سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :3

 

ستيزه ڪار رها هي ازل سي تا امروز:

چراغِ مصطفوي سي شرارِ بولهبي!

علم ۽ دانش، عقل ۽ شعور سان جاهليت جو گويا ازلي ۽ ابدي وير آهي. جاهليت جو پهريون وار حق ۽ باطل جي ’تميز‘ تي ٿئي ٿو. چڱيون چوکيون، روشن ۽ بينا اکيون، انڌ جي پٽيءَ هيٺ اچي، سج کي دانگي، ۽ سوجهري کي اوندهه سمجهڻ لڳن ٿيون. جاهليت جي وبا ۾ ورتل شخص ۾ نه تميز بالغ ٿي رهي، نه شعور ڪامل؛  نه طبع صالح، نه دماغ سالم. ڏسڻ، سمجهڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ جون سڀ روشنيون ختم! ڳالهه اُها وڻندي، جا جاهليت جي تائيد ڪري، ماڻهو اهو مِٺو لڳندو، جو سندس تعصب ۽ تنگ نظريءَ، ڪج ادائيءَ ۽ غلط خيالن جي تائيد ڪندو. جاهليت وارو ماڻهو سائيءَ ورتل انهيءَ بيمار وانگر آهي، جنهن کي هر هنڌ ساواڻ پيئي نظر ايندي آهي. سو، جاهليت کي هر جاءِ الحاد، زندقو، ڪفر ۽ ارتداد پيو نظر ايندو؛  ايمان ۽ اسلام، امن ۽ صلح جو گويا ڪو نالو آهي نه نشان!

جاهليت جا به ڪيئي حصا ۽ شعبا آهن- علمي ۽ ادبي به، مذهبي ۽ ديني به، سياسي ۽ عمراني به، تمدني ۽ تاريخي به، نسلي ۽ قومي به. جاهليت هر حال ۾ انسانيت ۽ ان جي ارتقا لاءِ اهڙو زهر آهي، جنهن جو ڪو ترياق ئي ڪونهي. جاهليت جو مقام، فن ۽ علم ۾ بلڪل منفي (negative) آهي: شڪ ۽ شبهي، ظن ۽ گمان، زوال ۽ رجعت، فساد ۽ انتشار کي پيدا ڪرڻ ئي جاهليت جو منصبي عمل آهي.

جاهليت وارو اڻپڙهيل آهي، ته پوءِ سندس فساد البت محدود رهندو- محض وهم ۽ رسم تائين رهندو. ان جو مقابلو به سولو آهي، ته ان جي فساد جي اصلاح به آسان. ان جي زخم جي دوادارون ناياب ناهي: علم ۽ حقيقت، استدلال ۽ معرفت جي روشنيءَ سان جاهلانه اونداهيون ڪافور ٿي وڃن ٿيون.

پر جي پڙهيل ڪڙهيل، پڪو پيٺو، سياڻو ۽ ڏٺل وائٺل ماڻهو ’اياڻو‘ ٿي پوي، ته پوءِ ان جي جاهليت آهي انڌي جي لٺ، جنهن جي نه اصلاح ٿي سگهي، ۽ نه ڪو ان ڌڪ ڦٽ جو علاج ئي آهي. ’پڙهيل جاهل‘ ذرا طبيعت جو سخت، متشدد، ڪج بحث، ناتجربيڪار، ڪم علم، ۽ پروان هٿن تي نچڻ وارو ٿئي ٿو؛ خود به ابن الوقت ۽ موقعي شناس ٿئي ٿو، ۽ نچي به ابن الوقتن ۽ موقعي پرستن جي هٿن ۾ ٿو. ان جو دماغ ۽ قلم، فڪر ۽ بحث، فيصلو ۽ نتيجو- سڀ مستعار ۽ اڌارو ٿئي ٿو. اهڙن ’مفاد پرستن‘ جي اصلاح ڪا پيغمبر سڳورن ڪئي هجي ته ممڪن آهي، باقي رواجي ماڻهن کان انهن جو سڌرڻ به ناممڪن آهي.

