امل . - پر مون وٽ ته ڪوڏي به ڪانهي.
ڏهيءَ وارو . - پئسن جي ڳڻتي نه ڪر؛ مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي
جيڪڏهن تون ٿوري ڏهي وٺندين.
امل. - ڏهيءَ وارا، مون تو کي گهڻو وقت ته نه ترسايو آهي؟
ڏهيءَ وارو. - نه نه، هرگز نه، تو ته مون کي اهو سيکاريو آهي
ته مان ڏهي وڪڻندي به ڪيئن خوش گذاري سگهان ٿو.
(ڏهيءَ وارو وڃي ٿو.)
امل. - (اهل ڪندي) ڏهي وٺو، ڏهي! تازي ڏهي! (شهر جي چوڪيدار کي
ڏسي)
چوڪيدار! او چوڪيدار! ٿورو هيڏانهن ته آءُ.
چوڪيدار. - اڙي، ايترو لڙ ڇا لاءِ مچايو اٿيئي، تو کي چوڪيدار
کان ڊپ نٿو ٿئي؟
امل. - نه؛ مان ڇو ڊڄان؟
چوڪيدار - ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي پڪڙي وٺي وڃان ته؟
امل . - تون مون کي ڪيڏانهن وٺي ويندين؟ ڇا، پري، گهڻو پري،
انهن پهاڙين کان به پري؟
چوڪيدار. - ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي سڌو بادشاهه وٽ وٺي هلان؟
امل. - بادشاهه وٽ! سچ پچ؟ پر ويد موڳن کي ٻاهر نڪرڻ ڪٿي
ڇڏيندو...... ڪوئي مون کي هتان ٻاهر نٿو وٺي وڃي
سگهي، مان سڄو ڏينهن هن ڪوٺڙيءَ ۾ واڙيو پيو هوندو
آهيان.
چوڪيدار. - ڇا، ويد تو کي ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏئي؟ هاڻي سمجهيم.....
تڏهن ته تنهنجو منهن هئڊو ٿي ويو آهي، ۽ اکين جي
هيٺان ڪارا گهيرا ٺهي ويا آهن، ۽ تنهنجن نرم نرم
هٿن جون رڳو اڀري آيون آهن.
امل . - ڇا، تون پنهنجو گهِنڊ نه وڄائيندين؟
چوڪيدار. - اڃا وقت ۾ دير آهي.
امل . - ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي: ڪي ماڻهو چون ٿا اڃا وقت ۾
دير آهي، ۽ ڪي چون ٿا وقت گذري به ويو! پر تنهنجو
وقت ته تڏهن ايندو، جڏهن تون گهنڊ وڄائيندين.
چوڪيدار . - ائين ناهي؛ آءٌ ته انهيءَ وقت گهنڊ وڄائيندو
آهيان، جڏهن وقت ٿيندو آهي.
امل. - مون کي تنهنجي گهنڊ جو آواز ڏاڍو مٺو لڳندو آهي. جڏهن
ٽاڪ منجهند جو اسين ماني کائي بس ڪندا آهيون، چاچو
پنهنجي ڪم تي هليو ويندو آهي، چاچي ’رامائڻ‘ پڙهي
پڙهي سمهي پوندي آهي، ان وقت تنهنجو گهنڊ وڄندو
آهي: ڊڙام! ڊڙام! ڊڙام! چوڪيدار، آخر ٻڌاءِ ته
تنهنجو گهنڊ ڇو وڄندو آهي؟
چوڪيدار . - منهنجو گهنڊ انهيءَ ڪري وڄندو آهي ته ماڻهن کي
ٻڌائي ته وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي، ۽
پاڻيءَ جي وهڪ وانگر وهندو رهندو آهي.
امل . - ڪيڏانهن؟ ڪهڙي طرف؟
چوڪيدار. - اهو ڪير به نٿو ڄاڻي.
امل. - معلوم ٿو ٿئي ته ڪو به اوڏانهن ويو ناهي؛ منهنجي دل ۾
ڏاڍي خواهش ٿيندي آهي ته وقت سان گڏ اُڏامي، سندس
ملڪ هليو وڃان، جنهن بابت ڪير به ڪجهه نٿو ڄاڻي.
چوڪيدار. - پٽ، سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اوڏانهن وڃڻو آهي.
امل . - مون کي به؟
چوڪيدار . - ها، تو کي به.
