شيخ ’اياز‘
’ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون‘
(منهنجي نوٽ بُڪ جا ڪجهه ورق)
مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو: ڳورو، چٽو رنگ، ڪَڪِي ڇڊي ڏاڙهي،
گَهِريون چيرويون اکيون، لؤڻا وار، ويڪري ڇاتي،
سنهي سڊول هاٺي، ڄڻ هوبهو اِبن مِريم ٿي لڳو.
جهيڻي آواز ۾ چيائين،
”ڪيس جا ڪاغذ آندا اٿم.“
”ڏي ته ڏسان.“
هو قتل جي مقدمي ۾ ملزم هو. هن تي الزام هو ته هن پنهنجيءَ زال
کي فقط سياهڪاريءَ جي شبهي سبب ماريو هو. هن چيو
ٿي، ۽ اهو هن جو ڪيس ۾ بچاءُ هو، ته هن جي زال
ڪاري هئي، ۽ هن کي سياهڪاريءَ وقت ڪاري ڪري ماريو
هئائين. مون ڪاغذ اُٿلائي واردات جو مشيرنامو
ڪڍيو، جنهن ۾ هيٺينءَ ريت لکيل هو:
-- واردات، جهنگ ۾، لڳ ڳوٺ...... جي هئي. واردات جي چوڌاري ٻٻر،
کٻڙ، لَوا ۽ ڪَنڊيون هيون. ٻاهران بيهي جهنگ ۾ نظر
ڪئيسين ته ڪجهه نظر نه آيو. واردات تي رت جو دُٻو
هو، جنهن جي ڀرسان ’سٻاجهيءَ‘ (ملزم جي زال جو
نالو) جو لاش پيو هو. لاش سورهن ورهين جي نينگريءَ
جو هو، جنهن جو سر ڌڙ کان ڌار پيو هو. نينگريءَ کي
ٻه چوٽيون هيون، جن جي وچ تي سينڌ نڪتل هئي. هن جي
ڪَنن ۾ چانديءَ جون مُرڪيون، ۽ ڳچيءَ ۾ سوني دهري
هئي، جا ڪهاڙيءَ جي ڌڪ لڳڻ سبب ڇڄي پيئي هئي. ڌڙ
جي مٿئين اڌ تي ٻروچڪو گهگهرو پيل هو، جنهن تي
ڪاوا ڀريل هئا. ڪنهن سبب ڪري، گهگهو ڳچيءَ وٽان
ڪافي ڦاٽل هو، ۽ لاس جي ڇاتيءَ تي مينديءَ سان
بڻايل گل نظر اچي رهيا هئا. ڌڙ جي هيٺئين اڌ تي
گربيءَ جي سٿڻ پيل هئي- چيو وڃي ٿو ته اِها فوتڻ
جي خون کان پوءِ، جوابدار هن کي پهرائي هئي. ٻانهن
۾ عاج جي ٻانهين، مُرن وٽ چانديءَ جون گجريون، سڄي
هٿ جي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ ۾ چانديءَ جا ويڙهه ۽ چيچ ۾
چانديءَ جي مُنڊي، ۽ پيرن جي آڱرين ۾ نُورا پيل
هئا، لاش جي ڀرسان رتَ لڳل ڪهاڙي پيئي هئي، جنهن
جي ڦَر ۽ ڳن تي رت لڳل هو. ڌرتيءَ تي ٻن ماڻهن جا
دُڦ پيرا هئا، جي سڃاڻپ ۾ نٿي آيا.
مشيرنامو ختم ٿي ويو، پر منهنجيون اکيون ان تي ڪنهن اڻلکيل
تحرير کي پڙهي رهيون هيون:
’....... اِهو رت، ڪنهن انسان جو رت هو! اهو رت، جو هاڻي مٽيءَ
۾ ملي ويو آهي، جنهن جو ثبوت فقط ڳاڙهي ڌرتي،
ڪهاڙي ۽ مشيرنامي جون ٻه سٽون آهن، سو ڪنهن وقت هڪ
گرم ۽ گداز جسم ۾، تمنا بڻجي، لڳ لاڳاپا لاهي، سڻ
ويڻ، چڱي مَٺي کان منهن موڙي، آڌيءَ رتا اٿيو هو -
جنهن وقت ڪَتين ڪَرَ ٿي موڙيا، جنهن وقت ڀٽائي
سُر راڻو لکندو هو-- ۽ لڪندي ڇپندي، سِڪندي
سيڏائيندي، ڏکڻ جي واءَ ۾ ڪَنڊين ۽ لَوَن جي سرڙاٽ
کي ازلي سڏ سمجهي وراڻيو هئائين. اها ئي ته رت جي
ڌارا آهي، جا چانڊوڪيءَ ۾ ڊوڙندي، ڳائيندي آهي -
’سرتيون، جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ: جوڀن ٻه-
ٽي ڏينهڙا!‘ اها ڪيڏانهن ويئي؟ ڇا، اها فقط
واردات تي ڪجهه ڳاڙها نشان ۽ ۽ مشيرنامي جون چار
سٽون ئي هئي!‘
”مشيرنامو پڙهيئه؟“ ابنِ مريم جهڙي انسان پڇيو.
