سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1961ع

غلام محمد گرامي

 

محمد رسول الله صه

12- ربيع الاول

l ”اي محمد صه، ڪاش آءٌ ان وقت زنده هجان ها، جڏهن اوهين انسانيت کي بلند درجي تي پهچائڻ لاءِ، عرب جي لق و دق صحرا ۾، عظيم جدوجهد جو آغاز ڪري چڪا هئا: آءٌ عرض ڪريان ها ته اوهين پنهنجي سهڻي ۽ دلنشين انداز ۾ قرآن پڙهي ٻڌايو، ۽ آءٌ اوهان جا هٿ چمندو رهان.“ --- رؤسو.

 

l ”محمد(صلعم) انسانيت جو ڪامل مظهر، نيڪ نيت، سهڻين صفتن وارو، مستقل مزاج، فهيم ۽ دانشمند، بامروت، شيرين گفتار، دوست دشمن لاءِ ڪريم، سيرت ۽ صورت جو حسين ۽ جمال آفرين پيغمبر هو.“ – گبن.

 

l ”دنيا جي وڏن ٽن مصلحن مان، محمد صه سڀني کان اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو. سندس تيز نگاهه، نرم طبع ۽ مستقل مزاج شخصيت دنيا ۾ عظيم انقلاب آندو آهي.“ – ڪارلائل.

 

l ”محمد صه جي سيرت مطالع ڪرڻ کان پوءِ، هيءَ حقيقت منهنجيءَ دل تي ظاهر ٿي آهي ته اسلام جي ڪاميابيءَ جو راز آهي- پيغمبر جي پوتّر هستي ۽ تپسيا واري شخصيت. هو علم ۽ عمل جو اٿاهه ساگر، قول ۽ عمل ۾ هڪجهڙو، الله جي ذات ۾ پڪو ويساهه رکندڙ، ۽ حق جو پرچار ڪندڙ هو. هن سڄي زندگي سادگيءَ ۽ مسڪينيءَ ۾ گذاري. بيشڪ، ڪروڙن انسانن ۾ هڪ اهڙو وجود به آهي، جنهن جو هر هڪ قدم الله جي خوف سان کڄيو ٿي. سندس تعليم، انقلاب ۽ امن لاءِ بهترين دستور آهي.“ – مهاتما گانڌي

 

l ”منهنجو اعتبار آهي ته جيڪڏهن هن دور ۾ حڪومت جو نظام محمد صه جهڙي ڪامل رهبر جي هٿ ۾ ڏجي، ته جيڪر موجوده بين الاقوامي مسئلا به حل ٿي وڃن، ۽ عالمگير امن به قائم ٿي سگهي.“ – برنارڊ- شا.

 


 

 

آزاديءَ جو ڏينهن

14 - آگسٽ

آزاديءَ جي عظيم جدوجهد جو اهو آغاز، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿيو،  پنهنجين سڀني رنگينين ۽ حيات آفرين تقاضائن سان، 14- آگسٽ تي، ياد دهانيءَ لاءِ پند رهون ڀيرو نمودار ٿيو.

آزادي وڏي نعمت آهي، ۽ غلامي ذلت:

’ڪه غلامي مين بدل جاتي هين قومون کي ضمير!‘

غلاميءَ ۾ قومن جو ضمير مري ٿو وڃي. هن عالم انسانيت جي تاريخ، اصل ۾ آزاديءَ ۽ غلاميءَ جي ڪشمڪش جو خون، چڪان داستان آهي. عروج ۽ زوال، قومن جي تقدير سان وابسته رهندا آهن. جي قومون امن ۽ ايمان، اخلاق ۽ سيرت، عمل ۽ جدوجهد تي ڪاربند رهيون، سي سرفراز رهيون، باقي صفحهء هستيءَ تان ميٽجي ويئون.

انساني جدوجهد جو عظيم منطقي تعبير، ’انساني ڪردار‘ سان وابسته آهي؛ ۽ انساني ڪردار جي تشڪيل جو بنياد ان ’انساني شعور‘ تي آهي، جنهن ۾ اجتماعي جدوجهد سمايل آهي، جنهن ۾ زنده رهڻ ۽ قائم رهڻ جي صلاحيت آهي. انسان پنهنجي انفرادي يا اجتماعي زندگيءَ ۾ بيمار دل ۽ دماغ سان ڪا به نمايان حيثيت حاصل نٿو ڪري سگهي.

