26. ان کان پوءِ ايتاخ ترڪيءَ کي مقرر ڪيو ويو،
جنهن عنبسه بن اسحاق ضبئيءَ
(1)
کي پنهنجي پاران سنڌ ۾ موڪليو. هو الواثق بالله
(227- 232 هه) جي ڏينهن ۾ آيو. سنڌ ان زماني ۾ يمن
جي واليءَ جي نگرانيءَ ۾ سمجهي ويندي هئي. خليفي
متوڪل ايتاخ کي جڏهن گرفتار ڪيو ته عنبسه دلگير ٿي
پيو، ڇاڪاڻ جو هن کي ايتاخ جي ئي پٺ هئي، انهيءَ
ڪري بنا طلب موٽي ويو.
27. ان کان پوءِ متوڪل (232- 247 هه)، هارون بن ابي خالد
مروزيءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. انهيءَ وچ ۾
سنڌ ۾ حجازي طاقتور ٿي چڪا هئا. سندن سردار، عمر
بن عبدالعزيز هباري، ڪافي اقتدار حاصل ڪري چڪو هو.
هن هارون کي قتل ڪرائي، خليفي متوڪل جي خدمت ۾
درخواست موڪلي ته هارون ۾ انتظام جي قابليت ڪا نه
هئي” جيڪڏهن سنڌ جي ولايت جي سند کيس عطا ڪئي وڃي
ته هو ڪامل وفاداريءَ سان حڪومت سنڀاليندو. متوڪل
کي چوڌاري بغاوتون ويڙهي وييون هيون، انهيءَ ڪري
هن هباريءَ جي درخواست کي غنيمت سمجهيو.
28. متوڪل، عمر بن عبدالعزيز جي نالي سند موڪلي. هن، نالي ماتر
خليفي جي اطاعت قائم رکي، خودمختيار حڪومت قائم
ڪئي ۽ هباري سلطنت جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ سندس
اولاد مان سنڌ جا حڪمران ٿيندا رهيا.
(1)
هباري، قريشي قبيلي جي هڪ شاخ بنو اسد مان هئا. هبارين اسود جي
اولاد مان منذر بن زبير، سنڌ جي واليءَ حڪم بن
عوانه سان سنڌ ۾ آيو. عمر بن عبدالعزيز ان جو پوٽو
هو، جنهن قبائلي جهيڙي ۾ قريشين جي سرداري ڪري،
240 هه (854ع) ۾، خليفي المتوڪل کان سنڌ جي ولايت
جي سند حاصل ڪئي. سنڌ ۾ منصوره جي ويجهو بانيه
نالي شهر ۾ سندن خاندان رهندو هو. هتان ئي سنڌ تي
حڪمراني ڪندو رهيو.
(2)
29. کانئس پوءِ، عباسي خلافت طرفان، سن 255 هه ڌاري، ابوالصمہ
سنڌ جو والي ٿي آيو. ان کان پوءِ، سن 258 هه ۾،
خليفي معتمد (256-279 هه) پنهنجي ڀاءُ ابو احمد
الموفق کي، اسماعيل بن اسحاق قاضي ۽ ابو سعيد
انصاريءَ سان، يعقوب بن ليث صفار ڏانهن قاصد ڪري
موڪليو، ۽ بلخ، تخارستان، پارس، ڪرمان، سجستان ۽
سنڌ ملڪن جي حڪومت جو پروانو، عهدنامو، ۽ جهنڊو
کيس عنايت ڪيو؛ انهيءَ تي يعقوب خوش ٿي انهن کي
نوازيو. يعقوب بن ليث سترهن سال ۽ نوَ مهينا اميري
ڪئي، ۽ خراسان، سيستان، ڪابل، سنڌ، هندستان، فارس
۽ ڪرمان، سڀ سندس پرڳڻا هئا. کانئس پوءِ، سن 265
هه ۾، خليفي معتمد اهي سڀ ۽ ٻيا ملڪ عمرو بن ليث (
265-287هه) کي عطا فرمايا.
