”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“
(شاهه)
آنجهاني، ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي.
16- اپريل 61ع تي، سنڌ جو مشهور انسان دوست شخص، ڊاڪٽر ٽلو مل
ڌيرواڻي، اسان کان جدا ٿي ويو. هن نيڪ هستيءَ جي
نالي کان ڪير اڻواقف هوندو؟ پاڪستان کان اڳ، ريل ۾
سفر ڪندڙ سڀني ماڻهن ”وطن خذمتگار“ جو نالو ضرور
ٻڌو هوندو.
ڊاڪٽر صاحب ننڍيءَ ڄمار کان ئي وطن جي آزاديءَ واريءَ هر تحريڪ
۾ پرجوش حصو وٺندو هو، ۽ چار-پنج ڀيرا جيل به ويو؛
پر 1942ع ڌاري، بلڪل اوچتو، هن ”وطن خذمتگار“
نالي هڪ خاموش عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو، ۽ ان کي
اهڙو ته ڪامياب بنائي ڇڏيو جو ڏسندڙ حيران ٿي ويا.
ڳالهه هيئن هئي جو جنگ ۽ حُرن واري زماني ۾ گاڏيون فقط ڏينهن جو
هلايون ٿي وييون، ۽ انهن جا وقت به گهٽايا ويا
هئا. هڪ ڏينهن، سخت اونهاري جي ٻپهرن مهل، جڏهن
نٽهڻ اُس ۽ تيز لُڪ جسم کي ٿي جلايو، تڏهن
ڪراچيءَ کان هلندڙ گاڏيءَ ۾ اهڙي ته پيهه هئي جو
هر ڪنهن ٻوڳيءَ ۾ جنسي ’بلئڪ هول‘ وارو تماشو هو،
پر ماڻهو پوءِ به پئي هڪٻئي تي ڳاهٽ ٿيا؛ تڏهن
انٽر ڪلاس ۾ پنکا به ڪونه هئا، ۽ وڃڻيءَ هڻڻ جي ته
حالت ئي ڪانه هئي: ڊاڪٽر ڌيرو مل به انهيءَ ڏينهن،
اهڙيءَ حالت ۾، هڪڙي ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ چڙهيل هو. پاڻ
سدائين کاڌي واپرائيندا هو، ۽ سفر ٿرڊ ڪلاس ۾
ڪندو هو. گرميءَ جي بيحد گهُٽ جو تاب نه جهلي،
هڪڙو مسافر انهيءَ گاڏي ۾ بيهوش ٿي ويو، جنهن ۾
ڊاڪٽر صاحب چڙهيل هو. هيءُ انڌير سندس دل سهي ڪا
نه سگهي، ۽ هن ريلوائيءَ وارن کي سڌي ڪرڻ جي هڪڙي
نرالي رٿا سوچي ورتي. سا هيءَ، ته جڏهن گاڏي هلڻ
لڳي، تڏهن هن وٺي زنجير کي ڇڪيو، ۽ گاڏي بيهي رهي.
هاهاڪار مچي ويئي. ريلوائيءَ جو عملو، نوسيندو
نوسيندو، اچي ڊاڪٽر تائين سهڙيو. ڊاڪٽر صاحب صاف
مڃيو ته زنجير ڇڪي گاڏي پاڻ بيهاري هئائين. پر ان
جو سبب ڪهڙو؟ ڊاڪٽر صاحب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ ڏانهن
اشارو ڪيو. پر، جيستائين ڪو جاني مالي نقصان ٿي نه
چڪو هجي، هڪڙي ماڻهوءَ جي ٺلهي بيهوش ٿيڻ سان ريل
وارا ڀلا ڪٿي ٿا اهڙيءَ حرڪت کي برداشت ڪن؟ ڊاڪٽر
صاحب ڏنڊ ڏيڻ کان به صاف انڪار ڪيو، تڏهن چيائونس
ته ’تون گرفتار آهين، لهه هيٺ!‘ڊاڪٽر صاحب دريءَ
کي ٻانهن جو وڪڙ وجهي بيهي رهيو: چي، ’جيستائين
گاڏيءَ مان رش نه گهٽائيندا، هيٺ ڪونه لهندس!‘
پوليس واري ۽ گارڊ گهڻائي زور لاٿا، ڌڪ به
هنيائون، پر هيءُ مڙس به پنهنجيءَ ڌُن جو پڪو هو.
