سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :40

 

آغا صاحب جو مقالو سنڌيءَ جو آخري مقالو هو، جنهن کان پوءِ ’بروهي ادبي بورڊ‘ جي نمائندن پنهنجا مقالا پڙهيا. اجلاس جي انهيءَ حصي جي صدارت محترم نور محمد ’پروانه‘، بروهي وفد جي اڳواڻ ڪئي. ان صاحب پهرين پاڻ مقالو پڙهيو، جو صاحب ڪنهن سبب ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري ڪونه سگهيو. ” بروهي زبان ۽ ادب جو هڪ تعارف“  جي عنوان سان لکيل انهيءَ مقالي ۾، بروهي زبان جي اصل نسل ۽ عام خصوصيتن، ان جي گرامر ۽ رسم الخط، ان جي قديمي نسخن ۽ لوڪ ادب وغيره تي مختصر روشني وڌل هئي، ۽ آخر ۾ ان جي موجوده صورتحال ۽ آئينده ترقيءَ جي امڪانن کي بيان ڪيو ويو هو. ان ۾ چيو ويو هو ته بروهي زبان دراوڙي ٻولين جي گروهه مان هڪ تمام قديم زبان آهي.، جنهن جا ڳالهائيندڙ هن وقت بلوچستان، ساراوان، جهالاون، ڪراچيءَ ۽ سنڌ وغيره ايراضين ۾، ٻارهن لکن جي تعداد ۾ موجود آهن، تنهنڪري هيءَ زبان ترقيءَ جي سڀني ذريعن ۽ حقن ملڻ جي مستحق آهي، ۽ ان کي پنهنجي تاريخي اهميت سببان هر ممڪن طرح زنده رکڻ کپي. ان بعد بروهي وفد جي ٻين ميمبرن پنهنجا مقالا پڙهيا، جن ۾ بروهي زبان جي ادب، تاريخ ۽ شعر جي ڪافي معلومات قلمبند ڪيل هئي.

 ان کان پوءِ’بلوچي اڪيڊميءَ‘ جي نمائندن جو وارو آيو. اجلاس جي انهيءَ حصي جي صدارت بلوچي اڳواڻ، محترم مير شير محمد خان مريءَ ڪئي. پهرين مير صاحب پنهنجي 145 صفحن تي پکڙيل، بلوچيءَ ۾ لکيل مضمون، ”بلوچي زبان، ادب، ۽ ان جي تاريخ“، مان اهم اقتباس اردوءَ ۾ پيش ڪيا. مير صاحب جو اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ به ڇپيل هو، جو اتي سڀني ۾ ورهايو ويو. بلوچي زبان، ادب، تاريخ ۽ بلوچي ڪردار جي عظمت بابت هيءَ بهترين علمي ڪاوش هئي، جنهن کي بيحد محنت، جذبي ۽ تحقيق سان لکيو ويو هو. مقالي ۾ حجتن ۽ دليلن سان اهو ثابت ڪيو ويو هو ته بلوچي هڪ جداگانه زبان آهي، ۽ ان کي پارسيءَ جي بگڙيل صورت سمجهڻ جو نظريو سراسر غلط آهي.  ان بعد بلوچي وفد جي ٻين نمائندن پڻ نهايت ئي قابل قدر مقالا پڙهيا، جن ۾ بلوچي اخلاق ۽ ڪردار جي نمايان ادبي پهلوئن کي پيش ڪيو ويو هو.

آخر ۾ ’پنجابي اڪيڊميءَ‘ جي نمائندن پنهنجا مقالا پڙهيا. اجلاس جي انهيءَ حصي جي صدارت محترم مولابخش صاحب خضر تميميءَ ڪئي. وقت جي ٿورائيءَ سبب، پنجابي ميمبرن جا صرف ٻه مقالا پيش ٿي سگهيا.