امل. - پر ويد ته مون کي نڪرڻ ئي نٿو ڏئي.
چوڪيدار. - ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڏينهن ويد پاڻ تنهنجو هٿ جهلي
توکي اوڏانهن وٺي وڃي.
امل. - هو ڪڏهن به نه وٺي ويندو. تون هن کي نٿو سڃاڻين، هو مون
کي هميشه ڪمري ۾ رهڻ جي تاڪيد ڪندو آهي.
چوڪيدار. - هڪڙو ان کان به وڌيڪ سگهارو ماڻهو ايندو آهي، ۽
اسان کي آزاد ڪري ڇڏيندو آهي.
امل. - اهو وڏو ويد مون وٽ ڪڏهن ايندو؟ مان هت زياده رهي نٿو
سگهان.
چوڪيدار. - اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪرڻ چڱيون ناهن.
امل. - مان ويد جي حڪم موجب هر دم هتي قيد پيو آهيان، ۽ ٻاهر
پير به ڪڍي نٿو سگهان. جڏهن تنهنجو گهنڊ ’ڊڙام!
ڊڙام! ڊڙام!‘ ڪري وڄندو آهي، ته اهو آواز منهنجي
دل جي گهرائين ۾ گهڙي ويندو آهي..... سمجهين ٿو
نه؟
چوڪيدار. - هائو، منهنجا مٺڙآ!
امل. - چڱو، هيءُ ته ٻڌاءِ، سڙڪ جي هُن ڀر جيڪا وڏي ماڙي آهي،
جنهن جي مٿان جهنڊو پيو ڦڙڪندو آهي ۽ ماڻهن جي هر
دم پيهه لڳي پئي هوندي آهي، آخر اتي ڇا ٿيندو آهي؟
چوڪيدار. - اڙي، اهو ته ٽپال گهر آهي.
امل. - ٽپال گهر؟ اهو ڪنهن جو آهي؟
چوڪيدار. - بادشاهه جو.
امل. - ڇا، بادشاهه جون لکيل چٺيون هتي اينديون آهن؟
چوڪيدار. - هائو، ڪنهن وقت توڏانهن به چٺي اچي سگهي ٿي.
امل. - مون ڏانهن! پر مان ته اڃا ننڍڙو ٻار آهيان.
چوڪيدار. - بادشاهه ننڍڙن ننڍڙن ٻارن ڏانهن ننڍڙيون ننڍڙيون
چٺيون موڪليندو آهي.،
امل. - واه واه، هيءَ ته ڏاڍي مزي جهڙي ڳالهه آهي! ڀلا ٻڌاءِ ته
منهنجي نالي چٺي ڪڏهن ايندي؟ توکي اهو پتو ڪيئن
پيو ته بادشاهه مون ڏانهن چٺي لکندو؟
چوڪيدار. - جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو پنهنجو ٽپال گهر، جنهن
تي سونهري جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي، تنهنجي کڙڪيءَ جي
سامهون ڇو اَڏائي ها.
امل . - بادشاهه جي چٺي مون کي ڪير آڻي ڏيندو؟
چوڪيدار. - بادشاهه جا ڪيترائي ٽپالي آهن. ڇا، تو انهن کي خاڪي
وردين ۾، ڳوٿريون بغلن ۾ لڙڪائي، هيڏانهن هوڏانهن
ايندو ويندو نه ڏٺو آهي.
امل. - هو ڪيڏانهن ويندا آهن؟
چوڪيدار. - هو گهر گهر چٺيون پهچائيندا آهن.
امل. - وڏو ٿي آءٌ به بادشاهه جو ٽپالي ٿيندس!
چوڪيدار. - ها ها ها! ٽپالي ٿيندين؟ گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ غريب ۽
امير جي گهر چٺيون پهچائڻ ڪٺن ڪم آهن، بابا!
امل . - اهو ته مون کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. تون آخر مشڪين ڇو
ٿو؟ ها، برابر، تنهنجو ڪم به سخت آهي: ٽاڪ منجهند
جو، آرهڙ جي رُت ۾، جڏهن چوطرف چپ چپات لڳي پئي
هوندي آهي، تڏهن تنهنجو گهنڊ ’ڊڙام! ڊڙام! ڊڙام!‘
ڪري وڄندو آهي، ۽ رات جو اوچتو جڏهن اک کلندي اٿم
۽ بتي وسامي ويندي آهي، ته ان وقت به مان تنهنجي
گهنڊ جو آواز ٻڌندو آهيان.
