سيد سردار علي شاهه، سنڌي وفد جي ميمبر، جو سنڌي صحافت بابت
لکيل مقالو تمام جامع ۽ وڏيءَ محنت سان تيار ڪيل
هو، جنهن ۾ سنڌ جي صحافت جو پيرائتو احوال، ان جي
ترقي، مختلف دورن ۾ ان جا رجحان، هر دور جي اخبارن
جا نالا ۽ انهن جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي
تحريڪن تي اثر، پاڪستان جي قيام ۽ سنڌي صحافت جي
قابل قدر جدوجهد، ان کان پوءِ جي مڙني مرحلن ۽
مسئلن ۾ ان جون ايماندارانه خدمتون ۽ مقام، ۽
موجوده دور جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ سياسي صورتحال
۾ ان جو آئيندو - انهن سڀني چيزن کي محققانه انداز
۾ مرتب ڪيو ويو هو. شاهه صاحب جي انهيءَ سنڌيءَ ۾
لکيل مقالي جو انگريزيءَ ۾ مڪمل ترجو پڙهيو ويو.
سنڌي وفد جي ٻئي ميمبر، مولانا غلام محمد گراميءَ، پنهنجي مقالي
۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام تي
عالمانه انداز ۾ روشني وڌي، ۽ ٻڌايو ته شاهه صاحب
کي نه صرف سنڌي زبان ۽ ثقافت جي علامت جي حيثيت
حاصل آهي، بلڪ سندس شاعري سموريءَ انسانذات لاءِ
پيغمبرانه معيار جي حامل آهي. انهيءَ مقالي مان
چند اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:
”واديء مهراڻ جي سدا حيات صوفيءَ ۽ شاعر جي ڪلام ۽ فن تي اهل
سنڌ کي فخر آهي. شاهه جو فن، زندگيءَ کي اجاريندڙ
۽ سنواريندڙ فن آهي. سندس سماجي شعور، مشاهدا ۽
تجربا، رايا ۽ نتيجا، نهايت تعميري، پائدار ۽
زندگي بخش آهن. سنڌ جي ان دور ۾ جا سماجي ۽ سياسي
رد بدل ٿي آهي، مذهبي ماڻهن جي پاران جو تشدد ۽
سخت گير نظام پيدا ٿيو آهي، ۽ وقت جي جاگيردارانه
۽ سرمائيدارانه نظام جنهن طرح عوام کي ايذايو ۽
ڪچليو آهي، ان کي شاهه لطيف، رڳو سطحي نظر سان نه،
پر بصيرت وارين اکين سان مطالع ڪيو آهي؛ اهو ئي
سبب آهي جو سندس پيغام ۾ هڪ دائمي جزالت، دائمي
تنقيد، ۽ هميشه رهڻ واري لطافت آهي. سندس ڪلام بي
مقصد شاعريءَ واري لغوبيانيءَ، مبالغه آرائيءَ،
لفظيءَ، ۽ اجائي انشا پردازيءَ کان پاڪ آهي. ان
سان گڏ، سندس ڪلام ۽ تنقيد جو افادي پهلو اهو آهي
ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ’ادب براي ادب‘ جي مهمل ۽
ذوقيه پس منظر مان ڪڍي، ’ادب براء زندگي‘ جي
تابناڪ ۽ روشن مقصد تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو
آهي. سندس ان تعميري ڪاوش ۽ افادي پهلوءَ کي
جيڪڏهن نفسياتي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي، ته پوءِ
واضح ٿئي ٿو ته سندس طريقڪار نهايت حڪيمانه هو.
شاهه سنڌ جي مسلمه روايتن ۽ اصطلاحن، لوڪ ڪهاڻين ۽
ضرب المثل لساني محاورن کي استعاري ۽ ڪنايي جي
زبان ۾ بيان ڪري، سنِديان را اصطلاح سنِد مدح‘ جي
مصداق پيغام ڏنو آهي. منجهس ڪا به اجنبيت ڪا نه
آهي - نه زبان جي لحاظ سان، ۽ نه مواد جي لحاظ
سان.
