پاڪستان جي علاقائي
زبانن جي پهرين ڪانفرنس
(لاهور: 14-15-16، اپريل 1961ع)
گذريل اپريل مهيني جي وچ ڌاري، لاهور ۾، پاڪستان جي علاقائي
زبانن جي پهرين ڪانفرنس وڏي پيماني ٿي گذري، جنهن
جو افتتاح پنجاب يونيورسٽيءَ جي سابق وائيس
چانسلر، ڊاڪٽر ميان محمد افضال حسين، ڪيو. سنڌي،
پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ بروهي- سڀني علاقائي زبانن
جا پنج پنج نمائندا ان ۾ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس جو
انتظام ’سنڌي ادبي بورڊ‘، ’پنجابي اڪيڊمي‘، ’بلوچي
اڪيڊمي‘، ’پشتو اڪيڊمي‘ ۽ ’بروهي ادبي بورڊ‘ جي
گڏيل سهاري ۽ سهائتا سان ڪيو ويو هو، ۽ انهن ئي
باني ادارن جي مقرر ڪيل نمائندن کي ڪانفرنس ۾
پنهنجن علائقن جي نمائندگي ڪرڻي هئي، جن جا نالا
هن ريت آهن: سنڌي ادبي بورڊ پاران – ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ (اڳواڻ)، آغا عبدالنبي خان، سيد سردار
علي شاهه، مولانا غلام محمد گرامي، ۽ شمشمير
الحيدري؛ پنجابي اڪيڊميءَ پاران- ميان مولا بخش
خضر تميمي (اڳواڻ)، ملڪ شمس الدين، ڊاڪٽر فقير
محمد، ۽ عبدالمجيد ڀٽي؛ بلوچي اڪيڊميءَ پاران- مير
شر محمد (اڳواڻ)، مراد ’ساحر‘، محمد بيگ بلوچ، ملڪ
محمد طوقي، ۽ محمد اڪبر بارڪزئي؛ پشتو اڪيڊميءَ
پاران- ڊاڪٽر سيد انورالحق (اڳواڻ)، محمد نواز
’طائر‘، پروفيسر ظفر الله خان،پروفيسر مولوي
عبدالقدوس، ۽ ’خاطر‘ غزنوي؛ ۽ بروهي ادبي بورڊ
پاران- نور محمد ’پروانو‘ (اڳواڻ)، ڪامل القادري،
فضل محمد خان، ۽ محمد ’طور‘. ڪانفرنس ٽن ڏينهن
تائين جاري رهي: پهرئين ڏينهن تي افتتاحي تقريرون
ڪيون ويون ۽ پيغام پڙهيا ويا؛ ٻئي ڏينهن تي
علاقائي ادب جي مختلف پهلوئن تي تعارفي مقالا ۽
مضمون پڙهيا ويا، سڀني نمائندن کي لاهور جو شهر
گهمايو ويو، ۽ رات جو علاقائي زبانن جو مشاعرو پڻ
ڪيو يو؛ ۽ آخري ڏينهن تي سڀني علاقائي زبانن جي
ڇپيل ڪتابن جي نمائش ڪئي ويئي، ٺهراءَ پاس ڪيا
ويا، علاقائي زبانن جي هڪ مستقل ائسوسيئيشن جو
بنياد رکيو ويو ۽ ان جو جوڙجڪ بحال ڪيو ويو، ۽ رات
جو هڪ ثقافتي محفل منعقد ڪئي ويئي.