چوڪيدار. - ڏس، ڳوٺ جو مُکي هيڏانهن اچي رهيو آهي! هاڻي مون کي
وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن هن مون کي هيئن ڳالهيون ڪندي
ڏٺو ته مڇرجي پوندو.
امل. - مکي؟ ڪٿي آهي؟
چوڪيدار. - هوڏس، سڙڪ جي پريان.... ڪاري ڇٽي کڻيو هيڏانهن پيو
اچي.
امل. - منهنجو خيال آهي، بادشاهه ئي هن کي هتي مُکي مقرر ڪيو
آهي.
چوڪيدار. - نه نه، هو وڏو مڪار ماڻهو آهي. هر شخص هن کان هيسيل
ٿو رهي. ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جا اڪيچار ڍنگ ياد ڪيا
اٿس، ۽ هن لاءِ وڏي ۾ وڏي وندر اها آهي ته ماڻهن
کي مصيبت ۾ جڪڙي. چڱو، هاڻي موڪلائي؛ گهڻو ئي ڪم
پيو آهي. سڀاڻي وري ايندس، ۽ توکي ڳوٺ جون خبرون
ٻڌائيندس.
(چوڪيدار وڃي ٿو.)
امل. . - (پنهنجي منهن) بادشاهه وٽان لکيل چٺي جيڪڏهن مون وٽ
هر روز اچي ته ڪهڙو نه چڱو! مان دريءَ ۾ ويهي ان
کي پڙهندس. .... اڙي، پر مون کي پڙهڻ ته ايندو ئي
ڪونهي! مون کي ڪير پڙهي ٻڌائيندو؟ چاچي ’رامائڻ‘
پڙهندي آهي، شايد اُها بادشاهه جي هٿ جي لکيل چٺي
پڙهي سگهي. جيڪڏهن ڪو به نه پڙهي سگهندو ته مان
انهن کي حفاظت سان ڪٺو ڪندو ويندس، ۽ وڏي ٿيڻ کان
پوءِ پڙهندس. پر جي ٽپالي ئي مون کي نه ڳولهي سگهي
ته.....؟ (مکيءَ کي ڏسي) مکي صاحب! مکي صاحب!
ٿوري منهنجي ڳالهه ته ٻڌجو.
مکي. - رستي تي ڪنهن منهنجي پٺيان رڙ مچائي ڏني آهي؟ اوهو، تون
آهين، بيوقوف ڀولڙو!
امل . - مکي صاحب، اوهان جو ته سڀ ماڻهو چيو ڪندا هوندا؟
مکي. - (خوش ٿي) ها، ها، ڇونه! منهنجي حڪم جي پيروي ڪرڻ ماڻهن
جو فرض آهي.
امل - ڇا، بادشاهه جا ٽپالي به توهان جو چيو ڪندا آهن؟
مکي. - ها ها، ضرور، ڀڳوان جو قسم! مان ڏسان ته -----
امل . - ڇا، تون ٽپاليءَ کي چوندين ته هِن دريءَ وٽ ويهندڙ
ڇوڪري جو نالو امل آهي؟
مکي. - پر انهيءَ مان فائدو؟
امل. - شايد منهنجي نالي ڪا چٺي اچي.
مکي. - تنهنجي نالي! پر توکي لکندو ڪير؟
امل. - شايد.... بادشاهه لکي.
مکي. - ها ها ها! ڪيڏو نه سادو آهين! ها ها ها! بادشاهه لکندو؟
ٺيڪ آهي، تون هن جو دلي دوست آهين نه! ڪيترن ڏينهن
کان تون هن سان مليو نه آهين، ۽ مون کي يقين آهي
ته بادشاهه کي تو کان سواءِ آرام ئي نه ايندو
هوندو! چڱو، سڀاڻي تائين صبر ڪر، تنهنجي نالي هن
جو خط اچي ويندو.
