سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :15

 

سلطان جميل نسيم

سنڌيڪار: شمشير الحيدري

 

باهه ۽ سمنڊ

هيءَ مزار به آهي، ۽ سماڌي به.

هن تي ڳوٺ جا مسلمان هر جمعي رات روشني ڪرڻ ۽ فاتحا پڙهڻ ايندا آهن، ۽ ڪجهه دعائون گهري، گل پکيڙي هليا ويندا آهن.

هر اربع تي ڳوٺ جا هندو هتي گل ۽ گنگا-جل کڻي ايندا آهن، ۽ باسون باسي موٽي ويندا آهن.

سڄي ڳوٺ ۾ روڄ مچي ويو هو. رام ڀروسي جون اکيون روئندي روئندي سڄي پئيون؛ هو گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ لڳو. عبدالله ته بنهه بيحال ٿي پيو؛ هن پنهنجي مٿي جا وار پَٽي ۽ ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. ڳوٺ جي هر گهر ۾ پٿر پئجي ويو هو.

ماسيءَ اڄ پنهنجين اکين ۾ ترندڙ تقدس سان، رام ڀروسي ۽ عبدالله جي دلين ۾ ٻرندڙ باهه وسائي ڇڏي. هنن جي دلين ۾ ماسيءَ پنهنجو خيال، پنهنجو غم، ۽ پنهنجي لازوال محبت ڀري، نفرت جي اُن وڻ کي جلائي ڇڏيو، جيڪو وڏو ٿي زهريلا گل ۽ ڦل ڏئي ها.

ورهاڱي  کان اڳ ڳوٺ وارا ڀائيچاري جي زنجير دواران هڪٻئي سان ٻڌل هئا. جيڪڏهن اُڌيسنگهه جو فصل سٺو ٿيو ته الهرکيو خودبخود پنهنجا ٽيئي ڀائر وٺي اچي سندس مدد ڪندو هو. جيڪڏهين ڪنهن سال رمضان ڍل نه ڏيئي سگهيو ته ڌڻيرام ڳوٺ وارن کي چوندو هو، ’جيڪي اوهين ڏيئي سگهو سو ڏيو، باقي پورت مان ڪندس‘.  پر ورهاڱي کان پوءِ ڌڻيرام پڪو برهمڻ بنجي ويو هو: هن کي ڪهڙو لاچار پيو هو هڪ ’مليڇ‘ لاءِ چوندو گڏ ڪري يا پاڻ هٿانئون ڏئي! الهرکيو به پڪو مومن ٿي پيو: هن کي ڪهڙو لاچار پيو هو جو هڪ واڻئي، هڪ ڪافر جي مدد وڃي ڪري!  ورهاڱي کان پوءِ هندو هندو ٿي پيو، ۽ مسلمان مسلمان. پر سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪ ماسي ئي اهڙي هئي، جنهن کي نه هندن سان نفرت، ۽ نه مسلمانن سان وير هو: هوءَ ديانند جي ڀيڻ جي سهاڳ- رات جو سهرو به پنهنجن لُڏندڙ ڌندن وچان ڳائيندي رهي، ۽ وري محمد دين جي زال جي ميت کي غسل به ڏيئي ڇڏيائين.

الهرکيي کي جڏهن خبر پيئي ته ماسيءَ ديانند جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ ڳيچ ڳايا آهن، ته چيائين: ”پيريءَ ۾ اچي ايمان خراب ڪيو اٿس!“ ۽ جڏهين ڌڻيرام کي خبر پيئي ته ماسيءَ محمد دين جي زال کي غسل ڏنو آهي، ته هن ڪاوڙجي چيو: ”هيءَ پوڙهي پاڪستان ڇو نٿي هلي وڃي؟ اتي وڃي مسلمانن جي مُڙدن کي غسل ڏئي!“

پر ماسيءَ کي نه ڌڻيرام جي ڳالهين سان واسطو هو، ۽ نه الهرکيي جي ڳالهين تي ڌيان ڏنائين. هوءَ سڄي ڳوٺ‎ جي ماسي هئي؛ جيڪي ڪجهه ڪندي هئي، پنهنجو فرض سمجهي ڪندي هئي. اها ڳالهه جڏهن هن الهرکيي سان ڪئي، ته هن چيو: ”ماسي، مون توکي ڪڏهين نماز پرهندي ته ڏٺو ڪونهي، پهريون فرض ته اهو آهي.“