’پنجابي اڪيڊميءَ‘ جي دعوت تي، هيءَ پهرين ڪانفرنس لاهور ۾ ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو ويو هو؛ آئيندي هر سال اهڙيون
ڪانفرنسون، واري سان، سڀني ٻوليوار علائقن ۾ منعقد
ڪيون وينديون. ڪانفرنس لاءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جي
شعبه فارسي جي صدر، ڊاڪٽر محمد باقر، کي جنرل
سيڪريٽري ۽ مولانا عبدالقادر، پشتو اڪيڊميءَ جي
چيئرمن ۽ پشاور يونيورسٽيءَ جي فارسي، پشتو ۽ اردو
شعبن جي صدر، کي جنرل پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو هو،
جن ٻنهي صاحبن کي علاقائي زبانن جي مستقل
ائسوسيئيشن جا، ترتيبوار، جنرل سيڪريٽري ۽ جنرل
پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.
اڳ رٿيل پروگرام مطابق، ڪانفرنس جي ڪارروائي 14- اپريل جي چئين
بجي شام کان شروع ٿيڻي هئي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
سنڌي وفد جو اڳواڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اڳ ۾
پهچي چڪو هو؛ وفد جا باقي ميمبر 14- اپريل جي ستين
بجي شام جو لاهور پهتا. سنڌي وفد جي استقبال لاءِ
مقامي مرحبائي ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ بلوچي، پشتو ۽
بروهيءَ جا اڳ پهتل نمائندا اسٽيشن تي آيا، ۽ پوءِ
سڀئي گڏجي ڊاڪٽر محمد باقر، ڪانفرنس جي جنرل
سيڪريٽريءَ، جي جاءِ تي رات جي مانيءَ لاءِ پهتا.
اتي سڀني علائقن جي نمائندن کي هڪٻئي سان متعارف
ٿيڻ جو چڱو موقعو مليو. انهيءَ موقعي تي، لاهور ۾
تازي ٿي گذريل آل پاڪستان موسيقي ڪانفرنس جا ٽيپ
ٿيل رڪارڊ پڻ ٻڌايا ويا، جن ۾ سڀني علائقن جي
ڪلاسيڪي موسيقي موجود هئي.
14- اپريل، 61ع: افتتاحي اجلاس
پهرئين ڏينهن، 14 اپريل، شام جي چئين بجي، ڪانفرنس جو افتتاحي
اجلاس اولهه پاڪستان جي پراڻي اسيمبلي هال ۾ شروع
ٿيو. شاندار ۽ وسيع عمارت جي چئمبر ۾، سڀني زبانن
جون مقرر نشستون، انهن زبانن جي نمائنده ادارن جي
الف-ب- وار ترتيب سان، مهڙ ۾ رکيل هيون، جن سان
سڀني ادارن جي نالن جا بورڊ شامل هئا. اسٽيج تي،
اڳيان سڀني وفدن جي پنجن اڳواڻن جون نشستون هيون،
۽ ان جي ٻئي حصي تي، پويان، ڪانفرنس جي جنرل
پريزيڊنٽ ۽ جنرل سيڪريٽريءَ جون نشستون هيون؛ انهن
جي پويان، انگريزيءَ ۾ ” پاڪستان جي علاقائي زبانن
جي پهرين ڪانفرنس 1961ع“ جو وڏو بورڊ آويزان هو.
وفدن جي پويان ۽ آسپاس، اخبار نويسن، آفيسرن ۽ عام
مبصرن لاءِ ڪافي تعداد ۾ نشستون رکيل هيون.
