سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :13

 

”جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاريان ٿو، تڏهن هشام ماڻهن جون ٽوليون

پنهنجين روزانه گهُرجن جي پورائيءَ لاءِ هلنديون ڏسان ٿو. هو ونجهه هلائين ٿا، ٻنيون پوکين ٿا، فصل لڻن ٿا: اُهي پورهيو ڪندا رهن ٿا.

هنن جي لَکن آوازن مان هڪ آلاپ اٿيو آهي،

هنن جو روزمره جو ڏک سک، هم آهنگ ٿي، زندگيءَ

جو ترانو بنيو آهي.

سلطنتون مٽجي ويئون، ۽ انهن جي خاڪ تي پورهيت

پنهنجو آئيندو اَڏي رهيا آهن.“

-- ٽئگور

 

 

2

افسانا

 

1. ململ جو چولو

- عثمان علي انصاري

2. باهه ۽ سمنڊ

- سلطان جميل نسيم

سنڌيڪار: شمشير الحيدري

3. ’لکي ڏي!‘

- سندري اُتمچنداڻي

4. محمد موچيءَ جو حج

- پيشڪار: غلام رباني

ناٽڪ

 

1. ٽپال گهر

- ٽئگور

سنڌريڪار:الاهي بخش بلوچ

 

”پوءِ هڪڙيءَ عورت، جنهن جي هنج ۾ ٻار هو، چيو ته ’اسان کي ٻارن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.‘

” هن چيو، ’اوهان جا ٻارَ اوهان جو اولاد نه آهن: اهي حياتيءَ جي قوت ۽ پيدائش جي جذبي جو اولاد آهن:  اهي زندگيءَ جو اولاد آهن، جنهن جي فطرت خود پنهنجي پذيرائيءَ لاءِ بيقرار رهي ٿي: اهي اوهان جي ذريعي پيدا ٿين ٿا، پر اهي اوهان جي ملڪيت نه آهن.

”اوهين پنهنجي محبت انهن کي ڏيو، جيتريقدر ڏيئي سگهو، يا جيتريقدر ڏيڻ چاهيو، پر پنهنجا خيال انهن مٿان نه مڙهيو، ڇو ته انهن کي اوهانجن خيالن جي ضرورت ڪانهي - اهي پنهنجا خيال پاڻ سان کڻي ايندا آهن.

”اوهين انهن جي جسمن کي پنهنجن گهرن ۾ آرام ۽ آسائش پهچايو، پر سندن روحن کي آزاد ڇڏي ڏيو؛ ڇو ته انهن جا روح اُنهيءَ گهر ۾ رهن ٿا، جنهن کي ”مستقبل“ چئجي ٿو. اُهو گهر انهيءَ ”ماضيءَ“ ۽ ”حال“ کان پري آهي، جنهن ۾ اوهين رهي رهيا آهيو. ان گهر ۾ اوهين نٿا وڃي سگهو، ان گهر جو تصور به اوهان جن ذهنن ۾ نٿو سمائجي سگهي.

”اوهين چاهيو ته انهن جي قدم بقدم هلڻ جي ڪوشش ڪريو، پر انهن کي هرگز پنهنجي قدم بقدم هلائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته زندگي واپس نٿي موٽي سگهي، ان جو قدم پوئتي نٿو هٽي سگهي، ۽ نه وري اها گذري ويل گهڙيءَ سان بيهي سگهي ٿي.

”اوهين سڀ ڪمانون آهيو، جن مان اوهان جا ٻارَ، تِيرن جيان نڪري، فضا ۾ پنهنجو رستو پيدا ڪن ٿا. انهن تيرن جي نشانن کي ڏسڻ وارو هڪ تير انداز آهي، جيڪو پنهنجي بازوءَ جي زور سان انهن کي ڇڪي ۽ تاڻي ٿو - پوريءَ طاقت سان، ته جيئن سندس تير گهڻو مفاصلو طي ڪري سگهن، ۽ گهڻيءَ تيزيءَ سان اڳتي وڃي سگهن: اهو تير انداز پنهنجا تير سدائين مستقبل جي اُفق ڏانهن ئي اُڇلائيندو آهي.

”بس، اوهين انهيءَ تير انداز جي هٿن ۾رضا ۽ رغبت سان جهُڪي وڃو، ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ طرح هو تيز اُڏامندڙ تيرن سان محبت ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح هو انهن ڪمانن کان رضامند رهي ٿو، جيڪي مضبوط ۽ ڪارآمد هجن.‘“ (ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com