”هون.“ مون ڇرڪي چيو، ۽ بيخياليءَ سان ڪاغذ اٿلائڻ لڳس. منهنجي
ذهن ۾ ڪنهن زور سان پڪاريو، ’هن عورت کي اهو سنگار
ڪري، جنهن نظر يا زبان سان، ۽ خيال ۾ به، سياهڪاري
نه ڪئي آهي!‘ مون رڙ ڪري جواب ڏنو: ’جنهن نه ڪئي
آهي، انهيءَ کي به ڪهڙو حق آهي؟ هيءُ رت شب خيز
آهي، هر گناهه و ثواب کان بالاتر! هيءُ رت عبادت
آهي؛ ان تي هٿ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي - نه
انسان کي، نه فرشتي کي!‘
”وڪيل صاحب!“ابنِ مريم جهڙو انسان مون سان ڳالهائي رهيو هو؛--۽
آءٌ سوچي رهيو هوس ته وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه
آهي.
اڄ منهنجي هڪ دوست هڪ پُرلطف واقعو ٻڌايو.
هن چيو ته ” تو عبداللطيف ’ساربان‘ جو نالو ته ٻڌو هوندو؛ مان
ننڍي هوندي هن جا نظم سنڌي رسالن ۾ پڙهندو هوس. هن
جي اسلامي تخيل مون کي بيحد متاثر ڪيو هو؛ ۽ هن جي
هر سٽ پڙهي منهنجين رڳن ۾ خون جي گردش تيز ٿي
ويندي هئي ۽ جوشِ ايمانيءَ سبب منهنجو گلو ڀرجي
ايندو هو. مون هن کي ڏٺو ڪو نه هو، پر اهو ٻڌو هوم
ته هو روهڙيءَ جي ڪنهن پاڙي ۾ رهندو آهي. هڪ ڏينهن
هن سان ملاقات جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ ويس.
رستي تي مون هن جي شڪل شباهت جو تصور ڪري سوچيو ته
هن جا خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد جهڙآ چَوڙا
ڪُلها هوندا؛ هن کي فارابيءَ جهڙي وڻندڙ ڏاڙهي
هوندي، ۽ علامه اقبال جهڙيون مڇون، قد ۽ بدن
هوندو؛ هن جي اکين ۾ مجاهدينِ اسلام جو نور
هوندو؛ ۽ هن جي چپن جي هر جنبش نعره تڪبير جي ياد
ڏياريندي: هو لنبي ڪُڙتي ۽ سلوار ۾ واقعي اسلامي
حرّيت ۽ غيرت جو شاهڪار نظر ايندو. روهڙيءَ پهچي،
مون هن جي گهر جي پُڇا ڪئي ۽ ڏَس تي اتي پهتس، ته
آءٌ هن جي گهر کي ڏسي بيحد متاثر ٿيس. گهر لڳو ته
پراڻو ٿي، پر ان جا محرابَ ۽ طاقَ مغليه فنِ تعمير
جا يادگار ٿي لڳا؛ ۽ گهر جي ٻاهران ڪيتريون ئي
کجيون فاتحانءِ عرب جون نشانيون ڏيئي رهيون هيون.
