ذوالفقار راشدي
شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل
منهنجو خيال آهي ته ’لطيف فن‘ جي نالي واريون جيڪي به شيون
مشهور آهن، تن مڙني ۾ موسيقيءَ جي جاءِ مٿانهين
آهي. شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ سڳين
ڀينرن وارو گهرو ۽ گهاٽو سٻنڌ آهي، ليڪن مان ائين
ٿو ڀانيان ته اچيءَ شاعريءَ کي اوچي کان اوچي مقام
تائين آڻڻ لاءِ موسيقيءَ جي ملت تمام ضروري آهي،
پر موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري
ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجهه
ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور
راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفطن جي ٻُڙن سان
جڙيل ۽ جهنجيل شاعريءَ سان. ٻڌندڙ جو خيال
پهريائين ڳائڻي جي موتين جهڙن منظوم لفظن ڏانهن
نه، بلڪ آوازن جي فني بجاوريءَ ۽ ڳائڻ جي ڍنگ ڍار
۽ ورجاءَ ڏانهن رڌل رهندو آهي؛ ۽ پوءِ، گهڻي ٿهمر
۽ ڌيرج بعد، خيال جو گهوڙو لفطن جي ماپ ۽ تڪ تور
ڪرڻ لاءِ واڳ ورائيندو آهي. راڳ يا سُرَ سان
انساني ساهه جون ڳنڍيون ڳنڍيل آهن، ڇو ته راڳ ڪنهن
اڪيليءَ قوم يا ڪنهن اڪيلي جاگرافيائي ٽڪري جي
ملڪيت نه آهي، پر پوريءَ انسانذات جي روحاني
پاڪيزگين جي ميراث منجهس موجود آهن. موسيقي يا
راڳ، نالو آهي هڪ رسيلي ۽ توريل تڪيل آواز جو،
جيڪو ٻڌندڙ جي ڪن کان اندر پيهي، روح سان وڃي رلمل
ٿئي ٿو - پوءِ اهو آواز کڻي سازن جي تند تار مان
اڀري، نڙيءَ مان نڪري، يا چپن جي چرپر سان پيدا
ٿئي. هائو، ايترو ضرور مڃبو ته جيڪڏهن مٺي سُرَ
سان وري منوهر ۽ مٺڙا ٻول رلجي نڪرن، ته راڳ جو
مزو تهان ئي چوٽ چڙهي ويندو. جيئن مٿي چيم، موسيقي
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص، جماعت ۽ قوم يا ملڪ جي
ملڪيت ناهي، پر روح جي اندروني خلش ۽ مسرت جو چٽو
پٽو چِٽُ يا چاپ آهي، تنهنڪري هر آدم پوٽي جي من
سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. هيءُ سچ آهي ته جڙيءَ ريت
جدا جدا هنڌن تي انساني ٻوليون نراليون ۽ جداريون
ٿين ٿيون، هوبهو ائين، جدا جدا ڏينهن جي موسيقيءَ
۾ آوازن جي تڪ تور جا ماڻ ۽ ماپا به نوان نوان ٿين
ٿا؛ پر ڪنهن ٻوليءَ جي بيحد سهڻن، سٻاجهن ۽ مهر
ڀرن لفظن جو اثر رڳو ان ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ تي ئي
پئجي سگهي ٿو، ۽ اهو لفظي رس رڳو ان کي ئي پڙ
پوندو، ليڪن موسيقيءَ جو امرت- رس هر جيءَ کي
جياريو ڇڏي: پرايو توڙي پنهنجو، ڪنهن نه ڪنهن حد
تائين، ان جي لطف ۽ لطافت کان متاثر ضرور ٿئي ٿو.
موسيقي پنهنجي ميٺاج سان پراين کي به پرڀايو،
پرچايو، پنهنجو ڪريو ڇڏي. پوءِ کڻي اها موسيقي
دنيا جي ڪهڙي به علائقي جي وطنيت رکندي هجي. سچ پچ
ته موسيقي، پنهنجي مجموعي فني حيثيت سان، انسانذات
جو هڪ مشترڪ مذهب آهي.
