سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :21

 

”’اڙي شاعر! سج ٿو لهي؛ تنهنجي مٿي جا وار اڇا ٿيندا وڃن؛ پر تون پنهنجي منهن ڌُن لڳايو ويٺو آهي! ڪو پرلوڪ جو پرياڻ ڪَنِ پويئي ٿو ڪين نه؟‘

”چارئي مهلون گڏ اچي ٿيون آهن، پر آءٌ ڪَنَڙو ڏيو ويٺو آهيان ته واهڻ مان ڪو سڏ ته ڪو نه ٿو ڪريم، جيتوڻي دير ٿي ويئي آهي!

”آءٌ اکيون پايو ويٺو آهيان ته متان ڪي رولاڪ دليون اچي پاڻ ۾ ملن، ۽ نينهن ڀَريا نيڻ کڻي مون کي نيزاري ڪن ته آءٌ سندن دل جو راز پنهنجي سرود ۽ ساز ۾ بيان ڪريان! آءٌ جيوت جي هُن ڀر ويهي، اجل ۽ آخرت جا ويٺو واساما ڳائيندس، ته پوءِ هُنن جي دلين ۾ جيڪي اُڌما پيا اُٿن، تن جو ذوق ۽ شوق وارو ذڪر راڳ- مالها ۾ ڪير پوئندو؟

”تارو جهَڪو ٿيندو وڃي. نديءَ جي ڪپ تي هوءَ جا چکيا پيئي ٻري، اها به ڄاڻ ٺري، چنڊ به هڻي هڻي باقي ڪا ليڪ وڃي رهيو آهي؛ اُن جي سهائيءَ ۾، هِن اڪيلي آستان جي آڳنڌ منجهان، گدڙ پيا ڪوڪون  ڪن. اهڙيءَ ويل، جيڪڏهن ڪو رولاڪ، گهر ٻار ڇڏي، هتي اچي رات سان رهاڻ ٿو ڪري، ۽ ڪنڌ اونڌو جهلي، دل ۾ ويچاري ٿو ته ’ٻُڌان ته اوندهه منهنجي ڪَنَ ۾ ڇا ٿي ڀُڻڪي؟‘، تڏهن ڪيڏهن آءٌ به گهر اندر ويهي انهيءَ ئي ڪوشش ۾ لڳو رهندس ته ڪنهن طرح هي ٻنڌڻَ ٽوڙي پاڻ آجو ڪريان، ته پوءِ اُن ويچاري کي حياتيءَ جو راز ڪير سَلي ٻُڌائيندو؟

”ڪي ڏس ته سدا بهار، واڙيءَ ڦُلَ جيان پيا وهسن، ۽ ڪي ڏس ته اَٺ ئي پهر اُداس؛ ڪن کي ڏينهن ڏٺي ئي، ڏٺا وائٺا ڳوڙها پيا وهن، ته ڪن جا لُڙڪ اندر اوندهه ۾ ئي لڪا ٿا رهن! هاڻي، مون کي فرصت ڪٿان ملي جو آءٌ اجل ۽ آخرت جو خيال ڪريان؟ آءٌ ته هِنن جي شيوا ۽ ٽهل ۾ ئي پورو آهيان!

”وارَ منهنجا اڇا ٿيندا وڃن! انهن جو ڏک ئي ڪهڙو؟ آ ٻار سان ٻار، ٻُڍي سان ٻڍو!“ - ٽئگور

3

1. ٺٽي جا لڙڪ

-مولوي اعجاز الحق قدوسي

2. بروهي

رحيمداد خان، مولائي شيدائي

3. سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون

- ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

4. سچل سرمست

- آغا عبدالنبي

5. نثر ۽ شاعري (ترجمو)

- مڊلٽن مري

سنڌريڪار:احسان بدوي

6. شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل

- ذوالفقار راشدي

7. ’ڪاڪَ ڪنڌيءَ قبرون‘

- شيخ اياز

8. ’مهراڻ‘ جا موتي

- ادارو

9. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

- چونڊيندڙَ

10. علمي،ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

- ادارو

ڊاڪٽر ائنيمري شميل، سنڌ ۾

پاڪستان جي علاقائي زبانن جي پهرين ڪانفرنس (لاهور)

ظفر ڪاظميءَ جي تصويرن جي نمائش (حيدرآباد)

سنڌي موسيقيءَ جي مجلس (ڪراچي)

مصري شاهه جي ورسي (نصرپور)

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ورسي(ڪراچي)

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسي ( ڀٽشاهه-حيدرآباد- بمبئي)

11. ”آديسي اُٿي ويا....“                     - ادارو

ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي

مولوي قاضي عبدالرزاق

خواجه شمس

 مرزا علي بخش ’ڪوثر!

  

”دهلي ۽ سنڌ: پهريون منهنجي فڪر جو مرڪز، ۽ ٻيو منهنجي عمل جو مرڪز آهي.

”مون کي سنڌ سان محبت آهي. هي منهنجي ’ديني والد‘ جو وطن آهي. مون پنجاهه سال مسلسل سنڌ کي پنهنجو وطن قرار ڏنو آهي. هن سر زمين کي سيراب ڪندڙ سنڌو درياءَ جي تقديس اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ موجود آهي. مون ان جي ڪنارن تي ٻاروتڻ گذاريو آهي ۽ پرورش حاصل ڪئي آهي.

آءٌ سنڌي آهيان، ۽ سنڌين کي ڄاڻان ٿو. سنڌي عموماً نيڪ طبع انسان آهن. انهن ۾ هندو- مسلم جو ڪو فرق ڦير ڪونهي.

”قوم مان مراد اُهو تصور آهي، جنهن کي اڄڪلهه يورپ ۾ بنيادي طور تسليم ڪيو ويو آهي: ان خيال سان آءٌ سنڌين کي مستقل قوم مڃان ٿو.

”زبان جي وحدت، ۽ تمدن ۽ معاشرت جي وحدت، قومي تصورِ حيات جو بنياد آهي.

”زبان جي وحدت جي ڪري سنڌي، پنجابي، پشتو، ڪشميري، گجراتي، مرهڻي ۽ هندستاني ٻولين وارا، مستقل قوم جو درجو رکن ٿا. لساني طور، سنڌين کي آءٌ هڪ مستقل قوم مڃان ٿو.“

خطبات عبيدالله سنڌي

--54،100-164،163-165،122-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com