(1)
هباري حڪمران. جيئن اڳي ئي بيان ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ هباري
خاندان جو زور هو؛ عمر بن عبدالعزيز جي والي ٿيڻ
کان پوءِ سندس زور اڃا به وڌيو. جيتوڻيڪ عمر بن
عبدالعزيز کان پوءِ مٿي بيان ڪيل والي مقرر ٿيا،
تڏهن به سنڌ ۾ حقيقي حڪومت هبارين جي هئي. مرڪزي
حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ، عمر بن عبدالعزيز جي
پٽ، عبدالله بن عمر، سنڌ جي حڪومت تي سن 270 هه
(883ع) ۾ قبضو ڪيو. ڪي بغاوتون ٿيون، پر هن انهن
کي زير ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ’بانيه‘ بدران منصوره
کي گاديءَ جو هنڌ بنايائين، جو پوءِ مستقل طرح
گاديءَ جو هنڌ رهيو.(2)
عبدالله کان پوءِ ان جو پٽ، ابوالمنذر عمر، سن 303 هه(915ع) ۾
تخت نشين ٿيو. هن ڪجهه حڪومت جي حدن کي وڌايو. ان
کان پوءِ، هڪٻئي جي پويان، هن خاندان جا حڪمران
ٿيندا رهيا. آخر 401هه (1010ع) کان پوءِ سومرن
سندن حڪومت جي پڄاڻي آندي. اهي سومرا قرمطي مذهب
جا هئا. ملتان تي به عربن جي طاقت گهٽجڻ کان پوءِ
قرمطي قابض ٿي ويا. عباسي خليفي القادر بالله
(381-422هه) جي ڏينهن ۾ ملتان تي دائود بن نصر
قرمطي حڪمران هو، جنهن تي سلطان محمود 396 هه ۾
چڙهائي ڪري، قلعي کي گهيريو ڪيو.
(1)
ماڻهن وچ ۾ پئي صلح ڪرايو ته ملتان جي حڪومت مان
هر سال 20 هزار درهم ڏنا ويندا. 401 هه ۾ ٻيهر
ڪاهي، اچي قرمطين کي سخت سزائون ڏنائين ۽ دائود بن
نصر کي گرفتار ڪري، غزني آڻي، اتان غورڪ جي قلعي ۾
موڪليائين، جتي مرڻ تائين رهيو(2).
ان کان پوءِ سنڌ ۽ ملتان تي ڏيهي حاڪمن جون حڪومتون رهيون.
ملتان تي قرمطي ڪيئن قابض ٿيا. ملتان به پهريائين سنڌ جي حڪمران
جي هٿ هيٺ هوندو هو، پر پوءِ ملتان جي حڪومت جدا
ٿي ويئي. سندس حدون مڪران ۽ منصوره تائين هيون.
منجهس هڪ لک، ويهه ڳوٺ هئا
(3).
ٽين صدي هجريءَ جي آخر ۾ (220 هه
=
902 ع) بنو سامہ
(4)
اقتدار حاصل ڪيو. هو مامون جي زماني کان معتصم
(227 هه) جي دور تائين سنڌ جي شهر سندان جا
حڪمران هئا، پوءِ ملتان تي وڃي قبضو ڪيائون. 300
هه (912) ۾ هتي جو حڪمران ابوالباب منبه بن اسد
قريشي هو، ان جي نسبت سان کين بنو منبه به چيو
ويندو آهي. 387 هه ۾ اسماعيلن سندن خاتمو ڪيو. مصر
جي فاطمي خليفي عبدالعزيز بالله 386هه (996ع) ۾
جلم بن شيبان جي هٿ هيٺ فوج موڪلي، جنهن اوچتو
حملو ڪري، 367 هه، ملتان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
سنڌ ۽ ملتان ۾ اسماعيلين جو بنياد اڳ ۾ پئجي چڪو
هو. سندن پهريون داعي 270 هه(883ع) ۾ آيو هو، ۽
ڳجهيءَ طرح تبليغ ڪري، سنڌ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي
اسماعيلي بنايو هئائين. ان کان پوءِ ملتان جي
حڪومت جو ناتو مصر جي فاطمي خاندان سان ٿيو. 375
هه (985ع) ۾ شيخ حميد، 390 هه (999ع) ۾ شيخ نصر ۽
ان کان پوءِ ان جو پٽ دائود، ملتان جا حڪمران ٿيا.
دائود جو خاتمو سلطان محمود آندو، جيئن مٿي بيان
ڪيو ويو آهي.
حڪومت جو نظام. سنڌ ۽ ملتان جي عربي حڪومتن جو نظام خيبر لڪ
کان ايندڙ مسلمانن کان مختلف هو. سندن مستقل
حڪومتي نظام هو، ۽ فوجي ڇاوڻيون قائم هيون.
