مڊلٽن مَري
سنڌيڪار: احسان بدوي
|
مصنف جي ڪتاب، ’دي پرابلم آف
اِسٽائيل‘ (The
Problem of Style)
جي
هڪ باب جو ترجمو |
نثر ۽ شاعري
لکڻ جي ڪنهن به طرز جي حقيقي انفراديت هيءَ آهي ته اسين ان کي
ضروري سمجهون. ان مان اسان کي انهن بنيادي واقعن ۽
حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي، جي اندروني تضاد کان پاڪ هئڻ
گهرجن. هيءَ حالت جيڪڏهن نظر اچي، ته پوءِ اسان کي
يقين ٿي ويندو ته لکڻ جي طرز جي اها ئي خاصيت
ضروري هئي، ۽ اُهو پهريون جذبو جو اسان تائين پهتو
آهي، تنهن جي اظهار لاءِ اهو ئي خاص طريقو موزون
هو. اڄ جي صحبت ۾، اسان کي ’نثر‘ ۽ ’شاعريءَ‘ جي
امتياز کي انهيءَ نظريي جي روشنيءَ ۾ ڏسڻو آهي.
لکڻ جي طرز جي هن نظريي ۾ پهريائين اهو خيال ڪيو ويو آهي ته نثر
۽ شعر جي وچ ۾ لازمي طرح ڪو فرق نه آهي. جامع ۽
اندروني تضاد کان پاڪ، جن خيالن جو اظهار شعر يا
نثر جي صورت ۾ ٿئي ٿو، تن جو دارو مدار اُنهن
حالتن تي آهي، جي عام طرح اتفاقي ٿين ٿيون؛ وقتي
رواج، البت اُن انتخاب جو اهم زو آهي. راڻي
ايلزبيٿ جو زمانو ڊرامي جو دور هو، ته اُڻويهين
صديءَ جو زمانو ناول جو دور هو. تهذيب جي هڪ خاص
سطح تي جڏهن ڪي معاشي ۽ سماجي حالتون اچي گڏ ٿين
ٿيون، تڏهن اُن تي خاص فني ۽ ادبي صنف به پنهنجو
اثر پيدا ڪري ٿي. اُنهن صنفن کي قبول ڪرڻ ۾ اديب
گهڻو ڪري مجبور ٿئي ٿو. ان جا ٻه سبب آهن: يا ته
پنهنجيءَ تحرير کي هو پنهنجو روزگار بنائي ٿو، يا
فطري طرح هو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته اهڙا ڪي لکڻ جا
طريقا اختيار ڪيا وڃن، جي گهڻن ماڻهن تائين پهچي
سگهن ٿا. خوش قسمتي جڏهن خاص طرح مهربان آهي، ته
پوءِ اديب جو رجحان طبعي طور ادب جي ان صنف طرف
ٿئي ٿو، جا ان دور ۾ سڀ کان زياده مقبول هوندي
آهي. شيڪسپيئر لاءِ ڊراما ان خيال کان نهايت ئي
فائديمند ثابت ٿيا، مگر هن جي همعصرن ۽مقلدن جي
بنسبت ائين ٿي نه سگهيو. هن دور ۾ انگريزي ادب جي
سڀ کان وڏي استاد، ٿامس هارڊي
(1)
کي ناول پنهنجي طبيعت جي خلاف لکڻو پيو. شروعات ۾
کيس شاعريءَ سانمحبت هئي، تنهنڪري، پوين سالن ۾ هن
لاءِ جڏهن ناولن ۾ ڪا به دلچسپي ڪا نه رهي، ته هن
جا حيرتناڪ شعري ڪارناما هن جي شاعراڻيءَ فطرت جو
سڀ کان وڏو ثبوت آهن. ٻئي طرف، اڻويهين صديءَ جي
شاعريءَ کي شعر جي هڪ اهڙيءَ صنف جي تلاش رهي، جا
ان دور جي ناول جيان فطري ۽ طبعي هجي. ڪيٽس، شيلي،
۽ ورڊسورٿ، ان زماني جي عظيم شاعرن، پنهنجيون
حياتيون فقط تجربن ۾ گذاري ڇڏيون. براؤننگ انهيءَ
تحقيق ۽ ڳولا ۾ نهايت ئي دور نڪري ويو. ڪيٽس هٿن
مسئلي جي تهه تائين پهچي ويو هو، ۽ ممڪن هو ته
پنهنجيءَ خداداد ۽ غير معمولي ذهانت ۽ قابليت جي
مدد سان ڪنهن مفيد نتيجي تي پهچي وڃي ها، پر
پنجويهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. انگلستان،
اهڙيءَ طرح، اڻويهين صديءَ ۾ خوبصورت نظم ته پيدا
ڪيا، مگر ڪا به پختي شاعري پيدا نه ڪري سگهيو. -
۽اڄ به انهيءَ مشڪل کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسين اُن
ئي جڳهه تي آهيون، جتي اڄ کان سؤ سال اڳ هئاسون.