مون دل ئي دل ۾ خوش ٿي چيو ته واقعي، شاعرِ اسلام
جو غريبخانو هجي ته اهڙو هجي! مون درجو ڪڙو کڙڪايو
ته ٿوريءَ دير بعد هڪ بيحد حسين ۽ ويجهه ڪرڙوڍ
پريان نظر آيو. مون کي تعجب آيو، ڇو ته هو منهنجي
تصور جو پورو مجسمو ٿي لڳو - چَوڙا ڪُلها، دلڪش
ڏاڙهي، ڀريل بدن، ڊگهو قد، رعبدار مڇون، منهن تي
قلندرانه شان، ۽ اکين ۾ والهانه تجلّي! هن ويجهو
اچي، نهايت خوش خُلقيءَ سان پڇيو ته ’ڪيئن آيا
آهيو؟‘
” مون ڪجهه مرعوب ٿي، هٻڪي چيو، ’ننڍي هوندي کان وٺي اوهان جي
ڪلام کان بيحد متاثر رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾
اوهين ”فردوسيء اسلام“ آهيو! اوهان جو ڪلام حق ۽
صداقت جو آواز آهي، جنهن مرده مسلمانن ۾ نئين جان
پيدا ڪئي آهي! واه، ڇا جوش ۽ خروش آهي اوهان جي
ڪلام ۾! ڇا...‘
” اوه، اوهين عبداللطيف ”ساربان“ سان ملڻ آيا آهيو؟ ها، انهيءَ
جو گهر منهنجي پاسي ۾ آهي. مان ته سونو خان حجم
آهيان.“
”مان سوني خان حجم کي حيرت سان تڪيندو رهيس، جيستائين هو گهر
اندر هليو ويو.“
مون پنهنجي دوست کي مرڪي چيو،”تو انهيءَ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ انگريز
اديب، ’سمرسيٽ مام‘ تان چورايو آهي.“
”چريو آهين ڇا؟ مان انگريزي ڪٿي ڄاڻان! افسانه نويس تي پلاٽ جو
نزول ٿيندو آهي: ممڪن آهي ته اهو ساڳيو پلاٽ سمر
سيٽ مام تي به ٿوريءَ ڦير گهير سان نازل ٿيو هجي!
آخر اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، صدين کان مختلف
مذهبن جي مقدس افسانن ۾ ان جو ثبوت ملي ٿو.“
مون هن کي آغوش ۾ آڻي، هن جي اکين کي چميو، ۽ چيومانس، ” هيءَ
جهوني زماني جي ڳالهه آهي. بنارس جي ڪنهن مندر ۾
ديوداسي نچي رهي هئي. مانگهه جي رات اڌ کان زياده
گذري چڪي هئي. ٻاهر ولهه ٿي پيئي؛ مندر جون ڳڙکيون
بند هيون، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڳلکڙا کليل هئا، جن مان
هرمل ۽ اگربتين جو دونهون ٻاهر وڃي رهيو هو.
ڏياٽين ۾ جوت جلي رهي هئي، ۽ ڇت مان موم بتين جا
جهار لڙڪي رهيا هئا. سامهون ڪنهن ديوتا جي وڏي
مورتي رکي هئي، جنهن جي چرنن ۾ گينڊي ۽ ڪيسوڦل جي
شوخ رنگن وارن گلن جون مالهائون پئيون هيون. ديوتا
کي پڍي ڏيئي، هڪ ڪن، ڦاڙ پوڄاري بيٺو هو. هن ’سُوم
رَس‘ پيتي هئي، ۽ مڌ جي کيپ ۾ هن جو منهن پُٽل
ڏاڙهونءَ وانگر ٽڙي پيو هو. هن جي ڪنن ۾ لڙڪندڙ
گينڊي جي سنڱ جا والا هن جي مڌ-ماتي منهن تي
سيبائتا ٿي لڳا. هن جي سامهون، ڪاري پٿر جي ٿلهي
تي، ديوداسي، ڳاڙهيءَ بنارسي گهگهريءَ ۽ پَڙي ۾
نچي رهي هئي. پوڄاريءَ جي اکين ۾ ڪائي وڄ چمڪي رهي
هئي، ۽ هن جو سڄو سرير ڪنهن ڀيانڪ آنڌيءَ ۾ ويڙهجي
ويو هو. نِرت ۾ ديوداسيءَ جي چيلهه ائين ٿي مُڙي
ويئي، جيئن ڌووڙئي ۾ ڊاک جي ول جهُڪي وڃي؛ ۽ ان
وقت هن جي گهگهري انهيءَ ڪپڙي وانگر ٿي لڳي، جنهن
سان پيهَرَ، جهار جي ڀَوَ کان، ڊاک جا ڪچا ڇڳا ٻڌي
ڇڏيندا آهن. پوڄاريءَ سوم- رس جي چوٿين وَٽي ڳيت
ڏيئي پيتي، ته هن جون اکيون ڪِروڌ ۾ آيل ڪاريهر جي
اکين وانگر ٿي لڳيون. هو مست ٿي ديوداسيءَ ڏانهن
وڌيو، ته ڪنهن هن جي ٻنهي ڪلهن کي پٺيان زور سان
جهليو. پوڄاريءَ وائڙو ٿي پٺتي نهاريو، ته ڏٺائين
ته مَها-ٻَلِي ديوتا هن کي ڪلهن کان جهلي بيٺو هو.
