي.
ڪلھوڙا انٽرنيشنل سيمينار 15 ۽ 16 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ۾
منعقد ٿيو. مون کي به مقامي پڙھڻ لاءِ دعوت ڏني
ويئي ھئي، ليڪن افسوس جو ڪن ذاتي مجبورين سبب مان
ان ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس. ھن سيمينار ۾ ڪيترن مقامي
۽ ٻاھرين محققن ۽ مؤرخن شرڪت ڪئي. منھنجو مھربان
دوست ۽ سنڌ جو محقق محترم غلام محمد لاکو به ان ۾
شريڪ ٿيو ھو، جنھن بعد ۾ خط لکي سيمينار جي
ڪارروائي کان مون کي آگاھه ڪيو ۽ ان موقعي تي
ڇپجندڙ ڪتابن متعلق ڄاڻ ڏني. انھيءَ سيمينار جي
موقعي تي ھيٺيان تاريخي ڪتاب به شايع ڪيا ويا، جن
جي اھتمام جو سھرو آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي جنرل
سيڪريٽري جناب يعقوب علي زرداري جي سر تي سونھي
ٿو.
1 _ ”تاريخ بلوچي“، از عبدالمجيد جوکيو بکري، ايڊٽ ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ ۽ اردو ترجمو سيد خضرنوشاھي.
2 _ ”منشور الوصيت ودستور الحڪومت“ (سنڌي ترجمو) ميان نورمحمد
ڪلھوڙو والي سنڌ. ترجمو عبدالرسول قادري.
3 _ ”باقيات از احوال ڪلھوڙه“ ايڊٽ ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ.
4 _”ديوان سرفراز“ ايڊٽ سيد خضر نوشاھي.
5 _ ”مقالا ۽ مضمون“ (انگريزي) از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
ھڪ ڏھاڙي صبح جو سوير محترم نفيس احمد شيخ سان ملڻ لاءِ سندس
گهر وڃڻ ٿيو. دوران ملاقات نفيس احمد صاحب تازو
ڇپيل چند خوبصورت ڪتابن جو سيٽ ڏنو. ڪتابن کي ڏسڻ
سان دل ڏاڍو خوش ٿي، ڇاڪاڻ ته انھن ڪتابن ۾ سالن
کان منھنجي دل ۾ سمايل تمنا يعني ”ڪليات سرفراز“
به موجود ھو.
ڪليات سرفراز جو ترتيب ڏيندڙ محترم سيد خضر نوشاھي آھي. ھن
نوجوان محقق جو تعلق جيتوڻيڪ پنجاب صوبي سان آھي،
ليڪن ھن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان حد درجي جو
عشق آھي. ھن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي تحقيق ڪري
ڪيترائي ناياب شھپارا، جيڪي قلمي صورت ۾ صرف ڪن
خانگي ۽ سرڪاري لائبررين جي ڪٻٽن جي زينت بنيل
ھئا، سي ھٿ ڪري انھن کي ترتيب ڏيئي وضاحتي حاشين
سان سينگاريل سنواري ادبي ميدان ۾ ظاھرڪيا آھن.
انھن مان ڪجھه ڇپجي چڪا آھن ۽ ڪجھه ڇپائي جي
انتظار ۾ آھن.
1 _ مثنوي گوھر منظوم: ھي فارسي مثنوي ڪلھوڙا دؤر جي ھڪ مشھور
شاعر غلام علي مداح جي چيل آھي. خضر نوشاھي انھي
مثنوي جو واحد .نسخو ھٿ ڪري انھي کي چڱي طرح سوڌي
سنواري، حاشين سان سينگاري پاڪستان ھسٽاريڪل جنرل
ڪراچي اپريل 1993ع (پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي
ڪراچي) ۾ اصل نسخي جي عڪس سميت ڇپايو. خضر نوشاھي
ھن نسخي کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آھي،
ڇاڪاڻ ته مثنوي جو اھو واحد نسخو ھو ۽ اھو به خط
شڪسته ۾ لکيل ھو.