شروع ۾ ڪانفرنس جي مقامي منتظم ڪاميٽيءَ جي وائيس پريزيڊنٽ،
اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ پاڪستان جي
سپريم ڪورٽ جي اٽارنيءَ، ميان مولا بخش خان خضر
تميميءَ تقرير ڪئي، جنهن ۾هن صاحب ڪانفرنس جي متن
۽مقصدن جي وضاحت ڪئي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوشيءَ جو
اظهار ڪيو ته علاقائي زبانن کي لاوارجنهن ۾ هن
صاحب ڪانفرنس جي متن ۽مقصدن جي وضاحت ڪئي، ۽
انهيءَ ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته علاقائي
زبانن کي لاوارث بنائي ڇڏڻ جي پراڻيءَ پاليسيءَ
کي ترڪ ڪري، زبانن متعلق گڏجي ڪم ڪرڻ ڏانهن قدم
وڌايو ويو آهي. ان بعد ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري،
ڊاڪٽر محمد باقار، ڪانفرنس بابت پهتل پيغام پڙهي
ٻڌايا، جنهن کان پوءِ ڪانفرنس جي جنرل پريزيڊنٽ،
پروفيسر مولانا عبدالقادر، پنهنجي صدارتي تقرير
ڪئي. مولانا صاحب علاقائي زبانن جي ترقيءَ ۽ انهن
جي باهمي تعلقات جي اهميت تي گهڻو زور ڏنو، ۽
پاڪستان جي علاقائي، قومي ۽ ٻين سڀني مروج زبانن
جي يڪسان ترقيءَ لاءِ هڪ ” قومي ڪميشن“ قائم ڪرڻ
جو مشورو ڏنو. مولانا صاحب انهيءَ نظريي سان بلڪل
نااتفاقي ڏيکاري ته ڪو علائقائي زبانن ۾ تعليم ڏيڻ
جي حالت ۾ ملڪي سالميت ۽ قومي اتحاد کي نقصان پهچي
سگهي ٿو؛ ان لاءِ هن دنيا جي ” گهڻين زبانن وارن
ملڪن“ جا مثال ڏنا، ۽ ڄاڻايو ته علاقائي زبانن جي
تسليم ڪرڻ سببان انهن ملڪن جي علمي ڪمال توڙي
قومي وحدت کي ڪو به نقصان ڪو نه رسيو آهي. مولانا
صاحب پنهنجو صدارتي خطبو پشتو زبان ۾ لکيو هو،
جنهن جو اردو ترجمو ڪيو يو هو، ۽ ٻنهي زبانن ۾ ان
جون چوپڙيون ڇپرائي تقسيم ڪيون ويون هيون. اصل
خطبي مان ڪجهه اقتباس هيٺ درج ڪجن ٿا:
”زبان ۽ رنگ جي اختلاف کي قرآن ڪريم الله تعاليٰ جي آيتن مان
هڪ نشاني ڪري ڄاڻايو آهي:’ومن آياتہ اختلاف
السۡسنِتڪم و اَلۡوانڪم‘
]
زبانن ۽ رنگن جا اختلاف، الله جي آيتن منجهان،
زنده آيتون آهن[. انهيءَ نشانيءَ کي مِٽائڻ جي جدوجهد ڪرڻ، فطرت جي
خلاف قدم آهي. جهڙيءَ طرح ڪنهن علائقي جي رهاڪن جو
رنگ بدلائڻ ناممڪن آهي، اهڙيءَ طرح انهيءَ علائقي
جي زبان ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش به غير فطري
آهي... علاقائي زبانون ’مادري زبانون‘ ٿين ٿيون.
مادري زبان هر ڪنهن کي پياري ٿئي ٿي. ماءُ جي هنج
۾ سکيل زبان، ٻار جو جسم، تن بدن، گوشت، رت ۽ هڏ
آهي. مادري زبان سان ايترو ڳُوڙهو ڳانڍاپو، محبت ۽
لاڳاپو ٿئي ٿو، جو هر شخص پنهنجيءَ مادري زبان کي
پنهنجيءَ ماءُ برابر سمجهي ٿو. مادري زبان تي ٻار
کي جيڪا قدرت حاصل هوندي آهي، ۽ جنهن آسانيءَ ۽
لطف سان ان ۾ هو لکي پڙهي سگهي ٿو، تنهن لاءِ نه
ڪنهن صرف- نحو جي ضرورت ٿئي ٿي، ۽ نه ان لاءِ ڪنهن
ٻئي قاعدي قانون کي هو ڳولي ٿو. مادري زبان ۾ هو
بي تڪلف پڙهڻ لڳي ٿو؛ جيڪي ڪجهه هو انهيءَ زبان ۾
چوي ٿو، تنهن کي ٻيا سند مڃڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا؛
هو ’اهل زبان‘ هوندو آهي، ۽ سندس راءِ تسليم شده
ٿيندي آهي. انهيءَ مادري زبان جي ذريعي ڪنهن
علائقي جا ماڻهول پنهنجين قديمي روايتن، تاريخ،
ثقافت، ۽ سماجي روح ۽ جذبي کان باخبر ٿين ٿا...