ماسيءَ کلي جواب ڏنو: ”چريا، ’اُو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي!‘“

الهرکيي اهو ٻڌي ٿُڪَ پَٽَ تي اڇلائي، ۽ ٻيئي ڪَنَ جهلي، توبهه ڪندي چيو:

”ماسي، ڇو پيريءَ ۾ ڪفر پيئي بڪين!“

”شان آهي الله جو، هن عمر ۾ ٿي ڪافر ڪوٺجان!“

ماسي ڀڻ ڀڻ ڪندي، پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙي ٽيڪي، منڊڪائيندي هلي ويئي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، ڳوٺ وارا سندس عزت ڪندا هئا ۽ هن جي جلالي اکين کان ڪؤ کائيندا هئا. سڀ ڄاڻندا هئا ته ماسيءَ جي زبان ۾ گهڻو اثر، ۽ دل ۾ گهڻو درد سمايل آهي.

***

هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ماسيءَ ان وقت جنم ورتو، جڏهين نديون خشڪ، کوهه خالي، ۽ زمينون اڃايل هيون، آسمان ٽانڊا وسائي رهيو هو، فصل سڪي ويا هئا، ۽ ڳوٺاڻا ڳوٺ ڇڏي ڀڄي رهيا هئا: ۽ جيڪي ڪنهن مجبوريءَ کان ڳوٺ نٿي ڇڏي سگهيا، انهن دعائون ته گهريون پئي حياتيءَ جون، پر خواب پئي ڏٺائون موت جا. ڳوٺ جي ننڍڙي مندر ۾ هر وقت پوڄا ٿيڻ لڳي، ۽ ڀڄن ڳائجڻ لڳا - رٺل شيام کي پرچايو پئي ويو. سدائين خالي رهڻ واري مسجد ماڻهن سان ڀرجي ويئي، جتي نمازون گهٽ ٿي پڙهيون وييون، ۽ لڳاتار اذانون ڏيئي پنهنجيءَ ستل قسمت کي جاڳايو پئي ويو.

نورو به ائين ڪرڻ ۾ ڳوٺ وارن سان شامل هو. ٻين وانگر هو به ڳوٺ ڇڏي ڏئي ها، پر هن جي زال پوري مهينين هئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ نڪرڻ ٺيڪ نه هو، ان ڪري هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ترسي پيو......... ۽ جنهن ڏينهن نوروءَ جي گهر ڌيءَ پيدا ٿي، انهيءَ شام سُتل قسمتون جاڳي پيون! اسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، ۽ جڏهن وٺا، ته کوهه پاڻيءَ سان ڀرجي ويا، زمين جي اُڃ لهي ويئي، ۽ هارين جي دلين جا ڪنول ٽڙي پيا!

نورو ته انهيءَ ڏينهن خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. ڄڻي ڄڻي کي چوڻ لڳو:

”هيءُ سڀڪجهه منهنجي ڌيءَ آندو آهي!“

نوروءَ جي ائين چوڻ تي ڳوٺ وارن مُرڪي ڏنو. هنن جي دلين ۾ نوروءَ لاءِ احترام، ۽ هن جي نياڻيءَ لاءِ سندن دل ۾ محبت پيدا ٿي ويئي.

اها خشڪساليءَ جي موسم، جيڪا هر پنجين سال ايندي هئي، وري ڪڏهين نه آئي. گل مرڪندا رهيا، مکڙيون ٽڙنديون رهيون، بهار ايندا رهيا، آسمان خوشيءَ منجهان پنهنجا خزانا لُٽائيندو رهيو... ۽، ائين ئي، نوروءَ جي ڌيءَ ’شادان‘ جوان ٿي ويئي.

ڳوٺاڻن ڏٺو ته ڳوٺ جون حسين کان حسين ڪنواريون به هن سانوريءَ ’شادان‘ جي مَٽ مُور نه هيون، جنهن جي ڀِنل اکين ۾ ڄڻ ڏيا ٻري رهيا هئا. ڳوٺ وارن مان جڏهن ڪنهن جي نظر شادان جي نظر سان ٽڪرائبي هئي، ته هو هڪدم پنهنجين اکيون جهڪائي ڇڏيندا هئا. سندن دليون ائين ڌڙڪڻ لڳنديون هيون، ڄڻ هنن کان ڪا وڏي گستاخي ٿي ويئي هجي، ڄڻ هو ڪنهن پير جي مقبري تي جتين سوڌا هليا ويا هجن.