امل . - مکي صاحب، اوهين ڇو مون سان اهڙيءَ ريت ڳالهيون ڪري
رهيا آهيو؟ مون کان ناراض ته نه آهيو؟
مکي . - نه، مان ڇو ناراض ٿيندس، تون بادشاهه سان ڀل خط ڪتاب
ڪر..... هي مو وڏو بدمعاش ٿي ويو آهي؛ چار ڏوڪڙ سي
ڪٺا ڪيا اٿس، ڏينهن رات پنهنجي گهر ۾ بادشاهه ۽
مهاراج جون ڳالهيون پيو ڪري! بس، هڪ ڀيري ملي وڃي
ته مان ان کي پورو مزو چکايان! ۽ تون، .... شيطان
ڇوڪر! مان بادشاهه جي چٺي توڏانهن ڏياري موڪليندس.
ها ها، ضرور!
امل. - نه نه، مکي صاحب، اوهين ان جو فڪر نه ڪندا.
مکي . - واه، ڇو نه؟ مان بادشاهه کي تنهنجو حال ٻڌائيندس، ۽ هو
دير ئي نه ڪندو؛ انهيءَ مهل ئي هڪڙو سپاهي تنهنجي
خبر پڇڻ ايندو. هن ڪمبخت ماڌوءَ ته شرارت جي حد
ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن بادشاهه جي ڪنن تائين اهو پتو
پهچائجي ته هن کي حماقت جو پورو پورو سبق سيکاري
ڇڏي.
(مکي وڃي ٿو)
امل . - تون ڪير آهين جو اهڙيءَ ريت پيئي هلين؟ تنهنجيءَ ڇير
جو آواز ڪهڙو نه مٺو آهي! ٿورو بيهه!..... نه
بيهندينءَ؟
(هڪڙي ڇوڪري داخل ٿئي ٿي)
ڇوڪري. - مون کي دير ٿي ٿئي؛ مون وٽ ٿورو به وقت ڪونهي.
امل . - چڱو، تون بيهڻ نٿي گهرين؛ مان به هتي بيهڻ نٿو گهران.
ڇوڪري. - توکي ڏسي مون کي هڪڙو دير سان اڀرندڙ ستارو ياد اچي
رهيو آهي.....تون هتي ڇو بيٺو آهين؟
امل . - مون کي پتو ڪونهي، ويد ته مون کي ٻاهر نڪرڻ ئي نٿو
ڏئي.
ڇوڪري . - ته پوءِ ڀڳوان جي نالي ٻاهر نه نڪر؛ ويد جي ڳالهه
مڃڻ گهرجي. جيڪڏهن تون شرارت ڪندين ته ماڻهو تو
کان ناراض ٿي ويندا. منهنجو خيال آهي ته ههڙيءَ
ريت هر گهڙيءَ دريءَ مان ٻاهر نهاريندي نهاريندي
تون ضرور ٿڪجي پوندو هوندين. اچ، مان تنهنجي دري
ٿورو بند ڪري ڇڏيان!
امل . - نه نه، بند نه ڪجانءِ! صرف اها دري ئي ته کليل آهي، ۽
ٻيون سڀ دريون بند پيون آهن، چڱو، مون کي هيءُ
ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ شايد مان توکي نٿو سڃاڻان.
ڇوڪري. مان سُڌا آهيان.
امل . - ڪهڙي سڌا؟
سڌا . - تو کي خبر ناهي؟ گل وڪڻندڙ ڇوڪري!
امل . - تون ڪندين ڇا هين؟
سڌا . - مان پنهنجي ٽوڪريءَ ۾ گل ڪٺا ڪندي آهيان.
امل. - او هو! گل ڪٺا ڪندي آهين؟ تڏهن ئي ته تنهنجا پير ايترا
سهڻا ٿا ڏسڻ ۾ اچن! تنهنجيءَ ڇير مان سريلا سر ٿا
نڪرن! منهنجي دل ٿي چوي، جيڪڏهن مان ٻاهر گهمندو
ڦرندو هجان ها ته تو واسطي وڏين وڏين ٽارين مان
اهڙا گل پٽيان ها، جي اڻلڀ هجن ها.