هشام ماڻهن جا مڙي آيا. گهڻا ته پوليس واري ۽ گارڊ
کي ڊاڪٽر پاران سامهون به ٿيا، پر ڊاڪٽر سڀني کي
سامت ۾ رهڻ جي وينتي ڪئي. اتي ڪي ڊاڪٽر جا
واقفڪار ڪامورا اچي نڪتا، تن پوليس ۽ گارڊ کي
هٽايو، ۽ خيرن سان گاڏي هلي. ٿوري ئي پنڌ تي،
ڊاڪٽر وري زنجيري ڇڪي بيهي رهيو. گاڏي وري بيهي
رهي. وري به ساڳيو ناٽڪ! ان ڀيري به نيٺ گاڏي وري
هلي؛ پر هينئر نه رڳو ڊاڪٽر صاحب زنجير ڇڪي هئي،
پر ٻين به گهڻن ئي گاڏن مان زنجيرون ڇڪجي وئيون.
اها ڪار اهڙي ٿي، جو آفيسر هاڻي ٿڌي نموني ڊاڪٽر
صاحب کي سمجهائڻ لڳا. پر هن هڪ به ڪانه ٻُڌين، رڳو
پئي چيائين ته ’رش گهَٽايو!‘ آخر، لاچار،
اختياريءَ وارن کي ٻه گاڏا وڌيڪ لڳائڻا پيا.
گاڏي اڃا ڪراچيءَ کان هڪڙي اسٽيشن
به اڳتي ڪانه وڌي هئي. جڏهن وڌيڪ گاڏا لڳايا ويا ۽
گاڏي صدر اسٽيشن تي آئي، ته ڊاڪٽر صاحب اُتي لهي
پيو: وري اچي سٽي اسٽيسن تان نئين سر ٻيءَ گاڏيءَ
۾ چڙهيو: ان سان به اها ئي ڪار! آخر ان گاڏيءَ ۾
به وڌيڪ گاڏا لڳايا ويا؛-- پر ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري
ويهاري ڇڏيائون.
انهيءَ مثال کان متاثر ٿي، ٻين جوانن ۾ به اهڙو جذبو جاڳيو جو
ڪئين رضاڪار انهيءَ نموني جون ڪارروايون ڪرڻ لڳا.
ڊاڪٽر صاحب پوءِ جيل مان آزاد ٿي اچي اهڙن نوجوانن
جي باقاعدي هڪ تنظيم جوڙي. ”وطن خذمتگار“ جي نالي
سان انهيءَ جماعت جا رضاڪار، گاڏين ۾ صلح سان سفر
ڪرڻ تي ليڪچر ڏيندا وتندا هئا، مسافرن جي هر قسم
جي تڪليف ۽ شڪايت جو تدارڪ ڪندا هئا، خود گاڏين ۾
صفائي به ڪندا هئا، ۽ ماڻهن ۾ مفت دوائون پيا
تقسيم ڪندا هئا. انهيءَ تحريڪ پوءِ ايڏو زور ورتو
جو نيٺ ريلوي وارا به ساڻن تعاون ڪرڻ لڳا.
رضاڪار جوانن وٽ پيتيون هونديون هيون، جن ۾ ماڻهن ايتريون ته
رقمون وڌيون جو انهن پئسن مان ڪراچيءَ ۾ پهرين
”وطن خذمتگار“ – اسپتال قائم ٿي. اتي به مفت علاج
هوندو هو، فقط پيتي ٽنگيل هئي. سچن ۽ ايماندار
خادمن جي امداد ايڏي ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو انهن پيتين ۾
ايتري ته مايا ڀرڻ لڳا، جو اسپتالون وڌي وڃي ڇهه
ٿيون؛ ۽ گاڏين ۾ دوائون ورهائيندڙ ۽ صفائي وغيره
ڪندڙ جوان به سڄيءَ سنڌ ۾ اڪيچار نڪري پيا.