ديوتا جون اکيون ڪانڊن ٽانڊن وانگر ٻري رهيون
هيون، ڄڻ ته هن سوم-رس جا ٻه ٽي مَٽ پيتا هئا. ڀؤ
۾ پوڄاريءَ ديوتا جي چرنن تي ڏنڊوت ڪري، منهن
ڌرتيءَ سان لاٿو. ديوتا غصي ۾ پوڄاريءَ کي لت هڻي
چيو، ’ڏسين نٿو، هيءَ ديوداسي پرڪرتيءَ جو سڀ کان
جوٺو سروپ آهي: هن سان پريم ڪرڻ تولاءِ پاپ
آهي!‘پوڄاري ٽپو ڏيئي اُٿيو، ۽ ڀرسان پيل ڏڦي سان
ديوتا تي وار مٿان وار ڪيائين- تان جو ديوتا
ڌرتيءَ تي ڪِري، ڦٿڪي ڦٿڪي، خاموش ٿي ويو. ديوتا
جو رت ڦوهاري وانگر وهي رهيو هو. سامهون
ديوداسي،-- جنهن چوٽيءَ، ڪراين ۽ مُرن ۾ ڪيتڪيءَ ۽
مگري جون لڙهيون پئيون هيون،-- اڃا نچي رهي هئي، ۽
تيزيءَ سان ڦيريون پائي رهي هئي-
ڇنن ڇنن، ڇن ڇم؛ ڇنن ڇنن، ڇن ڇم؛ ڇم ڇم....
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇم؛ ڇنن ڇنن، ڇن ڇم......
پوڄاريءَ سوم-رس سان ٻه وٽيون ڀريون؛ انهن ۾ ڪجهه ديوتا جو رت
ملايائين؛ ۽ پوءِ هڪ وٽي پاڻ پي ويو، ۽ ٻي وٽي
ديوداسيءَ کي پياريائين.... پوءِ ٻئي مدهوش ٿي،
ڪاري سنگ مر مر جي ٿلهي تي ليٽي پيا. هڪٻئي پٺيان
ڏياتيون ۽ موم بتيون وسامي ويون، ۽ رات جي اوندهه
ديوتا جي رت کي ڍڪي ڇڏيو. اهو پوڄاري، ڀارت ديش جو
پهريون ناستڪ هو.“
هن مون کي حيرت مان ڏسي پڇيو:” تو اها عجيب غريب ڳالهه ڪٿي پڙهي
آهي؟“
”ڪٿي به نه.“
”ڪنهن کان ٻُڌي اَٿئي؟“
”ڪنهن کان به نه.“
”تڏهن اها تنهجي منگهڙت ڳالهه آهي؟“
”نه.“
”تون به عجيب آهين! آخر توکي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪيئن پئي؟“
”اکين سان ڏٺي اٿم: اهو پوڄاري مان آهيان، ۽ اها ديوداسي تون
آهين! مان جنم جنم ۾ هر ديوتا کي ڏڦي تي ڏڦو هڻي
ماريندو آيو آهيان. - تولاءِ، فقط تولاءِ!....“
هو اهو ديوانو شاعر هو، جو هر پيشروَ جو پيرو ڊاهي، منزل ڏانهن
اڳتي وڌندو هو.مون کي هن کي هڪ دفعي ’غالب‘ جو
هيٺيون شعر ٻڌايو:
’لازم نهين ڪه خضر ڪي هم پيروي ڪرين،
مانا ڪه اڪ بزرگ همين همسفر ملي.‘
(لازمي نه آهي ته اسين خضر جي پيروي ڪريون، جيتوڻيڪ اهو مڃون ٿا
ته هڪ بزرگ اسان سان همسفر هجي.)
هن فوراً شدت سان چيو، ” غلط! ’غالب‘غلط آهي. هر عظيم شاعر
پنهنجو خضر پاڻ آهي. هن کي نه رهبر جي طلب آهي، نه
همسفر جي.“
سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب متعلق گفتگو ڪندي، هن ٽهڪ ڏيئي چيو.،”سنڌ
جو ڪلاسيڪي شعر! آخر اهو آهي ڇا؟ ڪجهه جهوني جُڳ
جون ڏند ڪٿائون-- منصور جو سوريءَ تي چڙهڻ، ذڪريا
جو ڪَرٽ سان وچجڻ، يونس جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ!