جڏهن اديب پنهنجي وقت جي زنده صنف کي پنهنجو نٿو بنائي سگهي، ته
هن لاءِ ضروري آهي ته هو خود ٻيءَ صنف کي موجود
ذوق تي حاوي ڪري، ۽ انکي زندگي بخشي. گذريل صديءَ
تائين شاعر هن حقيقت جا قائل هئا ته شعري ڊرامي ۾
نئون روح ڦوڪي سگهجي ٿو؛ ڇو ته جمهوريت جي زماني
کان وٺي ان وقت تائين ٿيئٽر جي روايت اڃا ختم نه
ٿي ويئي هئي. انهن وٽ هڪ طرف هڪ اهڙو ٿيئٽر هو،
جتي شعري ڊراما اڪثر کيڏيا ويندا هئا، ۽ انهن کي
پسند به ڪيو ويندو هو؛ ۽ ٻئي طرف سورهين صديءَ کي
وري هڪ نئين دريافت لاءِ جوش ۽ جذبو به هو. شاعري
ڪامنويلٿ جي زماني کان مرده ٿي چڪي هئي. مرده هن
خيال کان، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ مجموعي طرح قوم جي
سماجي زندگيءَ ۾ اهم پارٽ ادا ڪرڻ بلڪل ڇڏي ڏنو
هو. پر جيڪڏهن گذريل صديءَ جي پهرين ٽيهن سالن ۾
ان جو وڃايل مقام کيس واپس ڏياريو وڃي ها، ته
انگريزي ادب جي تاريخ يقيناً حيرتناڪ حد تائين
مختلف هجي ها؛ ” خاندانَ“
(1)
۽ ”مُنڊي ۽ ڪتاب“
(2)
جهڙيون غير معمولي مگر ضخيم ۽ بي نظم تصنيفون ان
جون منتها نه هجن ها.
هي ٻئي ڪتاب پنهنجي صديءَ جا نمائندا ڪتاب آهن؛ ڇو ته هي ٻئي
ڪتاب حقيقي تخليق، ۽ رائج صنفن جي بندشن کان آزاد
نظر اچن ٿا. پهرئين ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو ته ٿامس هارڊيءَ لاءِ اهو ئي مناسب رستو هو ته
پنهنجن ذاتي رجحانن کي دٻائي، پاڻکي زماني جي
رواج جي حوالي ڪري ڇڏي، ۽ پنهنجڪن خيالن کي ظاهر
ڪرڻ لاءِ
Wessex Novels
لکي؛ ۽ جڏهن هن جو جذبو کيس مڪمل بڻائي، توجهه جو
موقعو بخشي، ته هو گيت ڳائي. براؤننگ به جيڪڏهن
ناول لکي ها ته بهتر هئي ها.