هونئن ته شادان جي جواني ڪا غير معمولي جواني ڪا نه هئي، ڳوٺ ۾ هن کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون موجود هيون، پر هيءَ سادي سوڌي نَڪَ نقشي واري سانوري شادان پاڻ سان ٻه اکيون اهڙيون کڻي آئي هئي، جن ۾ پيار به هو ۽ وقار به؛  قربانيءَ جو سوجهرو به هو، ۽ پاڪيزگيءَ جو نور به. هن جي انوکين اکين کيس سڀني جو محبوب، ۽ سڀني کان بلند بنائي ڇڏيو هو. پر ڳوٺ جي هڪ نوجوان هاريءَ، حسن عليءَ، محسوس ڪيو ته شادان جي اکڙين ۾ ڳاڙهن ڏورن جو ڄار به آهي، ۽ اُن  ڄار ۾ سندس خيال گرفتار آهن؛ انهن حسين اکڙين ۾ نشتر به آهن، جيڪي، جيڪڏهن خيالن کي آزاد ڪري ڇڏجي، ته دل ۾ گهاءَ ڪرڻ لڳن ٿا. دل ۾ اهي ئي گهاءَ کڻي، جڏهين حسن علي پنهنجيءَ زخمي دل سان شادان جي سامهون آيو، ته هن مشڪي ڏنو: ان وقت حسن عليءَ سوچيو ته هن جي اکين ۾ اهو طلسم به آهي، جو زخمن تي مرهم جو ڪم ڪري سگهي ٿو.

حسن عليءَ ۽ شادان جي محبت خاموشيءَ سان وڌندي ويجهندي رهي. هو ٻئي، سڀني کان بيپرواهه ۽ بي نياز، هڪٻئي ۾ گم هئا. ۽ جڏهن شادان ڪنوار بڻجي حسن عليءَ جي جهوپڙيءَ جهڙي گهر ۾ پهتي، تڏهين حسن عليءَ ائين به محسوس ڪيو ته هن جي اکين ۾ تمام گهڻي گهرائي آهي - اهڙي گهرائي، جنهن ۾ ٻڏي نڪرڻ تي دل نه چاهيندي هجي؛ ۽ سچ پچ ته حسن عليءَ جي محبت، شادان جي اکين جي گهرائيءَ مان گذري، هن جي دل جي تهه تائين پهچي ويئي، بلڪ شادان سراپا حسن عليءَ جي محبت جي تصوير بڻجي ويئي هئي.

شادان کي حسن عليءَ جيان چاهڻ وارا ٻه ٻيا نوجوان به هئا. انهن مان هڪ هو نياز، ۽ ٻيو هو رام سروپ. نياز شايد پهريون نوجوان هو، جنهن همت ڪري، شادان جي اکين ۾ ترندڙ پاڪيزگيءَ ۽ جلال کان بيپرواهه ٿي، هن جو هٿ جهليو، ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو هئائين. - ”مون کي تو سان محبت آهي، شادان!“

شادان جو ننڍپڻ نياز سان گڏ گذريو هو، نياز سان ئي هوءَ جوانيءَ تائين پهتي هئي، پر جڏهين نياز جي اها ڳالهه ٻڌائين ته گهڙيءَ کن لاءِ وسميه ۾ پئجي ويئي. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ۽ نهايت بيوسيءَ جي لهجي ۾ چيائين: ”نياز ڀاءَ... مان ته ائين نه سمجهندي هيس!“

نياز جون اکيون هن جي چهري تي ڄمي وييون، ۽ پوءِ اوچتو سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. شادان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين: ”نياز ڀاءَ،..... مون---“

نياز بيچين ٿي پنهنجو ڏڪندڙ هٿ کڻي هن جي چپن تي رکيو، ۽ انتهائي ڏکويل لهجي ۾ چيائين: ” شادان، تون مون کي پنهنجي محبت نٿي ڏيئي سگهين، اها منهنجي قسمت؛ پر ائين چئي، مون کان پنهنجي درد جي دولت ته نه کس!“

ان ڏينهن کان پوءِ نياز جي گيتن جو گلو گهٽجي ويو، ۽ هن جي من جي مرليءَ جا سُرَ نڄاڻ ڪهڙن ويرانن ۾ گم ٿي ويا.