ڪو به نظام، عوام ۽ ان جي صحتمند تعاون کان سواءِ هلي نٿو سگهي، ۽ ڪا به حڪومت پنهنجن مخلص ۽ صداقت شعار حاڪمن جي قربانين کان سواءِ زنده رهي نٿي سگهي. جو عوام پنهنجي زندگيءَ کي بلند مقام تي پهچائڻ لاءِ بيقرار آهي، ۽ جو نظام پنهنجن صالح ۽ بلند ڪردار سربراهن جي خدمت ۽ محبت جو مرهونِ منت آهي، اهو عوام ۽ اهو نظام وڌندو به ۽ زنده به رهندو.

اڄوڪو ڏينهن آزاديءَ جو عظيم يادگار جي حيثيت سان اسان جي تاريخ جو اهم باب آهي. اسان تي فرض آهي ته پنهنجي بلند ڪردار، پُرخلوص ۽ جدوجهد ۽ نيڪ عمل  سان اڳتي وڌون، ۽ دنيا جي عظيم ترين ۽ آزاد قومن ۾ پنهنجو وجود شمار ڪرايون.-

ادارو

 

 

 

سنڌ کي دعا

واحدَ وَسائينس، آهون عالم جون سُڻي،

موڪل ٿئي مينهن کي، تِل مَ ترسائينس،

وَسائي واٽن تي، اوڀر اُڀائينس،

صاحبَ ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،

پَکا پَکن سامهان، اوري اَڏائينس،

هونِ سدائين هِتهين، ربَ تون رهائينس،

”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾!

- مصري شاهه


 

 

*

اڄ عشق ڪيا پورا عدد، ’قالو بليٰ ‘ جي قول جا،

بدنام ٿي تنهن ڪَرَ بندي،جنهن ڪَرَ ٻنڌڻ پيس ٻول جا.

 

’ڪُن‘ اچي ڪڍيا قلم، امر ونهي سڀ ٿيا عدم،

بي رنگ مٿي رنگي رقم، ريءَ خط لڳا ڪي رَتول جا.

 

’جف القلم‘ قابو ڪَڙا، ٻيا بار بدناميون  بَڙا،

پايو پَڙا، پيو ڏئي پڙها، ڳوٺين ڳلين ۾ ڳول جا.

 

باري برهه ٻاري بَٺِي، ڪثرت ڪَٽي وحدت وٺِي،

پنهنجي هٿين پَٽيئَين پَٽِي، ڀولا لٿا ڀَوَ ڀولَ جا.

 

ڪج ابرو ڏسيو ڪعبو ڪري، سيني اندر سجدا سري،

’هو‘ سين حڪم هورين هري، هرگز هٽايئين هول جا.

 

’صُمّءٌ بُڪُم عُميءٌ اَنڌا، مُڙدن اُٿي جيئرا ٻَڌا،

تنهن منجهه گهڙي ’مصريءَ‘وڌا، لئه ڍولَ وَڙَ ته وَڙولَ جا.

 - مصري شاهه

 

گذارش

”شاهه“ جي شرح جو سوال.

واديء مهراڻ جو سدا حيات شاعر، شاهه لطيف، پنهنجي عظيم ۽ افادي حيثيت سان، بين الاقوامي اهميت ۽ عظمت حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه صاحب جو شعور هڪ بابصيرت نقاد، ۽ زندگيءَ جي صالح ۽ صحيح معيارن کي سمجهندڙ شاعر جو شعور آهي. شاهه صاحب پنهنجي واردات ۽ حسيات کي سنڌ جي مشهور رقص ۽ ڪهاڻين جي مجازي ڪردارن ۾ پيش ڪيو آهي- ۽ ’مجاز‘ ۽ ’استعارو‘، بلاغت جي حيثيت سان، صراحت ۽ سنئين سنڌيءَ ڳالهه ڪرڻ کان وڌيڪ بليغ مڃيو ويو آهي. ان حيثيت سان، شاهه جو ڪلام اِستعاري ۽ ڪنايي جو بهترين، معنيٰ خيز شاهڪار آهي.

شاهه جي ڪلام جي معنوي ۽ صوري ڪمالات جو اعتراف ٽرمپ، سورلي، مائي شميل، ۽ ايلسا قاضيءَ پارن مستشرقين دل کولي ڪيو آهي. ٽرمپ اول اول رسالي کي گڏ ڪري ڇپايو، ۽ ان تي علمي رنگ ۾ تمهيد لکي آهي؛ سورلي شاهه جي ڪجهه سُرن جو ترجمو به ڪيو آهي، ۽ شاهه جي دور جو سياسي ۽ تاريخي، معاشي ۽ سماجي پس منظر به لکيو آهي؛ مائي شميل به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه جي ڪن سُرن جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي؛ ۽ ايلسا قاضيءَ شاهه جي بيتن جو انگريزي زبان ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، ۽ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو شاهه جي شعري ۽ معنوي رنگ کي حقيقي روح ۾ نباهيو ويو آهي.