سڌا . - ڇا، سچ پچ گل پٽين ها؟ ڇا، تو کي گلن جي اوتري ئي خبر
آهي، جيتري مون کي؟
امل . - ها، ڇونه؛ مان پرين جي ڪهاڻيءَ واريءَ چمپا ۽ ان جي
ستن ڀائرن کي سڃاڻندو آهيان. جيڪڏهن ماڻهو مون کي
ٻاهر نڪرڻ ڇڏين ته مان جيڪر سڌو گهاٽي جهنگ ۾ هليو
وڃان؛ اتي اهڙا ته پيچرا آهن جو تو کي رستو به لڀي
نه سگهي؛ اتي مٺڙا گيت ڳائيندڙ پکي، سنهڙين ٽارين
تي ويهي لڏندا آهن.... ۽ اتي مان به جيڪر چمپا جي
گلن وانگر ٽڙڻ لڳان!... ڇا، تون منهنجي ڀيڻ
’پارول‘ ٿيندينءَ؟
سڌا . - چريو آهين ڇا؟ مان تنهنجي ڀيڻ پارول ڪيئن ٿي سگهنديس،
جڏهن مان سڌا آهيان؟ منهنجي ماءُ، ’ساسي‘، گلن
وڪڻڻ واري آهي؛ ۽ مون کي ڏينهن ۾ ڪيترائي هار
پوئڻا پوندا آهن..... ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو مان تو
وانگر هتي آرام سان ويٺي هجان!
امل . - تون هتي ويهي سڄو ڏينهن ڇا ڪرين ها؟
سڌا . - مان گُڏيون بنائي انهن جي شادي ڪرايان ها، ۽ پنهنجي
ننڍڙي ٻليءَ سان ويٺي کيڏان ها. چڱو، مون کي دير
ٿي رهي آهي، هاڻي مون کي وڃڻ گهرجي؛ جيڪڏهن وڌيڪ
ترسيس ته هڪڙو گل به نه ملندو.
امل . - ٿورو ترس؛ تنهنجو هتي بيهڻ مون کي ڏاڍو سٺو ٿو لڳي.
سڌا . - سچ! پر هاڻي ڪا به شرارت نه ڪجانءِ، چپ چاپ، بس آرام
سان ليٽي پئجانءِ، گل کڻي، وري اچي هتان لنگهنديس،
۽ تو سان ڳالهيون ڪنديس.
امل - انهيءَ وقت مون کي هڪڙو گل کڻڻ ڏيندينءَ؟
سڌا . - نه، مان ڪيئن ڏينديس؟ ان جي ته قيمت ڏيڻي پوندي آهي!
امل. - جڏهن مان وڏو ٿيندس ۽ ڪم جي تلاش ۾ درياءَ جي هُن ڀر
ويندس، ان کان اول تنهنجو قرض چڪائي ڇڏيندس.
سڌا . - چڱو، مون کي قبول آهي.
امل . - تون گل ڪٺا ڪري مون وٽ ايندينءَ نه؟
سڌا . - ها.
امل . - سچ؟
سڌا . - سچ!
امل. - مون کي وساري ته نه ڇڏيندينءَ؟ مان امل آهيان، ياد
رکجانءِ!
سڌا. - مان توکي ڪڏهن به نه وسارينديس، تون ڏسجانءِ. (سڌا وڃي
ٿي)
(ڇوڪرن جو هڪڙو ٽولو داخل ٿئي ٿو)
امل . - اوهين سڀ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ٿوري گهڙي مون وٽ ته ترسو!
هڪڙو ڇوڪرو . - اسين کيڏڻ ٿا وڃون.
امل . - اوهين ڪهڙي راند کيڏندا؟
هڪڙو ڇوڪرو. - اسين هر ۽ هاريءَ راند کيڏنداسين.
ٻيو ڇوڪرو . - (هڪڙي ڪاٺي ڏيکاري) هيءُ اسان جو هَرُ آهي.
ٽيون ڇوڪرو . - اسين ٻيئي ڏاندن جو جوڙو آهيون!
امل . - ڇا، اوهين سڄو ڏينهن کيڏندا رهندا آهيو؟
هڪڙو ڇوڪرو . - ها، سڄو ڏينهن.
امل. - ۽ اوهين شام جو درياءَ جي ڪناري واري سڙڪ ڏيئي گهر
ويندا؟
هڪڙو ڇوڪرو . - ها.
امل. - گهر وڃڻ ويل هتان ته ضرور لنگهندؤ؟
هڪڙو ڇوڪرو. - اچ، اچي اسان سان کيڏ.
امل . - ويد ٻاهر نڪرڻ ئي نٿو ڏئي.
هڪڙو ڇوڪرو. - ويد! چئبو تون ويد جو چيو مڃيندو آهين؟ چڱو،
اسين هلون ٿا، گهڻي دير ٿي ويئي آهي.
