سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :8

 

’ذوالفقار‘ راشدي

نئون زمانو

انسانيت جي عظمت جي قائل ٿي ازخود تقدير،

ذهن نئين جي سانچن مان جا نڪتي، سا ڪامل تدبير!

پيٽَ بکين جا آنڊا چيري، بي ڪفنن جا لاشا وڪڻي،

رت ۽ پونءِ جو واپاري ڇو کنڊ سان کائي ويٺو کير!

هڪڙا فاقن تي ڪن فاقا،ٻين کي هيضي جي بيماري،

هڪڙن لئه ٿيا ارزانۡ قهقا، هڪڙا نيڻ ٽمائن نير!

ڌرتي ماتا جو هر ذرڙو منهنجو جسو ڄڻ آهي، آدم،

ڪهڙي خبر پئي،ڏاڏا سائين، ڪٿان کنيو ويو منهنجو خمير!

آدمخورن جيان ڇو کائن ڍونڍ ٻين جو آدم پوٽا،

ڌرتي-ڄاين جو آ پنهنجن ڀائُن سان ڇو هيڏو وير!

زر و جواهر جي هي خدائي سَٺي نه ويندي، غيرتمندؤ،

غيرت، همت جي چکيا ۾ ساڙي ڇڏبو سارو انڌير!

ڄاڻ ختم ٿيڻ واريون راتيون،هوڏس،ڦٽيون پرهه جون باکون

ڪروٽ بدلي، اکيون مهٽيون،انسان جي بيهوش ضمير!

محلاتن ۾ آڳ لڳي آ، تاجن تختن ۾ ٽاڪوڙو،

زور ڪلادارن جو ٽُٽي پيو، مٽجي ويا هستيءَ تان مير!

ڏٻرا ڏاڍن کان ٿيا ڏاڍا، هيڻن هيسايا مهمير،

قيد ٽُٽا، پابند ڇٽا، زنجير کي ٽوڙيو آهي اسير!

آقائن ۽ فرعونن کي آڻ مڃائي آ جمهور،

جيتامن جي همت سان ڄڻ نمرودن کي ٿي نڪير!

انگَ اگهاڙن جي ٻچڙن جو دورِ حڪومت آيو ڪ آيو،

سينا ساهيو، جهنڊا هٿن ۾ کنيو اچن ٿا، اوجهو، وير!

 

’نثار‘ بزمي

بهار آيو

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

لَڙي ٿا لامَ تي لَڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

پَٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،

وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو!

 

سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،

ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو!

 

مُئن کي ڀي جيارن ٿا، سهانا ڏينهن سانوڻ جا،

ٻڍا ۽ ٻار ٿا ٻهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

ٿڌيون ٿر جون هوائون’ڀيروين‘ مان گيت ٿيون ڳائن،

گهُلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

 

نچي ٿي رات جي راڻي، ستارن جو رَئو پائي،

نظارا ٿا نوان نڪرن، بهار آيو، بهار آيو!

 

وڄائي بنسري هُن پار، ڪوئي دل جلائي ٿو،

سڄڻ جا سور ٿا سرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي گل ٽڙيا آهن،

اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

پيهو ٻول ٿو ٻولي، ۽ ڪوئل ٿي ڪري ’ڪوڪو‘،

ڀنؤر ڏس ڌار ٿا ڀُڻڪن، بهار آيو، بهار آيو:

 

مٺي ميلاپ جي موسوم آئي آهيه واري سان،

اڱڻتي ڪانگ ٿا ڪَرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

چٺيون هٿ ۾ جهلي، قاصد روانا ٿيا وٺي راهون،

اکيون ٿيون اوچتو ڦڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

گهٽائون ڪَرَ کڻي پنهنجا، نهارن ٿيون زماني ڏي،

هٿن ۾ جام ٿا ڇلڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

سنباهي هَرَ هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجي کيٽن ڏي،

سنهري سَنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

 

ترايون تار ٿيون آهن، نه ’بزمي‘ غم رهيو آهي،

مُهاڻا مِير ٿا مُرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

 

غلام احمد ’بيدم‘

للڪار

ڪندا ڪيسين هي بند آوازِ آدم؟ سو به ڏسنداسون!

گهُٽيندا ڪيسين هي جذباتِ برهم؟سو به ڏسنداسون!

رکو جاري ٿا ڪيسين جو رِپيهم؟ سو به ڏسنداسون!

 

 

مڪافاتِ عمل، اڻٽر امر آهي زماني جو:

ڪندا ڪيسين ڀلا ناوڪ فراهم؟ سو به ڏسنداسون!