پاڪستان ٿيڻ وقت، ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ ۾ لالو کيت وٽ هڪ وسيع
اسپتال ٺهرائي رهيو هو. پر جيئن ئي ملڪ تقسيم
ٿيو، ڪن مجاهدن، ڊاڪٽر صاحب کي ڦُري لُٽي، سندس
اسپتالن تي به قبضا ڪري ورتا. پوءِ وري مٿس
شڪارپوري محلي وارو بم- ڪيس به ڪيو ويو، جنهن ۾
ٻيا به ڪيترائي هندو ٻَڌا ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ
ٻيا سڀ جوابدار قيدين جي مٽا سٽا ۾ ڀارت هليا ويا،
پر ڊاڪٽر ٽلومل وطن ڇڏي وڃڻ کان انڪار ڪيو. آخر
آزاد ٿيو، ته سندس باقي جائداد ۽ پلاٽ به ڪونه
رهيا. ڊاڪٽر صاحب سڀڪجهه سَٺو، ۽ وري به مستقل
مزاجيءَ سان پنهنجي ڳوٺ ’سن‘ ۾ ۽ حيدرآباد ۾ اچي
اسپتالون قائم ڪيون.
سن ڳوٺ واريءَ اسپتال ته اهڙو تماشو مچايو جو مفت جي سرڪاري
اسپتال سدائين ويران رهڻ لڳي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي
اسپتال سدائين ڀرپور: ماڻهو علاج به اتان ڪرائيندا
هئا، ۽ پئسا به بنا طلب پيا پهچائيندا هئا.
هيءَ حالت ڏسي، هڪ طرف صحت کاتي وارا ۽ ٻئي طرف پوليس وارا اچي
ڊاڪٽر صاحب تي ڏمريا، ۽ هڪڙي ڏينهن اوچتو اسپتال
تي چڙهائي ڪري، سموريون دوائون وغيره گند ڪچري
جيان ٻُهاري هليا ويا. پوءِ، هڪٻئي پويان، ڊاڪٽر
صاحب تي ٻه ڪيس ڪيائون. ڪيس ته ٻئي لهي ويا، پر هن
اوڻهٺ ورهين جي مخلص خادم جي حساس دل اها بيقدري
برداشت نه ڪري سگهي، ۽ هڪڙي ڏينهن، سو به هلندڙ
گاڏيءِ ۾، کلندي ڳالهائيندي، پنهنجن هزارن مداحن
کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي روانو ٿيو.
آنجهاني ڊاڪٽر ٽلومل سنڌ جو هڪ مثالي خادم، بهترين ڊاڪٽر،
بردبار ۽ داني پُرش هو. اسين سندس مرتيي جي ڏک ۾
سندس پوين سان برابر جا شريڪ آهيون، ۽ سندس لائق
فرزند، ڊاڪٽر ڪندنمل، مان اميد ٿا رکون ته هو
پنهنجي والد جي مقصدن کي قائم رکندو، ۽ پڻ سندس ڪو
اهڙو يادگار قائم ڪندو، جنهن وسيلي عوام هن جي
قيمتي کوجنائن مان فيض حاصل ڪندو رهي.
مولوي قاضي عبدالرزاق، مرحوم.
سنڌ جي علمي حلقن لاءِ هيءَ خبر نهايت ڏک پهچائيندڙ آهي ته سنڌ
جي مشهور اهل قلم ۽ ديني خادم، مولوي قاضي
عبدالرزاق، 18 جون 61ع تي وفات ڪئي آهي - انا لله
و انا اليہ راجعون.
قاضي صاحب 19 سيپٽمبر 1892ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. نهايت ديندار ۽
ديني علوم سان شفقت رکندڙ، خاموش طبع، ۽ متواضح
شخص هو. علوم دينيه جي تحصيل کان پوءِ ساري عمر
معلم الفقہ ٿي رهيو. هزارين شاگرد سندس تعليم ۽
صحبت مان فيضياب ٿيا آهن.
تعليم ۽ تدريس سان گڏ، علمي رسالا - جهڙوڪ ’علمي دنيا‘،
’ڪاميابي‘، ’دين و دنيا‘، وغيره- ڪافي عرصي تائين
هلائيندو رهيو، جن ۾ علمي، ادبي، تاريخي ۽ ديني
مقالا شايع ٿيندا هئا. سندس تصنيفات ۾ هيٺيان ڪتاب
آهن، جن مان ڪي ترجمو آهن: غازي انور پاشا، آئينه
محبت، ارشاد الامام، تاريخ القرآن، سيرت العائشه،
فاروق اعظم، محنت جو ڦل، فولادي شهزادو، امانت،
پيارو نبي، دين ۽ دنيا، سوره فاتح، رب ڪريم کيس
شال مرهي!
خواجه شمس الدين ’شمس‘، مرحوم.