مطلب ته مادري زبان وسيلي جيڪا معلومات ٻار کي
ٿوري عرصي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي، سا ملت جي تعليمي
معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ بيحد اهم چيز آهي. ابتدائي
مرحلن ۾ مادري زبان کان سواءِ ٻين زبانن جو بار
وجهڻ، ٻار تي ظلم آهي، ان ڪري، گهرجي ته ملڪ ۾
تعليم جو بنياد مادري زبان تي رکيو وڃي...
”هيءُ خوف ته علاقائي زبانن جي ترقيءَ ۽ تربيت جو نتيجو اهو
ٿيندو ته ان جي ڪري ملت جي وحدت ۽ هم آهنگيءَ کي
نقصان پهچندو، قطعاً بي بنياد آهي... انب ملتان ۾،
شفاتلو پشاور ۾ ۽ ڪيلو اوڀر پاڪستان ۾ پيدا ٿئي
ٿو: قدرت جي تقاضا اها ئي آهي ته اِهي ميوا انهن
ئي زمينن ۾ چڱيءَ ريت اُپڙي ۽ رسجي سگهن ٿا،
تنهنڪري انهن ئي زمينن کي هنن ميون جي پيداوار
لاءِ بهتر کان بهتر بنائڻ کپي. اسان وٽ چوڻي آهي
ته هر ڪو گل پنهنجيءَ ڦلواڙيءَ ۾ سونهندو آهي ۽
چڱيءَ طرح ڦُلاربو آهي: فطرت جو اهو ئي اصول
زبان، ثقافت، روايتن ۽ رسمن رواجن وغيره تي پڻ
بلڪل ساڳيءَ طرح حاوي آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي هٿ
چراند ڪرڻ، ملڪ جي اهم ترين مفاد کي نقصان پهچائڻ
آهي: ان کان پاسو ڪرڻ بيحد ضروري آهي..... آءٌ
اوهان جي خدمت ۾ خلوص دليءَ سان عرض ٿو ڪريان ته
علاقائي زبانن جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کي ترقي
ڏيڻ، ملڪ جي سالميت توڙي ملي وحدت ۽ علمي ادبي
يگانگت لاءِ بيحي ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ائين
چوي ته فلاڻو ماڻهو پنهنجي زبان ڪٽائي ڇڏي ته آءٌ
ان ۾ فلاڻيءَ زبان جي چَتي لڳائي ٺيڪ ڪري ڇڏيندس،
ته اها هڪڙي انتهائي غير معقول تجويز ٿيندي. بهتر
ائين آهي ته هر زبان سکڻ لاءِ اهڙي تربيت ڏني وڃي
جو اها هر ڪنهن زبان لاءِ ڪارگر ٿئي، ۽ آسانيءَ
سان علم ۽ فن جي حاصلات لاءِ استعمال ٿي سگهي...