رام سروپ؟.... هو ته بس چاهيندو هو، -- سڀڪجهه، ۽ ڪجهه به نه. هن پنهنجين اکين سان نياز جي نغمن جو موت ڏٺو هو. هن کي شادان کي ڪجهه به چوڻ جي همت نه ٿي. بس،  جڏهين به شادان کي ڏسندو هو ته نگاهن سان گڏ ڪنڌ به جهڪائي ڇڏيندو هو، ۽ هٿ جوڙي چپن ۾ ئي جهونگاريندو هو - ’پرنام!‘ شادان جي حسن عليءَ سان شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ به رام سروپ ساڳئي ئي عقيدت ڀرئي انداز ۾ نگاهون ۽ ڪنڌ جهڪائي پرنام ڪندو هو.

نياز ته گهٻرائجي ڳوٺ ڇڏي ويو. جڏهين واپس آيو، تڏهن هن جي جسم تي خاڪي وردي پيل هئي، ۽ کيسي ۾ ڪجهه سونا زيور...... ۽ شادان جي هنج ۾ کيڏندڙ ٻار. جڏهين نيازَ حسن عليءَ جي موجودگيءَ ۾ پنهنجو کيسو شادان جي اڳيان اُبتو ڪيو، ته ان وقت رام سروپ کي نياز جي شخصيت تمام پياري ۽ تمام عظيم نظر آئي. شادان جي ننڍڙي سهڻي ٻارڙي جي ڳل تي پيار سان چهنڊڙي هڻندي، نياز حسن عليءَ کي چيو: ”حسن ادا، مان هينئر فوج ۾ آهيان. ڏاڍي مزي جي زندگي آهي!“

حسن علي، جو اڃا تائين شادان جي اڳيان پيل ننڍڙن چمڪندڙ زيورن کي ڏسي رهيو هو، نياز جي ڳالهه ٻڌي ڇرڪيو. پوءِ هن نياز جي ڪنڌ تي هٿ رکي آهستگيءَ سان چيو: ”هاڻي تون ويندين ته مان به توسان گڏجي هلندس.“

”۽ آءٌ به ---“ رام سروپ به، ڄڻ بنا سوچڻ سمجهڻ جي حسن عليءَ جي پٺڀرائي ڪئي.

نياز حسن عليءَ جي ڪلهي تي ٿپڪي ڏيندي چيو:”رام سروپ هلي سگهي ٿو، پر تون نه.... تون شادان جي زندگي آهين، هن ٻارڙي جي زندگي آهين... ۽ فوج ۾ زندگي ملندي نه آهي، پر ڦرجي ويندي آهي.“

پر حسن عليءَ جي مغز ۾ نڄاڻ ڪهڙو سوداءُ سمائجي ويو هو... هن جي نظرن ۾ فقط نياز جا آندل زيور جرڪي رهيا هئا. هو سوچي رهيو هو، ’جيڪڏهين آءٌ به شادان کي اهڙن زيورن سان سينگاري ڇڏيان، ته...!‘

حسن عليءَ کي نه شادان جا سڏڪا روڪي سگهيا، ۽ نه نياز جون سخت سمجهاڻيون؛ نيٺ وڃي فوج ۾ ڀرتي ٿيو.

ڳوٺ جي ننڍين نيٽين جا ڪنوارا گيت هيسجي ويا.... سُرَ ڏڪڻ لڳا، ٻول بدلجڻ لڳا، ۽ پوءِ سمورا نغما خاموش ٿي ويا، ۽ انهن نغمن جي جاءِ تي سرگوشيون ڪَرَ موڙڻ لڳيون – ڌير ڌيري، آهستي آهستي.

پهرئين افواهه سان شادان ڪنبي ويئي، هن جا چپ ٿڙڪڻ لڳا - ’نياز فوج ۾ مارجي ويو!‘

ٻئي افواهه کي ٻُڌي، شادان جي اکين مان اُهو پاڻي اُٿل کائي ٻاهر اچڻ لاءِ موجون مارڻ لڳو، جيڪو هوءَ ڳوٺ وارن لاءِ کڻي آئي هئي، آسپاس جي سڀني ماڻهن لاءِ کڻي آئي هئي، بلڪ سڄي علائقي لاءِ کڻي آئي هئي - ’رام سروپ به انهيءَ باهه ۾ ڀسم ٿي ويو!‘

۽ پوءِ..... شادان جي اکين ۾ سمايل، ماٺي سمنڊَ اندر طوفان اچي ويو. هن جي پرسڪون دنيا ۾ هلچل مچي ويئي. گيت مرثيا بنجي ويا. سرگوشيون دانهن بنجي، سڄي ڳوٺ جي فضا ۾ پکڙجي وئيون--- هڪ المناڪ، دردناڪ دانهن؛-- ڇاڪاڻ ته اِها حسن عليءَ جي موت جي خبر هئي - ڇاڪاڻ ته اِهو شادان جو غم هو-- ۽ شادان جو غم ته سڄي ڳوٺ جو پنهنجو غم هو.