2 _ نسخه ھائي خطي فارسي ڪتابخانه ھمدرد ڪراچي: ھي ڪتاب ڪراچي
جي انهي مشهور ڪتبخاني ۾ موجود فارسي قلمي نسخن جو
ڪئٽالاگ آهي، جيڪو مرڪز تحقيقات فارسي ايران
پاڪستان اسلام آباد ڇپيو آهي.
3_ گنجينهء شوق:هي ڪتاب ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ذاتي ڪتبخاني ۾
موجود ناياب فارسي قلمي نسخن جو ڪئٽالاگ آهي، اهو
”ڪافي پبليڪيشن ڪراچي “ طرفان پهريون ڀيرو سال
1993ع “ چپيو آهي.
4_ فھرست مخطوطات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ھي ڪئٽالاگ ڊاڪٽر
بلوچ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود قلمي نسخن متعلق آھي
۽ اڃا ڇپيو نه آھي.
5_ ديوان عطارد: ھي ديوان ڪلھوڙا دؤرجي مشھور شاعر شيوڪ رام
عطارد جي فارسي ڪلام جو مجموعو آھي، جنھن کي ھن
نوجوان محقق وڏي محنت سان ترتيب ڏنو آھي. اھو
ديوان سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آھي، اميد
ته جلد ڇپائي ھيٺ اچي ويندو.
6_ معيار سالڪان طريقت: ھي ڪتاب ڪلھوڙا دؤر جي مشھور مؤرخ
ميرعلي شير قانع جو لکيل آھي. ھن ضخيم ڪتاب ۾ سنڌ
جي بزرگن جو مستند ۽ جامع تذڪرو آھي. خضر نوشاھي
ھن تذڪري کي پنھنجي لاءِ پي .ايچ . ڊي جي ڊگري
حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيسز طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
رھنمائي ۾ ايڊٽ ڪري رھيو آھي. اميد ته اھو ڪم به
جلد مڪمل ٿي ويندو.
7_ تاريخ بلوچي: از عبدالمجيد جوکيو بکري. خضر نوشاھي ھن ناياب
فارسي تاريخي ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان
گڏ ايڊٽ ڪيو آھي ۽ انھي جو اردو ترجمو به ڪيو آھي.
اھو ڪتاب ترجمي سميت پھريون ڀيرو 1996ع ۾ ڪلھوڙا
سيمينار ڪميٽي ڪراچي پاران ڇپايو ويو آھي.
8_ ڪليات سرفراز: ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪلھوڙي حاڪم ميان سرفراز خان
عباسي جي سموري فارسي، سنڌي ۽ اردو ڪلام کي سھيڙيو
ويو آھي. ھي ڪتاب ”ڪلھوڙا سيمينار ڪميٽي ڪراچي“
طرفان پھريون ڀيرو 1996ع ڪراچي ۾ سڏايل بين
الاقوامي ڪلھوڙا سيمينار جي موقعي تي ڇپايو ويو
آھي. سمورو ڪتاب مرتب جي ھٿ اکرن جي عڪس جو صورت ۾
آھي. مرتب جا ھٿ اکر تمام سھڻا ۽ وڻندڙ آھن.
ڪتاب جي شروع ۾ مرتب طرفان اردو ۾ تفصيلي مقدمو ڏنو ويو آھي،
جيڪو 40 صفحن تي ڦھليل آھي. مقدمي ۾ مرتب ڪلھوڙا
دؤر جي مختصر تاريخ ۽ ڪلھوڙا حاڪمن جي مختصر سوانح
بيان ڪئي آھي. ميان سرفراز ۽ ڪلھوڙن جي دؤر تي
ڪجھه تفصيل سان لکيو ويو آھي، ڇاڪاڻ ته مذڪوره
ڪتاب ۾ انھي جي ڪلام کي سھيڙيو ويو آھي. ميان
سرفراز جي سوانح سان گڏ سندس ڪلام، استادن ۽ ھمعصر
عالمن ۽ شاعرن تي ڪجھه تفصيل سان لکيو ويو آھي،
جھڙوڪ غلام علي مداح ٺٽوي، ميرعلي شير قانع ٺٽوي،
ميرعظيم الدين ٺٽوي، شيوڪ رام عطارد، ميرزا محمد
علي اصفھاني ۽ فروغي اصفھاني. انھي دؤر جي مشھور
عالم شاھه فقير الله علوي ۽ ميان سرفراز جي تعلقات
تي به مختصر روشني ويئي آهي. ان کان پوءِ انهي
ناياب مخطوطي جو تعارف ڏنو ويو آهي، جنهن تان مرتب
اھو ڪليات ترتيب ڏنو آھي. ميان سرفرازخان عباسي جي
فارسي ڪلام جو اھو ناياب قلمي نسخو ”سنڌ پراونشنل
ميوزم حيدرآباد سنڌ“ ۾ رکيل آھي. مقدمن جي آخر ۾
حاشيا ۽ ماخذن جي فھرست ڄاڻائي ويئي آھي.