شاعر ۽ راڳيءَ ۾ وڏي ۽ بنيادي وڇوٽي به اها آهي ته شاعر پنهنجن
ٻڌندڙن (يا پڙهندڙن) کي لفظن ۽ خيالن جي مهاڄار ۾
منجهائي ٿو، پر هڪ راڳي پنهنجي مٺي آلاپ سان هڪ
اهڙي يڪسان ڪيفيت ٿو پيدا ڪري، جنهن کي واضح طور
تي محسوس ڪري سگهجي ٿو. مان ته ائين چوندس ته راڳ
رب جي ٻولي آهي، جيڪا سڀني ٻانهن کي ڏاڍي مٺي ٿي
لڳي. موسيقيءَ جا مَنڊَ، ماڻهن کي ته ڇڏيو، جيت
جڻيي کي به جڪڙيو ڇڏين. ان مان پڌرو پيو ٿئي ته
موسيقي الاهي ڏات آهي، جا ڏاتر طرفان انسان کي عطا
ٿي آهي، تان ته انسان ان کي وڌائڻ ويجهائڻ سان
آتمائن جا ازلي ڳانڍاپا ڳنڍيندو رهي. ان ڪري صوفين
۽ الهه لوڪن به ان جي وسيلي ئي پنهنجي رانول کي
ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ راڳ کي روحاني وندر ۽
ورونهن جو وسيلو ٺهرائي، رڳ رڳ کي تار ڪري، دل کي
تنبورو بنائي، وحدت جي وائي ورجائڻ لڳا. هندومت ۾
به واڄي ۽ راڳ جو درجو ڌڻيءَ جي ٻوليءَ وارو آهي،
جنهن کي مان الله ۽ انسان جي اها گڏيل ٻولي
ڪوٺيندس، جنهن ۾ ازل واري ڏينهن رب روحن سان
ڳالهايو هوندو.
*
ڌرتيءَ مٿان ٻي ڪا به اهڙي سڀ کي هڪ-ڪَري وڻيل
ٻولي ڪا نه آهي. آواز يا سُرَ جون هيٺ-مٿانهيون،
گهَڙَ گهت ۽ تڪ تور ته پوءِ ڪلاڪار ڪندا ئي رهيا،
پر هڪ مسلسل سريلي آواز ۾ (جيڪو موسيقيءَ جي سڌريل
۽ فني تڪ تور تي ٺهڪيل ڦهڪيل ڪونهي) به وڏو جادو
جَڙَيل آهي - جيئن ڪنهن ڪنواريءَ جي جنڊ جِي،
مٺڙي، پرڀات ويلي واري ’گهون-گهون‘! پکين جي لات،
برسات جي ڦڙڦڙ، هير جي هٿڙن سان پنن ۽ ٽارين جي
کڙ-کڙ، دل کي ڇو بهار بهار ڪندي آهي؟ ان ۾ ڪهڙي
لفاظي لڪل ۽ شاعري ڇپيل آهي؟ ڪهڙي ٻوليءَ جا
مهراڻي ماڻڪ منجهس ڀريل آهن؟ ڪجهه به نه! ڪا به
سڌريل ۽ انساني ڪاريگريءَ جي اوزارن سان گهڙيل
ٺهيل، سينگاريل سنواريل ٻولي ڪانهي. بس، هڪڙو سُر
آهي نه! چارڻ جي چنگ ۾ ڪا به شاعري ڪا نه هئي،
سکڻو سُر ئي سُر هو - موسيقيءَ جي ڏات سان ڏنيءَ
ڪنيءَ ڀريل سُر، جنهن تي راءِ ڏياچ جو سر گهورجي
ويو. پکي پکڻ، ماڻهو ڇيڻهوءَ ۽ جيت جڻئي تي هيڏو
سارو اثر وجهندڙ جادو نه ڪو امرالقيس جي اگهاڙيءَ
شاعريءَ ۾ آهي، نه خيام جي شرابي رباعين ۾، نه
شڪسپيئر جي ملڪوتي ڪردارن ۾، نه گوئٽي جي فلسفيانه
ٻولن ۾، ۽ نه غالب جي غزلن ۾. ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت
ايترو مٿانهان، سدا جيئرا، رس ڀريا ۽ ملوڪڻا ڇو
آهن؟ ڇو ته انهن جي اڏاوت موسيقيءَ جي پڪيءَ