شادان ڳوڙهن جي اوٽ ۾ ڌڙڪندڙ دل سان سوچيو، ’هن ٻئي جهان ڏانهن وڃڻ واري مسافر منهنجيءَ دل کي پنهنجي منزل ڇو بنايو؟‘ - پر وقت سڀني سوالن کان بي نياز ٿي گذرندو رهيو.

وقت گذرندو رهيو، پاڻي وسندو رهيو، ٻنيون لهرائينديون رهيون، لابارا پوندا رهيا..... ۽ شادان جي هنج ۾ کيڏندڙ ٻار کي هاڻي هنج جي ضرورت نه رهي. هو وقت سان گڏ ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ شادان هن کي ڏسي مُرڪندي رهي - وسندڙ ڪڪرن جيان.

هاڻ شادان جي زندگي وري هموار ٿي ويئي. ڪڏهين ڪڏهين حسن عليءَ جي ياد، تلاءَ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ اُڇلايل پهڻيءَ جيان ايندي هئي، جا سندس دل جي گهرائين ۾ هلچل مچائي ڇڏيندي هئي، ۽ ان کان پوءِ وري ساڳي خاموشي، ۽ ساڳيا روز جا ڪم ڪار. هينئر شادان جي تمنائن جو مرڪز فقط هن جو کلندڙ ڪڏندڙ ٻار هو، جنهن کي سڄو ڏينهن وندرائي پيئي ٽڙندي هئي، ۽ رات جو کيس ڇاتيءَ سان لڳائي، پنهنجي تمنائن جي ڀڙڪندڙ بٺيءَ کي ٿڌو ڪندي هئي.

پر هڪ ڏينهن اُهو ٻار به گذاري ويو! نه بيماري، نه حادثو... صبح جو اُٿيو ته نڪ وهي رهيو هوس، رات جو تپ ٿي پيس، ۽ صبح جو شادان جي زندگيءَ جي شام ٿي چڪي هئي. ان ڏينهن هن پنهنجو لڙڪن جو سمورو خزانو لُٽائي ڇڏيو؛ جيترو روئي سگهي، رنائين. ٻئي ڏينهن کان شادان وري پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ ائين لڳي ويئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو؛ البت هن جي اکين ۾ جلال جي جهلڪ نمايان ٿيڻ لڳي، تقدس ۽ پاڪيزگيءَ جو سوجهرو وڌي ويو، ۽ قربانيءَ جي روشني تهان ئي ڦهلجي ويئي.

شادان جي مٿي ۾ جڏهين پهريون اڇو وار پيو، ته ڳوٺ جي ٻارن کيس ’ماسي‘ چوڻ شروع ڪيو؛ ۽ جڏهين اڌ کان وڌيڪ وار اڇا ٿي ويس، ته هوءَ سڄي ڳوٺ جي ماسي بنجي ويئي. ڳوٺ وارن جي دل ۾ شادان لاءِ جيڪا محبت هئي، سا عزت ۽ احترام ۾ بدلجي ويئي. اها عزت ۽ اهو احترام ان وقت اڃا به وڌي ويا، جڏهين ديانند جي وچينءَ ڀيڻ جي ڄڃ دلگهرئي ڏاج نه ملڻ ڪري در تان موٽيو پئي ويئي، ۽ ماسيءَ، نياز جي ڏنل زيورن ۽ حسن عليءَ جي ڪمائيءَ مان بچيل موڙيءَ سان، موٽي ويندڙ ڄڃ اڳيان ڄڻ ڀاري ڀِت کڙي ڪري ڇڏي. ديانند ماسيءَ جي قدمن تي ڪري پيو، ۽ هن جي ڀيڻ، جنهن جي ڄڃ واپس وڃي رهي هئي، سوچڻ لڳي: ’هيءَ ته ديوي آهي! هن جي ته پيرن تي سجدو ڪرڻ کپي!‘ ۽ واقعي، جڏهن ماسيءَ هن کي ڇاتيءَ سان لڳائي، هن جي وارن کي الوداعي چمي ڏيئي، پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سندس مٿي تي رکي چيو----” منهنجي ٻچڙي!“، ته هوءَ ”ديوي!“ چئي، ماسيءَ جي قدمن ۾ ڪِري پيئي، ماسيءَ هن کي اُٿاري، وري ڇاتيءَ سان لاتو: ” آءٌ تنهنجي ماءُ آهيان، ديوي نه آهيان. تون منهنجي ڌيءَ آهين.... تون منهنجو پٽ آهين.“ ماسيءَ جي نڙي گهُٽجي ويئي.