جڏهن ڪنهن جو ذهن بيدار ٿئي ٿو ۽ هو سوچڻ لڳي ٿو ته جن رسمن
رواجن جي زنجيرن ۾ آءٌ جڪڙيل آهيان، تن جي اصل
حقيقت ڇا آهي ۽ اهي مون لاءِ سچ پچ ڪهڙي حيثيت
ٿيون رکن، تڏهن هو آخر، رؤسو جي لفظن ۾، انهيءَ
نتيجي تي پهچي ٿو ته ’آءٌ آزاد پيدا ٿيو آهيان، ۽
بي سبب پاڻيهي پاڻ کي کڻي زنجيرن ۾ جڪڙيو اٿم‘.
پوءِ هو، پنهنجيءَ طاقت آهر، زنجيرن کي ٽوڙن لڳي
ٿو. ظاهر آهي ته انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ ڪو آسان ڪم
ڪونهي: حد کان وڌيڪ زور لڳائيندڙ جيڪڏهن پوريءَ
ريت ڪامياب نه ٿيندو آهي ته جڳ اُتس ’جيئڻ جا
الزام‘ آڻيندو آهي، ۽ اهو اڪثر جوان مرگيءَ جو
شڪار ٿي ويندو آهي. سنڌ جي دلير اديب، شاعر، صحافي
۽ مرد قلندر، خواجه ’شمس‘ لاءِ پڻ اهي ئي حالتون
پيدا ٿيون، ۽ وقت کان اڳي، پنجيتاليهن جي عمر ۾
ٽي. بي. ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويو. هو پنهنجي دل جو
خون پي ۽ جگر جا ٽڪرا چٻاڙي، چُڙي چُڙي، انهيءَ
دنيا کان الوداع ڪري ويو، جنهن جي ظلمن خلاف هو
سدائين وڙهندو رهيو. سندس تحرير، تقرير، شعر ۽
عملي جدوجهد سببان، سماجي ۽ سياسي ٺيڪيدارن کي
زبردست تيش آيو، ۽ هو کيس چيڀاٽڻ جا سدائين گهاٽ
گهڙيندا رهيا. مارون کاڌائين، جيل ويو، ڏيهه
نيڪالي مليس، مفلس ۽ ڪنگال رهيو، خود قوم ۽ يارَ
دوستارَ، حتاڪ گهر وارا به ڀڄي پري ٿيا، پر هيءُ
آخر دم تائين ثابت ڪري ويو ته
’سودا‘، قمارِ عشق مين خسرو سي ڪو هڪُن
بازي اگرچه لي نه سڪا، سر تو دي سڪا!
مرحوم 21- اپريل 1961ع تي، جمعي ڏينهن، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
سندس وڏا اصل سور جو نَسي راجپوت هئا، جن پوء
اسماعيلي مذهب اختيار ڪيو. ننڍي هوندي کان ذهين ۽
فهيم هو. سنڌيءَ کان علاوه، اردو جو باڪمال صحافي
هو؛ عربي، پارسي ۽ انگريزيءَ ۾ به سٺي مهارت حاصل
هيس. شروع ۾ ڪجهه وقت واپار ڪيائين، پر پوءِ دل
کٽي ٿي پيس، ۽ سيد ميران محمد شاهه (سابق وزير
حڪومت سنڌ ۽ سفير اسپين) - جو ان وقت سنڌ جو برک
وڪيل هو - جو منشي ٿيو. شاهه صاحب جي سنڌ
اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ سبب، سنڌ جي سڀني
سياستدانن ۽ ليڊرن سان کيس ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو
مليو. سنڌ جي سابق گورنر، سر غلام حسين هدايت الله
جي تيز فهم ۽ دورانديش نظر اهو محسوس ڪيو ته خواجه
شمس جهڙو هوشيار ۽ ايماندار ماڻهو وٽس هئڻ گهرجي.
هن خواجه صاحب کي اهڙي پيشڪش ڪئي، جنهن شاهه صاحب
جي رضامنديءَ جي ڳالهه ڪئي. سر صاحب ان وقت سنڌ
مسلم ليگ جو ليڊر هو، ۽ شاهه صاحب سندس ڳالهه قبول
ڪئي؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت سر صاحب جو پٽ، مسٽر انور
حسين، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار
بيٺل هو، ۽ کيس چست ۽ ايماندار ورڪرن جي ضرورت
هئي. خواجه صاحب کي اليڪشن جو چيف ورڪر مقرر ڪيو
ويو، ۽ مسٽر انور حسين ڪامياب ٿيو.