مستشرقين جون اهي ڪاوشون علمي نقطه نظر سان تعريف جوڳيون آهن؛ پر جيستائين شاهه جي شرح جو تعلق آهي، افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي، ته ان ڏس ۾ اسان جو ادبي ذخيرو اڃا به تشنه تڪميل آهي. شاهه جي تاريخي حالات تي قليچ بيگ جو ”شاهه لطيف جو احوال“، گربخشاڻيءَ جو”مقدمه لطيفي“، ۽ مولوي وفائيءَ جو ”لطف اللطيف“ گهڻي ڀاڱي سير حاصل ڪتاب چئي سگهجن ٿا؛ پر شاهه جي ڪلام جي شرح ۽ خيالات جي تعبير متعلق جو ڪجهه اسان وٽ آهي، اهو ناڪافي سمجهڻ گهرجي.

تقسيم هند کان پوءِ، شاهه متعلق ڀٽشاهه تي سرڪاري انتظام سان ڪانفرنسون شروع ٿيون. ان نيڪ روايت جو بنياد وجهندڙ سيد ميران محمد شاهه آهي، جنهن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ مخلصانه ڪاوشن سان ڀٽشاهه تي روح پرور اجتماع ٿيڻ لڳا. دراصل انهيءَ تحريڪ کان پوءِ ئي سنڌ جي نوجوان عالمن، اديبن ۽ شاعرن شاهه کي مطالع ڪرڻ به شروع ڪيو، ۽ مٿس ڪجهه لکڻ به شروع ڪيو. انهن ڪانفرنسن ۾ جي به مقالا ۽ اشعار پڙهيا ويا، اهي وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا؛ ازانسواءِ اطلاعات کاتي پاران به منتخب مقالن جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا آهن. اهي چند ڪتاب آهن، جي ’لطيف‘ متعلق تقسيم هند کان پوءِ شايع ٿيا  آهن.  انهن ۾ ڪي علمي ۽ تحقيقي چيزون به آهن، پر زياده تر قصيده گوئيءَ ۽ ثناخوانيءَ کان ڪم پئي ورتو ويو آهي؛ فڪري ۽ تنقيدي چيزون گهٽ لکيون ويون آهن.

ان قسم جا جذباتي دور اسان جي ملڪ ۾ ٻيا به گهڻا ئي آيا ۽ ويا آهن. مثال طور، جڏهن انگريزن شيڪسپيئر کي پنهنجو نمائندو شاعر قرار ڏنو، يونان هومر کي ساراهيو، جرمنيءَ وارن گوئٽي کي پنهنجو ملڪ الشعراءَ چونڊيو، ايرانين فردوسيءَ ۽ حافظ، روميءَ ۽ جاميءَ تي فخر ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن، انهن جي ديکاديکيءَ، اسان وٽ اول اردوءَ وارن ’غالب‘ کي ميدان تي آندو، ۽ ان کي ڏسندي، بنگال وارن قاضي نذر الاسلام کي انقلاي شاعر بنائي، پنهنجيءَ عصبيت ۽ قوميت تي ناز ڪرڻ شروع ڪيو، حالانڪ قاضي نذر الاسلام  جو ڪلام، معنوي حيثيت سان، بلند بانگ رڙيون ۽ چيخون ئي آهن. رڙين ۽ للڪارن جو ’انقلاب‘ سان ڪهڙو واسطو آهي، ان کي ته اهي قومون ئي سمجهي سگهن ٿيون، جن ڪڏهن انقلاب کي سمجهيو آهي، ۽ جن صالح انقلاب آڻي، قومن جي ضمير ۾ توانائي ۽ زندگي پيدا ڪئي آهي. بنگالين نذر الاسلام کي نه فقط آفاقي ۽ بيمثال شاعر قرار ڏنو، پر ان کي دنيا جي شاعرن جي صف اول ۾ شمار ڪرڻ شروع ڪيو.

ان کان پوءِ علامه اقبال جو وارو آيو. تقسيم هند جي ابتدائي اسباب ۽ حالات ۾ علامه اقبال جي شاعرانه موشگافين جيڪا مسلمانن ۾ حرڪت ۽ جذباتي توانائي پيدا ڪئي، ان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي؛ پر، اڳتي هلي، اول اهل پنجاب ۽ پوءِ انهن جي تقليد ۾ هند-پاڪ جي مسلمانن، علامه اقبال کي ’شاعر اسلام‘ ۽ ’شاعر مشرق‘ بنائي مٿس ايترا مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو انداز هزارن کان مٿي، لکن تائين پهچي ويو آهي. ان ايتريءَ علمي ڪاوش ۾ زياده تر تحريرون جذبات انگيز، عصيبت جون ترجمان، سطحي، ۽ ترجيحي رنگ واريون آهن. اقبال کي دنيا جي عظيم شاعرن جي صف ۾ ته آندو ويو، پر کيس دنياوي شاعريءَ جو خاتم قرار ڏيئي، باقي پوري عالم انسانيت جي شعراءَ کي هيٺ ڪيو ويو. ’اقباليات‘ جي عميق ۽ ناقدانه مطالعي کان پوءِ، اسان جو اهو رايو آهي ته هڪ يا ٻن ڪتابن ۽ ٻن- چئن مقالن کان سواءِ، باقي سارو مواد سطحي، تقليدي، جذباتي ۽ ترجيحي آهي.