پهرين محترم ڊاڪٽر محمد باقر پنهنجو مقالو انگريزيءَ ۾ پڙهيو- ”علاقائي زبانن جو درجو ۽ دائرو“ ڊاڪٽر موصوف علاقائي زبانن جي اهميت ۽ ضرورت، ۽ انهن جي عوام جي زندگيءَ ۾ عمل دخل تي روشني وڌي، ۽ سڀني پاڪستاني زبانن جي منظم ترقيءَ لاءِ ماهرن جي هڪ ’ڪميشن‘ قائم ڪرڻ تي زور ڏنو، جيڪا زبانن جي باري ۾ اصولي، جذباتي ۽ علمي، ٽنهي پهلوئن کان ويچار ڪري. هيٺ انهيءَ مقالي جو اختصار درج ڪجي ٿو:

”ڪي ڳالهيون خالص اصولي ٿينديون آهن، ته ڪن جو وري جذبات سان نازڪ ناتو هوندو آهي. هن ملڪ ۾ زبان جو مسئلو، منهنجي خيال ۾، ٻنهي نمونن سان لاڳو آهي، پر تڏهن به اهو هڪ علمي مسئلو آهي. آءٌ انهيءَ سوال کي ٽنهي صورتن اصولي، جذباتي، ۽ علمي- سان پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

”اصولي ڳالهيون هيٺينءَ ريت بيان ڪري سگهجن ٿيون:

1. سڄي ملڪ لاءِ هڪڙي سرڪاري زبان هجڻ کپي.

2. هن وقت فقط انگريزي سڄي پاڪستان جي سرڪاري زبان آهي، جنهن جي جاءِ تي ڪنهن قومي زبان کي جلد از جلد آڻڻ کپي.

3. انهيءَ ۾ ڪو به نقصان ڪونهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ زبانون ڳالهايون، لکيون، پڙهيون ۽ سمجهيون وڃن؛ ۽ نه وري ان طرح ملڪي سالميت کي ڪو ڇيهو رسندو.

4. سرڪاري زبان (يا زبانن) کي ڪوبه ڌڪ ڪونه لڳندو، جيڪڏهن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ رائج زبانن ۾ تعليم ڏني ويندي، ۽ انهن کي ترقي ڏياري ويندي؛ ائين ڪرڻ سان قومي وحدت کي به ڪو نقصان ڪونه پهچندو. سچ پچ ته جيڪڏهن ماڻهن کي پنهنجن مخصوص علائقن ۾ سندن زبانن کي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ ڏنو ويندو ته ان مان عام اطمينان جي حالت پيدا ٿيندي، ۽ هو قوم ۽ ملڪ سان ان کان وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳندا.

جيڪا هونئن ڪنهن خاص زبان جي ترقيءَ ۽ تعليم کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري دٻاءَ جي استعمال واريءَ صورت ۾ ٿي سگهي ٿي.

5. جيستائين ڪنهن زبان جي ’سرڪاري زبان‘ هئڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، تيستائين ڇڙو ’قومي زبان‘ جي ليبل لڳائڻ سان اها ترقي ڪانه ڪندي.

6. پنجابي، پشتو، سنڌي، بلوچي، بروهي ۽ گجراتي زبانون جيتوڻيڪ ملڪ جي مختلف حصن ۾ اتي جي ماڻهن ۾ مروج آهن، پر انهن مان ڪا به زبان سڄي ملڪ جي سرڪاري زبان بنجي ڪانه سگهندي.

”زبان جي مسئلي جون جذبات سان تعلق رکندڙ ڪي ڳالهيون هي آهن:

1. اسان مان هر هڪ کي پنهنجيءَ مادري زبان سان بيحد قرب آهي. انگريزي، بنگالي، اردو، پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي، بروهي، گجراتي ۽ ڪشميري - اهي پاڪستان جي ماڻهن جون مادري زبانون آهن.

2. جيڪي ماڻهو بنگالي،پنجابي،سنڌي، پشتو،بلوچي، بروهي ۽ گجراتي ٻوليون ڳالهائين ٿا، سمجهن ٿا، لکن ۽ پڙهن ٿا، سي رواجي طرح اوڀر پاڪستان، پنجاب، سنڌ، اتر-اولهه سرحد، بلوچستان، قلات ۽ ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. اهي پاڪستاني زبانون، انهيءَ ڪري، مٿين ملڪي حصن جون علاقائي زبانون پڻ آهن - سواءِ ڪراچيءَ جي، جتي مهاجرن جي ڪافي آباديءَ سبب اتي جو وڏو تعداد اردو ڳالهائي ٿو، ۽ گجراتيءَ جو به اتي گهڻو وهنوار آهي.