گهڻو آهي اوهان جي ظلم ۾ دم؟ سو به ڏسنداسون!

 

پڄاڻيءَ جا ٿيا هي پار، اونداهي اِجها ويئي:

پڙهه آڻيندي آزاديءَ جو پرچم، سو به ڏسنداسون!

شرم کان ڪنڌ اوهان جو خاڪ تي خم،سو به ڏسنداسون!

 

ڏسون ڦاسيءَ جي تختي تان،يا ڀل زندان جي سيخن مان،

اوهان کي خوار، در بازارِ عالم، سو به ڏسنداسون!

ڳِجهون کائينديون هڏ،ماس ۽ چم، سو به ڏسنداسون!

 

’سليم‘ ڳاڙهوي

خودي

ستائيندي نه هاڻي بيڪسي ۽ بيوسي مون کي،

ڏسي ٿي دلنوازيءَ جي نظر سان زندگي مون کي.

 

حقيقت آهه، دنيا ٿي رهي اميد تي قائم،

يقين آيو، ملي ويندي تمنا جي خوشي مون کي.

 

وري، اي ناز وارا! پنهنجي وارن کي سنواري هل،

نظامت ۾ نظر آئي اڃا پيچيدگي مون کي.

 

ستارن جي اها خنده زني بلڪل مٽائيندس،

عطا ڪر، اي مقدَّر، هاڻ جرات ۽ خودي مون کي.

 

حيات آهي خودي، ۽ بيخودي ڇاهي؟ ممات آهي:

اهو اسرار سمجهائي ٿو هڪڙو فلسفي مون کي.

 

گلستان ۾ بهارن جو اچي ٿو قافلو شايد،

نراليءَ رمز سان مرڪي ڏسي ٿي هر ڪَلي مون کي.

 

صداقت جو ڦُٽي ٿو سج، کُٽي ٿي ڪوڙ جي اوندهه،

ڏسي ٿي شفقتن سان زندگيءَ جي روشني مون کي.

 

شهيدن جي مقدس خون جو سنهن آهه، اي سامع!

شجاعت کان ملي ويندي حياتِ سرمدي مون کي.

 

جهان جي سربراهن کي گهڻو حيران بنائيندس،

جنون جو جوش بخشي ٿو وري فرزانگي مون کي.

 

ڏسڻ وارا! متان ڀلجين، ڏسي هيءَ سادگي منهنجي،

از کان نامور آهيان، سڏي ٿي زندگي مون کي.

 

زمين؟ ميدان منهنجي عزم جي گهوڙن جي ڊوڙن جو!

فلڪ؟ منهنجي حقيقت لاءِ عظمت جي ڇَٽي مون کي!

 

نصيحت بند ڪر، ناصح، عمل منهنجو ’سليم‘ آهي،

خدائيءَ  مان خدا وٽ سرخرو ٿيندي خودي مون کي!

 

’تاج‘ بلوچ

احساس ڪمتري

مان ته مزدور خسته حال آهيان،

تو هي سوچي ڪڏهن ڏٺو آهي؟

مون کان تصوير تون گهرين ڇو ٿي،

منهنجي صورت ۾ ڇا رکيو آهي؟

 

منهنجي ماحول کان نه ٿي مرعوب،

منهنجو ڪوڏر سان واهپو آهي:

سج لڙئي چند ٿا ملن سِڪا،

جن تي مشڪل سان دمگذر آهي.

 

هڪ ٻڌان ٿو ته پيار آهه فريب،

هر ڪو آهي هوس جو پوڄاري،

ٻيو ته ايڏو ڪو تجربو نه اٿم،

جنهن جي آڌر تي دل ڇڏيان ڏيئي.

 

شهر پنهنجي جڏهن هلي ويندينءَ،

بي تعلق ٿي زندگي نه وڃي؛

ٿي سگهي ٿو، ڏسي نئون ماحول،

توکي منهنجي ڪڏهن نه ياد اچي.

 

هي بجا، توکي مون سان پيار آهي،

مون اوهان کي ڀلا مَٺو به گهريو؟

منهنجي انڪار تي خفا نه ٿجان،

مون چيو سچ، چيو، برو نه چيو.

 

مان ته مزدور خسته حال آهيان،

تو هي سوچي ڪڏهن ڏٺو آهي؟

مون کان تصوير تون گهرين ڇو ٿي،

منهنجي صورت ۾ ڇا رکيو آهي!