دراصل، غالب هجي يا نذر الاسلام، اقبال هجي يا شيڪسپيئر، رومي هجي يا جامي، پنهنجيءَ جاءِ تي سڀ وڏيءَ عزت جالائق آهن، پر افسوس آهي انهن جي پيش ڪندڙ مداحن ۽ شارحن تي، جن انتهاپسنديءَ کان ڪم وٺي، غير علمي فيصلا به ڏنا آهن، ۽ انساني فڪر لاءِ جمود آور حدون به قائم ڪيون آهن.

اگر گستاخي معاف ڪئي وڃي ته پوءِ ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته اسان جا سنڌي اديب ۽ شاعر به ان قسم جي عصبي ۽ ترجيحي، جذباتي ۽ تفريحي، غلط روش کان بچي نه سگهيا آهن. اسان جا ’لطيف‘ تي لکيل ڪتابچا، مقالا ۽ شاعراڻا قصيدا، ان حقيقت لاءِ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

’شاهه‘ تي، گربخشاڻيءَ کان سواءِ، شرح جي باب ۾ ڪا به علمي ڪاوش پيدا نه ڪئي ويئي آهي- پر اها به زياده تر لغوي ۽ لفظي موشگافين تائين محدود آهي. شاهه جو اهو تاويل ۽ تعبير، جو زندگيءَ جي صحتمند قدرن کي اجاري ۽ سنواري، سو اڄ به ناپيد آهي.

شاهه جي متن متعلق گهڻو ڪجهه ڪم ٿيو آهي. اسان وٽ متعدد نسخا موجود آهن. سڀ کان پويون نسخو علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب ترتيب ڏنو آهي، جو تحقيق ۽ ڪاوش جي لحاظ کان گهڻو بلند آهي. ان کي هن ڏس ۾ حرف آخر سمجهڻ گهرجي، ۽ ان تي قناعت ڪرڻ گهرجي. باقي رهيو شاهه جي مڪمل شرح جو سوال، سو ته اڃا تائين موجود آهي. سنڌ جي اهل نظر ۽ صاحبِ شور اديبن لاءِ شاهه اڃا شرح جو محتاج آهي. شاهه جي مڪمل شرح جو ذميدارانه حل اڃا تائين ڪٿي به زير بحث نه آيو آهي.

اسان وٽ اڄ نه ڪو قليچ بيگ آهي، ۽ نه گربخشاڻي؛ نه ڀيرو مل، نه فتح محمد سيوهاڻي؛ ۽ انهن جو ساٿياري، ڊاڪٽر دائود پوٽو، به پنهنجو ڪم اڌوري نموني ۾ ڇڏي ويو آهي، ۽ سو به، جيتريقدر معلوم ٿي سگهيو آهي، محض مَتن متعلق ئي آهي، شرح کي ان مرحوم بزرگ به هٿ ڪونه لاٿو آهي. وري ڪو قليچ ۽ گربخشاڻي پيدا ٿئي، اهو محال نه آهي، پر ناممڪن ضرور آهي. ان صورتحال ۾، شرح ڪير لکندو؟ سڀاڻي ته موجوده دور جا بچيل کچيل وڏڙا به نه رهندا! لهذا، ڳالهه کٽائڻي، تجويز هيءَ آهي ته شاهه جي شرح لکڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو هڪ-اڌ  لائق ماڻهو پاڻيهي ميدان تي اچي ته پوءِ ڪنهن بورڊ جي ضرورت نه آهي، ٻيءَ حالت ۾ سنڌ جي باقي مانده عالمن ۽ اديبن جو بورڊ مقرر ڪرڻ گهرجي، جو هڪ اهل فن سربراهه جي نظر هيٺ ڪم کي شروع ڪري.

’شاهه‘ جي شرح جو ڪم هونئن ته تمام وڏو آهي، پر اهو به سکيو ۽ سولو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪو بلند حوصله ماڻهو ان ڪم کي مخلصانه طور پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ميدان تي ايندو.