ڪتاب جو متن يعني ميان سرفراز جو ڪلام صفحي 57کان 264 تي ڏنو
ويو آھي، جنھن مان اردو ڪلام صفحي 257تي ۽ سنڌي
ڪلام صفحي 259 کان 264 تي ضميمي طور ڏنو ويو آھي.
آخر ۾ ڪتاب جي متن ۾ موجود ڪلام جي مختلف پڙھڻين
متعلق اختلاف ۽ وضاحتي حاشيا ڏنا ويا آھن. صفحي
272 تي ڪلھوڙن جو شجرو به ڏنو ويو آھي ۽ ان کان
پوءِ ميان سرفراز جي چند فرمانن جا عڪس، ميان
سرفراز جي مقبري جو فوٽو، سندس مھر جو فوٽو ۽
مذڪوره قلمي نسخي جي پھرئين ۽ آخري صفحي جو عڪس به
شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب جي شروعات ۾ به ميان
سرفراز خان جي مقبري جي خوبصورت رنگين تصوير ڏني
ويئي آھي، جنھن سان ڪتاب جي افاديت ۾ وڌيڪ اضافو
ٿيو آھي.
مقدمي ۾ ”ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي حضرت نوشه گنج بخش رحه سان
ملاقات“ وارو ناياب حوالو پھريون ڀيرو سنڌ واسين
سامھون آيو آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ نه آھي.
خضرنوشاھي لکي ٿو ته ”حضرت شرافت نوشاھي پنھنجي ڪتاب تذڪره نوشه
گنج بخش ۾ بحواله تشريف الفقراءَ (قلمي از فقير
سيد غلام محي الدين بخاري برقنڌاري لاھوري) لکي ٿو
ته ميان نصير محمد سنڌي، شاھه علي محمد سھروردي
سنڌي جو مريد ۽ خليفو ھو، اھو حضرت نوشه صاحب رحه
جي زيارت سان مشرف ٿيو ۽ فيض پاتائين“: (ڪليات
سرفراز، صفحو 20 مقدمو) ياد رکڻ گهرجي ته ھو بزرگ
يعني حضرت نوشه گنج بخش رح مرتب ڪتاب (سيد خضر
نوشاھي) جو جدامجد ھو.
فاضل مرتب مقدمي جي آخر ۾ لکي ٿو ته ”ڪليات سرفراز، صرف ٻن
مھينن جي مختصرمدت ۾ تيار ڪيو ويو آھي. جيئن ته ھڪ
انسان جو ڪوشش جو نتيجو آھي، تنھنڪري انھي ۾ غلطي
۽ خطا جو امڪان لازمي آھي تنھنڪري اھل نظر انھي جي
اصلاح فرمائي راقم الحروف کي اطلاح ڪن ۽ شڪريي جو
موقعو ڏين.“ مرتب جي انھن ڌيان ڇڪائيندڙ سٽن جي
پيش نظر مذڪوره ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ راقم
طرفان ھيٺ ڪجھه ڳالھين جي نشاندھي ۽ تصحيح ڪجي ٿي.