مسعودي، منصوره جي فوجي طاقت بابت لکي ٿو:
”منصوره وارن جون ميدن سان- جيڪا سنڌ جي هڪ قوم آهي- لڙائيون
هلنديون اچن ٿيون. بادشاهه وٽ 80 جنگي هاٿي آهن.
قاعدو آهي ته جنگي هاٿيءَ سان 500 پيادا هوندا
آهن. انهن مان ٻه هاٿي نهايت مشهور بهادر ۽ لڙاڪو
آهن، جن مان هڪ جو نالو ’منصرقلس‘ ۽ ٻئي جو
’حيدره‘ آهي.“
(1)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۾ چاليهه هزار فوج هئي. باقاعدي
سرڪاري آفيسون هيون. اسپتالن، عدالتن، رسد خانن،
وغيره جا جدا جدا کاتا هئا. چراگاهن لاءِ ميدان
ڇڏيا ويندا هئا، ۽ گهوڙن جي نسل جي افزائش ڪئي
ويندي هئي. سرڪاري محصول شريعت موجب وصول ڪيا
ويندا هئا. مسلمانن کان صدقو ۽ زڪوات، ۽ غير
مسلمانن کان جزيي کان سواءِ ڪا به رقم نه ورتي
ويندي هئي. جزيي جي رقم جان ۽ مال جي حفاظت جو
عيوضو هئي. جيڪڏهن غير مسلمانن کي ڪنهن شهر مان
لڏايو ويندو هو ته جزيي جي وصول ٿيل رقم کين
موٽائي ڏني ويندي هئي. جزيي جي اها رقم، موجوده
حساب موجب، اميرن کان ڏهه رپيا، وچيئن طبقي وارن
کان پنج رپيا، ۽ غريبن کان اڍائي رپيا ساليانو
وصول ڪئي ويندي هئي. ڪراڙا، عورتون ۽ معذور معاف
هوندا هئا. ان جي برعڪس، خيبر کان ايندڙن کي جزيو
وٺڻ ئي نٿي آيو. جزيو جدا ٿي ورتائون ته عام محصول
جدا ٿي وصول ڪيائيون؛ جنهنڪري غير مسلمانن کي ٻٽا
محصول ڏيڻا ٿي پيا. انهيءَ ڪري ئي غير مسلمانن
جزيي جي مخالفت ٿي ڪئي.
سنڌ جون عربي حڪومتون مسلمانن کان آمدنيءَ جو اڍائي رپيا سيڪڙو
زڪوات وصول ڪنديون هيون. ان کان سواءِ زمين جي
پيداوار جو ڏهون حصو، ۽ غير مسلمانن کان خراج جي
رقم، جا هو اڳين حڪومتن کي ڏيندا ايندا هئا، وصول
ڪندا هئا
(1)
. سنڌ جي گڏيل مالگذاري هڪ ڪروڙ، پندرهن لک درهم،
يعني ساڍا چاليهه لک رپيا هئي. سنڌ ۾ ملتان ۽
پنجاب جا ڪي ضلعا به ان وقت شامل هئا، جهڙوڪ ديرو
غازي خان، وغيره.
مسلمانن جا مقدما اسلامي شريعت موجب فيصل ٿيندا هئا. هندن کي
پنهنجن شاسترن موجب فيصلن ڪرڻ جو حق هو. هندن کي
مڪمل مذهبي آزادي هئي. سندن مندر برقرار رکيا ويا
هئا، جتي هو پنهنجي نموني عبادت ڪندا هئا، يعني بت
پوڄيندا هئا
(2).
تهذيب ۽ تمدن. عربن، سنڌين سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌين جي
تهذيب، تمدن، رسم ۽ رواج کي پنهنجو بنايائون.