پختيءَ پيڙهه تي ڪيل آهي. منجهن سُر سٽيل ۽ راڳ
رليل آهي. شاهه جي رسالي ۾ وک وک تي، اکر ۾ سُرَ
جو سڳ ملي ٿو. هڪ سريلي ۽ سوز ڀرئي آواز سان ڳايل
بيت، دلين کي ڪيئن ونگن ۾ وڪوڙيو ڇڏي! پر شاعريءَ
کي هيڏي اندروني اُڌمي اٿارڻ جي سگهه، گهڻيءَ گهڙت
۽ پالش کان پوءِ به شايد نصيب ڪانه ٿئي.،
”وائس آف آمريڪا“ تان جڏهن ’جاز‘ جو هڳاءُ هوائن ۾ پکڙجي ٿو،
تڏهن جيءُ بي اختيار جهومڻ ۽ جهولڻ لاءِ تڙپي ٿو
اٿي. جيتوڻيڪ ’جاز‘ جي سوکڙي ڀُوري نسل وارن
آمريڪين کي انهن وٽان پلئه پيئي، جن کي هو ڪارا ۽
اڻسڌريل سڏي کانئن بڇان ڪن ٿا، پر اڄ ’جاز‘ آمريڪي
ثقافت جي ساههَ مَٽ سوکڙي آهي: ڇو ته ’جاز‘ کي
موسيقي جوڙي ٿي، ۽ موسيقي خدا جي ٻولي آهي، جنهن
تي ’ڀوري‘ يا ’ڪاري‘ جي ڇاپ ڇاپي نٿي سگهجي، ۽ نه
کانئن ڪَنَ لاٽار يا ڪنڌ ڌوڻ ئي ڪري سگهجي ٿي.
اسان جي ڏيهي ناٽڪ ۾ ماڻهن لاءِ ڏاڍي سوادي ۽ سڻڀي
ذهني خوراڪ، دل- پرتا راڳ آهن. هيءُ تجربو آهي ته
ڏاڍي سٺي ڪهاڻيءَ وارا ناٽڪ به ان ڪري مات کائي ٿا
وڃن، ڇو ته منجهن موسيقيءَ تي گهٽ ڌيان ڏنل هوندو
آهي. مغرب جي موسيقي چوڻيءَ ۾ ته اسان لاءِ پرائي
۽ پرانهين ٿي سگهي ٿي، پر ان جي ڪن روپن- رمبا،
سمبا، ۽ ٻين ڌُنن جو اسان جي ناٽڪي راڳن ۾ گهڻو
رواج پئجي ويو آهي، ۽ اهي سُرَ به اسان کي ايترو
ئي وڻيل آهن، جيترو پنهنجي موسيقيءَ جو پراڻو
ورثو. پڌرو آهي ته اوري ۽ پري جا قيد، موسيقيءَ جي
ميٺاڄ ۽ اسرار کي ڌوڏي، ڌوڻي، اُليڙي ۽ اُکيڙي
نٿا سگهن. ” بي. بي. سي.“ کان، واءَ جي وراڪن ۾
ويڙهجي، جڏهن هڪ ’سُريلي چيخ‘ هتي پهچي ٿي ته
هانوَ ۾ هُر کُر، ڦٿڪيءَ ۽ ڦڙڦوٽ کي جاڳائي، جيءَ
۾ جيون جي جوت اٿاريو ڇڏي. قاهره جي ” صوت العرب“
تان اُم ڪلثوم جو سريلو آواز، راڳ جو وڳو اوڍي
اسان تائين اچي ٿو ته اسين ان سُر تان به ساهه
گهورڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا؛ ڇو ته ڪو به ماکيءَ
جهڙو آواز ڪنن ۾ ميٺاج اوتي سگهي ٿو، پوءِ اهو کڻي
ڪٿان به اچي ۽ ڪنهن جو به هجي. جيڪڏهن هتان جي
قواليءَ تي هڪ جپاني شاعر، پروفيسر يون تو گوچي،
مست ۽ موهت ٿي سگهي ٿو، ته ان ۾ ڇو شڪ ڪجي ته هتي
وارا به جپاني موسيقيءَ مان سرت ۽ سڪ پرائي سگهن
ٿا.
ديومالائي ڪهاڻين ۾ موسيقيءَ جو درجو ’الاهي آواز‘ جو آهي. سري
ڪرشن جي بنسريءَ جا آلاپ، يا پاروتيءَ جو شو جي
بين تي ناچ ڪرڻ، اسراري آکاڻيون آهن. هيءُ ڪو
شاعراڻو جادو ڪونه هو، پر سُر جي سَٽَ ۽ سڏ هو،
جنهن سِرَ نوائي ڇڏيا.