امل . - ٿوري دير ترسو؛ هتي ئي سڙڪ تي کيڏو، مان هتان ئي تماشو
ڏسندو رهندس.
هڪڙوڇوڪرو. - اسين هتي ڪيئن کيڏي سگهنداسين؟
امل. - منهنجن رانديڪن سان کيڏو. اچي، وٺو، مان اڪيلو انهن سان
کيڏي نٿو سگهان؛ هتي رکي رکي خراب ٿي ويا آهن ۽
منهنجي ڪنهن به ڪم جا نه آهن.
سڀ ڇوڪر. - (خوش ٿي) آهاها! ڪيڏا نه سٺا رانديڪا آهن! هي ڏسو،
جهاز آهي.... هيءَ ٻڍڙي مائي آهي... ۽ هيءُ سپاهي
ڪيڏو نه شاندار آهي! ڇا، هي سڀ رانديڪا اسين کڻي
وڃون، توکي ڏک ته نه ٿيندو؟
امل. - نه،بلڪل نه؛ اوهين وڏيءَ خوشيءَ سان کڻي وڃو.
هڪڙو ڇوڪرو. - وري واپس ته نه وٺندين؟
امل. - نه نه، مون کي انهن جي ضرورت ڪانهي.
ٻيو ڇوڪرو. - توکي ڪير ڪاوڙ ته نه ڪندو؟
امل. - نه نه، مون کي ڪير به ڪاوڙ نه ڪندو. پر اوهين هر روز
انهن رانديڪن سان منهنجي گهر جي اڳيان کيڏندا؛
جڏهن هي پراڻا ٿي ويندا ته مان اوهان لاءِ نوان
گهرائي وٺندس.
هڪڙو ڇوڪرو. - ها ها، اسين ضرور کيڏنداسين!
...... هنن سپاهين کي هڪ قطار ۾ بيهاريو؛ دوبدو لڙائيءَ واري
راند ٿا ڪريون.... مگر بندوقون ڪٿان اينديون؟
اوهو، هي ڪانا بندوقون ٿا ڪريون..... اڙي، مان
ڏسان ٿو، تو کي ته ننڊ اچي رهي آهي؛ توکي ته جهوٽا
ٿا اچن!
امل . - ها، مون کي ننڊ اچي رهي آهي. الائي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن
منهنجي اهڙي حالت ٿي ويندي آهي. مان هتي ڳچ وقت
کان ويٺو آهيان ۽ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان؛ منهنجي پٺي
به ڏکي رهي آهي.
هڪڙو ڇوڪرو. - اڃا ته منجهند ئي نه ٿي آهي، توکي ننڊ ڇو اچي
رهي آهي؟ ٻڌ ته، گهنڊ جو آواز اچي رهيو آهي.
امل. - ها، اها ’ڊڙام! ڊڙام! ڊڙام!‘ ٻڌي مون کي ننڊ اچڻ لڳندي
آهي.
هڪڙو ڇوڪرو. - چڱو ڀلا، اسين وڃون ٿا، سڀاڻي صبح جو وري
اينداسين.
امل . - پر وڃڻ کان اول هڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو: اوهين ته هميشه
گهمندا ڦرندا آهيو، اڇا اوهين بادشاهه جي ٽپالين
کي سڃاڻندا آهيو؟
سڀ ڇوڪرا. - ها ها، چڱيءَ طرح.
امل . - مون کي انهن جا نالا ته ٻڌائجو.
هڪڙو ڇوڪرو. - هڪرو ’بدل‘ آهي.
ٻيو ڇوڪرو. - ٻيو ’فضلي‘ آهي.
ٽيون ڇوڪرو. - تمام گهڻا آهن.
امل . - جيڪڏهن منهنجي نالي جي ڪا چٺي ايندي ته اهي مون کي
سڃاڻندا؟
هڪڙو ڇوڪرو. - هائو، لفافي تي تنهنجو نالو لکيل هوندو ته هو
توکي ڳولي لهندا.
امل . - سڀاڻي صبح جو جڏهن اوهين اچو ته انهن مان هڪ کي پاڻ
سان وٺيو اچجو، ته جيئن هو مون کي سڃاڻي ڇڏي.
سڀ ڇوڪرا . - چڱو، اسين وٺي اسين.
]
پردو ڪري ٿو.[
|