بيشڪ،’شاهه‘ جي شرح لاءِ جي دقتون آهن، اهي به نظر انداز ڪري نٿيون سگهجن. اسان جي شارحن ۽ ناقدن اڄ تائين ’شاهه‘ کي محض ’صوفي‘ پئي سڏيو آهي؛  حالانڪه شاهه کي رڳو صوفي چوڻ غلط به آهي، ۽ جاهلانه به. گذشته راصلوات اڄڪلهه شاهه تي ڪم ڪندڙ اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن، جن جي نگاهه قرآن، حديث، فلسفي، تصوف، قديم توڙي جديد ادب و شعر، عمرانيات، سائنس ۽ جديد فلاسفيءَ تي نه فقط ناقدانه هجي، پر عارفانه به هجي: ان سان گڏ، انساني شعور ۽ فڪر جا مختلف النوع پهلو ۽ مدارج به سندن مطالع ڪيل  هجن؛ شعر جي صحتمند فني ارتقا کان به واقف هجن؛ هن ملڪ جي شاعريءَ، خاص طور ڪلاسيڪي فن سان به شغف هجين؛ ان کان سواءِ، سنڌي زبان، بالخصوص شاهه جي لاڙي لهجي جي محاورات، مصطلحات، مشتقات ۽ ضرب الامثال تي به ڪامل عبور حاصل هجين: سون تي سهاڳو اِهو ته هندي، عربي ۽ فارسي زبانن جي شاعريءَ تي به ڪامل دستگاهه رکندا هجن. يقين آهي ته اهڙا ماڻهو هن بحرذخار ۽ درياوي ناپيدا ڪنار جي غواصي ڪري سگهندا- ٻين جي جاءِ ناهي.

گستاخي معاف، مثال طور، هت اهو ظاهر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته آنجهاني گربخشاڻيءَ جي شرح، لغوي ۽ اصطلاحي موشگافين کان وڌيڪ ٻي ڪا به افاديت ۽ صحت نٿي رکي. ڊاڪٽر صاحب، اطلاقي تصوف ۽ نوفلاطونيت کي ويدانت جي آميزش سان مرصع ۽ رنگين ڪري، شاهه جي صحتمند ۽ صالح فڪر تي ملمعو چاڙهيو آهي. ويدانت جڏهن ته اصول ۽ فروع جي لحاظ سان اشراقي ۽ اطلاقي تصوف سان همرنگ ۽ هم آهنگ آهي، ۽ گربخشاڻي صاحب ذاتي طور فلسفه ويدانت ۽ فڪر عجم يا اشراقي تصوف جو قائل هو، تنهنڪري شاهه جي چند ويدانت آميز بيتن کي اصل الاصول قرار ڏيئي، سندس پورو تاويل ۽ تعبير اطلاقي ۽ اشراقي رنگ ۾ ڪري وڃي مٿي چڙهيو آهي- حالانڪه شاهه ۾ اشراقيت ۽ اطلاقيت، نوفلاطونيت۽ ويدانت جو ايترو حصو نه آهي جو سندس پوري ڪلام تي انهن کي حاوي سمجهي، کيس اشراقي ۽ اطلاقي صوفي ۽ ويدانتي قرار ڏجي. افسوس هي آهي ته اسان جا ٻيا هندو ودوان ۽ شاهه جا شارح به فقط ويدانتي اصولن موجب شاهه تي ڪتابچا لکي ويا آهن. عالم ۽ فاضل ان حقيقت کي خوب ڄاڻن ٿا، هت ان جي تفصيلي جائزي جي گنجائش نٿي سمجهجي- ڪمالايخفيٰ.

هن دور ۾ شاهه جي خدمت جو بس اهو هڪڙو ئي طريقو آهي ته مڪمل شرح تيار ڪئي وڃي؛ باقي جلسا ۽ جلوس، ڪانفرنسون ۽ نمائشون، ثانوي حيثيت رکن ٿيون، جي نڪي آهن فرض نڪي واجب.

اسان جا اهل نظر عالم، اهل بصيرت ۽ پيشرو اگر هن ناچيز گذارش تي غور ڪري، شاهه متعلق شرح جو ڪم هٿ ۾ کڻندا، ته پوءِ يقين آهي ته اها خدمت نه فقط شاهه جي خدمت يا سنڌي ادب جي خدمت چئبي، پر اها خدمت عالمي ۽ آفاقي خدمت سڏبي. هن ائٽمي دور جي فڪري ۽ نظري اضطراب ۽ التهاب لاءِ اگر شاهه جي شعور ۾ زندگي بخش ۽ صحتمند قدر آهن، ته پوءِ انهن کي پيش ڪندڙ شارحن جي خدمت نه علائقائي سمجهڻ گهرجي نه سنڌي، نه پاڪستاني نه اسلامي، پر آفاقي ۽ عالمي، پوريءَ انسانذات لاءِ: اها خدمت هوندي ’امن ۽ ايمان‘ جو سرمدي پيغام!