3. هر انسان کي پنهنجيءَ مادري زبان سان اهڙو ڳُوڙهو، فطري ۽ جذباتي رشتو آهي، جنهن کي آسانيءَ سان دٻائي يا ختم نٿو ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته مادري زبان ۾ سماجي ۽ جذباتي روايتون (جهڙوڪ خاص اصطلاح ۽ محاورا، چوڻيون ۽ پهاڪا، لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، لوليون، وغيره) محفوظ آهن، ۽ ان جون پاڙون پختيءَ طرح عوام جي روزاني زندگيءَ ۾  پيٺل آهن، جن کي زور سان پٽي ڪڍڻ ممڪن ئي ڪونهي.

4. هيءَ ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته انتهائي تيزيءَ ۽ تڪميل سان تعليم ڏيڻ جو بهترين ذريعو مادري زبان آهي. ٻي ڪا به ڌارين زبان ٻار ۽ علم جي وچ ۾ هڪ ڀِت بنجيو وڃي، جيڪا هن جي سڀني ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن کي مفقود ڪريو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ حالت ۾ ٻار پنهنجو گهڻو سارو وقت رڳو انهيءَ زبان سان مٿاڪٽ ڪرڻ ۾ ضايع ٿو ڪري، جيڪا هن جي مادري زبان نه آهي.

”زبان جي انهيءَ مسئلي جو علمي پهلو هيءُ آهي ته ملڪ ۾ تعليم کي تمام تيزيءَ سان ڪيئن ڦهلائجي؛ ۽ انهيءَ سان لاڳو وري ٻيو اهم ترين مسئلو هيءُ آهي ته زبان کي ڪهڙي دائري اندر ۽ ڪيتريءَ وسعت آهر استعمال ڪجي. اسان مان ڪوبه نٿو چاهي ته هڪ غير ملڪي زبان کي ماڻهن تي هڪ سرڪاريزبان طور مڙهيو وڃي، جيڪا هن ملڪ جي زبان نه آهي، پر انهيءَ مسئلي کي ڏاڍ مڙسيءَ ۽ هڪ طرفي طريقي اختيار ڪرڻ سان حل نه ڪري سگهبو. ماڻهن ۾ ملڪ ۽ قوم لاءِ محبت ۽ احترام پيدا ڪرڻ لاءِ، ۽ هر ڪنهن کي سڀني پاڪستاني زبانن جي ترقيءَ لاءِ عملي ۽ نهايت ڪارگر طريقي تلاش ڪرڻ جي خاطري ڏيڻ لاءِ، علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي دانشورن جي هڪ ’ڪميشن‘ قائم ڪرڻ کپي، جيڪا زبانن جي باري ۾ مٿين ٽنهي پهلوئن جي روشنيءَ ۾ سوچڻ جا حيلا وسيلا تجويز ڪري.“

پنجابيءَ جو ٻيو مقالو ڊاڪٽر شيخ عنايت الله صاحب، لسانياتي تحقيقات ۽ ان جي اهميت جي موضوع تي پڙهيو، جنهن ۾ هن مختلف علائقن جي وچ ۾ ربط ۽ قربت پيدا ڪرڻ لاءِ علاقائي زبانن جي گڏيل ڊڪشنرين جوڙڻ تي گهڻو زور ڏنو. هن چيو ته لسانيات جو مطالعو نه صرف هڪ علمي چيز آهي، پر ان جو قومي زندگيءَ تي عملي طرح وڏو اثر پوي ٿو. ڊاڪٽر موصوف مختلف علائقن جي ادبي تاريخن لکڻ جي ضرورت تي پڻ گهڻو زور ڏنو، ۽ چيو ته اهي تاريخون بهترين ماهرن کان تيار ڪرايون وڃن، جن کي پوءِ سڀني علاقائي زبانن ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيو وڃي؛ ان طرح قومي استحڪام ۾ گهڻي مدد ملندي.