ڪجهه روحاني ڏاڪڻيون- شريعت، طريقت، حقيقت،
معرفت: ناسوت، جبروت، ملڪوت، لاهوت! لفظَ، فقط بي
معنيٰ لفظ! چرس، چنڊول، گانجي جون سلفيون، ڀنگ جا
ڪونڊا؛ ازلي پنڪيون، ابدي گهيرٽ! تنهنجي شاهه،
سچل، دلپت، ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس وٽ ٻيو آهي ڇا؟
انهن کي صدين جي غبار ۾ ويڙهيل ڇڏي ڏي. انهن مان
ڪو به ڪنهن سنگ ميل تائين نه پهتو هو. شعر ۽ ادب
جي منزل دور آهي، تمام دور!“
هن جذبات جي جوش تي مُرڪي قابو پاتو، ۽ رازدارانه انداز ۾
چيائين: ”سچل کي شاهه لطيف چيو هو ته ’جيڪا ڪُني
مون چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ تون لاهيندين‘؛ ڪاش، مان
اها ڪُني ڍڪڻ سوڌي ڀڃي سگهان!“
هن ۾ هڪ منفرد اديب جي انانيت ۽ خود اعتمادي هئي. هن جو روح
اها ڇولي هئي، جا ڪَڇ ڪوڏيءَ ۽ موتيءَ کي ساڳيءَ
طرح ٿُڏي، چنڊ کي چُمڻ لاءِ اُڀرندي آهي. ظاهري
طرح هو واقعي ديوانو ٿي لڳو پر هر عظيم شاعر اهو
ديوانو آهي، جو جنون جي بي انتها جوش ۾ پٿر
اڇلائي، عرش عظيم جا درد دريون ۽ روشندان ڀڃي
وجهندو آهي.
مون هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ” ڪنهن حد تائين مان تو سان متفق
آهيان. پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعري فقط تصوف جو مُربو
ته نه آهي؛ ۽ تصوف جو بنيادي نظريو به ته آفاقي
آهي. انسان جي انسان سان محبت، انسان جي ڪنهن ازلي
حقيقت جي جستجو: جي اهي انسان مان ويا ته باقي هن
۾ ڇا رهيو؟ اهي شاعريءَ جا ابدي موضوع آهن. ائين
صحيح آهي ته تصوف جو نظريو، نه فقط سنڌ ۾ پر
ڪيتريءَ حد تائين هر هنڌ، مضحڪ خيز آهي، پر ان جي
معنيٰ اها نه آهي ته شاهه ته شاه جو ’مومل- راڻو‘
۽ ’سسئي- پنهون‘ ان ڪري بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ جو
شاهه جي شاعريءَ جو محرّڪ تصوف جو ڪو نظريو هو.
جيڪڏهن تون عينيت جو غلاف هٽائي ڏسندين ته توکي
شاهه جا ڪيترائي بيت مجاز جا مجسما نظر ايندا، جن
۾ خالص حسن آفريني ۽ فطرت نگاري پيئي بَکي. شاهه ۾
فطرت سان ڪيتري نه محبت آهي! مون فرانس جي عظيم
شاعر ’باڊليئر‘ جي ڪلام جو مجموعو، ’گناهه جا گل‘،
پڙهيو آهي، ۽ ان مان هيءُ شعر اڃا تائين منهنجي
ذهن ۾ محفوظ آهي:
’تون سڀ کان زياده ڪنهن سان محبت ڪندو آهين؟‘ پُراسرار انسان
مون کان پڇيو، ’پنهنجي پيءُ، پنهنجيءَ ماءُ،
پنهنجيءَ ڀيڻ يا پنهنجي ڀاءُ سان؟‘
’مون کي نه پيءُ آهي نه ماءُ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ‘
’--- پنهنجن دوستن سان؟‘
’تون اهو لفظ ڪم آڻي رهيو آهين، جنهن جيءَ معنيٰ کان آءٌ اڃا
تائين ناواقف آهيان‘
’ - پنهنجي وطن سان؟‘
’مون کي خبر نه آهي ته اهو دنيا جي ڪهڙي خطي ۾ آهي.‘
’ - سونهن سان؟‘
’سونهن کي جيڪر دل سان چاهيان ها؛ ڇو ته اها ديوي آهي، ۽ اَمر
آهي.‘
’ - سون سان؟‘
’مون کي سون کان ايتري نفرت آهي، جيتري توکي خدا کان.‘
’اي اجنبي انسان! تڏهن تنهنجي ڪهڙيءَ شي سان محبت آهي؟‘
’منهنجي بادلن سان محبت آهي! بادل، جي ويندا رهندا آهن، --
ازلي، حيرت انگيز بادل!‘ |