ڪيٽس جيڪڏهن زنده هجي ها ته ڇا ڇا نه ٿئي ها! - اهڙا خيالي
پلاءَ پچائڻ فضول ۽ بي معنيٰ آهن. هن سوال تي اڪثر
سوچيو ويندو آهي، ۽ نظريا قائم ڪيا ويندا آهن؛ مگر
هيءُ بحث مباحثو به گهڻو ڪري بي ڪيف ٿئي ٿو. اسين
جيڪڏهن ڪيٽس جي وفات کان پوءِ سؤ سالن جي ادب کي
خيال ۾ رکون، ته اسان کي ڪيٽس جو وجود ٻن حيثيتن
سان پختو نظر ايندو: اول ته جيڪڏهن هو زنده رهي ها
۽ پنهنجي ڪم کي مناسب جڳهه تي پهچائي ها، ته اسين
ٽينيسن، مارس ۽ روزيٽي
(1)
کان محروم رهجي وڃون ها، جن پنهنجيءَ ساري شاعريءَ
جو بنياد ڪيٽس جي ارتقائي دور جي ان عارضي منزل تي
رکيو آهي، جنهن جو اظهار ”ستمگر حسينه“
(2)
مان ٿئي ٿو؛ ٻيو ته هو ئي هڪ اهڙو فنڪار هو، جو
منظوم ڊرامي کي قائم رکي سگهي ها. هن جي طبيعت
ڪافي ڀرپور، ۽ هن جو مزاج ڪافي ملائم هو. هن ۾
خوشيءَ جي نغمن پيدا ڪرڻ جي هڪ چڻنگ سمايل هئي. نه
صرف هن کي اهو سڀڪجهه حاصل هو، بلڪ ان کي استعمال
ڪرڻ جو به هو تمنائي هو. مرڻ کان اڳ هن کي ڪن سٺن
ڊرامن لکڻ جي به خواهش هئي. ڪالرج ۽ شيليءَ جي
ناڪاميءَ جو سبب ظاهر آهي. انهن مان ڪو به انسانيت
جي خاطر انسانيت سان دلچسپي رکندڙ نه هو؛ مگر
حالتون تڏهن به ظاهري طرح موافق ۽ مددگار هيون.
موافقت جو اندازو ايتري مان لڳائي سگهجي ٿو ته
”ندامت“(1)
مان ئي ڪالرج کي ڪافي اپت حاصل ٿي؛ ۽ ”
The Cenci“
(2)
۾ شيلي سورهين صديءَ جي ڊرامن کي ايترو ته ويجهو
پهچي ويو هو جو گذريل ٻن سالن ۾ ڪو به نه پهتو هو.
جيڪڏهن ڪالرج ۽ شيلي ايترو ڪري سگهيا ٿي، ته ڪيٽس
به شايد گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها؛ ۽ ممڪن هو ته
منظوم ڊرامي ۾ هو سماجي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي
ها. اهڙيءَ طرح، سڀ کان زياده لچڪدار ۽ جامع ترين
شعري صنف کي هڪ نئين زندگي ملي ها.
اڄ انگلستان جيڪڏهن منظوم ڊرامي جو ايتريقدر خواهشمند هجي
جيتريقيدر ناول جو آهي، ته پوءِ انگريزي ادب جي
روشن ۽ شاندار مستقبل جي پيشنگوئي ڪري سگهجي ٿي.