انهيءَ اجلاس ۾ اولهه پاڪستان جي زراعت شماريءَ جي ڪمشنر، مسٽر محمد مسعود، جو مقالو پڻ پيش ٿيڻو هو، پر وقت جي تنگيءَ سببان ان جون ڇپيل ڪاپيون اجلاس ۾ ورهايون وييون، جنهن جو عنوان هو - ”ڇا، پاڪستان ۾ هڪ قومي زبان هجڻ ضروري آهي؟“ هيءُ اهو ئي مقالو هو، جنهن جو ترجمو ”لساني وحدت زبان جو نظريو“ جي عنوان سان، .مهراڻ“ جي 61/1 واري پرچي ۾، ’علامه ڪريلائي‘ جي نالي سان اسين شايع ڪري چڪا آهيون، ۽ جيڪو اڳي لاهور جي ” پاڪستان ٽائيمز“، ڪراچيءَ جي ” ڊان“ ۽ ”جنگ“، ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي. انهيءَ مقالي کي وري به لاهور جي ”پاڪستان ٽائيمز“ ۽ ”سِول ائنڊ مليٽري گزيٽ“ روزانين اخبارن ۾، انهيءَ موقعي تي، وڏيءَ اهميت سان ٻيهر شايع ڪيو ويو. مقالو پنهنجي افاديت، جامعيت ۽ استدلال جي لحاظ کان هڪ لاجواب پيشڪش آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ علاقائي، قومي ۽ سرڪاري زبانن جي مسئلي تي هر پهلوءَ کان فاضلانه انداز ۾ روشني وڌي ويئي آهي.

ادبي اجلاس جي انهيءَ شام واريءَ نشسٽ هلندي، محترم مقبول احمد ڀٽي به حيدرآباد کان پهچي آيو، ۽ هڪ مبصر جي حيثيت سان ڪانفرنس جي ڪاررواين ۾ شريڪ ٿيو. محترم شيخ حفيظ، جو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ صحافت ۾ ايم. اي. ڪرڻ جي سانگي سان اتي ئي رهندڙ آهي، سو به انهيءَ موقعي تي اچي مليو.

ساڳيءَ تاريخ، رات جي نوين بجي، جناح باغ جي ’اوپن ايئر ٿيئٽر‘ ۾ علاقائي زبانن جو مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ سنڌي وفد مان آغا عبدالنبي، سيد سردار علي شاهه، مولانا غلام محمد گراميءَ ۽ شمشمير الحيدريءَ پنهنجا شعر پڙهيا؛ ٻين شاعرن مان ڊاڪٽر فقير محمد ’فقير‘، مراد ’ساحر‘ مسعود احمد ، بابا عالم سياه پوش، خاطر غزنوي، خضر تميمي، حڪيم ناصر، ڪاشر، محمد طور، ۽ رشيده سليم جا نالا قابل ذڪر آهن.

مشاعري ۾ جيتوڻيڪ ڪا گهڻي خلق ڪانه آئي هئي، پر تڏهن به شهر جي باذوق طبقي مان ڪافي شخصيتون، مرد ۽ عورتون شريڪ ٿيون. هيءُ پهريون ئي مشاعرو هو، جنهن ۾ مختلف علاقائي زبانن جا شاعر هڪ ئي اسٽيج تي اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ بروهي سڀني زبانن جي شاعريءَ جي معيار، موضوع ۽ مزاج کي گويا هڪٻئي جي اڳيان پيش ٿيڻ جو موقعو مليو هو. هر زبان جي شاعر کي پنهنجو مخصوص مقصد ۽ مذاق، ذوق ۽ انداز هو. سڀئي هڪٻئي جي شاعريءَ ۾ علحده ۽ عمومي روِشن ۽ روايتن کان واقف ٿيا. ٻُڌڻ  وارا به، مختلف زبانن جي شاعرن جي خيالن کي هڪ ئي وقت تي معلوم ڪري، گهڻي قدر محفوظ ٿيا. مشاعرو ڏاڍو دلچسپ، بامقصد ۽ ڪامياب هو، ۽ رات جو گهڻيءَ دير تائين هلندو رهيو.