”من ڪا منهنجي آه، ڪوهياري جي ڪَنَ پوي!“

 

 

شاهه جي 209- ساله ورسي.

شاهه جو پيغام. شاهه جي شخصيت ۽ ڪلام جي بلنديءَ جي اعتراف ڪندي، ڀٽشاهه تي، پاڪستان جي قدرتي وسيلن جي وزير، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، پنهنجيءَ افتتاحي تقرير ۾ فرمايو آهي:

” شاهه لطيف، ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي هڪٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي. شاهه جهڙي مرد ڪامل، صوفيءَ ۽ رهبر کي خراج تحسين ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي ان جي پيغام تي عمل ڪرڻ.

”شاهه نه فقط سنڌ جو روشن ستارو ۽ قومي هيرو آهي، پر کيس بين الاقوامي اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي. شاهه انهن چند مشرقي شاعرن مان هڪ آهي، جنهن تي بجا طور مشرق ۽ مغرب کي ناز رهندو.“

ڀٽي صاحب وڌيڪ چيو:

”شاهه صاحب جو ڪلام، مولانا روميءَ ۽ عربيءَ جي صوفي شاعر ابن الفارض کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي.

”شاهه عوامي شاعر آهي. سندس ڪلام عوامي ڪهاڻين جي رنگ ۾ ان دور جي معاشي حالتن جو تنقيدي جائزو آهي. سندس زندگيءَ ۾ الاهي عشق جي مستي آهي.“

آخر ۾ چيائين:

”اها اسان جي احسان فراموشي ٿيندي جو ’شاهه‘ جو ڪلام عالم انسانيت تائين نه پهچائي سگهون.“

ڀٽشاهه ڪلچرل سينٽر. ’ڀٽشاهه ڪلچرل سينٽر‘ جي چيئرمين ۽ ڊويزنل ڪمشنر، جناب نياز احمد، تقرير ڪندي چيو:

”شاهه لطيف دنيا جو بيمثال ۽ يڪتا شاعر آهي. سندس ڪلام ايترو پرڪشش، بامعنيٰ ۽ سادو آهي، جنهن کي ڳوٺاڻا به ڳائين ٿا، پسند ڪن ٿا، ۽ سمجهن ٿا. سچ پچ، شاهه ئي عوامي شاعر آهي.“

ڪلچرل سينٽر متعلق ٻڌايائين:

“اڳينءَ سنڌ سرڪار ڀٽشاهه سينٽر لاءِ 1954ع ۾ هڪ اسڪيم بنائي هئي، ۽ 35 لک رپيا منظور ڪيا هئا. هيل تائين اسان کي 15 لک رپيا مليا آهن، جي تعميري ڪمن ۾ خرچ ڪيا ويا آهن.“

وڌيڪ امداد لاءِ فرمايائين:

”ڀٽشاهه سينٽر کي وڌيڪ مفيد ۽ ترقي پذير بنائڻ لاءِ اسين وزير موصوف کي استدعا ٿا ڪريون ته هو پاڻ مرڪزي حڪومت کان امداد وٺي ڏئي.“

جواب ۾، ڀٽي صاحب اطمينان ڏياريو ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪندو، ۽ ’مرڪز‘ لاءِ چڱي امداد مرڪز کان حاصل ڪندو.

حسام الدين راشديءَ جي تجويز. هڪ نشست جي صدارت ڪندي، جناب حسام الدين شاهه راشديءَ فرمايو:

”شاهه لطيف واقعي هڪ جامعيت وارو، باڪمال صوفي شاعر آهي. سندس فن ۽ پندو نصيحت کي انساني ذهن ۽ شعور جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ وڏو حصو حاصل آهي.“

راشدي صاحب فرمايو:

”شاهه لطيف جي خصوصيت اها آهي ته سندس خطاب ۾ آفاقيت آهي. افسوس جو ان قدر موجب سندس ڪلام جي مڪمل شرح اڃا تائين ڪانه لکي ويئي آهي.“

اڄ تائين شايع ٿيل تاليفات تي تبصري ڪندي، چيائين:

”اسان جو شاهه ۽ ان جو ڪلام اڃا تائين پنهنجي اسرار ۽ رموز، ۽ باطني مقامات جي شرح ۽ تفصيل جي حيثيت سان اسان لاءِ توجهه طلب آهن. ڪاش، ڪو اهل فڪر ان ڪم کي هٿ ۾ کڻي!“

مخدوم محمد زمان طالب المولا جو خطاب. راڳ جي نشست جي صدارت ڪندي، جناب مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘ خطاب ڪندي فرمايو.