جلد ئي خواجه صاحب محسوس ڪيو ته مڙني سهولتن هوندي به کيس دلي
سڪون نصيب ڪونه هو. اميرن جي صحبت ۽ غريبن جي حالت
۾ کيس زمين ۽ آسمان جو فرق نظر آيو، ۽ سمجهائين ته
ٻنهي طبقن سان ساڳئي وقت واسطو رکڻ معنيٰ خلا ۾
لٽڪندو رهڻ. اندر جي آواز ۽ عوامي ڀلائيءَ جي جذبي
هيٺ،سر صاحب کي خير آباد چئي، حيدرآباد مان ”بانگِ
درا“ هفتيوار اخبار شايع ڪيائين. ان وقت سنڌ ۾ پير
الاهي بخش جي وزارت جو دور هو. ترت ئي سرڪار
”بانگِ درا“ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو، ۽ پوءِ خواجه
صاحب کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل موڪليو ويو. جيل
جي مدت ۾ به انتهائي شوخ ۽ دلخراش مضمون ۽ نظم
لکندو رهندو، جي پاڪستان جي مشهور اردو اخبارن ۾
شايع ٿيا.
ٿانون سي شرافت ڪا هو چالان وغيره،
ڪُڇ پان وغيره هي، تو ڪُڇ نان وغيره! (’شمس‘)
مرحوم وڏيءَ کان وڏيءَ طاقت سان ٽڪرائيندي خوف نه کائيندو هو.
بدمعاش ۽ راشي ڪامورن، سمگلرن، غدارن ۽ نااهل
سياستدان جون جيڪي ڌڄيون شمس مرحوم پنهنجيءَ
اخبار دوران اُڏايون، سي پاڪستان جي اردو صحافت ۾
مثال رهنديون. سندس تحرير ۾ باطل سوز شعلا هئا، ۽
شعر ۽ تقرير ۾ طوفان. جيل مان آزاد ڪري، کيس سنڌ
کان نيڪالي ڏني ويئي. خواجه صاحب سنڌ ڇڏي ڪراچيءَ
ويو، جتي مرڪزي قانون هو: اتان وري روزانه ” صداي
سنڌ“ اخبار جاري ڪيائين؛ پر مرڪزي سرڪار پڻ سندس
انهيءَ اخبار کي به بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو، ۽ کيس وري
حيدرآباد موڪليو ويو. سچ جي ٻيڙيءَ کي نه لهر نه
لوڏو: خواجه صاحب، تهان ئي تيز، پنهنجي پرچار تي
قائم رهيو. ان وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ، هفتيوار ”
الحبيب“ جي چيف ايڊيٽر، مرحوم غلام علي ’دوست‘،
کيس پنهنجي اخبار حوالي ڪئي. هيءُ اهو دور هو،
جنهن ۾ سنڌي صحافت عجيب ڌانڌليءَ ۾ ڦاٿل هئي ۽
صحيح صحافيءَ جي تميز ڪرڻ مشڪل ڳالهه ئي. خواجه
صاحب سنڌي صحافت ۾ دلچسپي ورتي، ۽ ”کليل چئلينج“
لکي ثابت ڪيو ته سچو صحافي ڪير آهي. عجيب ڪشمڪش جي
حالت هئي، حالتون انتهائي ناسازگار هيون، ۽ تمام
جلد ”الحبيب“ جو ڊڪلئريشن به رد ڪيو ويو. هن ڀيري
خواجه صاحب کي اولهه پاڪستان مان نڪري وڃڻ جو
فرمان ٿيو، ۽ کيس اوڀر پاڪستان اماڻيو ويو. ڊاڪا
پهچي، نئين ماحول ۽ بي سرو سامانيءَ جي حالت
هوندي، خواجه صاحب اتي به جلد ئي پنهنجن حوصلن کي
هموار ڪيو ۽ سنڌي، اردو ۽ بنگالي ٻولين ۾ گڏيل،
”بانگ درا“ اخبار اتان جاري ڪئي. پاڪستان ۾ غالباً
اهو ئي واحد پرچو هو، جيڪو انهن ٽنهي ٻولين ۾ شايع
ٿيو.
|