***

پوءِ، پورن چاليهن سالن کان پوءِ، آسمان هڪ دفعو وري ڪاوڙجي زمين ڏانهن ڏٺو، ته هارين جون دليون دهلجي ويئون. بيٺل فصل سوڪ کائي ويا، کوهن جو پاڻي تر وٺندو ويو، ۽ واهن جو پاڻي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ سان لڳندو ويو: ان وقت مسجدون ۽ مندر وري آباد ٿي ويا، ۽ جڏهن ماڻهن جون دعائون ۽ سکائون، آزيون ۽ التجائون به رائگان ٿيڻ لڳيون، تڏهن هو ڪجهه سوچي ماسيءَ وٽ آيا. اُن وقت ماسيءَ تي عجيب جلالي ڪيفيت طاري هئي: هن جا اڇا وار وکريل هئا، اکين ۾ ڳوڙها هئا، ۽ زبان تي ” پاڻي!..... پاڻي!“ جي پڪار. ڳوٺاڻن جڏهين ماسيءَ جي هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن پاڻ به ان سان گڏ دعا ۾ محو ٿي ويا.

ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ننڍيون ننڍيون ڦڙيون پوڻ لڳيون، ۽ شام جو وڏڦڙو مينهن اچي سهڙيو. ڳوٺاڻن جي دلين ۾ جو اڳي ئي ماسيءَ لاءِ عزت ۽ احترام گهڻو هو، سي هاڻ ماسيءَ جا عقيدتمند ٿي پيا.

۽ هيءُ به ماسيءَ جو ئي دم قدم هو، جنهن ڳوٺ ۾ فساد جي باهه کي ڀڙڪو کائڻ نه ڏنو؛ نه ته عبدالله ۽ رام ڀروسو ته خسيس ڳالهه تان تڪرار ڪري سڄي ڳوٺ کي ڀڙڪائي چڪا هئا.

ماسيءَ اڳيان وڌي وڃي رام ڀروسي جي ڳچيءَ مان جهليو، ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي: ”تون جيڪڏهن مسلمانن کي مارڻ چاهين ٿو ته پهرين مون کي مار، ڇو ته آءٌ مسلمان آهيان!“

وري عبدالله کي وارن مان جهلي چيائين: ”جيڪڏهن اوهان جي دلين ۾ هندن جي خلاف فساد ڀريل آهي، ته پهرين منهنجي ڇاتي چيري ڇڏيو؛..... ڇو ته سڀ کان وڏي هندو آءُ آهيان!“

اهو ٻڌي، رام ڀروسو ڏڪي ويو، عبدالله ڪنبي ويو، ٻنهي جون نظرون جهڪي وييون، ۽ ڳوٺ ۾ امن ٿي ويو - پر دلين ۾ ويڇا پيدا ٿي چڪا هئا.

سانجهيءَ ويل جڏهن ماسي رام ڀروسي جي گهر وٽان لنگهي، تڏهن سوچيائين ته سندس زال سان چار چونڪ ڳالهين جا ڪندي وڃان. ماسيءَ اڃا اندر پير مس ڌريو ته ڏٺائين ته پريان رام ڀروسو وائڙن جيان رڙيون ڪندو ڊوڙندو پئي آيو.

”خير ته آهي....؟“ ماسيءَ پريشان ٿي پڇيو.