”سنڌي موسيقي هڪ نهايت سهڻي، دلپذير، فني ڪمالات واري، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي انفرادي حيثيت رکندڙ موسيقي آهي، جا پنهنجي فن جي لحاظ سان دکن، پنجاب، آگري ۽ مرهٽا اسڪول کان جداگانه رنگ رکي ٿي. افسوس اهو آهي ته ان تي ڪا مستقل تاليف سنڌي زبان ۾ ڪانه ڪئي ويئي آهي.“

وڌيڪ فرمايائين ته:

”اها به ضرورت آهي ته سنڌي راڳ جي نه فقط تاريخ مرتب ڪجي، پر ان جي حاصلات ۽ تربيت لاءِ ڪو معياري اسڪول ۽ ادارو به قائم ڪجي، جنهن ۾ قابل ۽ استاد ڳائڻا رکجن، جي هن فن کي سيکارين.“

موجوده راڳيندڙن کي خطاب ڪندي، فرمايائين:

”اسان جا فنڪار ڏاڍين سهڻين صلاحيتن وارا آهن، پر افسوس اهو آهي جو فن ۾ ڪنهن به قسم جي جدت نٿا پيدا ڪن. اڪثر پراڻيون طرزون، پراڻي نموني ۾ ڳايون وڃن ٿيون. اگر اهو سلسلو قائم رهيو ته پوءِ اسان جو سنڌي راڳ ڪا به ترقي نه ڪري سگهندو.“

اڳتي هلي، هڪ نهايت اهم مسئلي تي روشني وجهندي چيائين:

”شاعر وقت جي زبان آهي، ته ڳائڻو شاعر جي زبان آهي؛ تنهنڪري، ڪوشش ڪري، شاعرن جو نئون ڪلام نين طرزن ۾ ڳايو وڃي ته بهتر.“

غلط ڪلام پڙهندڙن کي تنبيهه ڪندي فرمايائين:

”اڪثر ڪلام غلط حيثيت سان ڳائجي ٿو، حالانڪه شاعر جو ڪلام سندس صحيح لفظن ۾ ڳائڻ گهرجي، عام ماڻهن جي غلط لفظن جو نقل نه ڪرڻ گهرجي.“

ڊاڪٽر بلوچ جي الوداعي تقرير. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جو ڀٽشاهه ڪلچرل سينٽر جو اعزازي سيڪريٽري به آهي، تنهن ڀٽشاهه ڪانفرنس جي ڪارگذاري هلائي. پاڻ الوداعي تقرير ڪندي چيائين:

”اسين هن ثقافتي مرڪز کي، انشاءَ الله، سنڌي ادب ۽ ثقافت لاءِ شايان شان مرڪزي حيثيت ڏينداسون، ۽ سنڌي ادب تي تحقيق لاءِ بهترين اسباب پيدا ڪنداسون....  جي به مشورا هت ڏنا ويا آهن، تن کي عملي جامو پهرائينداسون، ۽ شاهه جي صحيح متن ۽ شرح سان گڏ، سنڌي راڳ تي مڪمل ۽ مستند چيزون تيار ڪرائينداسون.“

جناب راشدي صاحب ۽ جناب مخدوم صاحب جن جي صدارتي تقريرن ۾ شاهه جي شرح ۽ سنڌي راڳ جي تاريخ ڏانهن توجهه ڏياريو ويو آهي. اسان جي ناچيز راءِ آهي ته واقعي اهي ٻه اهم سنڌي ثقافتي چيزون آهن، جن کي اڄ تائين نظرانداز پئي ڪيو ويو آهي. دعا آهي ته رب ڪريم شال اهڙا فاضل پيدا ڪري، جي هنن اهم مسئلن ڏانهن توجهه ڪن.

خواجه غلام فريد جي ورسي.

گذريل اپريل 1961ع جي 15 ۽ 16 تاريخ، واديء سنڌو جي وڏي صوفي ۽ شاعر، حضرت خواجه فريد رحه جي ورسي ملتان ۾، ’مرڪز ثقافت‘ جي انتظام سان، محترم قدرت الله شهاب جي صدارت هيٺ، ”جشن فريد“ جي صورت ۾ ملهائي ويئي.

خواجه غلام فريد رحه سنڌوءَ جي ڪناري تي، چاچڙان شريف ۾ ڄائو، ۽ سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري تي، مٺڻ ڪوٽ ۾ مدفون آهي.