انگلستان جي لاءِ هيءَ مشڪل آهي جو ڪو به اعليٰ
تخليقي قابليت وارو اديب ناول تي ايترو دلجمعيءَ
سان ڪم نٿو ڪري، جيترو گذريل صديءَ ۾ روس جي عظيم
اديبن ڪيو آهي. اهو ان ڪري نه آهي ته ڪو روسي ذهن
ان وقت جي انگريزي ذهن کان گهٽ شاعراڻو هو، پر اهو
ان ڪري آهي ته انهن جي رستي ۾ ڪا به قديم ۽ عزت
ڀري روايت ڇانيل نه هئي، ۽ جي هئي به، ته اها قريب
قريب ختم ٿي ويئي هئي. ” جنگ ۽ امن“(1)
۽ ”ڪراموزوف ڀائر“
(2)
ايترا ئي شاعراڻا آهن، جيترا ” خاندان“ ۽
”هئمليٽ“؛ مگر جنهن وقت روس جو تخليقي ذهن اڻويهين
صديءَ ۾، انگريزي سورهينءَ صديءَ جي ذهن جيان، هڪ
ئي اهم ادبي صنف تي پنهنجو سمورو توجهه خرچ ڪري
رهيو هو، ان وقت انگريزي ذهن ناول جي واضح سماجي
برتريءَ ۽ شاعريءَ جي ذهني وقار جي درميان ڀٽڪي
رهيو هو. شعر ۽ نثر ۾ گهڻا ئي فرق آهن، مگر انهن
ٻنهي جي وچ ۾ خاص هي فرق آهي ته ناول جي باري ۾
عوام جو ذوق مجموعي طرح صحتمند ذوق آهي، جو
شاعريءَ کي حاصل نه آهي؛ يا، ٻين لفظن ۾، ائين کڻي
چئجي ته عوامي ذوق جي ڪري موجوده حالتن ۾ ڪنهن به
سٺي ناول کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نٿو پوي. ان ۾
ڪو به شڪ نه آهي ته بريءَ چيز کي سڀ کان زياده
ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي؛ مگر چڱي شي به بنهه
ناڪام نٿي رهي. شعر جي باري ۾ البت هر دفعي هي خوف
رهي ٿو ته چڱي ۽ اصلي (
Original)
شعر کي ساراهيو ئي نه وڃي. ان جو سبب هيءُ آهي ته
ناول جي صنف ۾، هڪ سٺي ناول لاءِ ڪن اهڙن جزن جو
هئڻ لازمي آهي جي ذهن کي ان جي مختلف تعليمي سطحن
تي اپيل ڪري سگهن. شاعريءَ ۾ منظوم ڊرامي جي ڪرڻ
کان پوءِ ڪا به اهڙي آزمائشي صنف موجود ڪانه آهي.
شعر کي البت ڪي ڪوڙي ڏيک وارا شوقين مليا آهن.
شاعريءَ ۾ هنن جي دلچسپي ۽ ذوق، تصنع جي پيداوار
آهي. شعر تائين انهن جي پهچ سڌي نه آهي؛-- ۽ جتي
پهچ سڌي نه آهي، اتي ان جو جيڪو ٽَڪر ٿيندو، اهو
لازمي طرح بيڊولو هوندو، ۽ ان جو نتيجو غير يقيني
۽ غلط هئڻ ضروري آهي.
اصلي مقصد کان انڪار هن خيال تي روشني وجهي ٿو ته ادبي تخليقي
قوت، نثر يا شعري قصي ڪهاڻيءَ (fiction)
کي خود بخود اختيار ڪري ٿي،۽ ان جي انتخاب جو دارو
مدار زياده تر زماني جي ادبي لاڙي تي آهي. اعليٰ
ترين تخليقي قوت جو نتيجو شعر يا نثر نه آهي، بلڪ
قصو ۽ ڪهاڻي آهي- هڪ خيالي دنيا، جنهن ۾ رنگ برگني
ڪردار اهڙيءَ طرح آباد آهن جو تخليقي وارداتن کي
انهن کان ئي نالو ۽ مقام ملي ٿو. ۽ هڪ اهڙي تنقيد،
جا ظاهر سان تعلق رکندڙ آهي ۽ موازني جو هڪ ضروري
طريقو اختيار ڪري ٿي، سا هن تخليقي دنيا ۾ آسانيءَ
سان ڪم ڪندي نظر اچي ٿي؛ ۽ نظم ۽ نثر جي امتياز
کي، جنهن کي مطلق چيووڃي ٿو، تنهن کي نظر انداز به
ڪري سگهجي ٿو. مثال طور، ڊڪنز
(1)
جو رشتو مارلو
(2)
۽ بين جانسن(3) سان ملائڻ جي بجاءِ ٺيڪري
(4)
سان ملائڻ وڌيڪ ڪارآمد آهي. ساڳيءَ طرح، ناول نگار
هارڊيءَ جو موازنو، ميري ڊٿ
(5)
جي بجاءِ، شيڪسپيئر سان ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح،
ٿورو هيٺڀرو، هڪ غنائي شاعر ۽ هڪ ذاتي مضمون نگار
کي گهڻو ڪري هڪ ئي جڳهه تي رکي سگهجي ٿو.