”شاهه جي ڪلام جو حقيقت پسندانه پهلو اهو آهي ته منجهس زندگيءَ
جا اهڙا زنده جاويد ۽ سدا حيات قدر موجود آهن، جي
انسانيت جي هر زماني ۽ مڪاني سماج لاءِ ڪارائتا ٿي
سگهن ٿا. شاهه جو ڪلام حق، حسن ۽ خير جي زنده
تصوير آهي: ۽ اِهي اُهي قدر آهن، جي زندگيءَ سان
تيستائين ساٿ ڏيندا ايندا، جيستائين انسانذات بنهه
بيذوق ٿي نه وڃي، يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي، هميشه
لاءِ مري کپي نه وڃي. سندس اهڙيءَ همه گير ۽ آفاقي
حيثيت کي اڳيان رکي، هن دور جا ناقد ائين چئي رهيا
آهن ته شاهه صاحب کي دنيا جي عظيم ترين شاعرن جي
صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ٽرمپ صاحب اول اول
’شاهه جو رسالو‘ جرمنيءَ مان شايع ڪيو، ۽ تمهيد ۾
تسليم ڪيائين ته لطيف جو ڪو به ثاني ڪو نه آهي.
ٻئي مستشرق، ڊاڪٽر سورلي ته ان ڏس ۾ پوري تاليف
پيش ڪئي آهي: ان ۾، دنيا جي سڀني زبانن جي وڏن وڏن
شاعرن کي پيش ڪري، انهن سڀني تي ’شاهه‘ کي فوقيت
ڏني اٿس، ۽ چيو اٿس ته واديءَ مهراڻ جو ’لطيف‘،
پنهنجي فن ۽ ڪمال جي حيثيت سان، بيمثال ۽ بي نظير
آهي. حقيقت اها آهي ته شعريت ۽ ترنم، افاديت ۽
نغمگيءَ، مقصديت ۽ پائندگيءَ جي حيثيت سان ’شاهه‘
جو مقام مڙني کان مٿي آهي - ان کي بيجا نه سمجهڻ
گهرجي: ’آنچہ خوبان همہ ارند، تو تنها داري!‘
ڊاڪٽر ائنيمري شميل، فاصل مذهبيات و علوم مشرقيه،
پروفيسر ماربرگ يونيورسٽي ( اولهه جرمني)، ته صاف
صاف چيو آهي ته شاعريءَ جو اطلاق ئي شاهه تي ٿئي
ٿو، باقي همه هيچ! شال، اسين هن سدا حيات شاعر جي
فن ۽ ڪمال کي سمجهون، پڙهون ۽ پروڙيون!‘“
گرامي صاحب جي مقالي کان پوءِ، ساڍي ڏهين بجي، ادبي اجلاس جي
ڪارروائي شام تائين ملتوي ڪئي ويئي. انهيءَ وچ ۾،
سنڌي وفد کان سواءِ، سمورن نمائندن لاهور جي
تاريخي جاين جو گشت ڪيو.
ادبي اجلاس جي ٻي نشست، پروگرام مطابق، شام جي ٽين بجي شروع ٿي،
جنهن ۾ سنڌي وفد جي باقي ٽن ميمبرن جا مقالا، ۽
بروهي، بلوچي ۽ پنجابي وفد جي ميمبرن جا مقالا
پڙهيا ويا.
پهرين سنڌيءَ جي مقالن کي وارو مليو، ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
صدارت ۾ اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿي. ڊاڪٽر صاحب
پهرين خود پنهنجو انگريزيءَ ۾ لکيل مقالو پڙهيو،
جنهن ۾ پاڪستان جي سڀني علاقائي زبانن جي قدامت،
انهن جي برصغير هند پاڪ جي تاريخي ۽ تهذيبي تعمير
توڙي اسلام جي روحاني ۽ اخلاقي قدرن جي ترقي ۾
ورتل حصي، انهن جي لساني اهميت، ۽ ملڪ ۽ قوم جي
آئندا ثقافتي ترقي ۾ انهن جي مستقل ضرورت تي
محققانه بحٿ ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته
پاڪستاني علاقائي زبانون برصغير جي لساني سرمائي
جو هڪ لازمي جُز آهن، ۽ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اهي
پاڻ ۾ لساني اعتبار کان اهڙيون انفرادي خصوصيتون
رکندڙ آهن، جن جو مثال سڄي برصغير ۾ ڪٿي به موجود
ڪونهي. سنڌي، پنجابي، بلوچي، بروهي ۽ پشتو - سڀني
علاقائي زبانن جي معاشرتي مقام، شاندار تاريخي
ذخيري، ۽ پاڪستاني قوم جي مستقبل لاءِ انهن جي
موجودگي، حفاظت ۽ ترقيءَ جي اهميت تي روشني
وجهندي، ڊاڪٽر موصوف افسوس ظاهر ڪيو ته ” اڄ جڏهن
سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو زبانن جو يورپ ۽
آمريڪا ۾ وڏي شوق سان مطالعو ڪيو پيو وڃي، تڏهن
اسان کي اڃا ايتري به خاطري ڪانه آهي ته ڪو اهي
زبانون، قومي پاليسيءَ مطابق، مڪمل طرح مطالع ڪرڻ
کپن ۽ انهن کي قومي مقصدن ۽ ضرورتن لاءِ استعمال
ڪرڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سر
زمين تي عربي، پارسي ۽ انگريزي زبانون ڪيتريءَ مدت
تائين ڪاميابيءَ سان سرڪاري زبانن جي حيثيت ۾ مروج
رهيون آهن، پر انهيءَ عرصي ۾ سڀني علائقن جون
مادري زبانون اتي جي مقامي ضرورتن جي پورائيءَ
لاءِ اثرائتي نموني سان ڪم ڪنديون رهيون آهن:
”پارسي زبان ۾ عوام جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي لياقتن موجود هجڻ
سببان، ماڻهن ان کي خود بخود اختيار ڪيو، ۽ اهڙيءَ
طرح پارسيءَ جو هتي تمام گهڻو اثر ۽ ڦهلاءُ ٿيو.