1_فاضل مرتب ڪتاب جي مقدمي ۾ صفحي 15 _ 16 تي لکي ٿو ته
”جھانگير جي عھد حڪومت ۾ غازي بيگ جي وفات تي انھي
خاندان جي حڪومت جو به خاتمو ٿي ويو ته جھانگير
سنڌ کي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اھڙيءَ طرح
سنڌ مغليه حڪومت ۾ شامل ٿي ويئي“ حقيقت ۾ ائين نه
آھي تقريباً سڀئي تاريخي ماخذ انھي ڳالھه تي متفق
آھن ته جاني بيگ ترخان جي دؤر حڪومت ۾ ئي سنڌ مغل
بادشاھه اڪبر جي سلطنت ۾ شامل ٿي چڪي ھئي. اڪبر
بادشاھه طرفان سندس جرنيل عبدالرحيم خان خانان سنڌ
تي چڙھائي ڪري آيو ۽ سنڌ جي حاڪم ميرزا جاني بيگ
ترخان کي شڪست ڏيئي سنڌ کي دھلي جي مغل سلطنت سان
ملائي ڇڏيو، جنھنڪري ميرزا غازي بيگ سنڌ جو
خودمختيار حڪمران نه بلڪه مغلن طرفان نواب مقرر
ٿيل ھو.
2_ مقدمي جي صفحي 17 تي فاضل مرتب ، ڪتاب ”ھشت بھشت“ کي عظيم
الدين ٺٽوي جي تصنيف ڄاڻايو آھي،جيتوڻيڪ، مقدمي جي
آخر ۾ ماخذات واري لسٽ ۾ ھشت بشت کي عطا ٺٽوي جي
تصنيف ڄاڻايو اٿيس. ھشت بهشت، فارسي مثنوين جو
مجموعو آھي، جيڪي ٺٽي جي مشھور شاعر ملا عبدالڪريم
عطا ٺٽوي جون چيل آهن. انهن مثنوين کي پير حسام
الدين ايڊٽ ڪيو ۽ اهو ڪتاب سال 1963 ۾ پهريون دفعو
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان ڇپيو.
3_ مقدمي جي صفحي 18 تي فاضل مرتب ميان آدم شاھه ڪلھوڙي (مدفن
سکر)جا ٻه پٽ ”ابراھيم ۽ دائود“ نالي ڄاڻايا آھن.
حالانڪ غلام رسول مھر جي مشھور تحقيقي ڪتاب ”تاريخ
سنڌ ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو ٻيو“ (مترجم شمشير الحيدري ۽
ابن حيات پنهور، ڇاپو پھريون 1964ع سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد) جي آخر ۾ ڏنل سڀني شجرن ۾ ميان آدم شاھه
جو ”ھڪ پٽ“ (دائود) لکيل آھي.
4_ مقدمي جي صفحي 37 تي فاضل مرتب، غلام علي مداح ٺٽوي جي صرف
ٻن تصنيفن ”مثنوي گوھر منظوم ۽ حل المعما“ جا نالا
ڄاڻايا آھن، ليڪن ڊاڪٽر ھرومل سدارنگاڻي، پنھنجي
تذڪر ”فارسي گويان ھندوسند“ (ڇاپو تھران، ايران)
جي صفحي 299 تي غلام علي مداح ٺٽوي جي ھڪ ٻي تصنيف
”ديوان مداح“ جو نالو به لکيو آھي.
5_ مقدمي جي صفحي 50_51 تي فاضل مرتب، مذڪوره قلمي نسخي کان
علاوه انھن ٽن ڪتابن جي نشاندھي به ڪئي آھي، جن
تان ھن ميان سرفراز جو ڪلام ھٿ ڪيو آھي، مثلاً:
(الف) ”Persian Poets of Sindh.“
از ڊاڪٽر ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي (ڇاپو پھريون 1956ع
تي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد).
(ب) ”تاريخ سنڌ جلد ڇھون، ڪلھوڙا دؤر“ ڀاڱو ٻيون، ازم غلام رسول
مھر (ڇاپو پھريون 1958ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد).
(ج)”خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ از ميرزا عباس علي بيگ.