بنيادي واردات تي جيڪڏهن جذبات جو عنصر غالب آهي، ته نثر يا شعر
کي اظهار جو ذريعو بنائڻ زياده تر اتفاقي يا رواجي
آهي؛ پر جيڪڏهن ان جذبي ۾ شدت ۽ ذاتيت وسيع آهي،
ته لازمي طرح اظهار جي ذريعي ۾ شعر جو پُڙ ڳورو ئي
رهندو. شيڪسپيئر جي سانيٽ کي نثر سمجهڻ ناممڪن
آهي. هن جا ڪي ڊراما ناول جي حيثيت سان البت زياده
ڪامياب ٿي سگهن ٿا.- مثلاً، ”هئمليٽ“. ڊوني(6)
جيتوڻيڪ مابعد الطبيعاتي نثر لکڻ جي هر طرح قابل
هو، مگر هن جو جذبو ايتريقدر شديد ۽ ذاتي هو جو هو
شعر کي اظهار جي ذريعي بنائڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو. حقيقت ۾ جڏهن جذبو شديد طرح ذاتي آهي، ته
شعر جي ذريعي ئي ان تي قبضو ڪري سگهجي ٿو. ڊوني جا
وعظ جيتوڻيڪ بلند ۽ اعليٰ آهن، مگر نهايت ئي بي
قابو آهي: انهن جي شدت چڱيءَ طرح ترتيب ۾ نه اچي
سگهي آهي، ۽ اهي باسئٽ
(1)
۽ ٽيلر
(2)
سان مقابلو نٿا کائي سگهن.
شعر ۽ نثر جي (محدود) تبديليءَ ۾ مٿيون نظريو ٿي سگهي ٿو، جو
ڪنهن حد تائين عجيب غريب به نظر اچي ٿو. ازان
سواءِ، ان جي خلاف هيءُ به واضح اعتراض آهي ته
’اهو ادبي تصنيفن جي مجسم (concrete)
انفراديت کي به نظر انداز ڪري ٿو ڇڏي. هر ادبي
تخليق پنهنجو وجود رکي ٿي، ۽ ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ ان
تي خيال ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي. ” هئمليٽ“، ناول
جي طور تي ڪڏهن به ” هئمليٽ“ نه ٿي سگهي ها‘.
اعتراض بلڪل بجا آهي، مگر اسان جو مطلب ۽ مقصد ٻيو
آهي: موجوده صورت کان پري، هڪ اهڙي ’هئمليٽ‘ جو
وجود به ممڪن هو، جو شيڪسپيئر جي جذباتي مواد لاءِ
زياده موزون ۽ مڪمل اظهار جو سبب به ٿي سگهيو ٿي.
هن بحث مان اسان جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ اهڙي نقطه
نظر جو اظهار ڪيو وڃي، جنهن کان مجموعي طرح ادب جو
هڪ وسيع جائزو ورتو وڃي، ۽ اسلوب جي مسئلي کي ٽڪر
ٽڪر ڪرڻ جي بجاءِ، ان کي فطري حصن ۾ ڏٺو وڃي.