خواجه فريد جي عظيم شخصيت، جامعيت جي لحاظ سان، پنهنجو مثال نه پيدا ڪيو آهي. خواجه صاحب هڪ عالم باعمل، صوفي ۽ فلسفي، عابد ۽ زاهد، متقي ۽ پرهيزگار شخص هو؛ پر سندس شاعري ’حافظ‘ ۽ ’خيام‘، ’عطار‘ ۽

’رومي‘، ’لطيف‘  ۽ ’سچل‘ جي رنگ جي آهي. سندس ڪلام ملتاني زبان ۾ آهي-  ۽ اها حقيقت آهي ته ملتاني زبان اسان جي سنڌي زبان جي هڪ شاخ آهي. خواجه صاحب جي ملتاني ڪافين ۽ ڏوهيڙن تي شاهه ۽ سچل جي نه فقط شاعرانه فن جو اثر آهي، پر ڪردار به سنڌي شاعريءَ وارا ملن ٿا – مثلاً سسئي ۽ پنهون، مومل ۽ راڻو، عمر ۽ مارئي، وغيره؛ فرق هي آهي ته خواجه صاحب اهي ڪردار بيتن ۾ نه پر ڪافين ۾ آندا آهن. ان کان سواءِ سندس ٺيٺ سنڌي ڪافيون به آهن، جي فن ۽ مواد جي لحاظ سان نهايت لذيذ آهن. خواجه صاحب جو ڪلام پاڪستان جي علاقائي زبانن ۾ لطافت ۽ جمالياتي نقطه نظر کان بيمثال آهي. اول ته اهو ڪلام ملتاني زبان ۾ آهي، جا زبان اردو، پنجابي، پشتو، بلوچي، بروهي، گجراتي، ڪڇي، هندي ۽ سنڌيءَ کان وڌيڪ ملائم، شيرين، نازڪ ترين ۽ ترنم ريز زبان آهي؛  ٻيو ته خواجه فريد سوز ۽ ساز، درد ۽ گداز، هجر ۽ فراق، سلوڪ ۽ طريقت، قلندريءَ ۽ رنديءَ جو صاحب هو؛ تنهنڪري سندس ڪلام هر نقطه خيال سان رقت انگيز ۽ وجد آور آهي. افسوس اهو آهي ته ملتاني ٻولي محدود آهي، تنهنڪري خواجه جو ڪلام ۽ ان جو حلقهء اثر به محدود رهجي ويو آهي. خواجه جو ڪلام، علامه حفيظ الرحمان جو ترتيب ڏنل، گهڻو اڳ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ فقط ڪافيون آهن. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي طرفان خواجه جي مڪمل سنڌي ۽ ملتاني ڪلام ڇپجڻ جو پروگرام آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته خواجه جو ڪلام سنڌي ثقافت ۽ ادب جو هڪ زرين باب آهي، جنهن ۾ انگريزن کان ٿورو اڳ واريءَ ’سابق سنڌ‘  جو شاعراڻو ورثو مليل آهي.

رقت انگيز ۽ سوز آور، درد انگيز ۽ فراق افزا ڪلام، ’فريد‘ کان مٿي گهٽ ملندو. علامه اقبال  سندس ڪلام کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته خواجه فريد جي شاعريءَ ۾ بين الاقوامي شاعريءَ جا سڀ قدر موجود آهن.

خواجه صاحب رسمي مذهب ۽ ملت جي کوکلي ۽ بيروح، بي مقصد ۽ بيرنگ نظام کي هيٺينءَ طرح ننديو آهي. سندس مطالعو ٺيٺ سنڌي آهي.

آهن قلندر روز و شب، پنهنجي خوديءَ ۾ خود غرق.

حاجت نه صوم و صلوات دي،

خواهش نه حج و زڪوات دي،

چاهت نه ذات صفات و دي،

هڪ شان وحدت جي مرڪ.

توڙي جو دريانوش هِن،

مدهوش تي خاموش هِن،

اسرار دي سرپوش هِن،

صامت رهن، مارن نه بڪ.

مُلا کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو:

’اي مُلا، يار کي ريجهائڻ سِک، باقي رڳو ٺلها سجدا ته ڪم ڪين ايندا: منهنجي يار لکن جون دليون کسي ورتيون آهن، تون ڪا هڪڙي جي دل ته کسي ڏيکار!‘

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

’اي مُلا، ڪڃري بنجي، تلڪ لڳائي، يار کي ريجهائيندس: اگر ائين ڪرڻ سان يار ريجهي ته مون لاءِ ڪس ڪانه آهي: آءٌ ته هر حالت ۾ ناتو نباهيندس، پوءِ هو نباهي يا نه نباهي- پنهنجو پاڻ ڄاڻي!‘

اڄ ضرورت آهي ته فريد جي ڪلام کي پڙهيو وڃي. ’رائٽرس گلڊ‘ لاءِ مناسب آهي ته هو علاقائي زبانن جي ادب جي سلسلي ۾ فريد جو ڪلام شايع ڪرائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com