”منهنجي خيال ۾، ڪائنات جي عظيم معجزن مان سڀ کان وڏو معجزو
زبان آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته زبان جي ايجاد،
تعمير ۽ ترڪيب ۾ ڪائنات جو خالق خود به حصيدار
آهي. ڪير چئي سگهندو ته فلاڻيءَ زبان جو ايجاد
ڪندڙ فلاڻو ماڻهو، فلاڻو عالم، فلاڻو سائنسدان يا
فلاڻو فيلسوف آهي؟ زبان ته انسانذات جي هزارن
ورهين جي ميل جول، نسشت برخاست، ڪاروهنوار، شاديءَ
غميءَ، جنگ ۽ امن، وغيره جي مسلسل عمل مان ظاهر
ٿيل هڪڙو معجزو آهي: ان کي نيست نابود ڪرڻ، هڪ
عظيم نعمت کي ٺڪرائڻ برابر آهي، ۽ ان کان بيرخي
اختيار ڪرڻ ناشڪري آهي. ان ڪري، منهنجو اهو عرض
آهي ته ملڪ ۽ ملت، بلڪل ڪُل انسانيت جي فائدي ۽
بهتري خاطر، ائين سمجهڻ کپي ته زبان ڪهڙي به هجي،
ڪنهن جي به هجي، هڪ مقدس امانت آهي، ۽ ان جي حفاظت
۽ پرورش ڪرڻ انسان جو فرض آهي. زبان جي جهوليءَ ۾
جيڪي روايتون ۽ خصوصيتون ڀريل آهن، تن مان ان طرح
فائدو حاصل ڪرڻ کپي جو اهي هر ڪنهن جي ڪم اچن.“
مولانا موصوف آخر ۾ علاقائي زبانن جي رسم الخطن کي هڪٻئي جي
قريب آڻڻ، انهن جي گڏيل لغتن جوڙڻ، انهن جي علمي
ادبي ذخيرن جي ترجمن ڪرڻ، ۽ پاڪستان جي جملي زبانن
کي هڪجهڙي ترقي ڏيارڻ لاءِ سڀني علقائي، قومي ۽
ڪلاسيڪي زبانن جي عالمن ۽ ماهرن جي هڪ اعليٰ اداري
قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، ۽ چيو ته بهتر ٿئي جو خود
حڪومت ان لاءِ هڪ ”قومي ڪميشن“ قائم ڪري، جيڪا
انهن مقصدن جي پورائيءَ لاءِ وسيلا تلاش ڪري.
مولانا عبدالقادر جي صدارتي خطبي کان پوءِ، ڊاڪٽر ميان محمد
افضال حسين پنهنجي افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن
صاحب انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ” گهڻيون زبانون“
ئي هڪ بهتر ۽ مناسب پاليسي آهي، جا هن وقت اختيار
ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب چيو ته ابتدائي تعليم ۽
بالغن جي تعليم لاءِ مادري زبانن جو وسيلو بلڪل
لازمي آهي، جنهن بعد قومي زبانن کي وارو ملڻ کپي،
۽ عربي، پارسي ۽ انگريزيءَ کي مناسب اهميت ڏني
وڃي، ته جيئن سموريون تقاضائون پوريون ٿي سگهن.
ڊاڪٽر موصوف انگريزي زبان جي اهميت کي بيان ڪندي
ظاهر ڪيو ته ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي ٻن ’قومي‘ زبانن
جو رسم الخط جدا جدا آهي، ۽ انگريزي زبان هڪ بين
الاقوامي اهميت رکندڙ ۽ بين الاقوامي ضرورتن جي
پورائي ڪندڙ زبان آهي، تنهنڪري پاڪستان جي ڪاروبار
۾ انگريزي زبان جو مروج رهڻ تمام ضروري آهي- ۽
گهڻي وقت تائين ضروري آهي. ڊاڪٽر افضال صاحب اهو
مشورو به ڏنو ته موجوده علاقائي زبانن مان ڪنهن هڪ
زبان جي ارتقا ٿيڻ ضروري آهي، جيڪا سڀني ضرورتن جي
پورائي ڪري سهي.
ڪانفرنس جي انهيءَ اجلاس ۾ مارشل لا جو جنرل ڪمانڊنگ آفيسر،
ميجر جنرل سيد غواص به موجود هو.
15- اپريل، 61ع: ادبي جي اجلاس- مشائرو.