جاهليت اگر ڪا هڪ- اڌ رواجي ماڻهوءَ تائين محدود هجي، ته به ٺهيو، لَک ٿيو؛ پر جڏهن ڏسڻا وائسڻا، ڄاتل سڃاتل، پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو، تقدس ۽ اصلاح، تعمير ۽ انسان دوستيءَ جا جبا ۽ لبادا ڍڪي ميدان ۾ اچن ٿا، تڏهن هڪ طرف ’قومي ڪردار‘ ۽ ’عوامي مزاج‘ کي زهر ٿو ملي، ته ٻئي طرف خود سماج جي صالح ۽ اُسرندڙ دماغن ۽ قوتن کي پائمال ٿيڻو پوي ٿو. وري جڏهن اهو فساد ۽ زوال، اڳتي هلي، فردن کان ننڍن گروهن تائين، ۽ گروهن کان قومن تائين ٿو پهچي، تڏهن اهو فساد نه فقط عالمگير ٿو بنجي، پر آفاق گير به. ان لاءِ مولانا روميءَ چيو آهي ته ”بي ادب نه فقط پاڻ کي ٿو ساڙي ناس ڪري، پر ان سان گڏ پوريءَ انساني دنيا کي به جلائي ٿو ڇڏي.“ هونئن به، دانشمندن جو چوڻ آهي ته جذبات انگيز ۽ غير پختي ماڻهوءَ تي ئي ’جاهليت‘ جو جادو ڪم ڪري ٿو؛ جذباتي طبع واري جو عقل ۽ علم، جاهليت جي پهرئين ڌڪ سان ختم ٿيو وڃي: ان لاءِ رڳو انتظار ڪرڻ گهرجي ته ڪڏهن ٿي منجهس سنجيدگي، صلاحيت ۽ صالحيت پيدا ٿئي؛ڪڏهن ٿو علمي ۽ فڪري بلوغ تي پهچي.

جاهليت عمر ۽ جسم جي لحاظ سان نه، پر عدم صلاحيت جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. ڪڏهن ته ڪم عمر به بالغ ٿا ڏسجن، ۽ ڪڏهن ته وڏيءَ عمر وارا عالم به نابالغ ۽ جاهل ٿا ثابت ٿين- پر علم ۽ فڪر جي دائري ۾،جاهليت کي ’ٻهِ مُنهين تلوار‘ به سڏيو ويو آهي، جا ڪڏهن خود ’صاحبِ سيف‘ کي به ڦٽي ٿي رکي! آخري ڳالهه اها ته جاهليت جي انتهاپسندانه شور و شرر، انتشار ۽ فساد جي مقابلي ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جذباتي سورهيه به پيدا ٿي پوندا آهن، جي انهن جي اصلاح لاءِ، اعتدال ۽ احتياط جون سڀ راهون لتاڙي، انتهاپسنديءَ جو جواب انتهاپسنديءَ سان ڏيندا آهن. ان کي علمي اصطلاحات ۾ ’ناگفته به‘ به چئبو آهي، ۽ ’ناقابل تلافي‘ به ڪن صاحبن اسان جي ادب ۾ به اڄڪلهه اشتعال انگيز ۽ جذباتي تحريرن، حق ۽ باطل جو هڪ ’آکاڙو‘ قائم ڪري ڇڏيو آهي؛ هر محقق ’حق‘ ان کي ٿو سمجهي، جنهن کي پاڻ يا سندس ساٿي حق ٿا سڏين. دراصل اسين اِنهيءَ جانبداريءَ واريءَ پسند کي جاهليت سڏيون ٿا. تاريخ جي عظيم ورقن کي دهرائيندي، انهيءَ موقعي تي، اسين هيءَ عرض ڪرڻ چاهيون ٿا ته دوست، اها ساڳي غلطي ته نٿا ڪريو، جا هن کان اڳ گهڻا ڀيرا ڪئي ويئي آهي: جنهن غلطيءَ سقراط ۽ بقراط، غزاليءَ ۽ ابن رشد، روميءَ ۽ شاهه ولي الله، جامل الدين افغانيءَ ۽ عبيدالله سنڌيءَ کي قلم جي تلوارن سان ڇلي رکيو‘ انهن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هنن صاف صاف چيو ٿي:

’جو نقشِ ڪُهن تم ڪو نظر آئي، مٽادو!‘

اسان جي نيڪ تمنا آهي ته ادبي ماحول ۾ پيدا ٿيل جاهلانه طريقن ۽ قلمي موشگافين کي قومي بقا، ادبي ارتقا، سماجي اصلاح ۽ نڪري واڌاري ۽ سڌاري جي صدقي ۾، نه فقط سڌاريو ۽ اجاريو وڃي، پر ان ۾ سنجيدگيءَ ۽ صلاحيت سان گڏ تعميري ۽ افادي روح به پيدا ڪيو وڃي.

وس ڪرڻ واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

(شاهه)

باباي اردو، مولوي عبدالحق جي وفات:

باباي اردو، ڊاڪٽر مولوي عبدالحق، جي انتقال جي خبر علمي دنيا لاءِ هڪ ناقابل تلافي صدمو آهي. ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي وفات سان گويا هڪ عظيم تاريخي جدوجهد جو دور ختم ٿيو. ڊاڪٽر صاحب سر سيد احمد، شبليءَ ۽ حاليءَ جي روايتن ۽ قدرن جو آخري يادگار هو. سندس تاريخي ۽ علمي جدوجهد جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. هندستان جي علمي ۽ ادبي تحريڪن ۽ لساني مسئلن ۾ ڊاڪٽر صاحب جون اڻٿڪ ڪاوشون ۽ ڪوششون هميشه ياد رهنديون. اردو زبان جي ترقيءَ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ سندس قربانيون مثالي آهن. هو پنهنجي سر هڪ انجمن، هڪ محفل، هڪ ادارو، هڪ زبان، هڪ  مسئلو ۽ هڪ عظيم مقصد هو. ڪاش، اهڙا گهڻا عبدالحق اڃا پيدا ٿين، جي پنهنجي پنهنجي ادب ۽ زبان لاءِ زندگيون وقف ڪن!  سندس ڪوششن ۽ مخلصانه جدوجهد سان اردو نه فقط هند-پاڪ جي مکيه زبان بنجي چڪي آهي، بلڪ بين الاقوامي زبانن ۾ ڇهون نمبر، زنده ۽ ترقي يافته زبان چئي وڃي ٿي. مولوي عبدالحق اسان لاءِ هڪ مثال آهي، تازيانه عبرت آهي، اشارو آهي، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو، ڪم ڪرڻ جو، جهاد ۽ جدوجهد جو - مثال، ۽ بهترين مثال. ڊاڪٽر صاحب مارچ 1870ع ۾، ميرٺ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ 15- آگسٽ 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. چيائين، ’مون اردوءَ سان شادي ڪئي آهي! منهنجو اولاد اردوءَ جو اهل زبان آهن!‘ ”انجمن ترقيء اردو“. پاڪ و هند، سندس بهترين يادگار آهي. رب ڪريم شال کيس مرهي! اِنا لله و اِنا اِليہ راجعون.

سيد عطاءُ الله شاهه بخاريءَ جي وفات:

 برصغير هند- پاڪ جي ممتاز ليڊر، روشن خيال عالم، جادو بيان اديب، شعله نوا خطيب ۽ وجدآور شاعر، امير شريعت، سيد عطاءُ الله شاهه بخاريءَ، ملتان ۾، 21- آگسٽ 1961ع تي، 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي آهي. مرحوم چئن سالن کان بيمار هو. پوين پنجن مهينن کان مٿس فالج جو حملو ٿيو. کيس صدر مملڪت جي چوڻ تي نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ۽ ان کان سواءِ يوناني حڪيمن جي هڪ منتخب بورڊ به سندس علاج ڪيو، پر صحتياب نه ٿي سگهيو.