 

16-اپريل،1961ع:ڪتابي نمائش-ڪاروباري ميڙ- ثقافتي محفل

ڪانفرنس جو هيءُ آخري ڏينهن هو، ۽ پنهنجي ڪاروبار جي لحاظ کان نهايت ئي اهم هو. ڪانفرنس کي ”پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ائسوسئيشن“ جي مستقل حيثيت ڏيڻي هئي، ان جو جوڙجڪ بحال ڪرڻو هو، ٺهراءَ پاس ڪرڻا هئا، ۽ جدا جدا علائقن لاءِ عهديدار چونڊڻا هئا: اِهي ئي اصل ڪم هئا، جن تي ڪانفرنس جي بنياد ڪاميابيءَ ۽ مقصدن جو مدار هو.

پروگرام مطابق، صبح جي ڏينهن بجي، مرڪزي عجائب گهر ۾ ڪتابن جي نمائش ٿيڻي هئي؛ ۽ ان کان پوءِ، يارهين بجي، ساڳئي هنڌ، سبجيڪٽ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ ”ائسوسئيشن“ جي رٿيل جوڙجڪ کي آخري شڪل ڏيڻي هئي، ۽ علاقائي زبانن جي مختلف مسئلن  متعلق  غور ۽ بحث ڪري، ٺهراءَ تيار ڪرڻا هئا. سبجيڪٽ ڪاميٽيءَ تي سڀني باني ادارن جي وفدن مان ٻه ٻه نمائندا کنيا ويا. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نمائندگي محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ محترم آغا عبدالنبي صاحب ڪئي. شام جي چئين بجي وري ڪانفرنس جو عام اجلاس ٿيڻو هو، جنهن ۾ سبجيڪٽ ڪاميٽيءَ جي قلمبند ڪيل ٺهرائن ۽ ”ائسوسئيشن“ جي جوڙجڪ کي بحال ڪرڻو هو.

وچ واري فراغت جي وقت ۾، گرامي صاحب،  مقبول احمد ڀَٽي ۽ شمشيرالحيدري، صبح جو اٺين بجي، ’تفريحي بس‘ ۾ چڙهي، لاهور جون تاريخي جايون ڏسڻ ويا. جانورن جو باغ، مرڪزي عجائب گهر، شالامار باغ، لال قلعو ۽ ان جون اندريون عمارتون، شاهي مسجد، ڊاڪٽر اقبال جو مقبرو، جهانگير ۽ نورجهان جا مقبرا، وغيره - انهن سڀني جو سير ’تفريحي بس‘ ساڍن پنجن ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو، ۽ ڏيڍ بجي سڀ واپس ٿيا. تفريحي سير جو سمورو وقت ڏاڍي موج مزي ۾ گذريو- خاص ڪري گرامي صاحب جي بزرگانه خوش طبعي ۽ مقبول صاحب جا صحتمند ٽهڪ خود لاهور جي ماڻهن کي به ياد رهندا، جي ’تفريحي بس‘ ۾ همسفر هئا.

علاقائي زبانن جي ڪانفرنس جا بئج سڀني جي قميصن تي لڳل هئا، ۽ هونئن به شهر ۾ انهيءَ موقعي جو پرچار ڪافي ٿي چڪو هو، تنهنڪري خود بخود زبانن جو مسئلو ڇڙي پيو، ۽ بس ۾ ڪانفرنس جي باري ۾، خصوصاً سنڌي زبان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ گفتگو جو ڪافي موقعو مليو - اهو به علاقائي زبانن جي ڪانفرنس جو ضروري حصو بنجي چڪو هو. ’تفريحي بس‘ جي گشت جي ابتدا عجائب گهر کان ٿي، جتي ڪانفرنس طرفان ڪتابي نمائش جو انتظام پڻ ڏٺو ويو.