اصطخريءَ (340هه) لکيو آهي:
”ملتان جو امير، هاٿيءَ تي سوار ٿي، جمعي جي نماز
لاءِ جامع مسجد ۾ ويندو هو. هيءَ خالص هندو راجائن
جي شاندار ۽ پرشڪوه سواري ڄڻ عرب اميرن کي پسند
اچي ويئي هئي....... ملتان جا ماڻهو پاجاما
پهريندا آهن، ۽ اڪثر ماڻهو فارسي ۽ سنڌي
ڳالهائيندا آهن: مطلب ته هندن ۽ مسلمانن ۾ لباس جي
هڪجهڙائي به پيدا ٿي چڪي آهي.“(3)
ابن حوقل (367هه) جو به اهڙي ئي قسم جو بيان منصوره بابت آهي:
”هتي مسلمانن ۽ هندن جو لباس هڪ ئي نموني جو آهي. وارن ڇڏڻ جو
به هڪ ئي طريقو آهي. اهڙيءَ طرح ملتان وارن جو
نمونو آهي. منصوره، ملتان ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾
عربي ۽ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. مڪران وارن جي ٻولي
فارسي ۽ مڪراني آهي. ڪُڙتن جو نمونو نمايان آهي،
مگر واپاري قميص ۽ چادر ڪتب آڻيندا آهن، جهڙي طرح
عراق ۽ فارس جا ماڻهو ڪندا آهن.“(1)
ان مان معلوم ٿيندو ته ڪيئن نه عرب ۽ سنڌ جون تهذيبون، ملي، هڪ
نئين تهذيب ٿي ويئون هيون. اها ئي هاڻوڪي نج سنڌي
تهذيب آهي.
بشاري (375 هه)، منصوره جي رهاڪن لاءِ لکي ٿو:
”هتي جا رهاڪو لائق ۽ بامروت اهن. کين اسلام جي تازگي حاصل آهي.
عالم هتي تمام گهڻا آهن، جن ۾ ذهانت ۽ ذڪاوت آهي
نيڪي ۽ خيرات ڪندا آهن.“
(2)
منصوره بابت ابن حوقل، مقدسيءَ، وغيره جو جيڪو بيان آهي
(3)،
ان موجب منصوره جي اخلاقي ۽ معاشي حالت هن طرح
بيان ڪري سگهجي ٿي: ’هتي ڪيترين ئي منزلن وارا گهر
آهن. بدڪاري ۽ شرابخوري ڪانهي. سر سبزي ۽ دولت
آهي. واپار جي حالت به سٺي آهي. تڪلف نمايان آهي.
حڪومت منصفانه آهي. بازار ۾ ڪا به عورت سينگار ڪيل
ڪانه ملندي، ۽ نه ڪو به کليو ساڻس ڳالهائي سگهندو.
زندگي عيش ۽ مسرت، ۽ خوشدليءَ ۽ مروت جي آهي. جسم
۾ تندرستي آهي پر شهر گندو آهي. گهر سوڙها آهن،
هوا گرم ۽ خوشڪ آهي، ۽ رنگ ڪڻڪ ونو ۽ ڪارو آهي.
سنڌ جي سر سبزيءَ بابت مسعودي لکي ٿو:
”هتي ڪئين کيت آهن. وڻ ۽ آباديون هڪٻئي سان گڏيون پيئون آهن“
(1)
ان مان سنڌ جي سرسبزيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
منصوره ۾ واپار ڪيتريقدر وڌيل هو، ان بابت بشاري چيو ٿو: ” هتي
سمورا واپاري رهن ٿا. انهن جي زبان سنڌي ۽ عربي
آهي“
(2).
ان مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته واپار ڪيترو نه وسيع
پيماني تي هو. ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌيءَ سان گڏ عربي به رواج ۾ اچي ويئي هئي،
عربيءَ جي مروج هجڻ جا مثال اڳ ۾ به ڏنا ويا آهن.