’ايراني پارسي‘ هتي بدلجي ’هندستاني پارسي‘ ٿي
پيئي، ۽ اها هن ملڪ ۾ مروج ٿي؛ پر، هميشه جيان،
عوام جون تخليقي قوتون وري به سندن مادري زبانن ۾
ئي پرورش وٺنديون رهيون. گهڻو اڳي جڏهن سنسڪرت
ٻولي پنهنجي هيئت جي لحاظ کان ايتري ترقي ڪري چڪي
جو اها مٿانهين درجي جي ادبي ٻولي بنجي پيئي، تڏهن
عوامي پراڪرتون رائج ٿي وييون ۽ سنسڪرت ڳالهائڻ جو
رواج ختم ٿي ويو، جيتوڻيڪ ان کي مذهبي طور تي وڏي
اهميت ۽ تقدس حاصل هو. ”مغلن جي دور ۾ پارسيءَ جي
اقتدار واري وقت ۾، مغلن جي لشڪر ۾ مختلف مادري
زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي لهه وچڙ ۾ اچڻ سان هڪ
نئينءَ زبان جنم ورتو، جيڪا پوءِ پارسيءَ بدران
ملڪ جي عام زبان بنجڻ لڳي - يعني اردو.
”اردو جي انهيءَ عام واڌاري کي وڏو ڌڪ لڳو، جڏهن دهليءَ ۽ لکنؤ
جون درٻارون پنهنجي اعليٰ معيار زباندانيءَ جي
دعوا ڪندي، هڪٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ لڳيون. عوامي
زبان بنجڻ بجاءِ، ان ڪري، اردو هڪ خاص طبقي جي
زبان رهجي ويئي.
”پاڪستان جي سرڪاري زبان طور، اردو اڃا پوريءَ ريت پنهنجي
دهليءَ ۽ لکنؤ واري برتريءَ جي چڪر مان ڪانه نڪتي
آهي؛ تنهنڪري پاڪستان جي علاقائي زبانن کي انهيءَ
’اُردوي معليٰ‘ کي ’اُردوي عوام‘ يا خالص ’اردو‘ ۾
بدلائڻ لاءِ تمام اهم پارٽ ادا ڪرڻو آهي.،
”اهو صرف تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن اردو ۽ علاقائي زبانون هڪٻئي
تي چڱيءَ طرح اثرانداز ٿين، ته جيئن اردوءَ جو
تڪلف وارو روايتي رنگ هر هنڌ مٽجي وڃي، ۽ ان جي
نتيجي ۾ سنڌي اردو‘، بلوچي اردو‘ ۽ ’پشتو اردو‘
پهرين پيدا ٿين. اهڙي دو طرفي اثراندازي اوڀر
پاڪستان ۾ عمل هيٺ اچي رهي آهي، ۽ اتي ’بنگالي
اردو‘ جنم وٺي رهي آهي. زبانن جو اهو اشتراڪ جڏهن
مڪمل ٿيندو، تڏهن ئي فقط ڪنهن هڪ عام زبان جي اسرڻ
جو امڪان ٿي سگهندو، جنهن کي اسين ’پاڪستاني‘
چونداسين، ۽ جيڪا سڄي ملڪ جي يڪي زبان بنجي
سگهندي.