 

عبدالغفور ’عابد‘

منهنجا دوست

جڏهن دل تي نئون زخم کائين ٿا،

پراڻي کي بلڪل ڀلائين ٿا؛

جهان جي محبت جو لٽجيو وڃي،

ته همت ڪري ٻيو بڻائين ٿا؛

اڳيان پيارَ ۽ يارَ وسريو وڃن،

نون سان نوان نينهن لائين ٿا؛

اگر يار نئون زياده آهي حسين،

پراڻي سڄڻ کان لنوائين ٿا؛

ٿي هڪ جو رهڻ ڇا جو، ڇا جي وفا،

هو جت ڪٿ اکين کي اڙائين ٿا؛

محبت هنن لئه وندر آهي هڪ،

پنهنجا عشق خوش ٿي سڻائين ٿا؛

محبت جي پردي ۾، محبوب کي،

هوس جو نشانو بڻائين ٿا؛

جفا جو به ڪي ڪي ٿا بدلو وٺن،

حسينن کي ڏاڍو ستائين ٿا؛

سندم دوست، ۽ عادتون هي سندن،

سندم دل کي بيحد رنجائين ٿا.

 

عبدالعزيز ’بيدل‘

منهنجو ماحول

کيڏندي کِلَ جا ڏسين ٿو تون چپن تي منهنجي،

سا اِنهيءَ لاءِ ته جيئن پت نه وڃي دنيا جي؛

ورنه ان کل جي پس پرده جي ڳوڙها آهن،

سي جي ڳاڙيان ته جهان سارو وڃي هوند لُڙهي!

چنڊ تارن ڏي نظر ڪر، گل و بلبل ڏي نهار،

ڪو به توکي نظر ايندو نه انهن ۾ مغموم؛

هاءِ،انسان جي خودساخته قانون مگر،

مون کي مانوس ڪيو غم سان، خوشيءَ کان محروم!

ڪير آهي جو نٿو چاهي کِلڻ دنيا ۾؟

مان به چاهيان ٿو کلان، خوش ٿي رهان، ٽهڪ ڏيان:

منهنجو ماحول مگر، دوست، هي منهنجو ماحول،

مون کي مجبور ڪري ٿو ته مان سڏڪا ڀريان!

مان انهيءَ دور۾، اي يار، کلان ڪهڙي طرح،

جڏهن افلاس و مصيبت ۾ رهي ٿو انسان!

۽ جڏهن پيٽ جي عيوض ٿي وڪامي غيرت،

مان کِلان تڏهن، يا برباديءَ انسان تي رُئان؟

 

 

قصيدو

سليم ڳاڙهوي

عظيم سنڌ

ساري جهان ۾ آهه اسان جي عظيم سنڌ،

دنيا جي ڪارگاهه ۾ قائم قديم سنڌ!

 

ساراهه ڪهڙيءَ ريت ڪجي سنڌ جي سليم،

گلزار، شاخسار، بهار ۽ نسيم سنڌ.

 

پاڻي امرت، خاڪ کٿوري، اناج سون،

هر هڪ مريض لاءِ ٿي حاذق حڪيم سنڌ.

 

سارو جهان نثار ٿئي جنهن جي نام تان،

دامن ۾ ديس پاڪ جي آهي مقيم سنڌ.

 

صدما سهي سهي به رهي مستقل مزاج،

مهر و وفا جو ملڪ، سراسر ڪريم سنڌ.

 

مسلم تي مهربان ۽ هندوءَ جي غمگسار،

آهي ٿي قوم لاءِ ’الف ساڻ ميم‘ سنڌ.

 

هر هڪ بُري ڀلي کي ڏئي پاڻ وٽ پناهه،

دارالامان، خلد جو نقشو نعيم سنڌ.

 

هر دردمند دل کي هِتي داد ٿو ملي،

ڪيڏي نه ٿي خليق، شفيق ۽ حليم سنڌ.

 

خنجر جي نوڪ تي به اها ئي صدا ڪندس،

منهنجي عزيز سنڌ، ۽ منهنجي نديم سنڌ.

 

هي زندگي حجاب جيان آهه، پر جناب!

جاويد ٿئي جهان ۾ اُجاري عظيم سنڌ.

 

خادم ٿي، پنهنجي ديس جي خدمت جو ڪر خيال،

تنهنجي وفا جي راهه تڪي ٿي عظيم سنڌ.

 

دل جي دعا اِها، ۽ زبان جي صدا اِها:

هردم هجي مُنير ۽ سائي ’سليم‘ سنڌ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com