هن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عرب سنڌي به سکي
ويا هئا؛ انهيءَ ڪري عرب واپارين جي ٻولي، عربيءَ
سان گڏ سنڌي به ٿي ويئي هئي. سنڌي زبان جا هونئن
ئي هندستاني زبان کان جدا هئي، سا عربيءَ جي آميزش
جي ڪري هندستانيءَ کان اڃا به وڌيڪ جداگانه ٿي
ويئي هئي. مسعودي چوي ٿو ته ” سنڌ جي زبان خاص
آهي، جا هندستان کان جدا آهي.“
(1)
اسلامي تعليم. سنڌ ان زماني ۾ ممتاز عالم پيدا ڪيا، جن مختلف
علمن، حديث، تفسير، نحو، ادب، فقہ، ۽ شعر شاعريءَ
۾ وڏو درجو حاصل ڪيو. منصوره علم ۽ فضل جو مرڪز
هو. هن کان اڳ، بشاريءَ جي زباني، منصوره جي علم
جو ذڪر اچي چڪو آهي، وڌيڪ لکي ٿو:
” مسلمانن ۾ گهڻو ڪري اهلحديث آهن. مون هتي قاضي ابو محمد
منصوريءَ کي ڏٺو، جو دائودي هو ۽ پنهنجي مذهب جو
امام هو. کيس حلقهء درس هو؛ ۽ سندس تصنيفون آهن،
جي تمام سٺيون آهن...... وڏن شهرن ۾ حنفي فقيهه به
آهن؛ پر هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪونهن، ۽ نه وري
معتزلائي آهن. سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن. منجهن نيڪي
۽ پاڪدامني آهي.“
(2)
مولانا سيد سلمان ندوي، ”عرب و هند ڪي تعلقات“ (ص 347) ۾، ان
بيان تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
”انهيءَ پراڻي زماني ۾ هتي اهلحديث جو هجڻ وڏي حيرت انگيز ڳالهه
آهي. دائودي فرقي مان مراد دائودي بوهرا نه آهن،
پر امام دائود جا پيرو مريد آهن، جي هڪ قسم جا
اهلحديث ئي هئا.“
هن مان منصوره جي علم ۽ فضل جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. ان
مان معلوم ٿيندو ته منصوره جا رهاڪو سچا، ذهين،
نيڪدل، اهلحديث، ۽ فرقيبازيءَ کان پري هئا. بشاري
مقدسيءَ جي روايت مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته منصوره ۾ مدرسو به هو، جنهن ۾ قاضي ابو محمد
منصوري درس ڏيندو هو. ان مان اهو به اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته ڪي ٻيا مدرسا به هوندا؛ پر تاريخ
انهن جي ذڪر کان خالي آهي. منصوره ۾ علم جو ايڏو
چرچو هو جو ڪيترائي عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب، عرب
دنيا مان ڇڪجي سنڌ ۾ ايندا هئا. مشهور عربي شاعر
مطيع ابن اياس، هشام تغلبيءَ جي ولايت واري زماني
۾ منصوره ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت رهيو پيو هو(1).
عرب جي قديم شاعريءَ جو مشهور ڄاڻو، ”حماسا“ جي
صاحب ابو تمام جو همعصر، ۽ وقت جو وڏو شاعر، ابو
عباده وليد بن عبيدالبختري، 284هه ۾ سنڌ ۾ آيو
(2).
عربيءَ جو مشهور شاعر ’فرزدق‘ ڪراڙپ جي ڪري پنهنجي
سر سنڌ ۾ اچي نه سگهيو، پر ڪنهن ڪم لاءِ سنڌ جي
واليءَ تميم بن زيد عتبيءَ جي نالي پنهنجو مشهور
قصيدو لکي موڪليائين.
ان کان سواءِ، مذهبي فرقن جا مبلغ به سنڌ ۾ پنهنجي فرقي جي
پرچار لاءِ سنڌ ۾ آيا. 142 هه (759ع) ۾ خارجي فرقي
جو مبلغ حسان بن مجاهد همداني سنڌ ۾ آيو؛ پر کيس
ڪاميابي حاصل نه ٿي.
مشهور شيعو مبلغ عبدالله الاشتر، عمر بن حفص واليءَ جي ڏينهن ۾،
شيعت جي تبليغ لاءِ، واپار جو بهانو ڪري، بصري مان
گهوڙا خريد ڪري سنڌ ۾ آيو. عمر بن حفص ساداتن جي
حب رکندڙ هو، تنهنڪري هن سندس عزت ڪئي، ۽ واپار
لاءِ سهوليت پيدا ڪري ڏنائينس. عبدالله پنهنجي راز
کي لڪائڻ گهريو، پر سندس هڪ ساٿيءَ واليءَ اڳيان
پنهنجو مقصد ظاهر ڪيو. هن سندن دعوت قبول ڪري، کين
ڪنهن پاسيريءَ جاءِ ۾ رهائي ڇڏيو. صلاحڪارن سان
صلاح ڪري، فيصلو ڪيائين ته جمعي رات بيعت ورتي
وڃي. ان تقريب لاءِ سفيد جهنڊو ۽ سيد عبدالله لاءِ
سفيد پوشاڪ به تيار ڪرايائين، جيڪا پهري کيس خطبو
ڏيڻو هو. جڏهن سمورا انتظام مڪمل ٿي ويا، تڏهن
اوچتو عمر بن حفص ڏانهن سندس گهر واريءَ جو خط آيو
ته محمد ۽ ابراهيم خلافت جي فوجن سان مقابلو ڪندي
مارجي ويا. اُهي سيد عبدالله جا چاچو ۽ پيءُ هئا،
تنهنڪري عمر سيد عبدالله ڏانهن تعزيت لاءِ ويو.