شاهه صاحب آزاديءَ جو پرستار ۽ خلافت، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان الڳ تنظيم، ’جمعيت الاحرار‘ جو باني ۽ صدر رهيو.  سندس پاليسي انگريزن جي مقابلي ۾ هميشه سختگير ۽ گرم رهندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ پاڻ مسجد شهيد گنج، آزاديءڪشمير، ختم نبوت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ 15 سال جيل ڪاٽي چڪو هو.

شاهه صاحب فڪر و نظر، علم و ادب ۽ شعر و فن جي دنيا ۾ بيمثال شخصيت جو مالڪ هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”نديم“ هو. پر سندس شهرت جو سبب زياده تر خطابت هو. سندس خطابت ۾ فن ۽ هر هو، طلسم ۽ سحر هو. سندس ولوله انگيز ۽ زلزله خيز تقريرون، انگريزي سامراجيت لاءِ فنا جو پيغام ثابت ٿيون. پوري برصغير هند-پاڪ ۾ مولانا آزاد ۽ بهادر يار جنگ جي معيار ۽ مقام جو اگر ڪو مقرر ۽ خطيب هو ته اهو شاهه صاحب مرحوم هو - بلڪه وجدانگيز رجزخوانيءَ جي لحاظ سان شاهه صاحب انهن بزرگن کان گوي سبقت کڻي چڪو هو. هڪ انگريز عالم لکيو آهي: ”مون هندستان ۾ ٻه عظيم چيزون ڏٺون - هڪ تاج محل، ۽ ٻيو عطاءُ الله شاهه بخاري!“ سندس جادوبيانيءَ جو داد خود مهاتما گانڌيءَ به ڏنو آهي. نوراني شبيهه، مجاهدانه ڪردار، غازيانه سيرت، ۽ عالمانه وضع وارو عطاءُ الله شاهه، پنهنجيءَ انفرادي عظمت جي لحاظ سان اڄ به امر آهي.

1918ع ۾، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي امرتسر واري مشتڪ اجلاس ۾ شرڪت کان وٺي، پورا ويهه سال مسلسل جدوجهد ۾ گذاريائين. انگريزن جي خلاف، خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ، احرار، وغيره پاران، هر هڪ متحده محاذ جو ليڊر ۽ سالار کيس ئي چونڊيو ويندو هو.

شاهه صاحب مفاد پرست ليڊرن مان نه هو. سندس ساري زندگي مجاهدانه ۽ فقيرانه رهي - ايتري قدر جو پنهنجن ٻچن لاءِ نه ڪا جائداد بنائي سگهيو، نه ڪا گهر جي جاءِ ئي ٺهرائي سگهيو. برصغير هند- پاڪ جي هن جليل القدر مجاهد، ملتان جي هڪ غير معروف محلي، ٽنڊي شير خان، جي هڪ ڪرايي تي ورتل بوسيده مڪان ۾ وفات ڪئي.

مولانا بخاري، پاٽنا(بهار) ۾، 1889ع ۾ ڄائو، 72 سالن جي عمر ۾، 1961ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پوين ۾ چار پٽ، هڪ نياڻي، ۽ هڪ بيوهه آهن - رهي نام الله ڪا. سندس تاليفات ۾ ”ديوان“، ”سواطع الاهام“ (ڇپيل)، ”مجموعه خطبات“ (اڻڇپيل)، اهم علمي چيزون آهن.

اِنالله و اِنا اليہ راجعون

’مهراڻ‘ جي باري ۾.

حوصله افزائي. ’مهراڻ‘ پنهنجن سرپرست بزرگن جو مرهون منت آهي، جي پنهنجيءَ بزرگانه شفقت سان نوازين ٿا. اسان جن انهن بزرگن، اديبن ۽ ناظرين حضرات جا حوصله افزا پيغام ۽ خط اسان جي ادبي ڪاوشن لاءِ تحسين جي حيثيت رکن ٿا، جي ايترا گهڻا ٿين ٿا جو اهي هڪ وقت تي شايع نٿا ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي لائق فائق صدر ۽ سرواڻ، بيدار دماغ ملڪي اڳواڻ، خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي، ايڊيٽر ’مهراڻ‘ کي خاص ملاقات لاءِ گهرائي، ’مهراڻ‘ لاءِ جو ڪجهه فرمايو، ان کي پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا:

’سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾، ’مهراڻ‘ جي خدمتن کي وڏو مقام حاصل آهي. منهنجي خواهش آهي ته ’مهراڻ پنهنجي آب تاب سان باقاعدي شايع ٿيندو رهي. آءٌ سنڌي ادب جي خدمتن جي سلسلي ۾ پنهنجي هر طرح جو دلي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اوهين ’مهراڻ‘ کي معياري مقالن ۽ شعرن سان اڃا به وڌيڪ سينگاريو. هن دور جي ادبي ۽ فڪري خدمت ۾ اسان جو تعاون يقيناً مخلص ڪارڪنن سان وابسته رهندو آيو آهي؛ اوهين اسان جي بورڊ جا ڪارڪن آهيو. اسان جي دعا آهي ته سنڌي ادب جي خدمت خلوص سان جاري رهي.‘

ان سلسلي ۾ هن دور جي عظيم المرتبت فلسفيءَ ۽ مفڪر، حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب مد ظلہ العاليءَ جا چند لفظ حوصله افزا آهن. پاڻ بزرگانه مشورن ڏيندي فرمايائون:

”’مهراڻ‘ ۾ دير مدار ٿي ٿئي، اسان جي ته ڄڻ اُساٽ ئي نٿي لهي!“

سندن انهن چند حوصله افزا بزرگانه لفظن ۾ معنيٰ ۽ مطلب جي وسيع دنيا اچي وڃي ٿي. سندن ذات اسان لاءِ فخر جو باعث آهي. شال سندن دعائون اسان ۾ مخلصانه روح پيدا ڪن، ۽ ’مهراڻ‘ اڃا به وڌيڪ معياري پرچو ثابت ٿئي.

بمبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر.  اها به هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته بمبئي يونيورسٽيءَ  جو وائيس چانسيلر اسان جي سنڌ جو هڪ قابل فخر، عمر رسيدو بزرگ، مسٽر شوداساڻي آهي. ’مهراڻ‘ سان سندن محبت ۽ قرب جو ثبوت ان خبر مان ملي ٿو، جا اسان تائين معتبر ذريعن سان پهچائي ويئي آهي. چيو ويو آهي:

’شام جو روز بمبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر، مسٽر شوداساڻي، لڪڻ تي هلي، بوڪ اسٽال تي اچي پڇا ٿو ڪري--- ”ابا، سنڌ مان ’مهراڻ‘ مخزن آيو آهي؟“‘

معذرت. ’مهراڻ‘ جي مواد جي پريس-ڪاپي تيار ڪرڻ ۽ ٻه-چار ڀيرا صحيح پروف ريڊنگ ڪرڻ ۾، ۽ مواد جي ڇنڊڇاڻ ۽ ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ جا ڪاوش ۽ محنت ٿئي ٿي، اها هن دور جي ايڊٽ ۽ ڇپائيءَ جي سڀني ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي سلسلن کان معياري به آهي، ۽ ممتاز به.  هند ۽ سنڌ ته ڇا، پاڪستان جي ڪنهن به علاقائي زبان - اردو، پنجابي، هندي، پشتو، بروهي، وغيره ۾ هن قسم جو ڪو به رسالو نٿو شايع ٿئي - معياري مواد جي لحاظ سان، توڙي ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جي لحاظ سان. ازان سواءِ، ’مهراڻ‘ جي شعرن ۽ مضمونن کان سواءِ، باقي مواد ڪو هڪ ئي وقت تي نٿو تيار ٿي سگهي - مثال طور، ملڪ ۾ جيڪي ادبي سرگرميون، ڪانفرنسون، جلسا ۽ جلوس، نمائشون ۽ ورسيون ٿين ٿيون، انهن جي مڪمل ۽ مفصل ڪار گذاري، ملڪ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن جي مقابلي ۾، ’مهراڻ‘ ئي تفصيل سان شايع ٿو ڪري. ظاهر آهي ته اهو اسان جي ثقافت جو هڪ عظيم تاريخي ۽ تهذيبي رڪارڊ ٿئي ٿو.