رٿيل پروگرام مطابق، ٻئي ڏينهن، ڇنڇر 15- اپريل، صبح جي اٺين
بجي، لاهور شهر جون تاريخي جايون ڏسڻيون هيون، ۽
ان کان پوءِ شام جي ٽين بجي کان ڪانفرنس جو ’ادبي
اجلاس‘ شروع ٿيڻو هو، جنهن ۾ نمائندن کي پنهنجا
مقالا پڙهڻا هئا؛ پر جيئن ته مقالن لاءِ مقرر ڪيل
وقت تمام ناڪافي معلوم ٿيو، تنهنڪري، سڀني جي صلاح
سان، گشت جو پروگرام ملتوي ڪري، صبح جي ساڍي اٺين
بجي کان ادبي اجلاس جي پهرين نشست شروع ڪئي ويئي.
ادبي اجلاس جي اها نشست، ساڳيءَ جاءِ ۾ (پراڻي
اسيمبلي هال ۾)، ساڍي ڏهين بجي تائين جاري رهي،
جنهن ۾ پشتو اڪيڊميءَ جي وفد جي پنجن ئي ميمبرن
پنهنجا مقالا پڙهيا - ڊاڪٽر سيد انوارالحق (اڳواڻ)
”پشتو ڊڪشنري“ جي عنوان سان، مسٽر محمد نواز
’طائر‘”پشتو ضرب الامثال“ جي عنوان سان، پروفيسر
ظفر الله خان” پشتوادب“ جي عنوان سان، پروفيسر
مولوي عبدالقدوس ”تحريڪ روشنائيان“ جي عنوان سان،
۽ مسٽر خاطر غزنويءَ ”پشتو ٽپه“ جي عنوان سان.
انهيءَ نشست ۾ سنڌي وفد جي ٻن ميمبر، مولانا غلام
محمد گراميءَ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي عنوان
سان، ۽ سيد سردار علي شاهه ” سنڌي صحافت“ جي عنوان
سان، پنهنجا مقالا پڙهيا.شروع ۾ ڪانفرنس جي جنرل
سيڪريٽريءَ هن اجلاس جي خصوصيت تي روشني وڌي، ۽
تجويز پيش ڪئي ته جيترو وقت ڪنهن وفد جا ميمبر
مقالا پڙهي رهيا هجن، اوتري وقت لاءِ انهيءَ وفد
جو اڳواڻ اجلاس جي صدارت ڪري ۽ ڪارروائي هلائي:
انهيءَ اصول مطابق، پشتو زبان جي مقالن واري وقفي
جي وقتي صدارت ڊاڪٽر سيد انوار الحق ڪئي، ۽ سنڌي
زبان جي مقالن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪئي. ادبي اجلاس ۾ جيڪي به مقالا پيش ٿيا، سي
سمورا پنهنجين پنهنجين علاقائي زبانن ۾ لکيا ويا
هئا، پر عام فهميءَ ۽ وقت بچائڻ جي لحاظ کان اهو
اصول ٺهرايو ويو ته هر ڪنهن زبان جا ٻه مقالا
پنهنجيءَ اصل زبان ۾ مڪمل پڙهيا وڃن ۽ انهن جو
اختصار اڙدو يا انگريزيءَ ۾ بيان ڪيو وڃي، ۽ باقي
مقالن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ يا اڙدوءَ ۾ پيش ڪجي.
پشتو جا سمورا مقالا تمام معياري ۽ بهترين معلوماتي هئا، جن ۾
پشتو ادب ۽ زبان جي تاريخ ۽ تحريڪن، انهن جي
خصوصيتن ۽ ترقياتي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو هو،
۽ ’پشتو اڪيڊميءَ‘ جي پروگرامن تي روشني وڌي ويئي
هئي. انهن مقالن ٻڌڻ سان بخوبي اندازو ٿي سگهيو ٿي
ته پشتو زبان ڪيتريقدر زنده ۽ ترقي پذير زبان آهي. |