نورجهان جي مقبري تي ” زنده دلانِ پنجاب“ سان ملاقات ٿي. لاهور جي زنده دل نوجوانن جي اها هڪڙي جماعت آهي، جنهن جي ميمبري محدود آهي، ۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو انهن مان هڪڙو ميمبر ٻين سڀني جي تفريح جو انتظام ڪندو آهي. واري سان، شهر جي ڪنهن تفريحي جاءِ تي شاميانو لڳائي، کائڻ ۽ ڳائڻ جي محفل مچائي ويندي آهي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. ’زنده دلانِ سنڌ‘ سان ملي هنن گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو، مناسب تواضح ڪئي، ۽ ٻڌايو ته سندن مول متو فط ’زنده دلي‘ آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تعصب کي دخل نه آهي. موڪلائڻ وقت هنن چيو ته سنڌ جي زنده دل نوجوانن کي ’زنده دلانءِ پنجاب‘ جا سلام ڏجو، ۽ کين چئجو ته هو پنهنجي زنده دليءَ جي تعلق کي وسيع ڪندا رهن.

ڪتابي نمائش جو افتتاح ’پنجابي اڪيڊميءَ‘ جي ڊاڪٽر عنايت الله صاحب ڪيو. شروع ۾ عجائب گهر جي ڪيوريٽر انهيءَ موقعي لاءِ پنهنجي لکيل تقرير پيش ڪئي، ۽ افتتاح کان پوءِ ڪتابن جو معائنو ڪيو ويو. نمائش ڏسڻ لاءِ، وفدن جي ميمبرن کان علاوه، شهر جا به ڪافي ادب دوست ۽ معزز ماڻهو آيل هئا. نمائش ۾ سنڌي، پشتو، پنجابي، بلوچي، ۽ بروهي ٻولين جي ڇپايل ڪتاب رکيا ويا هئا. چند علمي تصنيفون اردو، انگريزي  ۽ فارسيءَ جون پڻ شامل ڪيون ويون هيون، ۽ مختلف زبانن جا ڪيترائي ناياب دستخطي نسخا به رکيا ويا هئا. هر هڪ زبان جا ڪتاب، الڳ الڳ، شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيا ويا هئا، جن تي هر هڪ اداري جو نالو لڳل هو. ٻن وڏن ڪٻٽن ۾ بلوچڪي ۽ پٺاڻڪي لباس جا نمونا، مردانا ڪُڙتا، زنانا گهگها، جتيون، ٽوپيون، وغيره پڻ رکيل هئا. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران پيش ڪيل ڪتابن جو تعداد سڀني کان سرس هو، ۽ انهن لاءِ ٻه ڪٻٽ مخصوص ڪيا ويا هئا.

ڪتابي نمائش کان پوءِ، يارهين بجي، ٻئي ڪمري ۾ سبجيڪٽ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ شروع ٿي، جا ٽن چئن ڪلاڪن تائين جاري رهي. ميٽنگ ۾ ” پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ائسوسئيشن“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ ان لاءِ رٿيل آئين کي باهمي بحث مباحثي بعد آخري شڪل ڏني ويئي. علاقائي زبانن ۽ سندن علم ادب جي انفرادي ۽ مشترڪ مسئلن تي پڻ ڪافي غور خوض ڪيو ويو، ۽ ڪيترائي ٺهراءَ رٿيا ويا. ميٽنگ تمام خوشگوار ماحول ۾ ٿي گذري، ۽ سڀيئي معاملا سنجيدگيءَ سان، بنا اختلاف جي طي ٿيا.

شام جي چئين بجي، عجائب گهر جي حدن اندر، ڊويزنل آڊيٽوريم ۾، سڀني نمائندن جو عام اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالقادر صاحب ڪئي. پهرين ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽريءَ ابتدائي ميٽنگ جي ڪارگذاريءَ کان سڀني کي واقف ڪيو، ۽ پوءِ آئين جو مسودو سندن اڳيان بحاليءَ لاءِ پيش ڪيو. جيئن ته ابتدائي ميٽنگ ۾ سمورن معاملن تي اتفاق ٿي چڪو هو، تنهنڪري آئين ۽ ٺهرائن جي بحاليءَ ۾ گهڻي دير ڪانه لڳي. آئين ۽ ٺهرائن جو تفصيل هيٺ درج آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com