سيد عبدالله اهو ٻڌي مايوس ٿي ويو، ۽ کيس چيائين
ته ’جيڪڏهن منهنجو راز ظاهر ٿيو ته منهنجي عزت
تنهنجي هٿ ۾ آهي
(1)،‘
عمر کيس دلجاءِ ڏيئي، منصوره مان ڪڍي، هڪ پاڙيسري
هندو راجا جي پناهه ۾ موڪلي ڇڏيو، جنهن عزت ۽ آرام
سان نوَ سال رهايس. ماڻهن کي جڏهن سندس رهائش جي
خبر پيئي، تڏهن ڪيترن ئي اچي سندس بيعت ڪئي، جن جو
انداز چار سؤ چيو وڃي ٿو.
151هه ۾ اتفاق سان خليفي منصور کي اها کڙڪ پئجي ويئي، جنهن سندس
گرفتاريءَ جو حڪم موڪليو. حڪم جي تعميل ۾ هڪ ٻئي
فدائيءَ کي ’اشتر‘ ٺهرائي موڪليو ويو، جو قتل ڪيو
ويو. ان کان سواءِ، خليفي، عمر بن حفص کي بدلي
ڪري، هشام کي والي مقرر ڪري موڪليو، جو پڻ اندروني
طرح ساداتن جو طرفدار هو، تنهنڪري اشتر اڃا به
بچيو رهيو.
هڪ دفعي سنڌ جي هڪ حصي ۾ بدامني پيدا ٿي پيئي، جنهن کي ٻنجي ڏيڻ
لاءِ هشام ڀاءُ کي لشڪر ڏيئي موڪليو. سر زمين تي
پهچڻ لاءِ انهيءَ راجا جي سرحد مان ٽپڻو هوس، جنهن
وٽ اشتر پناهگزين هو. واٽ تي سيد عبدالله ساٿين
سوڌو مليس، جيڪو شڪار ڪري موٽي رهيو هو. ڀاءُ جي
پاليسيءَ جي خبر ڪانه هيس، تنهنڪري سندس گرفتاريءَ
جو حڪم ڏنائين. سيد عبدالله پنهنجي سپاهيءَ سوڌو
وڙهندي شهيد ٿي ويو. روايت آهي ته سندس لاش سڃاڻپ
۾ نه آيو. هڪ روايت موجب، سندس سنگتين، بيحرمتيءَ
جي خوفان، سندس لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. هشام کي
جڏهن خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، پر جيئن ته ڀاءُ
کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، تنهنڪري خاموش ٿي ويو.
آخر ۾ هشام ان راجا تي حملو ڪري کيس شڪست ڏني، ۽ سيد عبدالله جا
سنگتي ساٿي گرفتار ڪري خليفي ڏانهن موڪلي ڇڏيا.
انهن ۾ سيد عبدالله جو پٽ محمد، ۽ ان جي والده به
هئي، جا پهريائين ٻانهي هئي ۽ پوءِ سيد عبدالله جي
نڪاح ۾ آئي. منصور کين مديني شريف موڪليو، ۽ مديني
جي حاڪم کي لکيائين ته هو مشهور ڪري ته سيد
عبدالله جو پٽ محمد صحيح النسب آهي.
اهڙيءَ طرح، شيعت جي مبلغ جو خاتمو ٿيو، پر اڳتي هلي منصوره ۾
اسماعيلي شيعن جي حڪومت قائم ٿي.
مشهور عالم ۽ فاضل. انهيءَ زماني جي هيٺين عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو.
1. مولانا اسلامي. منصوره ۾ اسلامي تعليم جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو
آهي. منصوره علم ۽ فضل ۾ بغداد ثاني بنجي چڪو هو.