(سنڌالاجي)
انھن ماخذن کان علاوه ميان سرفراز خان جي ڪلام جو ھڪ ٻيو ماخذ ،
ڊاڪٽر ايڇ.آءِ .سدارنگاڻي جو ڪتاب ”فارسي گويان
ھندو سند“ به آھي، جنھن جو ذڪرفاضل مرتب نه ڪيو
آھي. ھن ڪتاب جي صفحي 214_215تي ميان سرفراز جو
فارسي ڪلام موجود آھي.
6_ ڪتاب جي متن جي صفحي 117 تي ھڪ غزل موجود آھي، جنھن جو مطلع
آھي”
”تو اي مرغ چمن دلشاد کي کن، ز مرغان قفس ھم ياد مي کن.“
انھي غزل جو مقطع يعني آخري نالي وارو بند ڪونه ڏنو ويو آھي،
جيڪو ھن طرح آھي:
”تغافل چند اي سرو سرفراز، زبندم پا، بلطف آزاد مي کن.“
(ماھنامه نئين زندگي، ماه مارچ 1963ع، صفحه 39 ، مقالو، ”ميان
محمد سرفراز شھيد ڪلھوڙو“ از ماھتاب منور عباسي.)
پير حسام الدين راشدي به ھيءُ غزل ”ھو ڏوٿي ھو
ڏينھن“ جي صفحي 82 تي ڏنو آھي.
جيئن ته ”ڪليات سرفراز“ سنڌ جي ھڪ مشھور حڪمران جي ڪلام جو
مجموعو آھي، تنھنڪري ھن ڪتاب کي ادب سان گڏ تاريخي
حيثيت به حاصل آھي. فاضل مرتب جي چوڻ مطابق ته
”ڪليات سرفراز“ مختصر مدت ۾ مرتب ڪيو ويو آھي،
تنھنڪري ڪيترو ئي قيمتي ۽ اھم مواد مرتب ھن ڪتاب ۾
شامل نه ڪري سگهيو آھي. ھيٺ ڄاڻايل اھڙو سمورو
مواد انھي ڪتاب ۾ ضميمي طور شامل ڪيو وڃي ھا ته
وڌيڪ بھتر ٿئي ھا، ڇاڪاڻ ته ڪ ڪتاب روز روز شايع
نه ٿيندو آھي، جيڪو ھڪ دفعو ڇپجي ويو سو ٻئي دفعي
ڇپجڻ يا نصيب!
ميرعلي شير قانع جي ڪتاب ”مثنويات وقصائد قانع“ (ايڊٽ پير حسام
الدين راشدي ڇاپو پھريون 1961ع سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد) ۾ ڪيترائي قصيدا ميان سرفراز جي مدح ۾
چيل آھن، سي سڀ قصيدا شامل ڪيا وڃن ھا ته بھتر ٿئي
ھا.
ڪلھوڙا دؤر جي مشھور بزرگ شاھه فقير الله علوي شڪارپوري جي خطن
جي مجموعي ”مڪتوبات شاھه فقير الله علوي“ (ڇا پو
پھريون لاھور) ۾ ٻه خط ميان سرفراز جي نالي آھن.
اھي ٻيئي خط به ترجمي سميت ڪتاب ۾ ڏنا وڃن ھا.