مان پنهنجي روءِ سوءِ يا پنهنجن خيالن جي ئي آڌر تي نه، پر
گهريءَ سوچ ۽ گهڻي ويچار بعد هيءَ راءِ رکان ٿو ته
سکڻي شاعري ڪيڏي به اُچي ۽ وڏائيءَ ڀَري (great)
ڇو نه هجي، پر اها ’ڪتابي سوکڙي‘ رڳو ٿورن پڙهيل
ماڻهن ۽ اُڏوهيءَ جي ڪم اچي سگهي ٿي. هونئن به،
دنيا جا سڀ واکاڻيل شاعر رڳو راڳين جي واتان ڳائجي
وڃائجي ئي سڃاپرا، سدا جيئرا ۽ جڳ- مشهور ٿي سگهيا
آهن؛ پر ڪو به وڏو راڳي، اڄ تائين، ٺلهو ڪنهن شاعر
جو آڏار وٺي مٿي ته چڙهيو آهي. شاعري هڪ بي ساهو
بوتو آهي، ۽ موسيقي ان جو ساهه. موسيقي شاعريءَ
کان الڳ به سڀڪجهه آهي، پر شاعري موسيقيءَ کان
سواءِ مئل ۽ مُٺل، موڙهل ۽ منجهيل، ٻُسي ۽ ٻُٽي
پيئي لڳندي. سچي ۽ اُچي موسيقي جهنگن جهرن جي فطري
وايو منڊل ۾ ڄائي ۽ نپني، وڌي ۽ ويجهي، ۽ پوءِ
شهرن يا محلن ۾ کُرَ کوڙيائين؛ پر ڦوڙهه لفطن ۽
اُچن ويچارن واري پارسيءَ ڄائي شاعري، محلن جي
مغرور ماحول ۾ جنم وٺي، شهرن سان نينهن لائي،
جهنگ، جهانگين ۽ جهوپين کي وساريندي، ۽ مٿن سڌيءَ
يا اڻسڌيءَ طرح ٺٺول ڪندي رهي. شاعريءَ خيالي ڪوٽ
اڏيا، ته ڪڏهن گستاخين جي گوپ ۾ انسان کي ڪيرايو؛
ڪڏهن انسانذات کي ڀاڱن ۽ طبقن ۾ وراهي، ڪوڙ ۽
ڪيني، فرق ۽ ڦڏي کي هوا ڏيئي مچايو: پر موسيقي
پنهنجي ازلي ڪارج جي پوراڻيءَ لاءِ پنهنجيون سڀ
قوتون سجايون ڪندي رهي؛ سدائين انساني روح کي
پاڪن پاڪ، اڇي اجري، دياوان ۽ معصوم رکڻ جي ڪم ۾
رڌل رهي. شاعري هميشه موسيقيءَ جي وسيلي زوال مان
ڪمال تي چڙهندي ۽ جيئرن ۾ نانءُ ڳڻائيندي آئي آهي.
پري نه وڃي، اتي ئي کڻي پنهنجي سنڌي شاعريءَ کي
اٿلائي پٿلائي ڏسو. ان وچولي وقت جي شاعريءَ کي
ڏسو، جا موسيقيءَ کان منهن- مَٽ ڪرڻ واري زماني
جي ڄاول آهي. ڀٽ ڌڻيءَ کان وٺي اڄ تائين، هيڏي
ساري وقت ۾، اسان ڪهڙا سچ پچ اوچا ۽ سدا حيات شاعر
پيدا ڪيا آهن؟ حجاب ڇڏي، هانوَ تي هٿ رکي، پنهنجي
اندر کان پڇبو ته جواب ملندو- ’ڳاڻ ڳڻيا‘. ان جو
اصل ڪارڻ آهي،- موسيقيءَ کان اسان جي شاعريءَ جي
جدائي!