اوهان جو جيڪڏهن هيءُ عقيدو آهي ته سموريون ادبي
تخليقون ڪنهن فطري اصول جي ماتحت هميشه ان ئي ادبي
صنف ۾ جنم وٺن ٿيون جا انهن لاءِ ضروري آهي، ته
پوءِ اسان جي ۽ اوهان جي جدائي آهي. خود اسان جي
پنهنجي احساس ۽ رد عمل کان ان نظريي جي کوکلي هجڻ
جو ثبوت ملي ٿو. ان ڪري، هيءُ احساس عام آهي ته ڪي
مشهور ۽ عظيم تصنيفون پنهنجيءَ هيئت جي لحاظ کان
اڻگهڙيل ۽ ناموزون آهن. اهڙين تصنيفن ۾ ” هئمليٽ“،
۽ ورڊ سورٿ جي ” ابتدا“-
Prelude
(1)
آهن؛ ” خاندانَ“ ۽ ”مُنڊي ۽ ڪتاب“ جو ذڪر اڳي ئي
ڪيو ويو آهي. هاڻي ٻن مختصر ۽ غور جي قابل ڳالهين
کي اڳيان رکو.
شعر، ادب جي ابتدائي صورت آهي؛ ۽ نثر جي نشو و نما بعد جي زماني
جي آهي. هينئر هيءُ سوال آهي ته جڪيڏهن نثر جي نشو
ونما جو مقصد ڪنهن مضمون (content)
جو اظهار نه آهي، جو وزن جي صورت ۾ اچڻ کان ناقص
آهي، ته پوءِ ان جي پيدائش عمل ۾ ڇو آئي؟ قديم
يوناني دور ۾ ادب جي لاءِ هي محسوس ڪيو ويو هو ته
منطقي سوچ ۽ ويچار جي پوري پوري اظهار لاءِ اهڙيون
ترڪيبون مناسب نه آهن، جن ۾ وزن جو خيال رکيو وڃي.
فرمندس
(1)،
پنهنجي ”مابعدالطبيعات“ (
Metaphysical)
کي ڇهه- رُڪني وزن ۾ لکيو آهي، سو هڪ هٿراڌو هيئت
جو به سڀ کان پهريون مثال آهي، ۽ ناصحانه شاعريءَ
جو به ان ۾ هڪ وڏو حصو آهي. هن طويل ۽ وڏيءَ تخليق
جو نظم ۾ هجڻ جو هيءُ معمول، نفسياتي اصول آهي ته
ڪنهن به حڪيمانه قول کي ياد رکڻ جو اِهو ئي آسان
طريقو آهي ته انکي هڪ ئي قسم جي آواز پيدا ڪرڻ
وارن لفظن ۾ آندو وڃي- مگر ڪنهن مابعدالطبيعاتي
دليل جي لاءِ اها ڳالهه هرگز قبول نٿي ڪري سگهجي.
عقلي دليلن کي اهڙن ضرب الامثال جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ، جيڪي پنهنجي
هم آوازيءَ سببان جهنڪار پيدا ڪندا هجن، سا غلطي
آهي- ۽ اها غلطي، ادبي ارتقا ۾ مسلسل رهي آهي.
ظاهري طرح، ماڻهن کي ايتري معلوم ڪرڻ ۾ وڏو عرصو
لڳو ته ڪنهن عقلي مضمون کي ياد ڪرڻ ۾ سڀ کان
زياده مددگار چيز خود ان مضمون جو منطقي ٺاهه آهي،
مگر انهيءَ معلوم ڪرڻ کان پوءِ، هو ان کي هميشه
لاءِ وساري ويٺا.