”خير ڪٿي، ماسي! منهنجو پٽ ۽ عبدالله جو ننڍڙو، ٻيئي باهه ۾ وڪوڙجي ويا آهن! دعا ڪر!“

رام ڀروسو ائين چوندو، تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو ويو. ماسيءَ گهٻرائجي رڙ ڪئي: ”ڪٿي لڳي آهي باهه؟“

”عبدالله جي بُههَ واريءَ ڪوٺيءَ ۾.“ ائين چئي، رام ڀروسو اندر هليو ويو، ۽ زالس کان ڪنهن شي بابت تيز آواز ۾ پڇڻ لڳو.

ماسيءَ اهو ٻڌي پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙي اڇلائي ڇڏي، ۽ جهڪيل چيلهه سان، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، بلڪ ڊوڙندي، اچي عبدالله جي گهر پهتي. باهه ڪوٺيءَ کي چئني پاسن وڪوڙي ويئي هئي. ماڻهو عبدالله کي صلاح ڏيئي رهيا هئا ته جيڪي ڪجهه هو ڪڍي سگهي سو ڪڍي وٺي، نه ته گهڙيءَ کن ۾ ڪوٺيءَ واري باهه سڄي گهر کي وچڙي ويندي. عبدالله هوش حواس وڃائي چڪو هو، ۽ سندس زال پنهنجي ٻارڙي جي ڏک ۾ بيهوش پيئي هئي. جڏهين رام ڀروسو ۽ سندس زال روئندا پٽيندا اُتي پهتا، ته ان وقت تائين ماسي باهه جي ڀنڀٽ ۾ گم ٿي چڪي هئي. ماڻهن گهڻو ئي کيس روڪيو، خدا ۽ ڀڳوان جا واسطا وڌا، پر جڏهن ماسي باهه جي ڄڀين ۾ گم ٿي ويئي، ته سڀيئي خاموش ٿي ويا. ماسيءَ کي باهه ۾ ويندي ڏسي ٻن چئن کي جوش ته چڙهيو، پر باهه جي هيبت ڏسي همت نه ٿين.

۽ جڏهن ماڻهو هي سوچي رهيا هئا ته هن پاڳل پوڙهيءَ پاڻ کي پرائيءَ باهه ۾ اُڇلائي پنهنجيءَ دل جي باهه کي وسائي ڇڏيو، ۽ عبدالله ۽ رام ڀروسي جي ٻارن سان گڏ ڀسم ٿي ويئي، ان وقت سڀني سوچڻ وارن جا دماغ دنگ رهجي ويا، ۽ ڏسڻ وارن جي اکين سان گڏوگڏ سندن وات به ڦاٽي ويا..... هر ٻڍي ۽ ٻار هيءُ منظر عجيب تپرس جي حالت ۾ ڏٺو ته ماسي ٻنهي ٻارڙن کي ڇاتيءَ سان لائيندي، پنهنجن ڪپڙن ۾ باهه ڀڙڪائيندي، اچي رهي هئي!

ماڻهن جلدائيءَ سان ٻارن کي الڳ ڪري سندس ڪپڙن جي باهه وسائي.

ماسيءَ جا اڇا وار ۽ جسم سڙي ويو هو، پر پاڻيءَ جو اُهو خزانو، جيڪو هوءَ ڳوٺ وارن لاءِ کڻي آئي هئي، اڃا خشڪ ڪونه ٿيو هو. هن اشاري سان رام ڀروسي ۽ عبدالله کي اوڏو سڏيو، ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين:

”هيستائين آءٌ اوهان کي اوهان جي هر غلط ڳالهه تي ٽوڪيندي رهندي هيس، پر هاڻي اوهين.... ها، اوهين، ٻين کي هميشه غلط ڳالهه تي ٽوڪجو.... پر، منهنجا ٻچا،.... اوهين پاڻ ڪو غلط قدم نه کڻجو!“

هن جي اکين مان ڳوڙها نڪتا، ۽ پوءِ اکيون هميشه لاءِ بند ٿي وييون.

رام ڀروسي پنهنجو مٿو ڀت سان ٽڪرايو، ۽ عبدالله بنهه بيحال ٿي پيو.

هيءَ مزار به آهي، ۽ سماڌي به -

هن تي ڳوٺ جا مسلمان هر جمعي رات روشني ڪرڻ ۽ فاتحا پڙهندا ايندا آهن، ۽ ڪجهه دعائون گهري، گل پکيڙي هليا ويندا آهن.

هر اربع تي، ڳوٺ جا هندو هتي گل ۽ گنگا-جل کڻي ايندا آهن، ۽ باسون باسي موٽي ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com