اُڌاري، اوپري، اجائي ۽ بيمزي شاعريءَ جا بياض ڀرجي ويا، پر سدا
جيئري ۽ اُوچي شاعري پيدا ڪا نه ٿي. هاڻوڪا نئين
ذهن، گهريءَ سوچ ۽ اُوچن ويچارن وارا نوجوان شاعر
به ان وچولي وقت جي شاعريءَ لاءِ هيءَ رکن ٿا:
”سنڌيءَ ۾ روايتي شاعري فارسيءَ کان بيحد متاثر هئي، ان ڪري ان
جو ماحول به ايراني هو- (روايتي محفلون، جن ۾ ساقي
شراب کڻي پياريندو هو، وغيره). سروَ جا وڻ (جيڪي
اسان رڳو تاج محل جي تصويرن ۾ ڏٺا هئا) ۽ نرگس جا
گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا آهن) ايتريقدر ته عام
بيان ڪيا ويندا هئا ڄڻ اسان جي گهر گهر ۾ نرگس ۽
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سروَ جو وڻ اُڀو آهي. ان مان اهو
نتيجو ٿو نڪري ته اسان جا اڳيان شاعر مشاهدي،
احساس ۽ تاثر- سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي اثر هيٺ، ۽
مطالعي جي ئي سهاري تي شاعري ڪندا هئا، جيڪو سندن
تخليقي قوتن، مشاهدي جي ڪميءَ ۽ احساس جي ڪُند هجڻ
جو ظاهر ظهور ثبوت هو، ۽ منجهن تخليقي قوتن جي
ناپيد هجڻ جو دليل پڻ.“ (”جديد سنڌي شاعري“، از
’تنوير‘ عباسي: ”مهراڻ“، 1-2، 60ع.)
ڌڻي ءَ جا لک ٿورا جو اسان جن شاعرن به اڳين جي ان چُڪ کي محسوس
ڪيو آهي، ۽ سڌاري جا اُپاءَ سوچيا اٿن. هاڻي هو
ڇاتي ٺوڪي چون ٿا ته اسين پنهنجي آسپاس جا ڏيک ڏسي
۽ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ ميڙي، انهن مان نئينءَ
شاعريءَ جي اڏاوت ڪري رهيا آهيون. انهيءَ احساس جي
مبارڪ موجودگيءَ ۾، اسان کي اڃا هڪڙو سڌارو پنهنجي
جديد شاعريءَ ۾ اهو به بنيادي طرح شامل ڪرڻ گهرجي
ته اسين پنهجن شعرن ۾ موسيقيءَ جو مزو پيدا ڪريون،
ته جيئن اهي عام ۽ امر ٿي سگهن- بلڪ ان ضرورت کي
جديد شاعريءَ جو هڪ لازمي قدر ٺهرائڻ کپيئون. اسان
جا پونير اسان تي افسوس ڪندا ته ٻيلي، گيت، غزل،
نظم، دوها، ڪافيون ۽ وايون ته واه جون جوڙيائون،
پر انهن کي رڳو ڪتابن ۾ ئي ڪٺو ڪري، قلم گسائي مري
ويا. اڄوڪي نسل کي پنهنجي شاعريءَ کي نئين نموني
اجارڻ سان گڏ، ان ۾ پنهنجي ديس جو اصل ذوق ۽ مزاج
پڻ ڀرڻو پوندو: ان لاءِ اسان کي باقاعدي موسيقيءَ
جي پالنا ۽ نيپاج جو بِلو ڪرڻو پوندو. هر ڪو شاعر
موسيقيءَ مان ڪجهه پرائي؛ پوءِ سُريلا راڳ لکي،
ڳائڻن هٿان ديس جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي. نئينءَ
شاعريءَ جا لفظ ته سادا، سوادي ۽ پنهنجا ڄاتل
سڃاتل آهن ئي؛ شعر ۾ ورجايل ويچار به پنهنجي لاءِ
پراوا ۽ اوپرا ڪين آهن؛ بس، رڳو انهن کي موسيقيءَ
جا رنگا رنگي وڳا اوڍائي عام تائين پهچائڻو آهي،
جيئن اهي جهر جهنگ ۽ ٿر بر تائين ڳايا ۽
جهونگاريا وڃن. شاعريءَ جا ڪنجرا اڏائيندي، ٿورو
ڌرتيءَ تي لهي، جيڪڏهن ٿڌيءَ دل سان ويچار ڪرڻ جي