ٻيو نُڪتو هي آهي ته نثر کي علمي، فلسفيانه ۽ قانوني دليلن جي
ذريعي ئي پنهنجيءَ حيثيت جي نشو و نما ڪرڻ جو
موقعو جلد ۽ تڪڙو مليو؛ مگر، ان هوندي به، صدين
تائين ان کي جمالياتي مضمون لاءِ استعمال نه ڪيو
يو. سورهين صديءَ ۾ به نثر، باوجود پنهنجي شان ۽
شتگفتيءَ جي، اظهارجي ذريعي جي حيثيت سان ان وقت
جي بي قافيه نظم سان مقابلو نه ڪري سگهيو؛ ۽ جيئن
ته شيڪسپيئر جي غير معمولي قابليتن ان جي نشو و
نما ۾ ڪو به حصو نه ورتو، ان ڪري انگريزي نثر کي
پاڪ ۽ صاف ڪرڻ، ۽ انکي حسن ۽ زرخيزيءَ عطا ڪرڻ
لاءِ ٻه سؤ سال وڌيڪ ترسڻو پيو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي
ته ” انجيل“ جو رنگين ترجمو نثر جو نهايت ئي اعليٰ
۽ شاندار نمونو آهي؛ مگر اهو شاعراڻو نثرنه آهي.
اها ئي حالت ملٽن
(1)
۽ ٿامس براؤن
(2)
جي نثر جي آهي. اهو نثر ڪٿي ڪٿي اهڙين شاندار وصفن
جو مالڪ ضروري آهي، جي نثر جي لاءِ لازمي آهن؛ مگر
گهٽ جاذب توجهه، ۽ مؤثر صفتن کان سراسر عاري آهي،
جي چيزون هوند نثر لاءِ بهتر ثابت ٿين ها. منجهس
اهو ايجاز نٿو ملي، جو ان جي امتيازي خصوصيت هئڻ
گهرجي. ان ۾ اهو غير مسلط ۽ لچڪدار زير ۽ بم نه
آهي، جو بهترين نثر جو حصو آهي. نثر جي خوبي هڪتيز
۽ اَڻڄاڻائيءَ تي وڌندڙ، لوچدار ۽ روشن حرڪت آهي،
جا ان مان مفقود آهي. ان ڪري، ناول جي چڱيءَ طرح
مشهور ٿيڻ کان اڳ انگلستان ۾ نثر ايتريقدر ترقي نه
ڪري سگهيو جو ان کي تخليقي فن جي لاءِ هڪ ڪامل
ذريعو بڻايو وڃي. اهڙيءَ طرح، ان سڄي عرصي ۾، هڪ
مناسب ذريعي جي عدم موجودگيءَ سبب، هيٺئين درجي
جو فنڪار، جو خود ڪوبه ذريعو ايجاد ڪري نٿي سگهيو،
ناموافق چيزن کي ذريعي بنائڻ تي مجبور رهيو.
ماسينجر
(1)
کي ئي وٺو: هن جو بي قافيه نظم هن جي زماني جي
لکيل ڪنهن به نثر جي مقابلي ۾ صاف ۽ سلجهيل نثر جي
تمام ويجهو آهي. ان کي بلڪل مڪالمي جي صورت ۾ هئڻ
گهربو هو؛ ڇو ته سواءِ انهن موقعن جي، جتي هو
ارادتاً هرزه سرائي اختيار ڪري ٿو، باقي ٻيءَ ڪنهن
به جڳهه تي بي قافيه نظم جي ترنم کي کُپائڻ صحيح
نه آهي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن هن کي پنهنجي نثر ۾ ان
نموني مصراعن کي وراهڻ جي مجبوري نه هجي ها، ته هن
جو ڪارنامو ان کان به زياده بهتر هجي ها. مگر
جيڪڏهن اهو نثر جي صورت ۾ منظر تي اچي ها، ته وقت
جو سڀ کان زياده سادو ۽ روانيءَ وار نثر هجي ها.
ان ڪري، هو اهڙو ئي بي قافيه نظم لکندو رهيو جو
اصلي بي قافيه نظم کان ايترو ئي دور هو، جيترو
ڪانگريو(2)
جو نثر. عجيب اتفاق آهي ته هيءُ بي قافيه نظم سچ
پچ هڪ اعليٰ پايي جو نثر آهي جو صاف، سلجهيل ۽
خوش وضح آهي.
|