ميرزا محمد علي اصفھاني رھي، ميان سرفراز خان جو درٻاري شاعر
ھو. فاضل مرتب لکي ٿو ته ”رھي کي اگر ڪا خاص ڳالھه
عرض ڪرڻي ھوندي ھئي ته ھو نظم يا مثنوي جي صورت ۾
ميان سرفراز کي عرض پيش ڪندو ھو ۽ ميان سرفراز خان
به شعر جي صورت ۾ ئي کيس جواب ڏيندو ھو“ (ڪليات
سرفراز صفحو 45). ميان سرفراز جو اھڙو ڪلام (رھي
جي ڪلام جي جواب ۾ چيل) ته انھي ڪليات ۾ موجود
آھي، ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته رھي جو اھڙو
ڪلام ڪليات ۾ شامل نه ڪيو ويو آھي. حالانڪ انھي
مخطوطي ۾، جنھن تان اھو ڪليات مرتب ڪيو ويو آھي،
ميرزا محمد علي اصفھاني رھي جو ڪيترئي اھڙو ڪلام
موجود ھو، جنھن جي نشاندھي مرتب مقدمي ۾ صفحي 49
تي ڪئي آھي. بھتر ٿئي ھا جو ”رھي “جو اھو سمورو
ڪلام به ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي ھا ته جيئن قارئين کي
خبر پئجي سگهي ھا ته ”رھي “ جي ڪھڙي ڪلام جي جواب
۾ ميان سرفراز ڪھڙو ڪلام چيو. ھاڻي به فاضل مرتب
کي استدعا ڪجي ٿي ته مذڪوره مخطوطي تان ”رھي “ جو
اھو سمورو ڪلام ھٿ ڪري ، ايڊٽ ڪري، سنواري سوڌي ته
جيئن اھو قيمتي ۽ ناياب ڪلام ھميشه لاءِ محفوظ ٿي
وڃي ۽ زماني جي دستبرد کان به بچي وڃي. ان ڏس ۾
اميد ته اراده مھراڻ سماھي به مرتب سان تعاون
ڪندو.
انھي مخطوطي جي آخر ۾ ”فروغي اصفھاني “ جا چند غزل به موجود
ھئا، جنھن جي نشاندھي مرتب، مقدمي جي صفحي 46 ۽ 49
تي ڪئي آھي. چڱو ٿئي جو فاضل مرتب، ميان سرفراز جي
درباري شاعر فروغي اصفھاني جو اھو ڪلام به مذڪوره
قلمي نسخن تان اُتاري ۽ مرتب ڪري ته جيئن اھو
ناياب ڪلام به محفوظ ٿي وڃي.
ميان سرفراز خان عباسي جي مقبري جي اندروني حصي ۽ سندس قبر جا
فوٽو به ڪتاب ۾ ڏنا وڃن ھا.
فاضل مرتب، ميان سرفراز خان عباسي جي فرمانن جا چار عڪس به ڪتاب
جي آخر ۾ ڏنا آھن. اڃان به وڌيڪ ڪوشش ڪئي وڃي ھا
ته جيڪر ميان سرفراز خان عباسي جا ٻيا به ڪتاب
فرمان ھٿ اچي وڃن ھا. اھڙا ڪجھه فرمان، ڪتاب ”نقول
استاد معززان تعلقه ڪوٽ ڏجي“ (قلمي، مرتب ۽ محترم
ڊاڪٽر عطا محمد حامي) ۾ به موجود آھن. انھن فرمانن
جا عڪس به ڪتاب ۾ شامل ڪيا وڃن ھا. اھو قلمي نسخو
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جي لئبرريءَ ۾
موجود آھي.
ميان سرفراز خان ڪلھوڙي جو ھيٺيون سنڌي مولود به ڪليات سرفراز ۾
نه آھي، شايد مرتب جي نظر مان نه گذريو آھي.
”رس غوث قطب گلزار، مٺا نور نبي جا
شاھه محي الدين موچارا.
_ اول نورنبي جو پرور ڪيو پيدا،
دامن لڳي تنھن دوست جي عاصي سڀ ڇٽندا.
_ در تنھنجي تي دادلا، بيٺي ڪري آھون سدا،
من جون مرادون ٿي پنان، سي پڄائين پاتشاھه.
_ فرزند شاھه علي جا گوھر گلزارا،
حضرت حسن ۽ حسين سي اڙين آڌارا.
_ سڪرات ۾ سرفراز کي بديون بخشيندا،
مرڻ ويل مريض کي ڪلمون پاڪ پڙھائيندا.
ھي مولود سـﮧ ماھي ”مھراڻ“ جي سيرت نمبر، 3_ 4 سال
1980ع ۾ ڇپيو آھي ۽ لوڪ ادب جي ڪتاب ”مولود “ ۾ ص
41 تي پڻ موجود آھن. |