تڪليف سهبي ته اها موٽ ڏاڍي ڪارائتي ۽ ملهائتي
ٿيندي. ٿوريءَ ئي ڪوشش سان انهيءَ خيال کي پنهنجو
اصول بنائي سگهجي ٿو. هاڻوڪي حالت ته اها آهي جو
اسان جن شاعرن ۾ رڳو ترنم سان پڙهڻ جو رواج به عام
ٿي نه سگهيو آهي. سو، اڄ کان ئي جڏهن هن ڪٺن راهه
جي رولڙن سان منهن ڏيئي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪبي ته
پوءِ ئي ڪو ورهين پڄاڻا وڃي اها نعمت نصيب
ٿينديسون. سردست، موسيقي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ ۽
موسيقيءَ جي سکيا جي اسڪولن کولڻ سان هن ڪم جي
بسم الله ڪري سگهجي ٿي. هوريان هوريان، اسان کي
حالتن ۾ هيڪاندو سڌارو آڻڻو پوندو؛ ڇو ته اڃا
تائين رڳو شاعريءَ ۾ به ’فعلن فعولن‘ جي
ڦٽاڪيبازيءَ کي وڏي فني ڪاني-ڪرامت ڪري ليکيو پيو
وڃي، تڏهن شاعريءَ کي سُر-تار سان رَلائڻ جو پنڌ
ته پرڀرو چئبو. نئين رواج جي پيڙهه رکڻ ۽ پراڻي
رواج جي پاڙن پٽڻ لاءِ وڏا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا ۽ ڪاڍا
ڪڍڻا پوندا آهن، پر سچيءَ دل سان سندريءَ ٻڌڻ وارا
اهڙين لاهين ۾ لهڻ کان بنهه هٻڪندا نه آهن. هيءُ
هڪ اهڙو بنيادي سڌارو ثابت ٿيندو، جنهن کي ڪنهن به
حالت ۾ نظرانداز نه ڪرڻو آهي. سنڌ ديس جو ڪک ڪانُو
ڳائيندو نظر ايندو، جيڪڏهين اسان جا شاعر، همت
ڪري، پنهنجي اندر جا اُڌما سُرَ ۾ سمائي، جهنگ
جهر ۾ پکيڙي ڇڏين. ان طرح، سندن هاڻوڪن پڙهندڙن
کان، ٻُڌندڙن جو ڳاڻاٽو پوءِ گهڻو وڌي ويندو. اسان
جي ملڪ جا ٻالا ڀولا ماڻهو محض’ڪتابي شاعريءَ‘ کي
ڌوئي ڪين پيئندا: هنن کي ته سُر کپي، ساز کپي، رنگ
کپي ۽ راڳ کپي، جنهن سان سندن ڀيڄ-ڀنيءَ جون
لاتيون، ڏينهن تتي جون جهونگارون، ۽ وڇوڙي جي
راتين جون اوڇنگارون جيئريون ٿين ٿيون.
اچو ته اهڙا شعر خلقيون، جيڪي بي ساها، نڪما، ڦڪا ۽ نستا نه
هجن، پر موسيقيءَ جي روح سان رلمل هجن، جن جي هر
لفظ ۽ هر بندش ۾ موسيقيءَ جي مستي مليل هجي.
پنهنجي موسيقيءَ ڏانهن ايتري ڌيان ڌرڻ جي گهرج آهي
جو ان جي رڳ رڳ ۾ نئون ست ۽ نئون ساهه پئجي وڃي؛
نئين واڌ، ۽ نوان تجربا ٿين. شعر شاعريءَ جو مطلب
اهو نه آهي ته ان کي لڪائي ڇپائي، ڍڪڻ هيٺ ڍڪي
رکجي، يا ڀاري پستڪن ۾ پوري، نيٺ اُڏوهيءَ جو کاڄ
بڻائي ڇڏجي: شاعري ته عام انساني جذبن جوئي اظهار
آهي، ۽ ان جو اصل مقصد تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو،
جڏهن هڪ طرف ته ان ۾ ٻين جي جذبن کي متاثر ڪرڻ جي
شڪتي هجي، ۽ ٻئي طرف ان کي زياده کان زياده ڦهلايو
۽ عام ڪيو وڃي: انهن ٻنهي مرادن کي ماڻن جو مؤثر
طريقو آهي- ’شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل‘.
ڳايو ۽ وڄايو! شل سدائين خوش رهو،
منهنجا سدا ملوڪ سنڌ جا شاعرو!
|