”ٻن سرڪاري زبانن جي وچ ۾، ۽ سرڪاري زبانن ۽ علاقائي زبانن جي
وچ ۾ اها مفيد رد بدل تڏهن ئي عمل هيٺ اچي سگهندي،
جڏهن انهن سڀني زبانن جون قوتون هڪٻئي تي اثر
انداز ٿيڻ لاءِ سلامت رهنديون.
”بهرحال، اسان جي ملڪ ۾ هڪڙو اهڙو باثر گروهه موجود آهي، جيڪو
اردو کي اڃا به سندس ’شاهي محل‘ ۾ امتيازي درجي تي
سلامت ڏسڻ ٿو چاهي، ۽جنهن جو خيال آهي ته اردو رڳو
تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿي، جڏهن علاقائي زبانن کي
مفتوح ۽ ماتحت حالت ۾ رکيو وڃي. اهو هڪ انتهائي
غلط نقطه نظر آهي، ۽ اڳتي هلي ان کي ڪافي تائيد
حاصل نه ٿي سگهندي.“
آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب علاقائي زبانن جي دانشورن کي گذارش ڪئي
ته هو وقت جي وڌندڙ تقاضائن کي پاڻ تي هموار ڪن، ۽
خصوصاً علاقائي زبانن ۾ لسانيات ۽ لغات جي تحقيقي
دائرن کي فروغ ڏين. ڊاڪٽر صاحب مختلف علاقائي
زبانن جي گڏيل ڊڪشنرين جوڙڻ جي ضرورت تي گهڻو زور
ڏنو، ۽ سڀني زبانن جي ادبي تاريخن ۽ ٻين تصنيفن کي
هڪٻئي جي ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ جي تجويز ڏني. ڊاڪٽر
صاحب چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اسان جي
مختلف علاقائي زبانن جي وچ ۾ ” فڪري اتحاد“ جي
آهي، جيڪو اسان جي ادبي تحريرن ذريعي قائم ٿيڻ
کپي: ” هڪ آزاد مسلم قوم جي حيثيت سان، يقين،
آزادي، انصاف، ڀائپي، ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جو
پرچار، اسان جي نئين پاڪستاني ادب جو مول متو هجڻ
کپي، پوءِ ان جو اظهار خواهه ڪهڙي به طريقي سان
ڪجي.“ آخر ۾ ڊاڪٽر موصوف، خيال ۽ اظهار جي اصليت
کي پهچندڙ نقصان جي انديشي ظاهر ڪندي، اديبن کي
مشورو ڏنو ته ڌارين هيئتن کي اختيار ڪرڻ وقت کين
پنهنجي مادري زبان جي روح ۽ مزاج، ۽ پنهنجي ماحول
جي ذهني ڪيفيت کي ضرور نظر ۾ رکڻ کپي. هن چيو
ته”خيال جي اصليت کي نظر انداز ڪري، اسان جو
علاقائي ادب موجوده وقت جي ذوق ۽ مذاق کي پورو نه
ڪري سگهندو.“
ان کان پوءِ شمشيرالحيدريءَ پنهنجي مقالي جو اردو ترجمو، ”سنڌي
شاعريءَ جا جديد رجحان“ جي عنوان سان پڙهيو.
شاعريءَ جي مقصد ۽ ان جي بين الاقوامي قدرن جي
اُپٽار ڪندي، هن ٻڌايو ته سنڌيءَ جي نون شاعرن وٽ
انسانذات لاءِ محبت ۽ همدردي، امن، انصاف ۽
خوشحاليءَ جو پيغام آهي؛ ان لاءِ هن ڪيترن ئي نون
شاعرن جو ڪلام پڻ پيش ڪيو.
ان بعد، ”سچل سرمست جي صوفيانه شاعريءَ جي عنوان“ سان، محترم
آغا عبدالنبي صاحب پنهنجو سنڌيءَ ۾ لکيل مقالو
پڙهيو، جنهن جو اردو اختصار پڻ پيش ڪيو ويو. آغا
صاحبجو مقالو تمام جامع ۽ معياري هو، جنهن کي اسين
’مهراڻ‘ جي هن پرچي ۾ ڇپي رهيا آهيون. (ڪانفرنس ۾
پڙهيل ٻيا مقالا به، درجي بدرجي، ’مهراڻ‘ ۾ شايع
ڪيا ويندا.) |