ٻيو ته ’بورڊ‘ جي بهترين ۽ معياري ڪتابن ۽ رسالن، ’مهراڻ‘ ۽ ’گل ڦل‘، جي ڇپائي پڻ بورڊ جي پريس ۾ ٿئي ٿي - حالانڪ بورڊ جا ٻيا ڪيئي ڪتاب ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي ٻين پريسن ۾ به هلي رهيا آهن. تاهم، بورڊ جي انهن رسالن جي معيار کي قائم رکڻ لاءِ اهو لازمي امر آهي ته بورڊ جي پريس جي قابل ڪار فنڪارن ۽ ڪارڪنن جي فن مان ’مهراڻ‘ کي مستفيد ڪندو رهجي. هن ڀيري، ’مهراڻ‘جي حصه نظم ڇپجڻ کان پوءِ، ٻين ڪتابن جي دستوري ڇپائيءَ سان گڏ، اوچتو پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاءِ نئين نصاب جا سنڌي ڪتاب پڻ ساڳيءَ پريس ۾ ڇپجڻ شروع ٿيا، جي تعليم کاتي کي خاص شرطن تي، محدود وقت اندر پهچائڻا هئا. ان سلسلي ۾ لکن جي انداز کان ٻاهر پرائمري، ريڊر ۽ ٻيا سنڌي نصاب جا ڪتاب (9، 10، 11 ۽ 12 درجي جا) ڇاپيا ويا آهن. ان کان سواءِ، هن هلندڙ سماهيءَ ۾ حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب، مد ظلہ العالي، جن جو ’شاهه جو رسالو‘ به ساڳيءَ پريس ۾ تڪميل تي پهتو آهي، جو ٻه-چار مهينا اڳ ڇپجڻ شروع ٿيو هو. ظاهر آهي ته دستوري ڪمن ۽ رسالن جي ڇپائيءَ کان وڌيڪ اهو ڪم اُڪلائي، بورڊ جي پريس نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. دير مدار جي انهن اڻٽر حالتن هوندي به اسين دستور کان ٻيڻو مواد پيش ڪري چڪا آهيون، تنهنڪري اسان کي هن پرچي کي ٻن سماهين جو گڏيل پرچو ڪري شايع ڪرڻو پيو آهي، اُميد ته ايندڙ پرچو اسين وقت سر پنهنجن محترم پڙهندڙن کي پيش ڪري سگهنداسين.

آخر ۾ آءٌ پنهنجي رفيق ڪار ۽ معاون، مسٽر شمشيرالحيدريءَ جي مخلصانه ايثار ۽فني ڪارڪردگيءَ جو مشڪور آهيان، جو هر حال ۾ ڪم کي هلائيندو آيو، توڙي جو کيس اوورٽائيم کان به محروم رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پريس مئنيجر، علي بخش احمدزئيءَ به کيرون لهڻيون، جنهن رسالي کي ڇاپڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي.

 – غ. م. گ.

 

”منهنجا دوست، ڄاڻين ٿو، الله تعاليٰ جيڪي انسان کي فڪري ۽ وجداني قوتون بخشيون آهن، تن جي درياءَ ۾ طغيانيءَ جو جوش ڇو گهٽ آهي؟ ۽ ائين ڇو ٿو نظر اچي جو ڪڏهن ڪڏهن، قسمت سانگي، دنيا کي غرقاب حيرت ڪندي، اُهو پنهنجين تنگ حدن مان ٻاهر نڪرندو ڏسبو آهي؟-- هن لاءِ ته سندس ٻنهي ڪنارن تي، بيذوق ۽ بيروح ماڻهن، پنهنجي ڪوڙيءَ عزت ۽ وقار جا اوچا محل ٺاهي، سندس لنگهه روڪي ڇڏيو آهي!“ – گوئٽي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com