منجهس ڪيترائي عالم ۽ اديب رهندا هئا. منصوره ته
پوءِ ٿيو، ان کان اڳ، محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ گهڙڻ
سان اسلام جي روشني هتي پکڙجي ويئي. محمد بن قاسم
جي اچڻ سان سنڌ ۾ اسلام جا عالم پيدا ٿيڻ شروع
ٿيا. جنهن پهرئين سنڌي عالم جو نالو ملي ٿو، اهو
آهي ’ڪنڀ لوچن‘ عرف مولانا اسلامي. اصل ديبل جو
رهاڪو، سنڌي برهمڻ هو. سنسڪرت جو ته اڳ ئي عالم
هو. محمد بن قاسم جي ديبل جي فتح کان اڳ، ديبل ۾
وڏي عهدي تي هو. عرب قيدي سندس ئي حوالي هئا، جن
کي هن بنا تڪليف جي عزت سان رهايو هو. فتح کان
پوءِ هو مسلمان ٿيو. عربيءَ جو ماهر ٿيو، ۽ اسلامي
فقہ ۾ وڏو عالم ٿيو. سندس نالو ’اسلامي‘ رکيو
ويو، ۽ عالم ٿيڻ کان پوءِ کيس مولانا اسلامي سڏيو
ويو. سندس قابليت کي مد نظر رکي، محمد بن قاسم کيس
ديبل بندر جي روينيو کاتي جو حاڪم اعليٰ بنايو.
راجا ڏاهر ڏانهن محمد بن قاسم جيڪو وفد موڪليو هو،
ان جي قيادت مولانا اسلاميءَ ڪئي هئي. راجا ڏاهر
جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مولانا اسلاميءَ اڳي
وانگر راجا جو سلام نه ڪيو، پر مسلمانن جيان
بيپرواهيءَ جو سلام ڪيو، جنهن تي راجا ڏاهر کيس
ڪاوڙجي چيو ته ’تو ڇو نه اڳي وانگر سلام ڪيو؟‘
مولانا اسلاميءَ جراَت سان کيس جواب ڏنو ته
’هينئر مان مسلمان آهيان؛ اسلام مون کي اهڙو سلام
ڪرڻ نٿو سيکاري.‘ راجا چيس، ’عيوضي ٿي نه اچين ها
ته توکي چڱيءَ طرح ڏسان ها.‘ ان کان پوءِ به
مولانا اسلامي جراَت سان جواب ڏيندو رهيو. هي عالم
ستين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو.
2. قاضي موسيٰ. ان کان پوءِ اسان کي قاضي موسيٰ جو نالو ملي ٿو،
جو محمد بن قاسم جي خاندان مان هو، ۽ سندس سڄو
نالو موسيٰ بن يعقوب ثقفي هو. الور جو قاضي، ۽ سنڌ
جو قاضي القضات هو. عالم هجڻ سان گڏ، هڪ فقير- تن
بزرگ هو. سندس خاندان التمش جي زماني تائين موجود
هو. 1216ع ۾ ان خاندان مان ڪمال الدين اسماعيل بن
علي بن محمد ثقفي، الور ۾ قضا جي عهدي تي فائز هو.
عربيءَ وارو اصلي ”چچنامو“ هن ئي بزرگ وٽ هو،
جنهن وٽان محمد ڪوفيءَ هٿ ڪري ان کي فارسيءَ ۾
613 ڌاري ترجمو ڪيو.(1)
3. محمد بن ابي شوراب. ربيع الاول 283هه (896ع) ۾، منصوره ۾،
سنڌ جي قضا لاءِ، بغداد مان شيخ محمد بن ابو
الشوراب مقرر ٿي آيو
(2).
وڏو عالم هو. عراق ۾ عام طرح، ۽ بغداد ۾ خاص طرح
سندس قدر هو. بغداد جو خليفو ۽ عباسي شهزادا سندس
صحبت مان فائدو پرائيندا هئا
(3)؛
ضرورت وقت سندس حاجت روائي به ڪندا هئا.
4. علي بن محمد بن ابي الشوراب. محمد بن ابي الشوراب جي وفات
کان پوءِ سندس پٽ، علي، منصوره جو قاضي ٿيو.
’مسعوديءَ‘ موجب، سندس خاندان چوٿين صدي هجريءَ
تائين موجود هو.(4).
5. مطبع ابن اياس. عربيءَ جو مشهور شاعر، مطبع ابن اياس، هشام
تغلبيءَ جي ڏينهن ۾ منصوره ۾ اچي ڪافي وقت رهيو.
سندس ذڪر اڳ به اچي چڪو آهي.(5).
|